سمان سلاطين هڪ نظر ۾
[b]فيروز الدين ڄام انڙ
[/b]ڄام انڙ جو ذڪر پهريون ڀيرو سيوهڻ واري معرڪي جي حوالي سان ملي ٿو، جڏهن هن دهلي سلطنت جي هڪ نائب کي قتل ڪيو هو. ان بعد سنڌ جي مختلف قبيلن کيس پنهنجو سردار چونڊيو. ليڪن ان کان پوءِ به هن کي سنڌ جي اقتدار والارڻ ۾ سورهن سالن جو عرصو لڳي ويو. هڪ طرف فيروز تغلق سنڌ جي سرحدن کان ٻاهر نڪتو ۽ ٻئي طرف ڄام انڙ پنهنجي حاڪميت جو اعلان ڪيو. هي واقعو سن 1351ع ۾ ٿي گذريو.
سومرن جي آخري حاڪم همير متعلق تاريخ ۾ الڳ الڳ رايا ملن ٿا. مير معصوم هن جو نالو ارميل لکيو آهي. سندس خيال ۾ ارميل ظالم حڪمران هو، ان ڪري صبح جو سوير سندس گهر ۾ ڪجهه ماڻهو داخل ٿيا ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيائون. مير علي شير قانع ٿوري ڦيرڦار سان همير متعلق لکيو آهي ته: هو جنهن صورت ۾ ظالم هو، تنهن ڪري سمان قوم جي ماڻهن کيس تخت تان لاهي ڇڏيو. هنن انڙ کي ”ڄام“ جو لقب ڏئي کيس پنهنجو اڳواڻ چونڊيو. هي واقعو سن 1351ع (752هه) ۾ ٿي گذريو.(1) خداداد خان به پنهنجي ڪتاب ۾ همير جي ظلمن جو ذڪر ڪيو آهي. محترم محمد حسين پنوهر جو رايو آهي ته سومرن جي سياسي زوال ۾ سنڌ ۾ آيل طبعي تبديلين کي وڏو دخل حاصل آهي. سومرن جي خاتمي بعد مختصر مدت لاءِ سمن حاڪمن ”ساموئي“ شهر کي پنهنجو مرڪز مقرر ڪيو. هي شهر ننگر ٺٽي جي ويجهو مڪلي ٽڪريءَ جي اترين ڀڪ سان واقع آهي.
مير علي شير ۽ ٻين مؤرخن موجب همير سومرو مٿي ذڪر ڪيل معرڪي ۾ قتل ٿي ويو. جديد تحقيق موجب ڄام انڙ جي ڪامياب بغاوت بعد، سومرن جي حاڪميت ختم ٿي. ليڪن همير گجرات طرف ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ڄام اڍائي سالن جي حڪومت بعد وفات ڪئي. سندس اثر لاڙ تائين ڏسجي ٿو. تذڪره نويسن موجب ڄام انڙ هڪ معرڪي ۾ قتل ٿي ويو، ليڪن هي خيال درست ڪونهي.
[b]صدر الدين ڄام بابينو
[/b]ڄام فيروز الدين انڙ جي وفات بعد سندس پٽ صدر الدين ڄام بابينو سنڌ جو بادشاه بنيو. سندس چاچو علاؤ الدين ڄام جوڻو پڻ ساڻس اقتدار اعلى ۾ ڀاڱي ڀائيوار بنيو. سندس زماني ۾ ننگر ٺٽو وري تختگاهه مقرر ٿيو. ڄام بابينو جڏهن سنڌ جو سلطان بنيو، تڏهن ملڪي توڙي غير ملڪي صورتحال ڪجهه هن ريت هئي: سيوهڻ، بکر ۽ نصرپور ۾ تغلقن جا نائب موجود هئا. سمن جو اثر صرف لاڙ تائين ڏسجي ٿو. ملتان تي عين الملڪ ماهرو جهڙو ذهين ۽ چالاڪ عملدار مقرر ڪيو ويو هو ته جيئن سنڌ متعلق درست اطلاع مهيا ڪندو رهي. فيروز الدين تغلق، ڄامن کي ناڪام بنائڻ لاءِ گجرات ۽ ملتان جي نائبن کي تاڪيد ڪيو ته همير سومري جي هر طرح مدد ڪئي وڃي ۽ کيس هر قيمت تي وري سنڌ جو حاڪم بنايو وڃي.
ڄام صدر الدين دلير، سورهيه ۽ وطن دوست انسان هو. سنڌ جي خودمختياري ۽ عزت سندس رڳ رڳ ۾ سمايل ڏسجي ٿي. هو پنهنجي ملڪ جي معاملن ۾ ڌارين جي مداخلت جو سخت مخالف هو. سندس ڀيٽ ۾ ڄام جوڻو ڪمزور ۽ اعتدال پسند هو. ڄام بابينو حالات جو اڀياس ڪندو رهيو ۽ دهلي سلطنت جي اثر کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪنهن مناسب موقعي ۽ مهل جي تلاش ۾ رهيو. هن سڀ کان اول پاڻ کان ڪيئي ڀيرا زياده طاقتور دشمن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ وچ ايشيا ۽ قنڌار جي منگولن کان فوجي مدد وٺڻ خاطر هڪ معاهدو ڪيو. سال 1359ع ۾ فيروز تغلق بنگال جي ٻين مهم تان ناڪام ٿي موٽيو، تڏهن پاڻ ۽ سندس لشڪر ڇهن مهينن تائين ناگپور جي گهاٽن ٻيلن ۾ ڀٽڪندو رهيو.(2) هن خبر جي پکڙجڻ شرط سلطنت دهليءَ جي مخالفن جا حوصلا بلند ٿيا. ان ريت ڄام بابيني کي پنهنجي پراڻي خواهش پوري ڪرڻ جو موقعو ملي ويو. ان متعلق سيد حسام الدين راشدي لکي ٿو ته:
”سلطان فيروز جي وفات جو افواه مشهور ٿيو ۽ ڄامن وقت جو فائدو وٺي، آزاديءَ جي تحريڪ کي از سر نو زور وٺرائيندي، پنهنجيون فوجون ملتان جي حد اندر پهچايون. سيوهڻ ۾ پڻ ننڍا ننڍا حملا ڪري ماڻهن ۾ بيداري پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون.“(3)
هي پهريون موقعو هو جو سمن ڄامن همٿ ڪري سنڌ مان دهلي سلطنت جا آثار ۽ اهڃاڻ ختم ڪرڻ طرف هڪ وِک وڌائي. هن سال (1359ع) تائين بکر، سيوهڻ ۽ نصرپور تي تغلقن جا عملدار موجود هئا. ان جو ثبوت سيوهڻ ۾ لعل شهباز قلندر جي درگاه تي لڳل هڪ فارسي ڪتبي مان ملي ٿو. هي مقبرو سن 1358ع ۾ تغلق گورنر ملڪ اختيار الدين جي نظرداريءَ ۾ ٺهي راس ٿيو.
