پبلشر پاران
ڪنهن به دور تي لکڻ تاريخدان جي ان دور سان جوڙيل دلچسپيءَ تي به ڇڏيل هوندو آهي. ”سما دور“ تاريخ ۾ جيئن ته سنڌ جي اصلوڪن رهواسين جو دور آهي، تنهن ڪري سنڌ واسين ۽ ليکڪ جي اٿاهه دلچسپي هڪ فطري امر به آهي. ان هوندي به اها حقيقت آهي ته تاريخدان کي اهو دور قلم کڻڻ تي وڌيڪ اڀاريندو آهي، جنهن ۾ ڪي اهڙا واقعا، لقاءَ يا رويا هجن ٿا، جيڪي ٻين دورن ۾ نه هجن يا تمام گهٽ هجن. هونئن ته سنڌ جي تاريخ ۾ سما دور سنڌ جي تعمير وارو دور ليکجي ٿو، پر هن دور ۾ جيڪا انفراديت آهي، اها گهڻو ڪري ٻن ڳالهين جي ڪري آهي: هڪ ته هن دور ۾ سنڌ اندر جديد نهري نظام جو بنياد پيو ۽ ٻيو ته سنڌي شاعريءَ کي زمين به هن دور ۾ هموار ٿي ملي. يعني: هڪ طرف واهن ۽ شاخن تي سنڌ جون غيرآباد زمينون آباد ٿيون ته ٻي طرف شاعريءَ جي زمين تي سنڌي ٻوليءَ جو شعر اُسرڻ شروع ٿيو، جنهن اڳتي هلي قومي جاڳرتا جا نوان قدر جوڙڻ شروع ڪيا.
ڪتاب ”سمن جي سلطنت“ ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جي ابتدائي تحقيقي محنت جو ثمر آهي، جيڪو اداري طرفان ٻيو ڀيرو چپجي پڌرو ٿيو آهي. بورد طرفان هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو1996ع ۾ ڇپيو هو. پهرين ڇاپي جي وڪامجي وڃڻ کان پوءِ هن ڪتاب جي علمي حلقن پاران وقت بوقت گهر ٿيندي پئي آئي، جنهن جي مدنظر پبليڪيشن ڪاميٽيءَ هن ڪتاب کي ٻيهر ڇپڻ جو حتمي فيصلو ڏنو. مالڪ سائين جا اڻ ڳڻيا شڪرانا جو هيءُ ڪتاب وقت اندر ڇپجي اوهان سڄڻن جي هٿن تائين رسيو آهي ۽ اسان جي محنت سجائي ٿي آهي.
انعام الله شيخ
سيڪريٽري
سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو، سنڌ
28- فيبروري 2005ع
بمطابق 18- محرم الحرام 1426هه