سنڌ کان ٻاهر سمن جون حڪومتون
”هنن جو تختگاه ”الور“ جو شهر هو. ملڪ جون حدون: اڀرندي کان ڪشمير ۽ قنوج، الهندي کان مڪران ۽ عربي سمنڊ جي ڪناري يعني ديبل بندر، اتر کان قنڌار، سيستان، سليمان جبل، ڪردان ۽ ڪيڪانان ۽ ڏکڻ کان سورت بندر تائين هيون.“(1)
عربي فتوحات جي اٿل پٿل ۾ سنڌ جي سرحدن ۾ ڪمي آئي. ان کان علاوه ڪيترن ئي سنڌي قبيلن موجوده سنڌ کان ٻاهر لاڳاپيل علائقن طرف لڏپلاڻ ڪئي. انهن قبيلن ۾ سمن جي گروه ۽ سماٽ سان وابسته ذاتين کي خاص اهميت حاصل آهي. هنن ذاتين ۽ جاتين اتي پنهنجي رسم ۽ رواج کي به برقرار رکيو ته ان سان گڏ هندو ڌرم سان به ناتو قائم رکيو. سمن جي قبيلن موقعي ملندي، جهوناڳڙه، ڪڇ، لس ٻيلي ۽ ڪاٺياواڙ ۾ پنهنجي طاقت ڄمائي، اتي حڪومتون به هلايون. سومرن جي دور ۾ انهن قبيلن جو سنڌ سان وري تعلق پيدا ٿيو. ان ريت سماجي تعلق به پيدا ٿيو. سنڌ کان گهڻو اڳي، سمن، ڪڇ، لس ٻيلي، ڪاٺياواڙ ۽ جهوناڳڙه ۾ حڪم هلايو. جڏهن سنڌ ۾ سمن جي سلطنت پختي ٿي ظاهر ٿي، تڏهن هنن رياستن جي حڪمرانن کي اڃا به وڌيڪ مڃتا ملي. ڄام نندي جي دور ۾ هنن حڪومتن سان سياسي ۽ سماجي سهڪار وڌيو. ان ريت اتي سنڌي ڪلچر ۽ تهذيب کي هٿي ملي ۽ سنڌي ٻولي توڙي ساهت کي پکڙجڻ جو سرس موقعو مليو.(2) ان پس منظر ۾ ڪجهه عالمن جو خيال آهي ته سنڌ کان ٻاهر هي حڪومتون سمن جون طفيلي رياستون هيون. جناب جي.ايم.سيد هن مسئلي تي لکيو آهي ته: سمان نسل جا ڪٽنب سنڌ، راجپوتانا، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ لس ٻيلي وغيره حصن ۾ رهندڙ هئا. انڙ، ابڙا، پلي، سميجا، ڏهر، هالا، لاکا، جوکيا، لاسي، ڄاموٽ، رونجها، جوڻيجا، جاڙيجا، شورا، سوڍا، نهڙيا، ڌاريجا وغيره سندن مکيه پاڙن جا نالا هئا. اهي سڀ هڪ قسم جون مڪاني سرداري حڪومتون هيون. انهن جا سردار پنهنجي حدن جا مالڪ هئا. اهي وري ڄام جا سلامي ۽ وفادار هوندا هئا، جو سندن شهنشاه مثل هوندو هو.(3) سورهين صديءَ جي ابتدا ۾ ڄامن سمن جي سنڌ واري حڪومت ختم ٿي. تڏهن به ڪڇ ۽ لس ٻيلي ۾ سندن هم قبيلي رياستون برقرار رهيون. هي رياستون انگريزن جي دور جي خاتمي تائين موجود رهيون. صدين جي طويل تاريخي سفر کان پوءِ به هنن رياستن جا سماٽ قبيلا، نمايان سياسي ۽ سماجي حيثيت رکن ٿا. سنڌ جي سمن جي مطالعي دوران ٻاهرين سمان رياستن جو اڀياس پڻ ضروري آهي.
