سنڌ شناسي

سمن جي سلطنت

ڪتاب ”سمن جي سلطنت“ اوهان اڳيان پيش آهي. سنڌ جي تاريخ تي لکيل هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ تاريخدان غلام محمد لاکو جو لکيل آهي.
ڊاڪٽر غلام محمد لاکو هڪ تاريخدان هجڻ سان گڏوگڏ تاريخ جي مضمون جو استاد به آهي. کيس تاريخ لکڻ ۽ تاريخ پڙهائڻ جا ٻئي فن اچن ٿا. هونئن ته سنڌ جي تاريخ ۾ سما دور سنڌ جي تعمير وارو دور ليکجي ٿو، پر هن دور ۾ جيڪا انفراديت آهي، اها گهڻو ڪري ٻن ڳالهين جي ڪري آهي: هڪ ته هن دور ۾ سنڌ اندر جديد نهري نظام جو بنياد پيو ۽ ٻيو ته سنڌي شاعريءَ کي زمين به هن دور ۾ هموار ٿي ملي.
Title Cover of book سمن جي سلطنت

(پهريون ڇاپو) پيش لفظ

سنڌ جي ڏيهي تاريخ ۾ سمن جي دور کي وڏي اهميت حاصل آهي. سمن ڄامن صحيح معنيٰ ۾ اسلامي دور اندر، سنڌ جي وطني تشڪيل ڪئي ۽ صلح سانت سان رکڻ سان گڏ، انهن علم ۽ ادب، اقتصاديات ۽ آرٽ جي واڌاري لاءِ ڪم ڪيو. سمن بادشاهن وڏي همٿ ۽ جرئت ڏيکاري، امن امان جي صورتحال سڌاري ۽ ان ريت واپار ۽ زراعت کي هٿ ڏئي، اقتصادي بهتريءَ جا امڪان پيدا ڪيا. اهڙيءَ طرح هندي ننڍي کنڊ ۾ خوشحال سنڌ نسري نروار ٿي. هن دور ۾ سنڌ جون سرحدون ڪشاديون به هيون ته محفوظ به رهيون. ڄام نندي جي وفات سان سمن جو زوال شروع ٿي ويو.
سمن جي دور جي تاريخ ۾ جيتري اهميت آهي، ان کي ايترو ئي نظر انداز ڪيو ويو آهي. شايد ان جو وڏو سبب همعصر ماخذن ۽ مددي مواد جي کوٽ ڏسجي ٿو. قيام پاڪستان کان پوءِ سڀ کان اول ڊاڪٽر رياض الاسلام، سمن، ڄامن بابت سنجيده تحقيق ڪئي. بعد ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سيد حسام الدين راشدي ۽ ايم ايڇ پنهور هن دور تي نمايان ڪم ڪيو. دوست عبدالله ورياهه پهريون ڀيرو سمن جي پنهنجي سڪي جو پتو لڳايو آهي.(1) نئين تحقيق جي آئيني ۾ هن دور بابت اڳوڻا سڀ مفروضا رد ٿي چڪا آهن.
سمن جي سلطنت بابت مون کي ابتدا کان دلچسپي رهي آهي. هن دور بابت منهنجا چند پيپر اڳ ۾ ئي ڇپيل آهن، جن ۾ مون پنهنجي سوچ آهر توضيع پيش ڪئي آهي. سنڌ جي تاريخ جو هي سونهري زمانو ٻن صدين تي پکڙيل آهي. هن دور کي مطالعو ڪندي، جيڪي به پهلو اڀرن ٿا، انهن بابت هاڻي وافر مواد موجود آهي. ان هوندي به سنڌي، اردو يا انگريزي زبان ۾ هن دور بابت ڪو الڳ مطالعو موجود ڪونهي. پوءِ اهو کڻي ڪيترو به مختصر ڪتاب ڇو نه هجي. سنڌ جي سمن بابت هي پهريون ڪتاب پيش ڪندي مون کي خوشي محسوس ٿي رهي آهي. ڪتاب مختصر آهي مگر جامع انداز سان، تمام مکيه عنوانن تي روشني وڌي وئي آهي. اميد آهي ته ايندڙ وقت ۾ ڪم ڪندڙ محقق سمن جي سونهري زماني بابت اڃا به وڌيڪ تحقيق سان مواد مهيا ڪندو.
پنهنجي پيش لفظ کي ختم ڪرڻ کان اڳ آئون انهن صاحبن جو شڪريو مڃڻ پنهنجو فرض سمجهان ٿو، جن هن ڪتاب جي تياريءَ کان وٺي اشاعت تائين پنهنجا ڀال ڀلايا. سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جناب مظهر الحق صديقي، پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي بورڊ آف گورنرز جي چيئرمين جي حيثيت ۾ هن ڪتاب جي ڇپائيءَ جي منظوري ڏني، جيتوڻيڪ سائين مظهرالحق صديقي صاحب جي شخصيت ڪنهن رسمي شڪرادائي کان مٿي آهي. تاهم آئون هن علم نوازيءَ لاءِ سندن ٿورو مڃڻ پنهنجو فرض سمجهان ٿو. ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل ڊائريڪٽر پاڪستان اسٽڊي سينٽر هن ڪتاب کي پنهنجي اشاعتي سلسلي ۾ شامل ڪيو ۽ ان جي اشاعت، سٽاءَ ۽ تڪميل لاءِ مون کي مڪمل آزادي ڏني. ڊاڪٽر مبارڪ علي صاحب ابتدا ۾ هي ڪتاب مون کان سنڌ ريسرچ سوسائٽي لاءِ تيار ڪرايو، ليڪن انجمن جي ختم ٿيڻ بعد هن ڪتاب جي ڇپائي لاءِ ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل صاحب جي هٿ ڏس ڪئي، پنهنجي ڪتاب جي تڪميل جي واسطي مون ايم ايڇ پنهور صاحب جي ڪم مان سڌي توڙي اڻ سڌي طرح گهڻو فائدو ورتو آهي. سماٽ قبيلن جو شجرو مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب ”قديم سنڌ“ ۽ سمن سلطانن جو شجرو ”تاريخ معصومي“ اردو تان مناسب سڌاري بعد ورتو ويو آهي. سنڌ يونيورسٽي پريس جي علمي ۽ خاص ڪري موجوده مئنيجر ۽ ڪمپازيٽر انچارج مولانا گل محمد مون سان کلندي ڪڏندي هر طرح جو تعاون ڪيو، ان لاءِ هنن سڀني عالمن، استادن توڙي بزرگن ۽ دوستن جو ٿورائتو آهيان.


غلام محمد لاکو
ليڪچرار
پاڪستان اسٽڊي سينٽر
سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو سنڌ

________________________________________
(1) حقيقت ۾ سمن جي سڪي بابت 1970ع ۾ علم ٿي ويو هو. وڌيڪ ذڪر سڪن واري بيان ۾ ڪيو ويو آهي.