سنڌ جي معاملن لاءِ سلطنت هند جو خاص نمائندو ۽ ملتان جو وائسراءِ عين الملڪ ماهرو، سنڌو ماٿر ۾ آيل تبديلين کي وڏي ڳڻتي ۽ غور سان ڏسي رهيو هو. ان پس منظر ۾ هن تيزيءَ سان صورتحال کي پنهنجي ضابطي ۾ آڻڻ لاءِ ڪجهه فيصلا ڪيا. هڪ طرف هن سنڌ جي اقتدار اعليٰ ۾ ڪمزوري پيدا ڪرڻ واسطي ڄامن ۾ اندروني اختلاف پيدا ڪرڻ جو جتن ڪيو ۽ ٻئي طرف همير سومري کي وري سنڌ جو حاڪم بنائڻ جي مهم پڻ تيز ڪري ڇڏيائين. آخرڪار همير سومري ٺٽي تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ، گجرات ۽ ملتان جي شاهي لشڪر جي مدد سان لاڙ ۽ ٿر کان حملا شروع ڪري ڏنا. هنن حملن جو انجام ڏسڻ کان اڳ ئي عين الملڪ ماهرو سن 1368ع ۾ مري ويو.(4) ٻي صورت ۾ پڪ سان ان متعلق پنهنجي خطن ۾ مواد ڇڏي ها. روايتن موجب جڏهن همير سومري سنڌ (سمن) تي حملو ڪيو، تڏهن مختلف قبيلن ڄام هالي جي قيادت ۾ دشمن خلاف مورچي بندي ڪئي. هڪ شاعر هن جنگ ۾ شريڪ قبيلن جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
جِهو، جوڻو، جکرو، هوٿي، هڱورو
پلي پاڻي نه پئي، ڏمريو ڏيرو،
اتي ڏيو ديرو، جتي ٻائين لڳو مهڻو.(5)
روايتن موجب سمن ۽ سومرن جو هڪ خونريز معرڪو، موجوده شهر عمرڪوٽ جي آس پاس ٿي گذريو. هن جنگ ۾ همير قتل ٿي ويو. ان بعد سمن پنهنجي اختيار ۽ اقتدار کي توسيع ڏني. همير جو اولاد ۽ سندس ڀائر گجرات طرف نڪري ويا، جتي کين جاگيرون ڏنيون ويون.(6)
سمن جي خودمختياري، سرڪشي، ارڏائي ۽ همير جي قتل کان پوءِ فيروز تغلق سنڌ تي حملي جي تياري ڪئي. فيروز آڪٽوبر 1365ع ۾ سنڌ تي چڙهائي ڪئي. هندي سلطنت هن حملي ۾ سنڌ خلاف اسي هزار سپاه ڪتب آندو، جنهن ۾ پنج سؤ بحري ٻيڙا به شامل هئا. سنڌين ۽ تغلقن ۾ خوفناڪ جنگ ٿي، جنهن ۾ حملي آورن جو پورو بحري اٽالو تباه ڪيو ويو ۽ کين عبرتناڪ شڪست ملي. آخرڪار فيروز ناڪام ٿي ڪڇ جي رستي کان گجرات طرف روانو ٿيو. محمد تغلق سنڌ تي حملي وقت فوت ٿيو ۽ فيروز تغلق ناڪام ٿيو. ان پس منظر ۾ هڪ ڪهاوت مشهور ٿي:
هڪ مئو، هڪ ٽَٺو،
بابرڪت، پير پٺو!
فيروز تغلق کي گجرات ويندي ڪڇي ماڻهن به زبردست پريشان ڪيو. منزل تائين پهچندي پهچندي بادشاه جو بي انداز لشڪر مارجي ويو يا وري رستي نه لهڻ سبب رلي ويو. سن 1368ع ۾ جڳ جهان جو لشڪر گڏ ڪري، فيروز تغلق وري سنڌ تي حملو ڪيو. هن ڀيري ڄامن جو گهڻو نقصان ٿيو، ليڪن پوءِ به تغلقن کي ناڪامي ڏسڻي پئي. آخرڪار سلطنت دهلي شڪست کي سوڀ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ شيخ الاسلام سلطنت دهلي ۽ اچ جي مخدوم جهانيه جهان گشت جو سهارو ورتو. هنن صاحبن معرفت ڄامن ۽ فيروز وچ ۾ ڳالهيون ٿيون. جيئن ته سنڌ جا حاڪم اچ جي مخدومين جا مريد هئا، ان ڪري هو کين ٽاري نه سگهيا. ٻنهي ڌرين ڳالهين جي نتيجي ۾ هڪ معاهدو ڪيو:
”سنڌي دهليءَ کي ساليانو خراج ڏيندا. بابينو ۽ جوڻو دهلي هلي رهندا ۽ پٺيان سندن وارث حڪمراني ڪندا رهندا. ان ريت سنڌ مٿان سمن جي برتري جاري رهندي.“(7)
جڏهن جنگ جدل ختم ٿيو ۽ صلح ٿي ويو، تڏهن ڄامن هڪ شڪارگاه ۾ پهچي فيروز سان ملاقات ڪئي. ان وقت ڄام جوڻي، امير حسن سجزيءَ جي شعر جي هيءَ سٽ پڙهي:
شاه بخشنده توئي، بنده شرمنده منم(8)
ڄام جوڻو ۽ ڄام بابينو، شاهي لشڪر سان گڏ دهلي روانا ٿيا، جتي انهن لاءِ ساليانو ٻه لک ٽنڪا وظيفو مقرر ٿيو. سنڌ تي ڄام تماچي ۽ ڄام توڳاچي گڏجي حڪم هلائڻ لڳا. ان ريت سمن جي سرداري، سلطنت هند جي طفيلي رياست بنجي وئي.
[b]رڪن الدين ڄام تماچي (ٻيو ڀيرو)
[/b]دهلي سلطنت آڪٽوبر 1388ع ۾، فيروز تغلق جي موت سان منتشر ٿيڻ شروع ٿي. ان صورتحال ۾ سنڌ جا جلاوطن شهزادا ڄام بابينو، ڄام تماچي ۽ ڄام صلاح الدين – دهليءَ جا جلاوطن شهزادا وطن واپس وريا. ڄام بابينو وطن ايندي راه ۾ فوت ٿيو. جڏهن ته تماچي ۽ صلاح الدين ٺٽي ڏي ايندي، کيبرن وٽان لنگهيا تڏهن درويش نوح هوٿياڻي هي شعر چئي کين ڀليڪار ڪئي:
جوڻو وڃين جهوري ماريو،
ڄام تماچي شهرين چاڙهيو!
ان ريت ڄام تماچي جتان به گذريو، سنڌ جي ماڻهن کيس مان ٿي ڏنو. ٺٽي پهچڻ تي سندس وڏي آجيان ٿي. ڄام جوڻي جي حشر متعلق تاريخ خاموش آهي. البت هيءَ خاطري آهي ته ڄام تماچي هتي پهچي خودمختيار سنڌ جو سلطان بنجي ويٺو. هاڻي سندس سالن جي آرزو پوري ٿي هئي. هن غيرن جي غلامي جو هر اهڃاڻ ۽ علامت مٽائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. ڄام سنڌي ماڻهن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ڪيئي اهم فيصلا ڪيا. پاڻ ملڪ اندر خانقاهن، مدرسن ۽ مڪتبن جي اڏاوت لاءِ ڪثير رقمون خرچ ڪيائين. ان جو هڪ زنده مثال شيخ حماد جي خانقاه ۽ مدرسي جي تعمير جي حوالي سان ملي ٿو. هن سنڌ جي سرحدن جو گشت ڪيو ۽ دفاعي نوعيت جا حڪم جاري ڪيا. جڏهن هر لحاظ کان مطمئن ٿيو، تڏهن سندس اڪثر وقت شيل ۽ شڪار ۾ گذرڻ لڳو. مير محمد معصوم لکي ٿو ته: ”هو آرام پسند هو، جنهن جي ڪري عيش ۽ خوشيءَ ۾ وقت گذاريندو هو. تيرهن سالن جو عرصي بادشاهيءَ جي گاديءَ تي ويهي طاعون جي بيماريءَ ۾ گذاري ويو.(10) هن زماني ۾ ڄام تماچي ڪينجهر ڪنارن تي شڪار ڪندي، مهاڻن جي نينگري نوريءَ سان نينهن جو پيچ پاتو.
جنهن وقت تماچي سنڌ جي نئين اڏاوت ۾ مشغول هو، تڏهن اوڀر ۾ سلطنت هند جي نائب ظفر خان، آزاد گجرات جي سلطنت جو اعلان ڪيو. هيءَ سلطنت بعد ۾ ”مظفر شاهي“ نالي سان مشهور ٿي ۽ اڳتي هلي سنڌ جي سمن ۽ گجرات جي بادشاهن ۾ سٺا لاڳاپا پيدا ٿيا. گجرات ۽ سنڌ جي تعلقات جو ذڪر اڳتي هلي ڪيو ويندو. ڄام تماچي سن 1392ع ۾ وفات ڪئي. هڪ روايت موجب نوري ۽ تماچي ڄام جو مقبرو ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي آهي. جڏهن ته آرڪيالاجي وارن موجب سندن مزارون مڪلي ٽڪر تي آهن.
