مڙس ماڻهو
اها بظاهر هڪڙي سادي ڪهاڻي آهي. سانتياگو هڪڙو پوڙهو ماڻهو آهي، تجربيڪار مهاڻو جنهن هڪڙي مهيني تائين ڪنهن هڪڙي مڇيءَ جو شڪار به نه ڪيو آهي. ڪجھ نه ٿيڻ جي صورت ۾ پنجاسيهين ڏينهن تي هو ميڪسيڪو جي نار ۾ گهڙي ٿو جتي هو هڪڙي مها مڇ مارلِن کي پڪڙي ٿو. مڇ کي مڪڙيءَ منجھ پڪڙي نه وجهي سگهڻ جي سبب هُو ان کي مارڻ کان پهريان ٽن ڏينهن تائين ڏور ۾ جهلي بيهي ٿو. مڇ کي مارڻ کان پوءِ سانتياگو ان جي وڏي مشڪل سان کَٽيل انعام سان گڏ گهر ڏانهن واپس وري ٿو. پر رستي تي، شارڪ مڇيون هُن جي ماريل مڇ کي کائي لڳ ڀڳ هڏائون پڃرو بڻائي ٿيون ڇڏين، ۽ پوڙهو ماڻهو بندر گاھ ڏانهن خالي هٿين واپس موٽي ٿو.
ها، اڇاتري طور تي اها هڪڙي سادي ڪهاڻي آهي. پر اها هڪڙي اهڙي ڪهاڻي آهي جيڪا هڪڙو وڌيڪ اونهو پيغام ڏئي ٿي ۽ هڪڙي اهڙي نسبت سان جيڪا زمان ۽ مڪان کان تجاوز ڪري ٿي. اها انسان جي وجود سان هن دنيا منجھ لاڳاپيل ڪائناتي سچ بابت ڳالھائي ٿي، جتي غرور، آڪڙ/هٺ ڌرمي ۽ خوابَ هڪڙي انسان منجھ، سندس جدوجهد جي مُنهن ۾ جنبجي وڃڻ واري جستجوءَ کي ٻارڻ فراهم ڪن ٿا. سانتياگو زندگيءَ ڏانهن هڪڙي رويي جي عڪاسي ڪري ٿو، ۽ هُن جي شڪتي شالِي مڇ مارلِن سان ويڙهاند سمورن انسانن لاءِ انيڪ سبق آڇي ٿي.
[b]سبق پهريون
”انسان شڪست لاءِ پيدا نه ٿيو آهي.“[/b]
سانتياگو وٽ هڪڙي ٽٽل ڇپر ۽ هڪڙي نٻل مڪڙي آهي ۽ اها هڪڙي اهڙي سڙھ سان آهي جيڪو ”اٽي جي ٻاچڪن جي چَتين“ مان ٺاهيل آهي ۽ اهو ”دائمي شڪست جي جهنڊي جيان نظر اچي ٿو“. هن جو ڏُٻرو پَترو جسم هُن پاران سَٺل صعوبتن جو نماءُ ڪري ٿو ۽ ان تي گهرا گهنج، داغ ۽ ساڙيندڙ سج سبب ڦُرڙيون آهن. ۽ هُن جي خوفناڪ بدقسمتي جي ڪارڻ پنهنجي ملاحن جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ هُو هڪڙو اَڇُوت سمجهيو وڃي ٿو. پر جڏهن ”سانتياگو سان منسوب هر شيءِ پراڻي هجي ٿي“، اتي هُن جون اکيون ”ساڳيون سمونڊ جي رنگ جهڙيون هجن ٿيون ۽ اهي شادمان ۽ ناقابلِ شڪست آهن.