سنڌ شناسي

سمن جي سلطنت

ڪتاب ”سمن جي سلطنت“ اوهان اڳيان پيش آهي. سنڌ جي تاريخ تي لکيل هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ تاريخدان غلام محمد لاکو جو لکيل آهي.
ڊاڪٽر غلام محمد لاکو هڪ تاريخدان هجڻ سان گڏوگڏ تاريخ جي مضمون جو استاد به آهي. کيس تاريخ لکڻ ۽ تاريخ پڙهائڻ جا ٻئي فن اچن ٿا. هونئن ته سنڌ جي تاريخ ۾ سما دور سنڌ جي تعمير وارو دور ليکجي ٿو، پر هن دور ۾ جيڪا انفراديت آهي، اها گهڻو ڪري ٻن ڳالهين جي ڪري آهي: هڪ ته هن دور ۾ سنڌ اندر جديد نهري نظام جو بنياد پيو ۽ ٻيو ته سنڌي شاعريءَ کي زمين به هن دور ۾ هموار ٿي ملي.
Title Cover of book سمن جي سلطنت

سمن جي دور جو عام جائزو

سمن جي سلطنت جي ابتدا ۽ انتها توڙي عروج ۽ زوال سان گڏ حاڪمن جي الڳ الڳ ڪارڪردگيءَ جي سرسري اڀياس بعد اسين هن دور جو عام جائزو پيش ڪنداسين. هن حصي ۾ هي معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي ته سمن جي سلطنت ۾ انتظام ڪيئن هو، اثر وارا قومون ۽ قبيلا ڪهڙا هئا، سماجي جيوت ۽ ثقافتي صورتحال ڇا هئي ۽ امن امان توڙي اقتصادي ڀلي جو ڪيترو امڪان موجود هو؟ ان سان گڏ هتي سمن جي دور جي فن تعمير ۽ علم ادب جو احاطو پڻ ڪيو ويندو. هن دور بابت هن قسم جي اڀياس جي هيءَ پهرين ڪوشش آهي. اميد ته مستقبل جو محقق ان متعلق اڃا به وڌيڪ ڄاڻ مهيا ڪندو.

[b](الف) حڪومتي جوڙجڪ
[/b][b]انتظام[/b]: سنڌ ۾ ابتدا کان حڪومتي جوڙجڪ جو هڪ چٽو خاڪو موجود هو. تاريخ ۾ اسان کي پهرين منظم حڪومت راءِ خاندان جي ملي ٿي. هن خاندان متعلق هاڻي هي خيال آهي ته اهي سمن قبيلن مان هئا. راءِ خاندان جي بادشاهن وٽ مستحڪم انتظامي نظام ۽ بهتر حڪومت متعلق هڪ چٽو چارٽر ڏسجي ٿو. برهمڻن کان پوءِ جڏهن سنڌ ۾ عربن جي حڪومت قائم ٿي، تڏهن انهن هتي پنهنجو انتظامي طريقو رائج ڪيو. سومرا سلاطين اها ڀرپور ڪوشش ڪئي ته سنڌ کي وري پنهنجو ڏيهي سرشتو مهيا ڪجي. سپاه، لشڪر، امير، اهلڪار ۽ وزير سڀ هتان جي قبيلن مان کنيا ويا ۽ اهڙيءَ طرح سنڌ جي حڪومت بابت عوامي اعتماد ۾ ڀروسو بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. سومرن جي حڪومت ۾ سمن جي قبيلي کي خاص اهميت حاصل رهي. سمان خاندان پنهنجو اقتدار اعليٰ قائم ڪندي ڪنهن حد تائين سومرن جي ڀيٽ ۾ زياده مستحڪم حڪومت قائم ڪئي. ان ريت سمن سلطانن امن امان قائم ڪري، عام انسانن کي بهتر زندگي مهيا ڪئي ۽ اقتصادي سڌاري جا امڪان پيدا ڪيا. مير علي شير قانع جي هيءَ راءِ درست ڪانهي ته سمن جي حڪومت، ڪلهوڙن جي حاڪميت کان گهٽ هئي. هو لکي ٿو ته: ”جنهن صورت ۾ هن گهراڻي (ڪلهوڙا) جي حڪومت سمن ۽ ترخانن جي حڪومت کان وڌيڪ ۽ ارغونن جي شان وشوڪت سان همسر آهي، تنهن ڪري سندن ذڪر نرالي طبقي ۾ ڪجي ٿو.“(1) قانع اهڙي راءِ ڪلهوڙن جي حاڪمن جي نمڪ جي حق ادا ڪرڻ لاءِ ڏني هئي. ٻي صورت ۾ تاريخ جو اڀياس هن راءِ جي مخالفت ۾ وڃي ٿو.
ارغونن فتح جي نشي ۽ طاقت جي غرور ۾ اچي، سنڌ جو سمورو سياسي ۽ علمي رڪارڊ توڙي تذڪره ۽ تاريخون ناس ڪري ڇڏيون، ان ڪري سمن جي دور جو عام اڀياس وڏي حد تائين مشڪل ٿي پيو آهي. تاهم جديد تحقيق ۽ تلاش اسان لاءِ ڪجهه راه متعين ڪئي آهي ۽ ان جي سهاري هي مطالعو موجود ڪجي ٿو.