[b]ڄام صلاح الدين
[/b]ڄام صلاح الدين پنهنجي پيءُ ڄام تماچيءَ کان پوءِ سنڌ جو تاجدار بنيو. سندس حڪمراني ٻارهن سالن تي پکڙيل آهي. هن زماني ۾ امير تيمور هندستان تي حملو ڪيو. تيمور جي جنگين ۾ لکين بيگناه هندستاني مارجي ويا ۽ ننڍي کنڊ ۾ وڏي تباهي آئي. تيمور جي پوٽي مرزا پير محمد ملتان تائين ڦرلٽ ڪئي. مير معصوم موجب سنڌ جو ملڪ، هن تباهيءَ ۽ برباديءَ کان مير ابو الغيث بکريءَ جي سفارش سبب محفوظ رهيو. سن1398ع ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي جو جد امجد سيد حيدر هرات کان هالاڪنڊي پهتو. سيد حيدر سنڌ ۾ شادي ڪئي. سندس اولاد پوءِ متعلوي سادات سڏيو ويو. امير تيمور جي حملي کان پوءِ دهلي سلطنت جو مڪمل خاتمو ٿي ويو ۽ هر طرف بغاوتون ۽ ڀڃ ڊاه ڏسڻ ۾ آئي. تيمور ملتان تي خضر خان کي نائب مقرر ڪيو. مير معصوم ڄام صلاح الدين جي دور کي هن ريت بيان ڪيو آهي:
”پهريائين سرحد جي معاملن ڏانهن متوجه ٿيو، جي ڪن رذيلن جي سرڪشيءَ ڪري هيٺ مٿي ٿي ويا هئا. انهيءَ ٽوليءَ جي انتظار ۽ گوشمالي ڏيڻ لاءِ هڪ لشڪر موڪليائين. آخر هن ٽوليءَ جي تاديب ۽ تنبيهه کان پوءِ ڪڇ ڏانهن متوجهه ٿيو. ڪڇي ماڻهن سان هن جون سخت لڙايون ٿيون، مگر سڀني جنگين ۾ فتح جو سهرو صلاح الدين جي سر تي آيو ۽ فتح ۽ غنيمتون هٿ ڪري موٽي آيو. هو لشڪر ۽ رعيت جي چڱيءَ طرح پرگهور لهندو هو.“(11)
[b]ڄام نظام الدين (پهريون)
[/b]سنڌ تي ڄام نظام الدين مختصر مدت لاءِ حڪومت ڪئي. مؤرخن لکيو آهي ته جڏهن پاڻ سنڌ جو سلطان بنيو، تڏهن پنهنجن چاچن کي جيڪي قيد ۾ بند هئا، هڪدم آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. سندس دور ۾ اندروني توڙي ٻاهرين سطح تي ڪوبه خطرو موجود نه هو. ان ڪري ملڪي معاملا منشين جي حوالي ڪري، پاڻ سلطنت جي ڪمن کان گهڻي حد تائين لاپرواه ٿي ويو. ان صورتحال ۾ سندس چاچن کيس قتل ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو، ليڪن کيس وفادار سپاهين ان جو اطلاع مهيا ڪيو. هيءَ حقيقت ٻڌي پاڻ گجرات طرف نڪري ويو. سندس وفات رستي ۾ ٿي. هن اوچتي تبديليءَ سبب ٺٽي ۾ سخت بدامني پکڙي. آخرڪار اميرن جي فيصلي موجب ڄام علي شير سنڌ جو بادشاه بنيو.
[b]ڄام علي شير
[/b]ڄام علي شير سنڌ جو تخت سنڀاليندي، ملڪ ۾ پيدا ٿيل ابتري کي ختم ڪيو. هن خلق سان انصاف ۽ احسان سان پيش اچي، اڳين حڪمرانن جي ڪوتاهيءَ جو ازالو ڪيو. هي نهايت داناءُ ۽ دلير انسان هو. هن سنڌ ولايت جو جوڳو انتظام رکيو. سندس حڪومت جي زماني ۾ ملڪ ۾ امن امان قائم ٿيو ۽ ماڻهو خوش گذارڻ لڳا. آخر ۾ ڄام علي شير سير سفر ۽ شڪار تي شوق رکيو. هڪ رات درياه جي سير تان گهر واپس اچي رهيو هو، تڏهن حويليءَ جي دروازي تي باغي سمن سردارن جي هٿان قتل ٿي ويو.
[b]ڄام ڪرن
[/b]ڄام علي شير جي قتل بعد، ڄام ڪرن ڀائرن جي اتفاق سان سنڌ جو حڪمران بنيو. ڄام ڪرن کي ٺٽي جي مکيه اميرن ۽ درٻارين سان سخت اختلاف ٿيو. ان ڪري هن سلطنت جي واڳن وٺڻ شرط انهن جي قتل جو پروگرام ٺاهيو. ان مقصد لاءِ هن ٻئي ڏينهن تي شاهي درٻار سڏائي ۽ عام خاص ماڻهن سان مختلف عنوانن تي بحث ڪندو رهيو. آخر کاڌي جو دسترخوان وڇايائون ۽ هو کاڌو کائي جاءِ طهارت ڏي ويو ته ڪجهه ماڻهن جي جماعت مٿس حملو ڪيو ۽ کيس اتي ئي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيائون. سندس حڪومت جي مدت ڏيڍ ڏينهن چئي وڃي ٿي.
[b]صدر الدين ڄام سڪندر (اول)
[/b]ڄام ڪرن جي قتل کان پوءِ صدر الدين ڄام سڪندر اول سنڌ جو حاڪم بنيو. مير محصوم ۽ مير علي شير سندس ذڪر نه ڪيو آهي، البت جديد دور جي محققن ڪتبن ۽ قديم تحريرن جي آڌار تي ڄام سڪندر اول متعلق مختصر مواد مهيا ڪيو آهي.
[b]ڄام فتح خان
[/b]جملي مؤرخن ڄام فتح خان جي دور حڪومت جي ساراه ڪئي آهي. سندس حڪومت پندرهن سالن تي پکڙيل ڏسجي ٿي. ڄام فتح خان تخت سنڀالڻ شرط حڪومت جي قاعدن ۽ سلطنت جي ضابطن کي مضبوط ڪري، سرڪاري معاملن ۾ ڏاڍي سجاڳي ۽ هوشياري ڏيکاري. سندس سخاوت، بهادري ۽ مروت مشهور هئي.
ڄام فتح خان جي زماني ۾ سنڌ کان ٻاهر ٻه واقعا ٿي گذريا. منگولن سنڌو درياه ٽپي دهلي ۽ ديبال پور تائين ڦرلٽ جي بازار گرم ڪئي. هن دور ۾ 1414ع ۾ دهلي سلطنت تي ”سيد“ خاندان قبضو ڪيو. سمن سلطانن ۾ ڄام فتح خان پهريون حاڪم آهي، جنهن گجرات سان سياسي لاڳاپن سان گڏ سماجي تعلقات به قائم ڪيا. هن پنهنجي نياڻي ”ڄام زادي“ گجرات ۾ مخدوم جهانيه جي پوٽي قطب عالم (1388-1454ع) سان پرڻائي ڏني. سنڌين ۽ گجراتين ۾ مٽي مائٽيءَ جو هي سلسلو پوءِ گهڻو عرصو جاري رهيو. ڄام فتح خان سن 1428ع ۾ وفات ڪئي.
