سنڌ شناسي

سمن جي سلطنت

ڪتاب ”سمن جي سلطنت“ اوهان اڳيان پيش آهي. سنڌ جي تاريخ تي لکيل هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ تاريخدان غلام محمد لاکو جو لکيل آهي.
ڊاڪٽر غلام محمد لاکو هڪ تاريخدان هجڻ سان گڏوگڏ تاريخ جي مضمون جو استاد به آهي. کيس تاريخ لکڻ ۽ تاريخ پڙهائڻ جا ٻئي فن اچن ٿا. هونئن ته سنڌ جي تاريخ ۾ سما دور سنڌ جي تعمير وارو دور ليکجي ٿو، پر هن دور ۾ جيڪا انفراديت آهي، اها گهڻو ڪري ٻن ڳالهين جي ڪري آهي: هڪ ته هن دور ۾ سنڌ اندر جديد نهري نظام جو بنياد پيو ۽ ٻيو ته سنڌي شاعريءَ کي زمين به هن دور ۾ هموار ٿي ملي.
Title Cover of book سمن جي سلطنت

(ٻيو ڇاپو) پيش لفظ

سمن جي سلطنت جو نئون ڇاپو حاضر آهي. پهريون ڇاپو اڄ کان نو سال اڳ نڪتو هو. ان تي علمي تبصرا به ٿيا، واکاڻ ۽ تعريف به ٿي ته رايا ۽ تجويزون به پهتيون. هڪ اڌ همراهه کي ڪتاب پسند نه آيو ته ان وري ڪجهه ٽڪرا ڪڍي، پنهنجي تشريح ڪري، ڪتاب جي افاديت کي مسخ ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي. هن ڪتاب لکڻ جي ڪري حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي جي ان وقت جي سيڪريٽري ميڊم مهتاب اڪبر راشدي مون کي سمن جي دور جي عظيم سپهه سالار ”دولهه دريا خان“ بابت مختصر ڪتاب لکڻ جو موقعو پڻ ڏنو. هي ڪتابڙو کاتي پاران 1990ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ڳچ سالن کان ڪتاب ”سمن جي سلطنت“ ختم ٿي چڪو هو ۽ ان جي نئين ڇاپي جي ضرورت محسوس ٿي رهي هئي.
منهنجو ارادو هو ته سڄي ڪتاب کي نظر مان ڪڍي، سڌاري ۽ وڌائي شايع ڪجي. ليڪن ائين نه ٿي سگهيو. پوءِ به سعيو ڪري هر ممڪن طريقي سان ان کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هي. اٽڪل روءِ هر عنوان کي نظر مان ڪڍي نواڻ ڏيڻ طرف وک وڌائي اٿم. چئن عنوانن: سڪا، تمدن ۽ آرٽ، لس ٻيلي ۾ (سمن جي) حاڪميت ۽ دولهه دريا خان - کي نئين مواد جي آئيني ۾ وڌايو ويو آهي. ٻن عنوانن: تمدن ۽ آرٽ ۽ فارسي ڪتبا جي عنوانن ۾ ڦير ڦار ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه ٽن موضوعن: ڪاٺياواڙ ۾ (سمن جي) حڪومت، عربي ڪتبا ۽ سنڌي گاڏڙ سرائڪي ڪتبا جو واڌارو پڻ ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه ٽن ضميمن جي صورت ۾ پڻ ”سمن جي سلطنت“ کي وڌايو ويو آهي. نئين ڇاپي ۾ شجرن جي ترتيب کي به درستيون ڪري نئين سر قائم ڪيو ويو آهي.
علم ۽ تحقيق جو ميدان گوناگون آهي. ممڪن آهي ته اڳتي هلي سمن جي دور بابت ڪي نوان گوشا ظاهر ٿين. ان صورت ۾ موجوده معلومات رد ٿيڻ ۾ دير نه ٿيندي. اهو به امڪان آهي ته ڪتاب ۾ ڪڍيل ڪي نتيجا، ڪجهه دوستن کي درست نه لڳن، پر هي سموري جاکوڙ سمن ڄامن جي دور کي پنهنجي درست تاريخي تناظر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ ڪئي وئي آهي. اميد ته اسڪالر ۽ پڙهندڙ منهنجن نتيجن کي فراخدليءَ سان قبول ڪندا.
سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين جناب حسين شاه راشدي صاحب هميشه منهنجي علمي ۽ تحقيقي ڪم جي جهڙوڪ سرپرستي پي ڪئي آهي. هن ڀيري پڻ ذاتي دلچسپي وٺي هي ڪتاب پنهنجي اداري پاران شايع ڪرڻ جي منظوري ڏنائون. ان لاءِ آئون دلي طرح سندن شڪر گذار آهيان. اداري جي ٻين اهلڪارن خاص ڪري برادرم نفيس احمد شيخ صاحب ۽ مسٽر پير بخش پٺاڻ به پنهنجا ڀال ڀلايا. ڊائريڪٽر پاڪستان اسٽڊي سينٽر ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل صاحب هن ڪتاب جي نئين ڇاپي لاءِ پنهنجي اداري طرفان اجازت ڏني. چيئرمين ڊپارٽمنٽ آف جنرل هسٽري ڊاڪٽر الهڏني سومري صاحب ڪتاب جي اشاعت ۾ هر مرحلي تي منهنجي همت افزائي ڪئي. برادرم قاسم سومرو صاحب انڊيڪس تيار ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو. شعبي جي استاد رشيد احمد لاکي ڪن نقطن جي بحث ۾ اشتراڪ ڪيو. ان لاءِ مڙني صاحبن جو دلي طرح شڪريو ادا ڪجي ٿو. اميد ته ”سمن جي سلطنت“ جي ايندڙ ڇاپي کي وڌيڪ مڪمل ڪرڻ جو جتن ڪبو.


غلام محمد لاکو
ليڪچرار
پاڪستان اسٽڊي سينٽر
سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو سنڌ