سنڌ شناسي

سمن جي سلطنت

ڪتاب ”سمن جي سلطنت“ اوهان اڳيان پيش آهي. سنڌ جي تاريخ تي لکيل هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ تاريخدان غلام محمد لاکو جو لکيل آهي.
ڊاڪٽر غلام محمد لاکو هڪ تاريخدان هجڻ سان گڏوگڏ تاريخ جي مضمون جو استاد به آهي. کيس تاريخ لکڻ ۽ تاريخ پڙهائڻ جا ٻئي فن اچن ٿا. هونئن ته سنڌ جي تاريخ ۾ سما دور سنڌ جي تعمير وارو دور ليکجي ٿو، پر هن دور ۾ جيڪا انفراديت آهي، اها گهڻو ڪري ٻن ڳالهين جي ڪري آهي: هڪ ته هن دور ۾ سنڌ اندر جديد نهري نظام جو بنياد پيو ۽ ٻيو ته سنڌي شاعريءَ کي زمين به هن دور ۾ هموار ٿي ملي.
Title Cover of book سمن جي سلطنت

ضميمو-د: ڪجهه نئين معلومات

تحقيق ۽ تاريخ نون ماخذن ۽ مطالعن جي دستياب ٿيڻ سان هر وقت درستگي ۽ اضافي جي گنجائش رهي ٿي. هن ڪتاب ”سمن جي سلطنت“ جو ٻيو ڇاپو 1996ع ۾ نڪتو هو. ان بعد هونئن ته سمان دور متعلق ڇڙوڇڙ ڪم ٿيندو رهيو آهي، ليڪن گذريل اٺن سالن ۾ ٻه وڌيڪ ڪتاب ڇپيا آهن، جن ذريعي سمان دور جي مطالعي ۾ گهڻي اڳڀرائي ٿي آهي. ٽيهھ سال اڳ ڇپيل هڪ اهم مقالي جي به مون کي تازو ڄاڻ ملي آهي. هيٺ انهن نون مطالعن جي آڌار تي ڪجهه خاص خاص ڳالهين جي اپٽار ڪجي ٿي.
نصرت نامه ترخان: هي ڪتاب سيد مير محمد پوراني سن 968ھ/1560ع ۾ تيار ڪيو. مصنف جو خاندان ارغونن جي فتح بعد قنڌار کان لڏي اچي ٺٽي ۾ مقيم ٿيو. مير محمد جو هي ڪتاب ويهين صدي جي آخري چوٿائي ۾ علي ڳڙه مان دستياب ٿيو، جنهن کي ڊاڪٽر انصار زاهد خان ايڊٽ ڪري سن 2000ع ۾ ڇپرايو آهي. هونئن ته هي ڪتاب ارغونن ۽ ترخانن جي تاريخ تي مشتمل آهي، ليڪن هن ڪتاب ۾ سمن جي دور جي آخري سالن، ارغونن هٿان سنڌ جي فتح ۽ بعد ۾ ڄام فيروز ۽ ڪجهه سنڌي قبيلن پاران مقامي حڪومت جي ٻيهر قيام لاءِ ڪيل جدوجهد جو مفصل احوال ملي ٿو. مصنف اڪثر واقعن جو اکين ڏٺو شاهد هو، يا وري ڪيئي معاملن ۾ کيس سِڌي ڄاڻ حاصل هئي. ان ڪري سمن ڄامن جي دور تي ”نصرت نامه ترخان“ جي هڪ بنيادي ماخذ طور گهڻي اهميت آهي، جنهن کي اڄ تائين ذڪر هيٺ دور جي اڀياس لاءِ استعمال نه ڪيو ويو آهي. ڪجهه خاص ڳالهين جو ذڪر ڪجي ٿو:
سن 1485 (890ھه) ۽ 1490ع (895ھه) ۾ ارغونن ۽ سنڌي لشڪر جا سبي ۾ معرڪا ٿيا. بعد ۾ لکيل تاريخي ڪتابن مان هنن معرڪن جي باري ۾ ڪي قدر مونجهارن جو ماڳ جوڙي ڇڏيو. نامور تاريخدان سيد حسام الدين راشدي هرات ۾ لکيل ”فتح نامه سند“ (192ھ) جي حوالي سان هن منجهيل تاريخي واقعي کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. (مڪلي نامه ص176-189) گهڻو پوءِ سنڌ جي هڪ وڏي اسڪالر راشدي صاحب جي هن تحقيق کي رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سيد مير محمد جي هن ڪتاب ذريعي راشدي مرحوم جي تحقيق ۽ اخذ ڪيل نتيجن جي تصديق ٿئي ٿي. (نصرت نامه ترخان، ص60) ڄام نظام الدين هڪ ديندار، امن پسند ۽ منصف بادشاھ هو. هن قضا جو هڪ بهترين انتظام قائم ڪيو هو. هن ڪتاب ذريعي پهريون ڀيرو خبر پوي ٿي ته سبيءَ جي معرڪن کان پوءِ ڄام نندي هرات ۾ سلطان حسين بايقرا جي درٻار ۾ امن خاطر هڪ ايلچي موڪليو هو. ان جو نالو مولانا شيخ ٻڌايو ويو آهي، جو خود هرات ۾ پڙهيو هو. مولانا شيخ کي درٻار ۾ عزت ۽ آبرو ملي. واپسي ۾ هن کي ڪيچ مڪران کان سنڌ وڃڻ جو تاڪيد ڪيو ويو. (نصرت نامه ترخان ص65-66)
مير محمد پوراني لکيو آهي ته ٺٽي جي فتح کان پوءِ شاه بيگ ارغون قيد ٿيل سپهه سالار دريا خان کي پنهنجي هٿن سان تلوار هڻي شهيد ڪيو هو. (ص222) ان کان علاوه مصنف اسان کي ڄاڻ ڏني آهي ته سنڌ جي فتح کان اڳ توڙي پوءِ ارغونن سبي، ڳاها ۽ سيوهڻ توڙي باغبان تي ڪيئي ڀيرا لشڪر ڪشي ڪئي ۽ قتل عام ڪيو. سنڌي شهزادن ڄام صلاح الدين ۽ ڄام فيروز حڪومت وڃائڻ کان پوءِ ارغونن سان تمام گهڻا دنگل ڪيا. سامونڊي پٽي ۾ موجود سنڌي قبيلن پڻ فاتحن کي گهڻو پريشان ڪيو ۽ عربي سمنڊ ۾ موجود پورچوگيز لشڪر کان به مدد ورتي. سيد مير محمد ”نصرت نامه ترخان“ ۾ اڪثر نئين ۽ مستند معلومات ڏني آهي. ان ريت ڄامن سمن جي آخري دور حڪومت ۽ ڌارين جي خلاف ڪيل جدوجهد جي حوالي سان هي هڪ نهايت ڪارائتو بنيادي ماخذ آهي. ياد رهي ته هن دور تي هي اولين ماخذ ”تاريخ معصومي“، سيد مير محمد جي ڪتاب کان چاليهه سال پوءِ سن 1009ھ/1600ع ۾ لکيو ويو هو.
مڪليءَ تي سمن جا يادگار تعميرات: هونئن ته ڊاڪٽر احمد حسن داني صاحب جو ٺٽي جي تاريخي تعميرات بابت هڪ ڪتاب Thatta: Islamic Architectureسال 1982ع ۾ ڇپيو هو، جنهن ۾ ٻه ڀرپور باب سمن جي اڏاوتن متعلق پڻ ڏنا ويا آهن. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو عطا محمد ڀنڀري ڪيو، جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ 2004ع ۾ ڇپرايو، ليڪن بعد ۾ خاص مڪليءَ تي سمن جي يادگار تعميرات جي باري ۾ هڪ ڪتاب ڇپجي ظاهر ٿيو. هي ڪتاب سهيل لاري ۽ ياسمين لاريءَ جي گڏيل ڪوششن سان تيار ٿيو. هن ڪتاب جو نالو هن ريت آهي:
The Jewel of Sindh: Semma monuments on Makli hill.
هي هڪ جامع ڪتاب آهي، جنهن ۾ سمن جي تعميرات جا مختلف انداز 326 تصويرن جي صورت ۾ ڏنا ويا آهن. پنجاه عدد تصويرون رنگين آهن. هي ڪتاب آرٽ پيپر تي نهايت عمدي طريقي سان نروار ڪيو ويو آهي. سهيل لاري ۽ ياسمين لاري جو هي ڪتاب هيريٽيج فائونڊيشن ڪراچي ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچي پاران سال 1997ع ۾ شايع ٿيو آهي. سمان پيرڊ جي مطالعي ۾ هي هڪ اهم واڌارو آهي.