[b]ڄام تغلق شاه جوڻو (ثاني)
[/b]ڄام فتح خان وفات کان ٽي ڏينهن اڳ، پنهنجي ڀاءُ ڄام جوڻي (ثاني) کي ”تغلق“ جي لقب سان حڪومت لاءِ نامزد ڪيو. ڄام تغلق سنڌ جي سلطان بنجڻ بعد ملڪ جي سرحدن جو دورو ڪيو. امن امان کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ هن پنهنجن ڀائرن کي بکر ۽ سيوهڻ طرف روانو ڪيو. هڪ موقعي تي ٻروچن جي فساد ۽ فتني کي ختم ڪرڻ لاءِ ڄام تغلق پنهنجي سر بکر طرف روانو ٿيو. ڄام جي حڪمت تحت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، هر هڪ پرڳڻي جي حدن ۾ ٿاڻا قائم ڪيا ويا. سندس دور ۾ ”ڪلان ڪوٽ“ جي قلعي جي اڏاوت شروع ٿي، جا سندس موت بعد به جاري رهي. ڄام تغلق جي زماني ۾ سنڌ ۽ گجرات جا تعلقات اڃا به وڌيڪ مستحڪم ٿيا. سيد حسام الدين راشدي ان متعلق لکي ٿو:
”ڄام جوڻو ان وقت اندروني اختلافن سبب پريشان ۽ ٻاهرين مدد جو خواهان هيو... مولانا محمد صديق ملتاني، ڄام جوڻي جو پير هو. هن کيس مشورو ڏنو ته پنهنجيون نياڻيون گجرات ۾ پرڻائي...... هڪ سلطان محمد سان ٻي قطب عالم جي فرزند شاه عالم سان...... انهيءَ سڱابنديءَ مان کيس سياسي فائدو ۽ تقويت مدنظر هئي.......“
هن فيصلي بعد ڄام پنهنجيون نياڻيون مولانا محمد صديق ملتاني ۽ ڄام خير الدين ۽ ڄام صلاح الدين (ڄام جوڻي جا پٽ) جي جميعت ۾ گجرات موڪليون. بي بي مغليءَ جو نڪاح سلطان محمد سان ٿيو. سلطان محمد کي هن گهر مان سن 1445ع ۾ هڪ پٽ ڄائو، جو اڳتي هلي گجرات جي تاريخ ۾ سلطان محمود بيگڙي جي نالي سان مشهور ٿيو. جڏهن ته ڄام جي ٻي نياڻي بيبي مرڪي قطب عالم جي پٽ شاه عالم (1414-1475ع) جي عقد ۾ آئي.(12)
ڄام جوڻو ان وقت اندروني پريشانين کان علاوه بيروني جارحيت جي فڪر ۾ پڻ دامنگير هو. وچ ايشيا ۾ قنڌار جا منگول ابتدائي دور ۾ سمن سلطانن جا سهڪاري رهيا هئا، ليڪن ڄام جوڻي جي زماني ۾ انهن سنڌ کي پنهنجي تابع بنائڻ چاهيو ٿي. ان پس منظر ۾ سنڌ ۽ گجرات کي اڃا به وڌيڪ ويجهو آڻڻ لاءِ، ڄام جوڻي ان قسم جي سڱابندي ڪئي ڏسجي ٿي. هن زماني ۾ ملتان ۾ شيخ يوسف، دهلي سلطنت کان قطع تعلق ڪيو. اڳتي هلي لانگاهن هن شيخ کي شهيد ڪري پنهنجي سلطنت جو اعلان ڪيو. سن1451ع ۾ لوڌي گهراڻي دهلي سلطنت تي قبضو ڪيو. ياد رهي ته دهلي سلطنت جو هي آخري گهراڻو هو. بعد ۾ بابر، لوڌين جو خاتمو ڪري مغل شهنشاهت جو بنياد رکيو.
ڄام جوڻي ڊگهي حڪومت بعد وفات ڪئي. تڏهن سندس لاش گجرات ۾ ”ملڪ ڳوٺ“ ڏي روانو ڪيو ويو. هي ڳوٺ ڄام جي پٽن آباد ڪيو. جڏهن هو ملتاني بزرگ سان گڏ اوڏي ويا هئا، هتي سندن محل ۽ ماڙيون توڙي جاگيرون هيون.
[b]ڄام مبارڪ
[/b]ابتدا ۾ هي ڄام جوڻي جو وزير هو. ڪجهه مؤرخن کيس غاصب سڏيو آهي. هن کي اقتدار جي مسند ماڻڻ جو صرف ٽي ڏينهن موقعو مليو. ٽن ڏينهن کان پوءِ کيس تخت ۽ تاج کان الڳ ڪيو ويو. شاهي خاندان سان سندس تعلق چٽو ڪونهي. تاهم خاطري آهي ته هو حڪمران گهراڻي جو هڪ فرد هو. تاريخ معصوم کيس دربان سڏيو آهي. هن جو نالو مبارڪ خان هو. اقتدار تي ويهڻ شرط پاڻ کي ڄام مبارڪ سڏائڻ لڳو. مبارڪ خان ٽن ڏينهن بعد معزول ڪيو ويو.
[b]ڄام سڪندر شاهه (ثاني)
[/b]هن کي ڄام محمد عرف ڄام انڙ به سڏيو ويو آهي. ڄام سڪندر ثاني ڏيڍ سال سنڌ تي حڪومت ڪئي. جڏهن اقتدار جي مسند تي ويٺو، تڏهن اڃا ننڍي عمر جو هو. ان ڪري بکر ۽ سيوستان جي مقامي حاڪمن سندس خلاف بغاوت ڪئي. هي اطلاع ملندي ڄام سڪندر ڪثير لشڪر سان بکر طرف روانو ٿيو. اڃا مس نصرپور پهتو ته پٺيان کيس مبارڪ خان جي شورش جو اطلاع پهتو، جنهن صورت ۾ تختگاه جا امير ۽ عوام، ڄام سڪندر سان ڳانڍاپيل هئا، ان ڪري ٽن ڏينهن بعد مبارڪ خان کي اقتدار تان هٽايو ويو. بهرحال، ٺٽي جي غير يقيني صورتحال سبب ڄام سڪندر – بکر ۽ سيوهڻ جي عملدارن سان صلح ڪيو.(13)
ڄام سڪندر جي حڪم تي مئنگلور ڪاٺياواڙ جي عالم مولانا علاؤالدين هڪ عربي درسي ڪتاب ”شمہ في الميزان“ جي آسان شرح ”الزبدة“ جي نالي سان تيار ڪئي ۽ ان کي ڄام جي نالي منسوب ڪيائين. هي انتساب هن ريت هو: مون کي اهڙي هڪ هستي چيو، جنهن جي انڪار جي مون کي طاقت ناهي – جنهن جي فضيلت جا موافق توڙي مخالف قائل آهن ۽ جو به سندس کماحقه مدح جو خيال ڪري، تنهن کي جڳائي ته سندس حاسدن ۽ دشمنن جي ڪدورت کان ڪناره ڪشي ڪري، تاڪه ٻين لاءِ حقيقت واضح ٿئي ۽ اهو آهي وڏو حاڪم، علم ۽ حلم، سخا ۽ ڪرم جو صاحب محمد عرف انڙ پٽ فتح خان پٽ صدرالدين پٽ توڳاچي پٽ ڄام [جوڻو]. شال سدائين سندس ذاتي خوبين سان توفيق حال هجي ۽ (ڌڻي جي) مدد سهارو هجي.(14) هي ڪتاب پوءِ گهڻي عرصي تائين سنڌ ۽ گجرات جي نصاب ۾ شامل رهيو. هن ڄام جي دور ۾ تعمير ٿيل ڪجهه کوهن تان پڪيون سرون مليون آهن، جن تي سنڌي گاڏڙ سرائڪي ڪتبا مليا آهن. انهن جو ذڪر اڳتي ايندو.
[b]ڄام سنجر عرف راءَ ڏنو
[/b]ڄام سڪندر کان پوءِ ڄام سنجر سنڌ جو سلطان بنيو. مير علي شير ۽ مير محمد معصوم ڄام سنجر ۽ راءِ ڏني کي الڳ الڳ ذڪر هيٺ آندو آهي، ليڪن نئين کوجنا موجب سمن جي سلسلي جو هي هڪ ئي بادشاه هو، جنهن کي سلطان صدر الدين شاه جي نالي سان به سڏيو ويو آهي. محترم محمد حسين پنهور، راء ڏني جي جاءِ تي سندس نالو ”راڌڻ“ تجويز ڪيو آهي.(15) اصل صورتحال ڇا به هجي، ليڪن راڌڻ نالو اڄ به سماٽ قبيلن ۾ رکيو وڃي ٿو.