[b]جهوناڳڙه ۾ حڪمراني[/b]
جهوناڳڙه، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ڪنهن زماني ۾ سنڌ ۾ شامل هئا. موجوده دور ۾ هي رياستون هندستان جي گجرات پرڳڻي ۾ ملايون ويون آهن. اسلام کان پوءِ سمن قبيلن وڏي تعداد ۾ ماضيءَ جي هنن رياستن طرف لڏپلاڻ شروع ڪئي. سومرن جي همعصر زماني ۾ جهوناڳڙه ۾ ”چوڙا سمان“ خاندان پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. راءِ ڏياچ ذات جو سمون هو. ڏياچ جهوناڳڙه جو حاڪم هو. هيءَ تحقيق مشهور اسڪالر ولبرفورس جي آهي. راءِ ڏياچ تاريخ ۾ سخا، بهادري ۽ وچن پاڙڻ سبب وڏي اهميت رکي ٿو. کيس هڪ چارڻ ٻيجل نالي پنهنجي سرندي جي آواز تي موهي وڌو هو، ان ڪري ڏياچ هن کي پنهنجو سر وڍي ڏنو هو. هي واقعو 1010ع ڌاري ٿي گذريو.(4) سنڌ ۽ گجرات جي تهذيب ۾ ”سورٺ راءِ ڏياچ“ جي قصي جي وڏي اهميت آهي. اسان جي سدا حيات شاعر شاه عبداللطيف ڀٽائي، وڏي سرور ۽ محبت سان هن قصي کي ڳايو آهي. جهوناڳڙه ۾ سنڌي قبيلن، انهن جي حڪومت ۽ سنڌي زبان جي واڌاري بابت ڪتابن ۾ تفصيلي مواد موجود آهي.(5)
[b]ڪڇ ۾ حڪومت[/b]
هي خطو مختلف دورن ۾ سنڌ جي اثر ۽ حڪم تحت رهيو آهي. هتي جاڙيجن سمن صدين تائين راڄ ڪيو. ڪڇ جو راءِ جاڙيجن جي نسل مان هو. هن حڪومت جو باني جارو ولد لاکو ننگر ٺٽي جو ويٺل هو. ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي ٿو:
”سما اصل جادوئي گهراڻي جا راجپوت هئا. سن1053ع ڌاري جڏهن سنڌ سومرن جي هٿ ۾ آئي، تڏهن هو سمن کي ڏاڍو ستائڻ لڳا. ان ڪري ڪيئي سما سنڌ ڇڏي، ڪڇ ڏي ڀڄي ويا. اتي سن 1320ع ڌاري پنهنجو راڄ کرو ڪيائون.“(6)
سنڌ ۾ سمن جي حڪومت جي قيام ۾ ڪڇ جي جاڙيجن سمن جو وڏو ڪردار آهي. هن دور ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي سٺي روايت ڏسجي ٿي. ڪجهه موقعن تي سنڌ جي سمن حاڪمن، ڪڇ جي معاملن ۾ پڻ مداخلت ڪئي ٿي. ان کان علاوه محمود بيگڙي جهڙي طاقتور بادشاه به ڪڇ جي جاڙيجن کي مطيع بنائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. بهرحال، سنڌ ۽ گجرات ڪڏهن به مڪمل طور هن ننڍڙي ملڪ کي جهڪائي نه سگهيا. سمن جي حڪومت وقت سراسري طرح سنڌ ۽ ڪڇ جا سٺا لاڳاپا برقرار رهيا. سن 1510ع ڌاري جاڙيجن جي خانه جنگيءَ ۾ هڪ طرف ڄام فيروز ملوث ٿي ويو ته ٻئي طرف گجراتي بادشاهن به ان ۾ دلچسپي ورتي. آخرڪار هن جنگ ٺٽي تي به اثر ڇڏيا. ڪڇين ڄام صلاح الدين کي فوجي مدد ڏئي، ڄام فيروز جي مقابلي ۾ آندو. ان ريت سنڌ جي سمان حڪومت تمام تيزيءَ سان زوال پذير ٿي. ڄام فيروز کي به جاڙيجن، ارغونن جي مقابلي لاءِ لشڪر مهيا ڪيو هو.(7) ارغوني جبر ۽ ظلم وقت وڏي تعداد ۾ سنڌي قبيلن ڪڇ طرف لڏپلاڻ شروع ڪئي، جتي انهن کي اجهو ۽ پناه ملي. ايندڙ صدين ۾ ڪڇ ۽ سنڌ جا بهتر لاڳاپا وري قائم نه ٿي سگهيا. سنڌ جا سمان سياسي طرح 1520ع ۾ ختم ٿي ويا، تاهم جاڙيجا سمن ڪڇ تي 1947ع تائين حڪمراني ڪئي. موجوده دور ۾ هي پرڳڻو رياست گجرات ۾ شامل آهي.