آخري سمن ڄامن جا سڪا ۽ سندن شجرو: سائمن ڊگبي جو نالو سنڌ لاءِ اجنبي ڪونهي. پاڻ سنڌ جي حوالي سان ڪجهه تحقيقي مقالا لکيا اٿس. سندس شمار نامور محقق سيد حسام الدين راشدي جي دوستن ۾ ٿئي ٿو. ٽيهه سال اڳ لنڊن جي هڪ رسالي ۾ سندس هڪ مضمون ڇپيو هو، جنهن جي ڄاڻ مون کي سال کن اڳ ٿي. مضمون جو عنوان هن ريت آهي:
The Coinage and Genealogy of the later jams of Sindh.
هن مضمون ۾ مصنف ڄام صلاح الدين ۽ ڄام فيروز جي سڪن جي ڀرپور اسٽڊي ڪئي آهي. ان ريت هڪ ته ڄامن سمن جي آزاد ۽ خودمختيار حيثيت جي وڌيڪ تصديق ٿئي ٿي، ٻيو ته ڄام صلاح الدين جي سڪي تي سندس والد جو نالو ڄام نظام الدين ڄاڻايل آهي. ان ريت هي سوال اٿاريو ويو آهي ته سمن جي دور جي آخر ۾ اقتدار لاءِ وڙهندڙ هي ٻئي شهزادا پاڻ ۾ ڀائر هئا. جڏهن ته اسان وٽ موجود مواد جي آڌار تي ڄام فيروز ۽ ڄام صلاح الدين پاڻ ۾ سوٽ هئا. سائمن ڊگبي جو هي مطالعو سمن جي شجرن ۽ پڻ اقتدار خاطر ٿيل گهرو جنگ جي حوالي سان هڪ اهم اڀياس آهي.