ڄام سنجر گهڻو وقت ڪڇ ۾ مقيم هو. جڏهن کيس ڄام سڪندر جي وفات جو اطلاع مليو، تڏهن هڪدم ننگر ٺٽي پهتو. اميرن سندس حڪومت تي اتفاق ڪيو ۽ هو سنڌ جو نئون بادشاه بنجي ويو. گمان آهي ته سڪندر جي مختصر دور حڪومت ۾ مقامي عملدارن خود سري ڪئي هئي ۽ هر طرف بدامني ۽ پريشاني پکڙجي وئي هئي. ڄام سنجر صورتحال جي سڌاري لاءِ ترت فيصلا ڪيا. مير معصوم لکي ٿو:
”هن ڏيڍ سال جي عرصي ۾ ساري سنڌ ولايت سمنڊ کان وٺي ماٿيلي ۽ اٻاوڙي جي سرحد گاجريلي ۽ ڪنڌي تائين پنهنجي قبضي ۾ آندي.“
مؤرخن ڄام سنجر جي دور ۽ شخصيت جي وڏي واکاڻ ڪئي آهي. هي ڄام بيحد خوبصورت ۽ سهڻو هو. سوين سندس عاشق هئا ۽ بنا اجوري جي هن جي درٻار ۾ ڪم ڪندا هئا. هڪ فقير مٿس فدا هو ۽ هر وقت سندس بادشاهي ماڻڻ لاءِ دعاگو رهندو هو. هڪ ڀيري ڄام کي هڪ قاضيءَ جي رشوت وٺڻ جي شڪايت پهتي. ڄام ملازمن جي پگهارن وڌائڻ جو اعلان ڪري، رشوت جهڙي مرض جي خاتمي جي ڪوشش ڪئي. سندس زماني ۾ سنڌ جا ڪڇ ۽ گجرات سان بهتر لاڳاپا برقرار رهيا. هن دور ۾ سنڌ جي دفاع خاطر، ڪڇ ملڪ ۽ جوڌپور جي سرحدن تي چوڪيون قائم ڪيون ويون. هنن سرحدن تي سوڍن ۽ سومرن ماڻهن کي آباد ڪيو ويو.
ڄام سنجر جي موت بابت جدا جدا رايا ملن ٿا. هڪ راءِ آهي ته کيس زهر جو پيالو پياري ختم ڪيو ويو. ٻي راءِ موجب هو طبعي موت مئو هو. ان ريت سندس اقتدار کان الڳ ٿيڻ بابت به ٻه خيال ملن ٿا. هڪ تحرير موجب سندس وفات کان پوءِ ڄام نظام الدين نالي سندس پٽ سنڌ جو بادشاه بنيو، جڏهن ته پنهور صاحب جو دليل آهي ته ڄام نظام الدين کي اقتدار جي واڳ سونپي، ڄام سنجر پنهنجن ٻين ٻن پٽن سميت گجرات ڏي نڪري ويو. ان صورت ۾ سندس وفات به اتي ٿي هوندي. تاريخن ۾ ڄام جي هنن پٽن جا نالا محفوظ نه رهيا آهن. تاهم انهن مان هڪ جي پٽ ڄام صلاح الدين (ڄام سنجر جو پوٽو)، ڄام نظام الدين کان پوءِ سنڌ جي تخت ۽ تاج جي دعويٰ ڪئي هئي. ويجهڙائي ۾ هن ڄام جو سڪو پڻ مليو آهي.
[b]ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو
[/b]ڄام سنجر کان پوءِ ڄام نظام الدين سنڌ جو بادشاه بنيو. هي واقعو سن1461ع (866هه) ۾ ٿي گذريو. هي سلطان سنڌي ماڻهن ۾ ڄام نندي جي نالي سان مشهور آهي. سندس ٻن ڀائرن جو ذڪر مٿي ٿيو. انهن جا نالا مولائي شيدائي – ابراهيم ۽ بايزيد – لکيا آهن.(16) حقيقت ۾ هي سنڌ جي درٻار جا ٻه امير هئا، ۽ سندن شاهي خاندان سان ڪوبه واسطو نه هو.(17) ياد رهي ته هي امير ڪنهن ڳالهه تي ڄام نندي کان ناراض ٿي، لانگاهن جي ملتاني درٻار ۾ وڃي رهيا هئا.
سلطان ڄام نظام الدين انتهائي بخت واري وقت سنڌ جو تخت ڌڻي بنيو. چوءطرف صلح سانت هو. چئني پاسن ۾ سندس جهڙا معتبر سياستڪار حڪم هلائي رهيا هئا. انهن بادشاهن کي اندروني استحڪام حاصل هو. نه ته کين پنهنجي بغاوت سان منهن ڏيڻو هو ۽ نه وري ڪو پاڙيسري قومن تي حملو ڪري ڦرلٽ جو خواهشمند هو. هندي ننڍي کنڊ ۾ تاريخ اهڙي خوش بخت يڪسوئي مشڪل سان پيدا ڪئي هوندي. جنهن سمي سلطان ڄام نظام الدين سنڌ تي حڪومت ڪري رهيو هو، ان وقت سندس ملڪ جي آس پاس هن ريت حڪمراني ۽ حڪومت جو سلسلو موجود هو: اوڀر ۾ گجرات تي محمود بيگڙو (1458-1511ع)، اتر ۾ ملتان تي حسين لانگاه (1460-1502ع)، دهلي سلطنت تي بهلول لوڌي (1451-1489ع)، ڪشمير تي سلطان زين العابدين (1420-1470ع) ۽ ماروار جوڌپور تي راجا جوڌ (1438-1488ع) – آزادي، اطمينان، خودسري ۽ وقار سان حڪومت ڪري رهيا هئا. ننڍي کنڊ کان ٻاهر ڪابل، قنڌار ۽ هرات تي سلطان حسين مرزا بايقرا (1458-1506ع) پوري آب تاب ۽ حشمت سان بادشاهي ڪري رهيو هو. ڄام نندي جي دور ۾ حسين مرزا سنڌ تي حملو ڪرايو، جنهن کي ڄامن زبردست شڪست ڏني.
ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو، سنڌي اتساه جو مثالي بادشاه ۽ حاڪم ٿي گذريو آهي. هن پورا اٺيتاليهه سال سنڌ ۽ سنڌين جي دلين تي راڄ ڪيو. مير معصوم سندس تخت نشيني بابت لکي ٿو:
”هن جي ويهارڻ تي سڀ ماڻهو، عالم، صالح، رعيت ۽ سپاهي متفق هئا. هن خودمختيار ٿي سربلنديءَ جو جهنڊو بلند ڪيو.“
ڄام نندو بادشاه بنجڻ کان اڳ، اڪثر وقت خانقاهن ۽ مدرسن ۾ گذاريندو هو. پاڻ نهايت وڻندڙ صفتن ۽ سهڻن اخلاقن جو مالڪ هو. حد درجي جو زاهد ۽ عابد هو. سندس دور کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي. هن سنڌ جو حاڪم بنجڻ شرط امن امان کي مستحڪم ڪرڻ ۽ سرحدن کي مضبوط ڪرڻ جا فيصلا ڪيا. ڄام هڪ وڏي لشڪر سان بکر پهتو. اتان جي بدنظمي ختم ڪري دلشاد کي مقامي عملدار مقرر ڪري، پاڻ ننگر ٺٽي واپس موٽيو. سندس دور ۾ رعيت خوش ۽ ماڻهو خوشحال هئا. عالم، صالح، فقير، سپاهي ۽ امير مطلب ته هر قسم جا ماڻهو ڄام نندي جي دور ۾ مطمئن هئا. مير معصوم سندس امن پسند طبيعت جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
”هو هر هفتي پنهنجي طبيلي ۾ ويندو هو ۽ گهوڙن جي پيشاني تي هٿ ڦيري چوندو هو ته اي بختاورؤ! جهاد بغير اوهان تي سواري نه ڪندس، ڇو ته چئني سرحدن تي اسلامي حاڪم آهن. دعا ڪريو ته شرعي سبب کانسواءِ ڪٿي به نه وڃان ۽ نه وري ٻيو ڪو هتي اچي. متان مسلمانن جو خون بنا ڏوه جي وهي ۽ الله سبحانہ وتعاليٰ وٽ شرمندو ٿيان.“
سندس دور ۾ اسلام جي اشاعت ۽ نبوي سنت جي تمام گهڻي پيروي ٿي. جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو ته سندس زماني ۾ چارئي پاسا دوست رياستون موجود هيون، ان ڪري سنڌ کي مثالي سياسي استحڪام نصيب ٿيو. ان پس منظر ۾ عوامي زندگيءَ ۾ اطمينان هو ۽ هاري توڙي پورهيت ملڪي معيشت جي واڌاري لاءِ ڪوشان هئا. زراعت ۾ بهتري آئي ۽ وڻج واپار ۾ وسعت پيدا ٿي. هن ڄام جي زماني ۾ متعدد واه به کوٽيا ويا.(18) ان ريت سموري سنڌ سرسبز ۽ خوشحال بنجي وئي.