سمن جي سلطنت دوران ڪڇ ۽ سنڌ ۾ واپار کي وسعت آئي ۽ معاشي ميدانن تي پڻ تعاون وڌيو. سنڌي ٻولي ۽ ساهت کي به اتي وڌڻ جو موقعو مليو. سنڌي قبيلن جي لڏپلاڻ کان پوءِ ٻنهي پرڳڻن ۾ سماجي ميل جول پيدا ٿيو ۽ اهڙي طرح سنڌي زبان جو ”ڪڇي“ لهجو وجود ۾ آيو. جيتوڻيڪ پوءِ جي زماني ۾ سياسي ميدان تي سرد مهري پيدا ٿي، تڏهن به ٻنهي رياستن ۾ گڏيل قبائلي اڳواڻن شادي غميءَ جي موقعن ۾ شرڪت ۽ مال چارڻ جي ساون ميدانن تي سانگين جي اچ وڃ ڪري، سماجي ۽ لساني تعلق برقرار رهيو. شاه عبداللطيف ڀٽائي ڪڇ ۾ سير سفر ڪيو هو. ان ڪري اڄ به شاه جا ڄاڻو اتي وڏي تعداد ۾ موجود آهن. مخدوم عبدالله نري وارو اسان جي ادبي تاريخ ۾ وڏي حيثيت رکي ٿو. ان جو واسطو پڻ ڪڇ سان آهي. صدين جي باهمي ميل جول، سياسي لاڳاپن ۽ سماجي ڳانڍاپي ڪري ڪڇ تي سنڌي ٻولي ۽ تهذيب وڏو اثر ڇڏيو آهي.(8) محمد سومار شيخ ”ڪڇين جا قول“ نالي ڪتاب ۾ هتي پيدا ٿيل سنڌي شعر گڏ ڪيو آهي.(9) پاڪستان ٺهڻ بعد ڪڇ ۾ سنڌي ساهت جي واڌاري ۾ گهڻي گهٽتائي ٿي آهي. بهرحال، اڄ به ”ڪڇ ڀڄ“ ريڊيو تان ٿيندڙ سنڌي نشريات چٽي نموني سان صدين جي سمن جي حڪومت جي باقيات کي ظاهر ڪري ٿي.
[b]لس ٻيلي ۾ حاڪميت[/b]
لس ٻيلو صدين کان سنڌ ۾ شامل رهيو آهي. عربن جي حڪومت واري عرصي ۾ لس ٻيلو سنڌ کان گهڻو پري ٿي ويو. سنڌ ۾ سمن جي حڪمراني قائم ٿيڻ بعد لس جي سنڌي قبيلن سک جو ساه کنيو ۽ سياسي طور تي کين اسرڻ جو موقعو ملي ويو. هڪ راءِ هيءَ به آهي ته سومرن ۽ سمن جي دور ۾ لس ٻيلو سنڌ جو هڪ مکيه ڀاڱو هو. سنڌ جي سمن گهڻي انداز ۾ وڃي لس کي وسايو، جنهن ڪري خاص سنڌ جو تمدن لس ٻيلي ۾ رائج ٿي ويو.(10) ان دور ۾ هتي ”رونجها“ قبيلي جي حڪمراني هئي. رونجهن جو تعلق سنڌ جي سماٽ قبيلن سان آهي. ڪاڪي ڀيرومل جي تحقيق موجب رونجها، ڄام انڙ جي خاندان مان هئا. انهن مان هڪ حاڪم ”سٻڙ“ يا “سپڙ“ جي نالي سان ٿيو، جيڪو سخاوت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. شاه عبداللطيف ڀٽائي به کيس ياد ڪيو آهي.(11) رونجهن تيرهين صديءَ جي وچ ڌاري پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ سترهين صديءَ جي آخري اڌ ۾ ختم ٿي. رونجهن کان پوءِ ”گونگا“ حڪومت ۾ آيا. بعد ۾ سمن جي ”برفت“ قبيلي هتي حڪومت ڪئي. ملڪ پاهڙ خان برفت سنڌ جي حدن ۾ دخل ڏنو. ان ڪري ميان يار محمد ڪلهوڙي ۽ پاهڙ خان ۾ سن 1117هه/1705ع ۾ جنگ لڳي. پاهڙ خان کي شڪست ملي ۽ وري سنڌ جي معاملن ۾ دخل نه ڏنائين.(12)