“ بجاءِ ٽُوال منهن تي ويڙهي سمهي پوڻ جي چوراسي ڏينهن جي ڀيانڪ بدقسمتيءَ پڄاڻان هو نار منجھ پهريان کان وڌيڪ اڳتي نيئي وڃي ٿو. هڪڙو انسان جيڪي ڪجھ به هُن کي ڪرڻ گهرجي ان لاءِ بهتر کان بهتر صلاحيت کي ڪتب آڻيندي پنهنجي ڪوشش کي جاري رکي ٿو پوءِ کڻي ان ۾ هُن جي مٿان ڪهڙيون به مشڪلاتون نازل ڇو نه ٿين. جتي للڪارون ۽ رڪاوٽون هڪڙي انساني چهري تان ڪاميابي جي سمورين خارجي اهڃاڻن کي بي لباس بڻائي ڇڏين پر پوءِ به اُتي روح شڪست نا خورده رهي ٿو. ڇاڪاڻ جو اهو هڪڙي انسان اندر ڪوشش جاري رکڻ ۽ هار کي نه مڃڻ جي همت ۽ حوصلي کي اُڀاري ٿو. يا جَئن بقول هيمنگوي جي ته، ”هڪڙي انسان کي برباد ته ڪري سگهجي ٿو پر ان کي شڪست نه ٿي ڏئي سگهجي.“
[b]هڪڙو مرد قسمت تي ڀاڙي نه ٿو سگهي[/b]
قسمت ڪهاڻيءَ ۾ هڪڙو وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ ساڳيءَ ريت اها اسان جي عام زندگيءَ ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿي، ۽ هڪڙي مهاڻي جهڙي ضعيف العتقاد ماڻهو لاءِ ڪِريل قسمت فالج جي مرض جيان هجي ٿي. سانتياگو جي ڪيوبا ۾ ملاحن جي هڪڙي ڳوٺ ۾ هُن کي ”سَلائو“ ڪوٺيو وڃي ٿو جيڪو بدقسمتيءَ جو بري کان برو نمونو آهي، جنهن کي چوراسي ڏينهن تائين ڪا هڪڙي مڇي به پلئه ڪِين پيئي آهي.
اهو هن کي سندس هم رتبه لوڪن منجھ هڪڙو اجنبي بڻائي ڇڏي ٿو، ۽ ان سان هن کي سندس ڀروسي جوڳي ساٿي ڇوڪري مينولِن جو ساٿ به کسجي وڃي ٿو، جنهن جا والدين هُن کي پوڙهي ماڻهوءَ سان گڏجي مڇي مارڻ کان روڪي ڇڏين ٿا. جڏهن سانتياگو بک، بدحالي ۽ غربت جي پيڙا منجهان گذري رهيو آهي ٺيڪ اهڙي وقت ۾ هن جي ڳوٺ جون ٻيون ٻيڙيون روزانو هڪڙي سٺي مڇيءَ کي لَڏي کڻي اينديون رهن ٿيون.
قسمت يقيناَ ڪنهن وٽ به ٿي سگهي ٿي، پر هر ڪنهن وٽ اَٽل ارادو، مهارت، ۽ استقلال جا عنصر نه ٿا هجن. سانتياگو انهن عنصرن کي ڄاڻي ٿو ۽ تنهن ڪري هو قسمت بجاءِ پنهنجي قابليت تي يقين رکي ٿو. ”جهنم ۾ پوي قسمت“، هُو سوچي ٿو. ”مان قسمت کي پاڻ سان گڏ وٺي ايندس“.
هُو اهو ڪجھ پنهنجي ڪم دوران ڪوتاه راهِي سان نه ٿو ڪري. هُو پنهنجي مڇيءَ مارڻ وارين ڏورين کي ڪنهن به مهاڻي کان وڌيڪ سِڌائي ۾ رکي ٿو، ۽ هُو خاطري ڪري ٿو ته، ”هر سطح تي.....اتي هڪڙو چُوڻو هوندو جيڪو هوبهو انهي هنڌ تي هوندو جتي هُو ان کي ڇڏڻ چاهي ٿو ڪنهن به اهڙي مڇيءَ لاءِ جيڪا اتي تري رهي هجي.“ سانتياگو پنهنجي ڏورين کي بلڪل درست حالت ۾ رکي ٿو، ۽ هُو جيڪي ڪجھ به اچڻو آهي ان لاءِ ٺھ پھ تيار آهي.