ڄام نندي سن1495ع (900هه) ۾ ننگر ٺٽي کي نئين سر اڏايو. سندس دور ۾ هي شهر تهذيب ۽ تمدن جو بين الاقوامي مرڪز بنجي ويو. هتي ڪيئي خانقاهون، مڪتب ۽ مدرسا تعمير ڪيا ويا. مختلف قسمن ۽ درجن جي ماڻهن لاءِ جدا جدا پاڙا ۽ محلا تعمير ڪري، ننگر ٺٽي کي هڪ نئون روپ ڏنو ويو. ڄام جي سعيي ۽ ڪوشش سان سنڌ جو هي تختگاه بغداد ۽ دمشق جي سطح تي پهچي ويو. هڪ طرف مڪليءَ تي محفلون هيون ۽ ٻئي طرف ساموئي پڻ صوفين جو اهم مرڪز ڏسجي ٿو. جنهن دور ۾ سنڌ ۾ ”ٺٽو“ ننگر اوج تي هو، ان زماني ۾ گجرات ۾ ”احمد آباد“ مرڪزي ايشيا ۾ ”هرات“، اتر ۾ ”ملتان“ ۽ هند ۾ ”دهلي“ پڻ اهم شهر ڏسجن ٿا.
ڄام نظام الدين حڪومت جي انتظام ۾ مناسب سڌارا آندا ۽ چند لائق وزيرن ۽ اميرن کي پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪيو. اهڙن ناليرن اميرن ۾ دريا خان جو نالو عالم آشڪار آهي. سنڌ جون مقامي تاريخون ۽ تذڪرا ڄام نندي جي دور ۾ ڪنهن به لڙائي ۽ جنگ جو اطلاع ڏيڻ کان قاصر آهن، تاهم سنڌ کان ٻاهر لکيل ڪتابن هن دور ۾ ڪجهه ڇڪتاڻ جي نشاندهي ڪئي آهي. سلطان محمود بيگڙو گجرات جو بادشاهه سال 1471ع ۾ چمپانير ويندي پارڪر پهتو. کيس هتان جي مسلم ۽ هندو قبيلن ۾ ٽڪراءَ جو اطلاع ڏنو ويو. سلطان محمود کي پارڪر ۾ چوويهه هزارن جي لشڪر سان منهن ڏيڻو پيو. مقامي لشڪر ۾ ڪلهوڙا، سومرا ۽ سوڍا شامل هئا. محمود بيگڙي هر طرح سان ويڙهه کان پاسو ڪيو ۽ آخرڪار ٻنهي ڌرين ۾ ٺاه ٿيو. سلطان کي هي معلوم ڪري تعجب ٿيو ته ٿر ۽ پارڪر جا ماڻهو مسلمان هوندي به اسلامي ريتن ۽ رسمن کان اڻ واقف هئا. بادشاهه جي آڇ تي هتان جي اڪثر قبيلن، گجرات جي شهر سورٺ تي لڏپلاڻ ڪئي، جتي سندن تعليم ۽ تربيت جو مناسب بندوبست ڪيو ويو.(19)
ڪڇ جي ڪناري سان سال 1472ع ۾ سنڌي قبيلن جي هڪ بغاوت جو اطلاع ملي ٿو، جنهن ۾ چاليهه هزار فردن حصو ورتو هو. ان وقت گجرات جو سلطان محمود بيگڙو ڪڇ ۾ موجود هو. کيس جڏهن سنڌ ۾ ان شورش جي خبر پهتي، تڏهن پاڻ هڪ وڏو لشڪر ڄام جي مدد لاءِ موڪليائين. سنڌي ۽ گجراتي فوج بگڙيل صورتحال کي ضابطي ۾ آندو. ڄام نندي اهڙي مدد لاءِ بيگڙي جا ٿورا مڃيا ۽ پنهنجي نياڻي گجرات موڪلي ڏني، جنهن جو نڪاح خانديش جي شهزادي قيصر خان سان ٿيو.(20) هندي ذخيرن موجب محمود بيگڙو سنڌي حاڪم ڄام نندي جو ڏوهٽو هو. ان ڪري ان صاحب هر موقعي تي سنڌين جي مدد ڪئي. اصل ۾ هي بادشاه ڄام تغلق (نمبر12) جو ڏوهٽو هو.
ڄام نندي جي دور ۾ هرات تي سلطان حسين بايقرا جو حڪم هلندو هو. سلطان حسين جي فوج سنڌ جي سرحدي شهر ”سبي“ تي ڪاه ڪئي. هن شهر تي امير بهادر ڄام جو نائب هو. منگولن جي موت مار حملي ۾ سنڌي فوج شڪست کاڌي ۽ شهر تي هراتين قبضو ڪيو. هي واقعو سن1485ع ۾ ٿي گذريو. هتي محمد ارغون (ڀاءُ شاه بيگ ارغون) کي عملدار مقرر ڪيو ويو. سوڀ جي نشي ۽ طاقت جي غرور ۾ منگولن هن واقعي بابت هڪ اعلان جاري ڪيو، جنهن ۾ حملي کي جائز قرار ڏيڻ ۽ پنهنجي فتح جو اظهار هن ريت ڪرڻ کي ترجيح ڏنائون:
”صبح تائين ٻئي فوجون منهن مقابل اچي ٿيون. اسلامي فوج انهن بدبخت هندن جي لاشن جا ڍير لڳائي ڇڏيا. خدا تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان فتح عظيم حاصل ٿي.“(21)
منگولن عارضي سوڀ جي نشي ۾ پنهنجي پڌرنامي ۾ مسلمانن (سنڌين) کي به هندو سڏيو. هوڏي ڄام نندي هميشه مسلمانن تي ڪاهه ڪرڻ کان پاسو ڪيو، ليڪن جڏهن هيءَ صورتحال پيدا ٿي، تڏهن دريا خان ڪثير لشڪر سان سنڌ جي اترين سرحد ڏي روانو ٿيو. سال 1490ع ۾ ارغونن ۽ دريا خان ۾ معرڪا ٿيا، جن ۾ سلطان محمد مارجي ويو. ان ريت سنڌ جو وڃايل علائقو واپس ورتو ويو. اهل سنڌ جي هن فتح جي نشاندهي مڪلي ٽڪر تي دريا خان جي مزار تي لڳل ڪتبن ذريعي ٿي آهي. جيسين ڄام نندو زنده هو، منگولن سندس ملڪ تي وري حملو نه ڪيو.(22)
سن1500ع ۾ ميران محمد جونپوري ننگر ٺٽي ۾ داخل ٿيو. هن ڏيڍ سال جو عرصو هت رهي پنهنجي خيالن جي تبليغ ڪئي. ٻين بزرگن کان علاوه دريا خان ۽ قاضي قادن به سندس حلقي ۾ داخل ٿيا. بعد ۾ ڄام جي هدايتن تي کيس ملڪ بدر ڪيو ويو. سن1505ع ۾ سلطان محمود بيگڙو ننگر پارڪر ۾ ڏسجي ٿو. هتي سوڍن قبيلن ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ڪئي هئي، جنهن کي بيگڙي حرفت ۽ حيلي سان ضابطي ۾ آندو. روايتن موجب هن دور ۾ ڀوڏيسر ۾ هڪ مسجد تعمير ٿي، جنهن لاءِ گجراتي سلطان رقم مهيا ڪئي هئي.
