سنڌ شناسي

سمن جي سلطنت

ڪتاب ”سمن جي سلطنت“ اوهان اڳيان پيش آهي. سنڌ جي تاريخ تي لکيل هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ تاريخدان غلام محمد لاکو جو لکيل آهي.
ڊاڪٽر غلام محمد لاکو هڪ تاريخدان هجڻ سان گڏوگڏ تاريخ جي مضمون جو استاد به آهي. کيس تاريخ لکڻ ۽ تاريخ پڙهائڻ جا ٻئي فن اچن ٿا. هونئن ته سنڌ جي تاريخ ۾ سما دور سنڌ جي تعمير وارو دور ليکجي ٿو، پر هن دور ۾ جيڪا انفراديت آهي، اها گهڻو ڪري ٻن ڳالهين جي ڪري آهي: هڪ ته هن دور ۾ سنڌ اندر جديد نهري نظام جو بنياد پيو ۽ ٻيو ته سنڌي شاعريءَ کي زمين به هن دور ۾ هموار ٿي ملي.
Title Cover of book سمن جي سلطنت

(ٽيون ڇاپو) پيش لفظ

سمن جي سلطنت جو ٽيون ڇاپو حاضر آهي. پهريون ڇاپو 1987ع ۾ نڪتو، ٻيو ڇاپو 1996ع ۾ آيو. ارڙهن سالن جي مختصر مدت ۾ سنڌي زبان ۾ ڪنهن علمي ۽ تاريخي ڪتاب جو ٽيون ايڊيشن ظاهر ٿئي، اها واقعي به حيرت جوڳي ڳالهه آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ مون کي سنڌي ادبي بورڊ جي عملدارن اطلاع ڏنو ته 1996ع جي ايڊيشن جا بٽر درست حالت ۾ موجود آهن. ڪتاب جي نئين ڇاپي جي ضرورت آهي. اجازت ڏيو ته ان جي ڇپائي شروع ڪجي.
اٺ سال اڳ جڏهن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو نڪتو هو، تڏهن پيش لفظ ۾ لکيو هئم ته ورندڙ ايڊيشن ۾ مناسب واڌارا ۽ سڌارا ڪرڻ جو جتن ڪبو. ليڪن ڪتاب جي اچانڪ اشاعت سبب مون لاءِ اهو ممڪن نه رهيو ته ان ڏس ۾ ڪو خاص واڌارو ڪري سگهجي. ان هوندي به ڪي جزوي ترميمون ۽ درستگيون ڪري، ڪتاب کي وڌيڪ معياري بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
گذريل اٺن سالن ۾ تاريخي مطالعن کي جاري رکندي، مون سمن جي دور جي باري ۾ پڻ نئين مواد جي تلاش جاري رکي آهي. اسان وٽ هن زماني تي ڪم ڪرڻ لاءِ پهريون ڏيهي ماخذ ”تاريخ معصومي“ تسليم ٿيل آهي. هن ڪتاب جي اهميت اڄ به جيئن جو تيئن قائم آهي. ليڪن سال 2000ع ۾ هڪ بِنهه نئين تاريخ ماخذ ”نصرت نامه ترخان“ جي شايع ٿيڻ سان سمن جي باري ۾ هڪ مکيه بنيادي ڪتاب جو واڌارو ٿيو آهي. هن ڪتاب جي ليکڪ، ڄام نظام الدين، ڄام صلاح الدين ۽ ڄام فيروز جي باري ۾ هڪ معاصر مؤرخ طور اسان لاءِ نهايت ڪارائتو مواد ڇڏيو آهي. ان ريت سمن جي زوال ۽ ٻيهر اقتدار جي حاصلات لاءِ ڪيل جدوجهد جا نوان رخ سامهون اچن ٿا. ان کان سواءِ انگريز محقق سائمن ڊگبي (Simon Digby) جو آخري سمن ڄامن بابت هڪ ڀرپور مطالعو به تازو منهنجي نظر مان نڪتو آهي. هي مطالعو بزرگ دوست محمد نامدار خان بوزائي (N.K.Bozai) صاحب مهيا ڪيو. ان پس منظر ۾ هن ايڊيشن ۾ چوٿين ضميمي (ضميمو - د) جو واڌارو ڪيو ويو آهي.
ڪتاب جي ٻئين ڇاپي تي محمد پنهل ڏهر ڀرپور تبصرو لکيو هو. (مهراڻ 3-4 سال 1997ع)، جنهن ۾ هن سمن جي دور جي مشاهيرن تي هڪ باب لکڻ جي تجويز ڏني هئي. ڪوشش ڪبي ته چوٿين ايڊيشن ۾ هن رٿ تي عمل ڪجي. ان کان سواءِ سمن جي تاريخ جي تڪميل ۾ ٻين ڳالهين جي ڇنڊڇاڻ پڻ ٿيڻ کپي. روايتن موجب چانڊين جي سردار وٽ اڄ به دريا خان پاران ڏنل جاگير وارو فرمان موجود آهي. ان فرمان کي منظر عام تي اچڻ کپي. ٻيو هي ته رند - لاشار جنگ ۽ ان ۾ سنڌ جو ڪردار به وڌيڪ تحقيق طلب آهي. ڄام نندي جي مقبري جي خانه ڪعبه جي طرز تعمير سان ڀيٽ بابت نامور ليکڪ امام راشدي، ملڪ جي دانشمند عبيدالله بيگ جي هڪ خط جي حوالي سان منهنجو ڌيان ڇڪايو آهي. هن ڇاپي ۾ ان راءِ کي وڌيڪ مربوط بنائڻ لاءِ توجهه ڏنو ويو آهي.
سمن جي سلطنت جي ٽئين ڇاپي کي هر ممڪن طريقي سان سهڻو ڪري نروار ڪرڻ ۾ انچارج پبليڪيشن ميان عبدالحفيظ قريشي ۽ پريس مئنيجر سيد سڪندر علي شاه پنهنجين صلاحيتن کي مڪمل طرح سان ڪتب آندو آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي نوجوان سيڪريٽري ۽ مشهور ليکڪ انعام الله شيخ صاحب جي ذاتي دلچسپيءَ سان هن ڪتاب جو نئون ايڊيشن ڇپجي رهيو آهي. آئون هن علمي سهڪار ۽ ساٿ لاءِ سڀني دوستن جو شڪر گذار آهيان.


غلام محمد لاکو
ليڪچرار
پاڪستان اسٽڊي سينٽر
سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو سنڌ