اسان سادي طور تي سٺين شين جي واقع ٿيڻ جو انتظار ڪندي ڪاميابي نه ٿا ماڻي سگهون. جهڙيءَ ريت سانتياگو خيال پچائي ٿو ته، ”ڀاڳوند هئڻ بهتر آهي. پر مان بلڪه درست رهندس. تڏهن جڏهن قسمت جاڳي پوي ته مون کي تيار رهڻ گهرجي.“
هڪڙو مرد تڪليفون ۽ مشڪلاتون بنا ڪنهن دانهن ڪُوڪ جي برداشت ڪري ٿو
”هُو صبح جي ٿڌ ۾ ڏڪي رهيو هو. پر هُن ڄاتو پئي ته هُو پاڻيهي ڏڪندي ڏڪندي گرم ٿي ويندو ۽ هُو جلد ئي ونجھ ورائڻ لڳندو.“
ڪٿي اها ڪا شيءِ ٿڌ جيتري خَفيف ڇو نه هجي يا اهڙي اهم جيئن موت جي سرحدن جي ڪنارن جي ويجهو وڃڻ وقت، هڪڙي انسان کي سادي طور تي اهو ڪجھ ڪرڻ گهرجي جيڪو سڀ کان وڌيڪ لازم هجي، پاڻ تي ترس کائڻ بنا ۽ بنا ڪنهن دانهن ڪُوڪ جي. سانتياگو بک ۽ اڃ جي پيڙا جي ڪارڻ ڪا شڪايت نه ٿو ڪري نه ئي هُو انهن ڏورين بابت اداسي ڏيکاري ٿو جيڪي هُن جي هٿن کي ڪَپي ٿيون ڇڏين.
اندر سمونڊ ۾، ٻين ٻيڙين کان گهڻو ڏور، سانتياگو اڳيان سندس حياتيءَ جي وڏي ۾ وڏي للڪار پيش پئي ٿي. اها ارڙنهن فٽن جي طوالت سان مارلِن مڇ جو روپ ڌاري نروار ٿئي ٿي ۽ پوڙهو ماڻهو ان سان هڪڙي ڊگهي ويڙھ وڙهي ٿو جيڪا ڏينهنَ تائين جاري رهي ٿي. مڇ جي ساڻي ٿي وڃڻ ساعت، سانتياگو جو هٿ اونهائي سان ڪَٽجي وڃي ٿو ۽ ان ۾ ڳڍڙيون پوڻ لڳن ٿيون ۽ اهو ٻيڪڙجي وڃي ٿو، ”اهڙو ٻيڪڙيل هٿ جَئن هڪڙي عقاب جا ٻيڪڙيل چنبا هوندا آهن.“ هُو ضرب کي لوڻياٺي جل منجھ ڌوئي ٿو ۽ ان کي سج ۾ سڪڻ ۽ گرم ٿيڻ لاءِ ڇڏي ڏئي ٿو. پر هٿ هُن کي جواب ڏئي ڇڏي ٿو ۽ هو مجبوراَ پنهنجي ٻئي هٿ سان واحد طور تي ڪم ڪري ٿو، هڪڙي طاقتور مڇ جي خلاف جيڪو سندس مڪڙيءَ کان ٻه فٽ ڊگهو آهي. بي ساهو، سانتياگو ”ڪاٺ جي برعڪس ويهي ٿو“ ۽ سادي طور تي پنهنجي پيڙا کي اهڙيءَ ريت ڀوڳيندو رهي ٿو جهڙيءَ ريت اها اڀرندي رهي ٿي. هُن کي اطمينان آهي پر هو ڀوڳي رهيو آهي، البت هو ڀوڳنا کي هرگز به تسليم نه ٿو ڪري.
[b]هڪڙو مرد لٻاڙ نه ٿو هڻي[/b]
هڪڙي ماڻهوءَ جي صفت کي ان جي عملن منجهان سٺيءَ طرح سان پرکي سگهجي ٿو، ۽ نهٺائي جي اوسر اسان جي عملن کي اسان جي باري ۾ ڳالھائڻ لاءِ ڇڏي ڏيڻ لاءِ هڪڙي جزي جي حيثيت رکي ٿي. سانتياگو کي هڪڙي گفتگوءَ دوران سندس نوجوان دوست سان ٻٽاڪ هڻڻ جو موقعو ملي ٿو، پر هُو ٻٽاڪ نه ٿو هڻي.