ان کان پوءِ ”ڪوريجا“ قبيلي سن 1742ع ڌاري هتي حڪومت قائم ڪئي. ڪوريجا حاڪمن ”ڄام“ جو لقب اختيار ڪيو. هن خاندان جو آخري والي ڄام غلام قادر هو، جنهن سال 1956ع تائين هتي حڪم هلايو. ون يونٽ ٺهڻ تي لس ٻيلو ضلعي جي شڪل ۾ ڪراچي ڊويزن سان ملايو ويو. سال 1970ع ۾ ون يونٽ ٽٽو تڏهن لس ٻيلو ضلعو، صوبي بلوچستان ۾ شامل ڪيو ويو.
لس ٻيلي ۾ سمن قبيلن جي صدين جي راڄ، هتي سنڌي ٻولي، ساهت ۽ تهذيب کي وڌڻ جو موقعو ڏنو. هي علائقو سمن جي سلطنت ۾ هڪ طفيلي رياست ڏسجي ٿو. ان بعد جيتوڻيڪ سياسي لاڳاپا بهتر شڪل ۾ موجود نه رهيا، تاهم ٻنهي رياستن ۾ سماجي ۽ تهذيبي تسلسل برقرار رهيو. اڄ سوڌو سماٽ قبيلا پاڻ ۾ مٽيون مائٽيون ڪن ٿا ۽ ڏک توڙي غم جي موقعن تي لس ۽ سنڌ ڏي سفر ڪن ٿا. ان ريت سنڌي قبيلن هتي سنڌي تهذيب ۽ زبان کي زنده رکيو آهي. هتي جي سنڌي زبان ”لاسي“ لهجي جي صورت ۾ موجود آهي.(13) اهڙي طرح اڄ به سنڌي قبيلا، هتي پنهنجو مقامي اثر رکن ٿا. ڄام غلام قادر گذريل حڪومت توڙي موجوده دور ۾ بلوچستان جو وزير اعليٰ آهي. (ڄام صاحب: وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي ۽ پوءِ وزيراعظم محمد خان جوڻيجي جي زماني ۾ صوبي جو اعليٰ حاڪم رهيو) لس ٻيلي ۽ سنڌ جي سرحدي ويجهڙائيءَ سبب ٻنهي طرفن اديبن ۽ شاعرن جي اچ وڃ جاري رهي آهي. ان ڪري هتي بهترين سنڌي شعر پيدا ٿيو. شيخ ابراهيم ۽ ڪبير شاه جو شعر وڏي اهميت رکي ٿو. لس ٻيلي جي سنڌي شاعري ”ٻيلاين جا ٻول“ ڪتاب ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڇاپي آهي. تازو (1987ع) بلوچستان اسيمبليءَ سردار چاڪر ڊومڪيءَ جي هڪ رٿ تي بحث ڪيو، تڏهن خبر پئي ته موجوده دور ۾ به هن صوبي ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ڪل آدمشماريءَ جو چوٿون حصو آهن. هن رٿ ۾ سرڪار تي زور ڀريو ويو ته ڪوئيٽا ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان سنڌي پروگرام نشر ڪيا وڃن. وزيراعليٰ ڄام غلام قادر ان رٿ جي حمايت ڪئي ۽ وعدو ڪيو ته ان مسئلي کي وفاتي حڪومت وٽ پيش ڪيو ويندو.(14) هي مطالبو تاريخ جي صدا آهي. اميد ته سنڌي زبان کي تمام جلد بلوچستان ميڊيا تان نشر ٿيڻ جو پنهنجو بنيادي حق ملندو. موجوده دور ۾ لس ٻيلي ۾ سنڌي ٻولي هن ريت ڳالهائجي ٿي:
”آهين دلجاءِ ڪريو، آهان کي کونئر کڻائي ڏبا. رستا ٺهيندا، ڪارخانا لڳائبا ۽ آهان ماڙو مڙوئي خوشحالي ڏسيندا. آئون اوهان کي گذارش ڪندوس ته آهان ملڪ دشمنن ڪنان ڌيان نه ڏيو. ايها ڳالهه اهان پنهنجي ذهن ۾ رکو ڪه هيءُ سندءِ حڪومت آهي. اسون اهان جا پنهنجا مزور آهيون. اهان جو ڏک مڙوئي اسون پنهنجو درد ڪري وٺون ٿا. اڳيان جي ٻين حڪومتن ڪنان اهان ايترو وقت ساري ڏنو، اسون ايها گذارش ڪنداسون ڪه اسان کي ڪجهه وقت درڪار آهي. اهان ڏسيندا ڪه لس جو، بلوچستان جو ۽ ساري ملڪ جو نقشو جيڪو آهي، اهو يڪسر تبديل ٿي ويندو ۽ ماڙو خوشحاليءَ جي زندگي بسر ڪندا.“(15)
[b]ڪاٺياواڙ ۾ حڪومت[/b]
اندازو آهي ته راجا ڏاهر جي بنهه آخري دور ۾ هڪ سنڌي قبيلو ”ڪاٺيو“ ڪن سببن جي ڪري سنڌ مان لڏي ڪڇ ڏي هليو ويو. هن قبيلي اوڀر ڪڇ ۾ سن 725ع کان 740ع ڏاري پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ ڪنٺ ڪوٽ تختگاهه مقرر ڪيو. هي قبيلو پوءِ هتان به لڏي ويو ۽ وڃي ڪاٺياواڙ کي وسايو. خود هي ملڪ به سندن نالي تي مشهور ٿيو ۽ سڏجڻ ۾ آيو. ياد رهي ته ڪاٺيا قبيلو اڄ به سنڌ ۾ آباد آهي.(16) سنڌ کان ٻاهر سمن جي حڪومتن جو هي مختصر مطالعو آهي. تفصيلي اڀياس ان متعلق مفيد نتيجا سامهون آڻي سگهي ٿو.
[b]حوالا ۽ حاشيه[/b]
(1) مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“ (سنڌي) ص9
(2) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“ ص149-156 سال 1980ع زيب ادبي مرڪز حيدرآباد
(3) جنب گذاريم جن سين جلد2 ص495 سنڌي ادبي بورڊ، سال 1979ع
(4) ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ جلد1 ص43
(5) ڊاڪٽر غلام علي الانه: ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي“ ص55-66 سنڌ الاجي، سال 1979ع
(6) ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي ”روح رهاڻ“ ص55
(7) ايم. ايڇ. پنهور ”سنڌ-ڪڇ رليشنس“ ص12-13
(8) سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي ص16-46
(9) هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ سال 1977ع ۾ ڇپيو آهي.
(10) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”ٻيلاين جا ٻول“ ص13، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد سال1970ع
(11) سنڌ جي هندن جي تاريخ جلد1 ص44
(12) ٻيلاين جا ٻول ص13-22
(13) سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي ص114-115
(14) رپورٽ روزنامه ”هلال پاڪستان“ ڪراچي 6 مارچ 1987ع
(15) سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي حاشيو ص114
- هي اقتباس ڄام غلام قادر جي هڪ تقرير جو آهي. هيءَ تقرير ڄام صاحب بلوچستان جي حاڪم اعليٰ جي حيثيت ۾ ڀٽي صاحب جي دور حڪومت ۾ ڪئي هئي.
(16) ايم . ايڇ پنهور: ”سنڌ – ڪڇ رليشنس“ ص7