سنڌ شناسي

سمن جي سلطنت

ڪتاب ”سمن جي سلطنت“ اوهان اڳيان پيش آهي. سنڌ جي تاريخ تي لکيل هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ تاريخدان غلام محمد لاکو جو لکيل آهي.
ڊاڪٽر غلام محمد لاکو هڪ تاريخدان هجڻ سان گڏوگڏ تاريخ جي مضمون جو استاد به آهي. کيس تاريخ لکڻ ۽ تاريخ پڙهائڻ جا ٻئي فن اچن ٿا. هونئن ته سنڌ جي تاريخ ۾ سما دور سنڌ جي تعمير وارو دور ليکجي ٿو، پر هن دور ۾ جيڪا انفراديت آهي، اها گهڻو ڪري ٻن ڳالهين جي ڪري آهي: هڪ ته هن دور ۾ سنڌ اندر جديد نهري نظام جو بنياد پيو ۽ ٻيو ته سنڌي شاعريءَ کي زمين به هن دور ۾ هموار ٿي ملي.
Title Cover of book سمن جي سلطنت

ضميمو-ج: مخدوم بلال جي شهادت

سمن جي سلطنت جي اڀياس ۾ اڪثر مخدوم بلال جو ذڪر ٿيو آهي. بادشاهن، اميرن ۽ وزيرن کان پوءِ مخدوم صاحب پنهنجي پوري دور تي ڇانيل آهي. پاڻ ذات جو سمون هو. هڪ راءِ موجب سندس تعلق ٺٽي جي شاهي خاندان سان هو. ٻي راءِ موجب پاڻ لس ٻيلي جي ڄامن مان هو. هيءَ آخري راءِ وڌيڪ وزن رکي ٿي. مون هڪ مقالي ۾ مخدوم صاحب جي زندگي ۽ ڪارنامن تي ڀرپور روشني وڌي آهي. (مهراڻ 1-2/1993ع) بنهھ تازو سوال اٿيو آهي ته مخدوم بلال شهيد نه ٿيو هو. جي ائين هجي ها ته مير معصوم اهڙو بيان لکي ها. هت اسين هن مسئلي تي گفتگو ڪنداسين.
مير محمد معصوم جي ڪتاب (تاريخ معصومي) ۾ مخدوم بلال ۽ ارغونن جي تصادم بابت مفصل بيان مليو آهي. ساڳئي دور ۾ فريد بکري پڻ هن مسئلي ڏي اسان جو ڌيان ڇڪائي ٿو. (ذخيرة الخوانين جلد1 ص177) ان هوندي به ”تاريخ معصومي“ پهريون ماخذ آهي، جنهن ۾ مخدوم بلال جي سوانح پڻ ڏنل آهي. مير معصوم جي لکت ته: هو سن 929ھ ۾ وفات ڪري ويو کي بنياد بنائي ناقدن مخدوم صاحب جي شهادت جو انڪار ڪيو آهي. ڊاڪٽر دائود پوٽي اصل ڪتاب ”تاريخ معصومي“ ايڊٽ ڪري شايع ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي سامهون جيڪو قديم ترين نسخو هو، ان ۾ مذڪوره سٽ ڪانهي. ان جو مطلب ته وفات وارو بيان پوءِ جي ڪاتبن جو واڌارو آهي. مير علي شير قانع به مخدوم صاحب جي وفات جو ذڪر نه ڪيو آهي. (تحفة الڪرام) اڄ اسين تاريخ جي علم مان جيڪا اميد رکون ٿا، وچئين دور ۾ هي علم صرف بادشاهن جي ثنا ۽ ساراه لاءِ هوندو هو. علي ڪوفيءَ کان ڪري خداداد خان تائين سنڌ جي تاريخ جا سڀئي لکندڙ سنڌي نه هئا. ان پس منظر ۾ اهڙن مؤرخن مان سماجي ۽ عوامي تاريخ جي توقع نه رکڻ کپي.