[b]حڪومت جو نمونو:[/b] سومرن جي دور ۾ سمان خاندان حڪومت کي ويجهو هو. جڏهن تغلقن جي خلاف سنڌ ۾ بغاوت ٿي، تڏهن سومرا اڃا حڪومت جا ڌڻي هئا. تاهم ان بغاوت جي قيادت ڄام فيروز الدين انڙ ڪئي ۽ سيوهڻ ۾ معرڪا ڪري تغلقن جي طاقت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. فيروز الدين انڙ دلير، سورهيه، سياسي مدبر ۽ بهترين سفارتڪار هو. همير کي ڏيهه نيڪالي ڏيڻ بعد (پوءِ همير مقامي لڙائين ۾ قتل ٿي ويو) مختلف قبيلن جي ماڻهن گڏجي انڙ کي پنهنجو حاڪم مقرر ڪري، کيس ”ڄام“ جو لقب ڏنو. هي سلسلو پوءِ آخر تائين برقرار رهيو. ممڪن آهي ته جڏهن سمن پنهنجي سلطنت کي قائم ڪري ورتو، تڏهن انهن حڪومت جي پائداري ۽ ملڪي استحڪام جي ضمانت لاءِ سماٽ قبيلن جي چڱن مڙسن ۽ ٻين سنڌي راڄن جي اثر وارن فردن کي ڪنهن نه ڪنهن طرح مملڪت جي سربراه جي انتخاب جي معاملي ۾ شامل ڪيو هجي. تڏهن به ڏسجي ٿو ته بادشاه جي چونڊ جو آخري فيصلو شاهي گهراڻي جا فرد پاڻ ڪندا هئا. پهريون ڀيرو ڄام مبارڪ شاهي رسم ۽ قاعدا توڙي اقتدار تي قبضو ڪيو، پر کيس ٽن ڏينهن جي اندر حڪومت کان الڳ ڪيو ويو. پنهور صاحب پڻ حاڪم جي انتخاب بابت هيءَ راءِ ڏني آهي ته ان جي چونڊ مختلف قبيلن جي اتفاق سان، شاهي گهراڻي مان ڪئي ويندي هئي.(2)
ڄام فيروز الدين انڙ کان پوءِ ڄام تماچي، بابينو، نظام الدين اول، علي شير، ڪرن، سنجر ۽ فيروز (آخري) اميرن جي اتفاق سان گادي نشين ٿيا. ڄام جوڻو، علي شير، ڪرن ۽ مبارڪ اهڙا بادشاه آهن، جي يا ته قتل ٿيا يا وري معزول ڪيا ويا. ڄام سنجر شايد پنهنجي پٽ ڄام نندي جي فائدي ۾ هٿ کنيو. اڪثر سلاطين طبعي موت مئا. ان ريت ظاهر ٿئي ٿو ته سمن جي سلطنت ۾ اندروني انتشار ۽ افراتفري گهٽ هئي. بادشاهن ۾ مذهبي رواداري ڏسجي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو ڪجهه هندو پڻ وزيرن جي حيثيت ۾ کنيا ويا. ان ڏس ۾ ڄام نندي جي دور ۾ ٻن هندو وزيرن – چاڳلا ۽ لکدير – جا نالا خاص اهميت رکن ٿا. سومرن جي مطالعي ۾ ظاهر ٿئي ٿو ته ٻن عورتن پڻ ڪجهه وقت لاءِ حڪمراني ڪئي. انهن جا نالا همون ٻائي ۽ تارا ٻائي هئا. تاهم سمن جي حڪومت ۾ عورتن جو اقتدار ۾ شراڪت جو ڪوبه مثال موجود ڪونهي. سومرن بادشاهن سماجي جيوت ۾ ڪجهه بندشن ۽ پابندين کي اختيار ڪيو. سمان سلاطين جي مطالعي ۾ اسان کي شاهي خاندان ۽ ٻين قبيلن ۾ سماجي فرق گهٽ ملي ٿو. اسان جي دور ۾ ڪجهه اديبن هن طور ۾ طبقاتي ويڇا ڳوليندي، ڄام تماچيءَ کي خاص نشانو بنايو آهي. حقيقت ۾ سنڌ اندر طبقاتي معاشرو، انگريزن خاص مقصد سان وجود ۾ آندو. ذڪر هيٺ آيل دور ۾ سماجي اوچ نيچ ان سطح تي نه هئي، جيڪا اڄ اسان جي دور ۾ پنهنجي انتها کي پهتي آهي. ڄام تماچي سنڌ جي خود مختياري، وقار ۽ جدوجهد جو اهم اهڃاڻ آهي. ”نوري“ سان سندس نينهن جو پيوند لڳو ۽ بعد ۾ اها سندس پٽ راڻي بني. ان بعد ڄام نندي ماڇين جي قبيلي مان شادي ڪئي. ان مائيءَ جو نالو ”مدينه“ هو، جنهن ڄام فيروز کي جنم ڏنو هو. وزيراعظم درياخان جو ”همون“ راٺوڙ سان عشق پڻ پڌرو آهي. هي چند مثال ڏيکارين ٿا ته سمن بادشاهن ۽ سندس رعيت ۾ تمام گهٽ سماجي بالادستي يا فرق موجود هو. ان ڏس ۾ تنقيد ڪندڙن کي دنيا جي تاريخ تي پڻ نظر وجهڻ گهرجي.
سمن جي سلطنت ۾ فوجي ۽ سياسي عهدا هڪ ئي فرد جي هٿ ۾ ڏسجن ٿا. دولهه درياخان، دلشاد، ڄام سارنگ، ديوان لکدير، حاجي خان، ماڻڪ ۽ چاڳلا – هڪ طرف پنهنجي دور جا ناميارا امير ۽ سياسي مداري هئا ته ٻئي طرف هو پنهنجي زماني جا سٺا سپاهي ۽ سپهه سالار پڻ هئا. جيتوڻيڪ مختلف ڄامن حڪومت جي ڪارج هلائڻ لاءِ جدا جدا اميرن ۽ وزيرن کي ڀرتي ڪيو، تاهم سموري سياسي طاقت ۽ فوجي قوت بادشاهن پنهنجي اختيار ۾ رکي هئي. انهن اميرن ۽ وزيرن ۾ البته دريا خان وڏي رتبي ۽ درجي جو مالڪ ٿي گذريو آهي. هو پنهنجي دور جو انتهائي اثر وارو امير هو. اسين پڪ سان هي چئي نٿا سگهون ته سمن حاڪمن حڪومتي ڪم ڪار هلائڻ لاءِ ڪهڙا الڳ الڳ انتظامي شعبا قائم ڪيا؟ تڏهن به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته حڪمرانن هر شعبي تي ڀرپور ڌيان ڏنو ۽ سنڌي عوام کي هڪ سٺي حڪومت ڏيڻ جي وڌ کان وڌ ڪوشش ڪئي.