سمن جي سلطنت سورهين صديءَ جي ابتدا ۾ پنهنجي اوج کي پهتي. جيتوڻيڪ ڄام نندو اڃا زنده هو. تاهم هندي سمنڊ کان ڪري هرات، سمرقند ۽ ايران تائين تبديلين ۽ انقلابن جا اهڃاڻ ظاهر ٿي رهيا هئا. گجرات جي سامونڊي ڪنارن تي پورچوگيز پهچي چڪا هئا. انهن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ گجراتين، مصرين ۽ ترڪين گڏجي محاذ آرائي ڪئي. ليڪن هزارين مسلم سپاهي، چند سؤ يورپي ملاحن هٿان شڪست کائي ويا. امڪان آهي ته سنڌي فوج پڻ انهن لڙائين ۾ حصو ورتو هوندو. روايتن موجب بلوچستان ۾ هن دور ۾ ئي لاشارين ۽ رندن جي ٽيهه ساله گهرو لڙائي شروع ٿي. هن ويڙهه ۾ وڏي خونريزي ٿي ۽ آخرڪار لاشارين سنڌ ۾ اچي پناه ورتي. هڪ راءِ هيءَ به آهي ته ڄام نندي هن خانه جنگيءَ ۾ لاشارين جي مدد ڪئي هئي. جڏهن ته ارغونن وري رندن جي مدد ڪئي هئي.(23) اولهه ۽ وچ ايشيا ۾ مختلف منگول قبيلا پاڻ ۾ لڙندا رهيا، جنهن سبب سمرقند، هرات، ڪابل ۽ قنڌار ۾ بي آرامي ۽ بربريت جاري رهي.
جيئن ته ڄام نندي اڌ صدي سنڌ تي پوري عزم ۽ استقلال سان حڪومت ڪئي هئي، ان ڪري سندس دور ۾ سمن جي سلطنت پنهنجي وسعت جي انتها کي پهتي. ڪڇ کان سبي ۽ بندر لاهريءَ کان اچ تائين سندس حڪم هلندو هو. هن دور ۾ سنڌ جو سياسي ۽ معاشي توڙي ۽ فني اوج ڏسجي ٿي. ڄام نندي جي پنهنجي سڪي ملڻ سان هن دور جي مثالي هجڻ ۾ ڪنهن به شڪ جي گنجائش باقي نه رهي آهي. ليڪن جيئن جيئن پوڙهي ڄام نظام الدين جي عمر جو سج لهي رهيو هو، تيئن تيئن تاريخ جي يڪسوئي ۽ خوشگوار پلڪ پوري ٿي رهي هئي. سڀ کان اول ڪشمير جو سلطان زين العابدين فوت ٿيو. (1470ع) ان بعد راجا جوڌا (مرتيو:1488ع) ۽ بهلول لوڌي (وفات:1489ع) چالاڻو ڪيو. سلطان حسين لانگاه (وفات:1502ع) ۽ حسين بايقر مرزا (موت:1506ع) بعد ۾ فوت ٿيا. سال1502ع ۾ شاه اسماعيل ايران ۾ ”صفوي“ بادشاهت جو بنياد رکيو. هن واقعي مرڪزي ايشيا ۽ ايران توڙي سنڌ تائين پنهنجا اثرات ڇڏيا. هڪ سال پوءِ سن 1508ع ۾ ڄام نظام الدين به هن جهان کي ڇڏيو. جڏهن سياست توڙي سفارتڪاري ۽ ملڪي معاملن جي ڇيڙي نبيريءَ جا اهي مثال اهڃاڻ، چند سالن جي گهيري ۾ هڪ ٻئي پٺيان هي جهان ڇڏيندا ويا، تڏهن تاريخ ۾ معتبر سياستڪارن ۽ ڏاهن جو هڪ زبردست خال پيدا ٿيو. ان ريت مختلف ملڪن جي معاملن ۾ ابتري شروع ٿي، جنهن ۾ سمن جي حاڪميت جا بنياد پڻ ڊهڻ شروع ٿي ويا. جيتوڻيڪ اتهاس جو هڪ خوش قسمت بادشاه محمود بيگڙو اڃا زنده هو، ليڪن هڪ طرف کيس پورچوگيزن پريشان ڪيو هو ۽ ٻئي طرف جهڙس جهڙا لائق ۽ سندس صحبتي سلاطين هن جهان مان اڳ ۾ ئي لاڏاڻو ڪري چڪا هئا. ان پس منظر ۾ هن مڙئي پي گاڏي کي گهليو. ڄام نظام الدين جي وفات 1508ع (914هه) ۾ ٿي. سندس مقبرو مڪلي ٽڪريءَ تي موجود آهي.
[b]ڄام فيروز (پهريون ڀيرو)
[/b]ڄام نندي جي وفات وقت ڄام فيروز اڃا ننڍي عمر جو هو، ان ڪري نندي جي هدايتن موجب سلطنت جا سڀ معاملا دريا خان جي حوالي ٿيا. ٺٽي جي شهرين دريا خان ۽ ڄام سارنگ جي فيصلي موجب، ڪم عمر فيروز کي سنڌ جو جائز حڪمران تسليم ڪيو. ٽن سالن جي مختصر مدت ۾ سنڌ جي سياسي فضا ڪافي تبديل ٿي وئي. هر طرف بدامني، بي آرامي ۽ افراتفري پکڙجي وئي. سلطنت جا امير جائز مرتبي نه ملڻ سبب، نراس ۽ مايوس ٿيڻ لڳا. شريف جي جاءِ رذيل والاري، عالم جي جاءِ جاهل ورتي، ڏاهن جي جاءِ تي نادان پهتا، اميرن جي ڀيٽ ۾ مسخرن کي ترجيح ملي. مير محمد معصوم ان متعلق لکي ٿو:
”ڄام فيروز ابتدا جوانيءَ ۾ تخت تي ويٺو هو، تنهن ڪري عيش کي لڳي ويو ۽ گهڻو ڪري اندر حرم ۾ رهڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن ٻاهر ايندو هو ته مخنث ۽ مسخرا سندس مجلس ۾ هوندا هئا ۽ رازداري ۽ مسخري پيا ڪندا هئا. سندس وقت ۾ سما ۽ خاصخيلي شهر جي ماڻهن تي ڏاڍا ظلم ڪندا هئا. دريا خان روڪيندو هون ته انهيءَ جي بي عزتي ڪندا هئا، جنهن ڪري دريا خان موڪل وٺي اچي پنهنجي جاگير تي ڳاهن ۾ رهيو.“(24)
هڪ طرف فيروز ملڪ جي اندروني معاملن ۾ غلط پاليسي اختيار ڪئي، جنهن سبب دريا خان ۽ ٻيا مکيه صلاحڪار کانئس الڳ ٿي ويا ۽ ٻئي طرف ڪڇ ۽ گجرات سان پڻ سندس سلوڪ اطمينان جوڳو برقرار نه رهيو. ان ريت سلطان مظفر گجراتي جي مدد سان ڄام صلاح الدين ننگر ٺٽي تي چڙهائي ڪئي. مارچ 1512ع (محرم 918هه) ۾ سنڌ جي اميرن ۽ گجراتي لشڪرن جي مدد سان هن سنڌ جي حاڪميت تي قبضو ڪيو. ڄام فيروز ڪنهن جنگ کان سواءِ تختگاه کي خالي ڪري ويو. ان دور ۾ دريا خان جو شهر ”ڳاها“ علمي سطح تي وڏي رتبي کي پهتو. محدث عبدالعزيز ابهري ۽ سندس ٻه پٽ دريا خان جي آڇ تي ”ڳاها“ پهتا ۽ اتي مدرسو ۽ مڪتب کولي ڊگهي عرصي تائين درس ۽ تدريس جاري رکيائون.