مينولِن هُن کان پڇي ٿو، ”حقيقت ۾ وڏو منتظم ڪير آهي؟ لوڪيھ يا مائيڪ گونزاليز؟“
”مان سمجهان ٿو اهي ٻئي برابر آهن“.
”۽ سڀ کان سٺو مهاڻو تون آهين؟“
”نه. مان ٻين کان بخوبي واقف آهيان.“
”ڪِيو وا،“ ڇوڪري چيو، ”اتي ڪيترائي سٺا مهاڻا آهن ۽ انهن منجهان ڪي مهان پڻ، پر اتي فقط تون آهين.“
”تنهنجي وڏي مهرباني. تو مون کي خوش ڪري ڇڏيو. مان اميد ٿو ڪيان ته ڪا به اهڙي مڇي نه ايندي جيڪا ايتري وڏي هجي جو اها اسان کي غلط ثابت ڪري سگهي.“
۽ اهو فقط سانتياگو جي اٽل ارادي جي سبب آهي جو هو اهڙي ڪا لٻاڙ نه ٿو هڻي. ٻٽاڪ فقط بي اعتمادي کي دوام بخشي ٿي. اها ان هجوم تي ڪو ديرپا اثر نه ٿي ڇڏي جيڪو ان کي ٻڌي رهيو هجي.
[b]هڪڙو مرد ٻين مردن کان اتساهت ٿئي ٿو[/b]
”پر مون کي لازماَ حوصلو ڪرڻ گهرجي ۽ مون کي عظيم ڊِي ميگيو جي تعظيم ڪرڻ گهرجي جيڪو هڏيءَ ۾ سوزش جي سُور سبب به ويندي سڀ ڪجھ ڪاملتا سان ڪري ويو.“
سانتياگو لاءِ اهو عظيم ڊِي ميگيو آهي جيڪو هن کي اتساهي ٿو ۽ هن جي حوصله افزائي ڪري ٿو. هو اهڙيون خصلتون رکي ٿو جن کي سانتياگو ساراهي ٿو، ۽ اهو ان کي ياد ڏياري ٿو ته جيڪڏهن توهان ڪامياب ٿيڻ چاهيو ٿا ته توهان پنهنجو پاڻ کي مڪمل طور تي ڪنهن مقصد سان لڳايو ۽ ان لاءِ پيش ايندڙ مشڪلاتن سان مڙسيءَ سان منهن ڏيو ـــ ٻين ڏانهن نهارڻ سان ــ جهڙوڪ سورمن وغيرھ ڏانهن ــ اسان کي انهن جي نقشِ قدم تي هلڻ جا مثالَ فراهم ڪري ٿو، اسان کي اها ڄاڻ عطا ڪري ٿو جنهن جي مدد سان انهن پنهنجي مقصد آڏو پيش ايندڙ رڪاوٽن کي منهن ڏنو، ۽ اهو اسان کي انساني حيات سان لاڳاپيل ڪاميابين جي امڪانن جي هڪڙي وڏي خاطري ڏياري ٿو.