سوال آهي ته مخدوم بلال ڇو شهيد ٿيو هو؟ مير معصوم جي لکت مان ڳالهه سڄي صاف نظر پئي اچي. مخدوم بلال مڃيل عالم، محدث ۽ صوفي هو. پاڻ ارغونن جو زبردست مخالف هو. ان صورت ۾ نوان حاڪم هن کي ڪيئن ٿي برداشت ڪري سگهيا؟ تاريخ ۾ ارغونن ۽ ترخانن جا ظلم نشانبر بيٺا آهن. بهرحال، کيس شهيد ڪرڻ لاءِ هڪ بهاني جي ڳولا ڪئي وئي. مولانا دين محمد وفائي ان پس منظر ۾ لکيو آهي ته: آخرڪار وقتي سياست سبب مخدوم بلال کي شهيد ڪرايو ويو. (تذڪره مشاهير سنڌ جلد1 ص66) هن مسئلي تي جناب جي ايم سيد وڌيڪ روشني ڌي آهي. (پيغام لطيف ص64) انهن ڳالهين کي هت دهرائڻ جي گنجائش ڪانهي. مخدوم بلال جي شهادت بابت دستاويزي ثبوت گهڻو آڳاٽا آهن. انهن جو سرسري ذڪر هيٺ ڪجي ٿو:
(1) مخدوم جعفر جو بياض: مخدوم بلال ۽ مخدوم جعفر ڳوٺائي هئا. شهادت جي واقعي وقت مخدوم جعفر ويهن – پنجويهن سالن جو هوندو. پاڻ وقت جو وڏو عالم ۽ متعدد ڪتابن جو لکندڙ هو. هن جي بياض ۾ مخدوم صاحب جي شهادت جو مذڪور ملي ٿو: آن ولي باکمال را قوم طغچه (چغده) بر بناءِ حد در اشڪنجه کشيده بشهادت رسانيدند. (عبدالواحد آريسر جو مقالو ڇپيل ڊيلي ”جاڳو“ 21 آڪٽوبر 1993ع)
(2) هڪ قديم تحرير: مشتاق متعلوي جنهن مخدوم بلال جي شهادت جو ذڪر ڪيو، ان جي سامهون هڪ قديم تحرير هئي. لکي ٿو ته: نقل از منبع قديم، در منقول چنين نوشته بود. (تذڪره مشاهير سنڌ جلد1 ص63 حاشيو)
(3) تاريخ معصومي: هي ڪتاب مخدوم بلال جي شهادت کان اسي سال پوءِ 1009ھ/1600ع ۾ لکيو ويو. هن ڪتاب جي انگريزي مترجم ڊاڪٽر ايم ايڇ صديقيءَ مير معصوم جي لکت جي آڌار تي مخدوم بلال جي موت جي سزا جي تصديق ڪئي آهي. (هسٽري آف دي ارغونس اينڊ ترخانس آف سنڌ ص27 حاشيو3)
(4) ذخيرة الخوانين: فريد بکريءَ سن 1060ھ/1649ع ۾ هي ڪتاب لکيو. مخدوم بلال ۽ شاهھ حسن ارغون جي ملاقات ۽ درٻار ۾ ٿيل جهڙپن جو احوال هن ڪتاب ذريعي دستياب ٿئي ٿو.(جلد1 ص177)
(5) دليل الذاڪرين: حاجي پنهور سن 1106ھ/1694ع ۾ هي ڪتاب لکيو، جنهن ۾ مخدوم بلال جي شهادت جو ذڪر آهي. مولانا دين محمد وفائي هن ڪتاب جي مدد سان لکي ٿو ته پنهنجي مرشد مخدوم بلال جي شهادت کان پوءِ مخدوم ساهڙ هالن جي مخدوم نوح جي صحبت ۾ رهيو ۽ اتان گهڻو فيض پرايائين. (تذڪره مشاهره سنڌ جلد1 ص43)
(6) سراج العارفين: هي ڪتاب سن 1215ھ/1800ع ۾ لکيو ويو. هن جي حوالي سان جناب جي ايم سيد لکيو آهي ته: مخدوم صاحب جي شهادت جو واقعو حضرت مخدوم نوح عليه الرحمة جي پوٽي ميان غلام رسول صديقيءَ جي لکيل ڪتاب ۾ پڻ ملي ٿو. (پيغام لطيف ص63)
(7) سچل فقير جي شاهدي: سچل سرمست (وفات: 1242ھ/1827ع) هڪ ڪافيءَ ۾ مخدوم بلال جي شهادت جو ذڪر، گهاڻي ۾ پيڙجڻ جي حوالي سان هن ريت ڪيو آهي:
گهاڻي ۾ بلاول پيڙايئي، عنايت ميدان مارايئي
(سچل جو سنڌي ڪلام ص377)
(8) تاري گنجينه جهان نما: مخدوم محمد عاقل فارسي زبان ۾ هي ڪتاب ٽن جلدن ۾ سن 1288ھ/1871ع ۾ لکيو. ان جو سنڌي خلاصو مخدوم محمد شفيع عباسيءَ ڪيو. فارسي توڙي سنڌي خلاصو اڃا نه ڇپيو آهي. مخدوم بلال جي گهاڻي ۾ پيڙجڻ واري روايت ۽ ان ۾ مهدوين جي ملوث هجڻ جو ذڪر هن ڪتاب ۾ ملي ٿو. (سنڌي ترجمو ص31-34)
(9) سيد حيدر شاه اجناڻي: هي بزرگ هالن جي آس پاس رهندو هو. سن 1303ھ/1885ع ۾ وفات ڪيائين. مخدوم بلال جي گهاڻي ۾ پيڙجڻ واري واردات هن ريت بيان ڪري ٿو:
ڪني سوري سيج ڪئي، ڪي گهميا منجهه گهاڻي
(ڪليات امين ص48)
(10) بياض مشتاق متعلوي: قاضي هدايت الله مشتاق متعلوي (وفات؟؟) گذريل صديءَ ۾ مشهور مصنف، نثر نويس، شاعر ۽ عالم ٿي گذريو آهي. قاضي صاحب هڪ قديم تحرير جي حوالي سان مخدوم صاحب جي شهادت جو ذڪر ڪيو ۽ هڪ عدد مرثيو به لکيو، جنهن لاءِ وفائي صاحب لکيو ته ان ۾ پوءِ جي هيراڦيري ٿيل آهي. مرثيو هن ضميمي جي آخر ۾ ڏجي ٿو.