[b]ڄام صلاح الدين
[/b]صلاح الدين صرف اٺ مهينا (مارچ کان آڪٽوبر 1512ع) سنڌ جو حڪمران رهيو. سندس دور ۾ ڪڇ ۽ گجرات سان سنڌ جا سڄا لاڳاپا وري قائم ٿيا. ڄام صلاح الدين جي حڪومت ڪيئن رهي؟ ان متعلق مير معصوم لکي ٿو:
”ڄام صلاح الدين ٺٽي جي شهر ۾ بادشاهيءَ جي تخت تي ويٺو ۽ ڄام فيروز جي ماڻهن تي وٺ پڪڙ ۽ چٽيون وجهي مال طلب ڪرڻ لڳو.“
سنڌ جو هي شهزادو غلط ڪارڪردگي ۽ دريا خان جي حڪمت عمليءَ سان صرف اٺ مهينه حڪمراني ڪري سگهيو. ياد رهي ته ڄام صلاح الدين سمن جي مشهور بادشاه ڄام سنجر جو پوٽو هو.(25)
[b]ڄام فيروز (ٻيو ڀيرو)
[/b]ڄام صلاح الدين جي ٺٽي تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ فيروز کي دريا خان جي اهميت جو اندازو ٿيو. آخرڪار سنڌ جو هي بدبخت شهزادو پنهنجي ماءُ کي ساڻ ڪري ڳاها پهتو. دريا خان سندس منٿ ميڙ کي وزن ڏنو ۽ بکر توڙي سيوهڻ مان لشڪر گڏ ڪري ٺٽي تي حملو ڪيائين. هن جنگ ۾ صلاح الدين سوڀارو ٿيو، ليڪن اٽڪل ۽ حرفت سان دريا خان ناڪاميءَ کي فتح ۾ تبديل ڪيو. ان ريت صلاح الدين ٺٽي مان نڪتو ۽ گجرات هليو ويو. دريا خان شهر تي قبضو ڪيو ۽ ڄام فيروز عيد جي ڏينهن پهرين شوال 918هه برابر 12 آڪٽوبر 1512ع تي فاتحانه انداز ۾ ٺٽي ۾ داخل ٿيو. هن ڪاميابي ۽ حاصلات جي خوشيءَ ۾ هڪ جشن ملهايو ويو. ان نسبت سان اثير الدين ابهري، ڄام فيروز جي شان ۾ هڪ قصيدو چيو:
از آن آسمانست فيروزه رنگ
که نقش نگين تو داده بيجنگ
شب و روز گردد بفيروزيت
تو فيروز شاهي و بهروزيت
همي خواهد از کردگار جليل
که باشي تواندرجهان بيعديل(26)
فيروز جي شان ۾ هي قصيدو، دريا خان جي حڪم تي چيو ويو هوندو. تاهم فيروز نه ته ساراه جي لائق هو ۽ نه وري تعريف جو حقدار هو. شاعر ته سندس بخت ۽ ڀاڳ توڙي تخت ۽ تاج جي حق ۾ دعائون گهريون، ليڪن نڀاڳ جنهن جو مقدر بنجي چڪو هجي ۽ بدبختي سندس مستقبل ٿي چڪو هجي، اهو ماڻهو ڪٿي ٿو ملڪ کي ايندڙ خطرن کان محفوظ رکي سگهي. هن ڀيري به ڄام فيروز مملڪت جي پراڻن خادمن سان سٺو سلوڪ نه ڪيو ۽ نه وري دريا خان کي حڪومت جي معاملن ۾ شريڪ ڪيو ويو. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي درٻار تي ڪم ظرف ۽ ڀاڄوڪڙ ماڻهو اهم مرتبي جا مالڪ بنجي ويٺا. ان کان علاوه بيروني سطح تي پڻ هي ملڪ هر طرف کان خطرن ۾ گهيرجي ويو، جنهن سبب سمن جي سلطنت زوال طرف تڪڙي وک کنئي.
جيتوڻيڪ فيروز جو دور سياسي لحاظ کان ساراه جوڳو ڪونهي، ان هوندي به ملڪ اندر معاشي بهتري ڏسجي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو هن پنهنجو سڪو جاري ڪيو. فيروز جي آخري دور ۾ هرات جو شهزادو مرزا بديع الزمان، شاه بيگ هٿان بيدخل ٿي ننگر ٺٽي پهتو، جتي ڄام سندس سٺو آڌرڀاءُ ڪيو. ايم.ايڇ.پنهور جو رايو آهي ته هن دور ۾ پورچوگيزن لاهري بندر تي قبضو ڪري، اتي پنهنجي واپاري ڪوٺي قائم ڪئي هوندي.(27) سنڌ ۾ فيروز جو خاتمو ڪيئن ٿيو ۽ ارغونن ڪيئن هتي پنهنجو قبضو قائم ڪيو؟ ان متعلق ايندڙ صفحن ۾ تفصيلي بحث ڪيو ويندو.
[b]حوالا ۽ حاشيه
[/b]
(1) مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“ ترجمو مخدوم امير احمد، ص99، 122 ۽ 123.
(2) ”ڪيمبرج هسٽري آف انڊيا.“ جلد ٽيون ص187 سال 1958ع
(3) ”مڪلي نامه“ ص106
(4) ايم . ايڇ . پنهور ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“ ص319 انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سال 1983ع
(5) روايت حاجي ولي محمد ڪنڀار.
- حاجي صاحب کي شاهه لطيف جي شعر ۽ سنڌي سماج تي سٺي ڄاڻ آهي. ساڻس سال 86-1985ع دوران عمرڪوٽ ۾ رهاڻيون ٿيون.
(6) ان متعلق سنڌ جي برک اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي مقالي ”سنڌ جو آخري سومرو بادشاه ۽ سندس ڀائر“ ڇپيل رسالو ”مهراڻ“ نمبر3، سال 1981ع ۾ روشني وڌي آهي. نئين مواد جي آڌار تي ڊاڪٽر صاحب دودي جي پٽن بابت هن طرح رهنمائي ڪري ٿو:
(7) ”مڪلي نامہ“ ص104-105
(8) سيد حسام الدين راشدي: ”سنڌ جي تاريخ جا چند واقعا ص90 رسالو ”مهراڻ“ نمبر4 سال 1968ع.
(9) ”تاريخ معصومي“ ترجمو مخدوم امير احمد ص101
(10) ”تاريخ معصومي“ ص104
(11) ”تاريخ معصومي“ ص104
(12) ”مڪلي نامہ“ ص120-121
(13) ”تاريخ معصومي“ ص109
(14) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو ڪتاب: ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ ص84-85 سال 1962ع
(15) ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ ص353
(16) ”جنت السنڌ“ ص360 سال 1958ع
(17) ”تاريخ فرشته“ اردو جلد ٻيون ص918 لاهور
(18) ان متعلق تفصيلي ذڪر ايندڙ صفحن ۾ ڏنو ويندو.
(19) ”هسٽري اينڊ ڪلچر آف انڊين پيپل“ جلد ڇهون ص163-164 سال 1967ع
(20) ”ڪيمبرج هسٽري آف انڊيا“ جلد ٽيون ص306-307
(21) مڪلي نامہ ص183
(22) ”تاريخ معصومي“ ص113-114
هن حملي متعلق هندي مؤرخن گهڻو ڪري ڌوڪيبازي ڪئي آهي. ايم . ايم . ايڇ پنهور اهڙن مصنفن کي رد ڏنو آهي. (ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ: ص355-357)
(23) ايم . ايڇ . صديقي ”هسٽري آف ارغونس اينڊ ترخانس آف سنڌ“ ص215 انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سال1972ع
(24) ”تاريخ معصومي“ ص114-115
(25) ”تحفة الڪرام“ (سنڌي“ ص137
ڄام صلاح الدين کي هڪ ٻئي ذخيري، ڄام سنجر جو ڏوهٽو سڏيو آهي. (تاريخ معصومي ص114) هي ترجمي جي غلطي ڏسجي ٿي.
(26) مير علي شير قانع ”مقالات الشعرا“ مرتب سيد حسام الدين راشدي ص11 سنڌي ادبي بورڊ سال1957ع
(27) ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ ص366