انساني حيات هر عمر ۾ لوڏن ۾ رهي ٿي
پوڙهائپ هڪڙي عام عذر هجي ٿو ۽ ڪجھ شين جي لحاذ کان اهو هڪڙو جائز عذر آهي، پر گهڻو اڪثر ان جو اتي استعمال ڪيو ويندو آهي جتي ان لاءِ ڪا گنجائش باقي نه هوندي آهي. جڏهن شارڪ مڇيون سانتياگو جي مڇ مارلِن جي مٿان مارو ڪن ٿيون، پهريان هُن کي خوف ورائي وڃي ٿو ته هُو پوڙهائپ جي ڪري انهن جي مدِ مقابل ٿي نه ٿو سگهي، پر ستت ئي هو پنهنجا اوزار سهيڙي ٿو جن کي هُو هٿيار طور ڪتب آڻي ٿو ۽ انهن سان هر اها شيءِ ڪري ٿو جيڪا هو ڪرڻ چاهي ٿو. جڏهن هُو پنهجي چاقوءَ جي ڌار کي مڇ جي جسم منجھ ڀڃي ٿو ڇڏي، هُن تي وري خوف طاري ٿي وڃي ٿو، ”هاڻي انهن مون کي ماريو آهي،“ هُو سوچي ٿو، ”مان ايترو پوڙهو آهيان جو شارڪن کي ڏنڊي سان ماري نه ٿو سگهان. پر مان تيسين ڪوشش ڪندو رهندس جيسين مون وٽ ونجھ، ننڍڙي ڏنڊي ۽ بيرم آهي.“
۽ ڪيتريون ئي ٻيون وڌيڪ شارڪون اچي وڃن ٿيون. هُن کي انهن کي ڏنڊي سان هُن جي سموري سگھ سان مارڻو آهي. ويڙھ دوران، سج لهي وڃي ٿو ۽ سانتياگو کي حيرت ٿئي ٿي، ”جيڪڏهن هاڻي رات جو اهي اچيو وڃن ته پوءِ تون ڇا ڪندين؟“ هُو گهڻو اونهو سوچي ٿو. ”انهن سان ويڙھ وڙهجانءِ“، هُن چيو، ”مان انهن سان تيسين وڙهندس جيسين مان مري نه ٿو وڃان.“
جيتوڻيڪ شارڪون آخرڪار سانتياگو جي مڇ مارلِن کي ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏين ٿيون، پر هڪڙي ماڻهوءَ جي حيثيت ۾ اهي هُن کي هارائي نه ٿيون سگهن، هو ڪڏهن به ڇڏي نه ٿو ڏئي. ونجھ ورائيندي هُن کي پنهنجي وات منجهان وهندڙ خون جي بوءِ اچڻ لڳي ٿي، ۽ هُو ان کي سمونڊ منجھ ٿوڪاري ٿو ۽ چوي ٿو، ”اهو کاءُ گيلانوس. ۽ هڪڙو خواب ڏس ته تو هڪڙي انسان کي ماريو آهي.“ هر ماڻهوءَ جي پٺيان شارڪ مڇيون لڳل آهن جيڪي هن جي چوڌار ڦيرا ڏئي رهيون آهن، اهي تڏهن مِڙيو وڃن جڏهن اهي ڪنهن انسان جي حقيقي حاصلات جي رت جي بوءِ کي سُونگهي وٺن ٿيون. پر توهان ڪڏهن به ويڙھ کي روڪڻ لاءِ پاڻ کي پوڙهو نه ٿا ڀانيو.
[b]ايمانداري کي برقرار رکڻ هڪڙي مرد جي ميراث آهي[/b]
سانتياگو هن ڪهاڻي جي پنن تان اهڙيءَ طرح سان اڏائي کنيو وڃي ٿو هوبهو انهي شيءِ جيان جيڪا هُن جي شروع کان هُن ساڻ هئي. لڳ ڀڳ ڪجھ به نه. هن جو شڪار هُن لاءِ ڪا مايا نه ٿو آڻي نه ئي وري ڪا ”ڪاميابي“ پر اهو هن کي هڪڙي اهڙي ميراث عطا ڪري ٿو جيڪا ڪنهن به مالياتي حاصلات کان گهڻي پراهين آهي. ڇاڪاڻ جو هُو پنهنجو وڃايل وقار هڪڙي وڏي للڪار سان مهاڏو اٽڪائيندي حاصل ڪري ٿو؛ هُو پنهنجو پاڻ کي هڪڙي زبردست ويڙھ ۾ ٿڪائي ڇڏي ٿو. هڪڙو مرد ڪڏهن به ڇڏي نه ٿو ڏئي.
[b]رشيدالله زهراڻي
[/b]ڪامران چورنگي، ڪراچي.
بتاريخ 10 آڪٽوبر، 2018.