(11) رکيل شاه صوفي: پاڻ سنڌي زبان جو مشهور شاعر هو، جنهن سن 1359ھ/1940ع ۾ وفات ڪئي. مخدوم بلال جي شهادت هن ريت بيان ڪئي اٿس:
منجهه گهاڻي پيڙيو، وهن تنهنجي ناز جون ناليون
(بحر العشق ص54)
(12) مولانا دين محمد وفائي: مولوي صاحب ”تذڪره مشاهير سنڌ“ جلد اول سن 1365ھ/1946ع ۾ لکي پورو ڪيو. هن عالم شخص پنهنجي ڪتاب ۾ مشتاق متعلويءَ جي بياض ۾ آيل مواد ۽ ٻين ذريعن کي سامهون رکي مخدوم بلاول کي شهيد ثابت ڪيو آهي. هي جلد سنڌي ادبي بورڊ 1974ع ۾ ڇپيو آهي.
قيام پاڪستان کان پوءِ جناب جي ايم سيد هن عنوان تي ”پيغام لطيف“ ۽ ”سنڌ جا سورما“ نالي ڪتابن ۾ مفصل روشني وڌي آهي. ان ريت همعصر دور ۾ هر اديب ۽ شاعر، مخدوم صاحب کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي.
مخدوم صاحب جي شهادت جي تاريخ مير معصوم (تاريخ معصومي)، مير علي شير قانع (تحفة الڪرام) ۽ سيد عبدالقادر (حديقة الاوليا) نه لکي آهي. مختلف روايتن موجب هو 30 صفر 931ھ، 2 رجب 930ھ يا 1 محرم 935ھ تي شهيد ٿيو هو. مخدوم صاحب جي مقبري ۾ ڪتبي تي سندس شهادت جي تاريخ 1 محرم 929ھ ڏينهن جمعي جو لکيل آهي. خاطري آهي ته هي واقعو شاه بيگ ارغون جي دور ۾ ٿيو، جنهن جديد تحقيق موجب 22 شعبان 930ھ تي وفات ڪئي هئي.
مخدوم بلال جي مزار دادو تعلقي ۾ ”باغبان“ ۾ آهي، جنهن تي ڪنڊي ڳوٺ جي محمد بخش ولد الھ بخش پنهور 1990ع ۾ عاليشان مقبرو تعمير ڪرايو آهي. سال 1995ع ۾ پنهور صاحب شيشي جو ڪم به مڪمل ڪرايو. ان کان اڳ سال 1928ع ۾ لاڙڪاڻي جي محبوب خان ولد الھ بخش خان وڳڻ هتي هڪ خوبصورت مسجد ٺهرائي، جا اڃا سلامت بيٺي آهي. مخدوم صاحب جي عقيدتمند مخدوم دانيال 912ھ ۾ وفات ڪئي، جنهن جو مقبرو اتر ۾ (مخدوم بلال جي) ڪجهه وکن تي موجود آهي. هيءَ اڏاوت به تازي دور ۾ ٿي آهي.
مشتاق متعلوي سندس وفات تي هيٺيون مرثيو لکيو آهي:
شهنشه باغبان مخدوم مشفق
غريق بحر عرفان پاي تا فرق
بلال ابن الحسن سلطان سمه
بتائيدات سبحاني موفق
جو بهره اش ز ما اوذيت، موهوب
نمودہ اش قتل قوم چغدہ ناحق
شده چغده چو چغدان چغو ويران
وهو حي مع الشهداء يرزق
بغره ماه عاشورا مکرم
شهادت شد نصيبش قدرت حق
چو پرسيدم ز هاتف وصف سالش
جوابم داد خوش دان خاصه حق
اگر جويء تو تاريخ وصالش
بجو از لفظ خوش آن خاصهء حق
ازان منظوم شد تاريخ مذڪور
که آرد ذکر صالح رحمت حق
(تذڪره مشاهير سنڌ جلد پهريون ص66)