[b]ملڪي صورتحال ۽ حدون:[/b] راءِ خاندان جي دور ۾ سنڌ جي پکيڙ ۽ وسعت لکين ميلن تي پکڙيل هئي. برهمڻن جي دور ۾ به اهي حدون برقرار رهيون. ملتان، قنڌار، مڪران، ڪڇ، لس ٻيلو ۽ ڪاٺياواڙ – تائين سنڌ جي حاڪمن جو حڪم هلندو هو. عربن جي ابتدائي دور ۾ ساڳيون سرحدون برقرار رهيون. ليڪن اڳتي هلي جڏهن سنڌ جو پرڳڻو گهرو لڙائين جي لپيٽ ۾ اچي ويو، تڏهن ان جي پکيڙ ۽ ايراضي پڻ گهٽجي وئي. سومرن ٽي صديون راڄ ڪيو، ليڪن اهي انيڪ مشڪلاتن ۽ تڪليفن سبب سنڌ جي وڃايل علائقن کي حاصل نه ڪري سگهيا. سومرن بادشاهن جو اڪثر ڪري وچولي ۽ لاڙ تائين قبضو رهيو. دهلي سلطنت جي خلفشار وقت هو ملتان تائين به پهچندا هئا. بهرحال سومرن لاهري بندر کان سيوهڻ تائين مسلسل حڪمراني ڪئي. سمن جي سلطنت کان اڳ سنڌ جي ملڪي ۽ سرحدي صورتحال ڪافي بگڙيل هئي.
فيروز الدين ڄام انڙ پنهنجي حاڪميت جو اعلان ڪندي، ملڪي سرحدن طرف ڀرپور ڌيان ڏنو، ليڪن کيس خاص ڪاميابي حاصل نه ٿي. ايندڙ ڪجهه سالن تائين بکر، سيوهڻ ۽ نصرپور – تغلقن جي قبضي ۾ رهيا، جڏهن ته سمن جو لاڙ تي قبضو رهيو. اڳتي هلي جڏهن تغلقن ۽ سمن ۾ ٺاهه ٿي ويو، تڏهن ڏيهي طاقت جو اثر موجوده سنڌ جي حدن تائين پهتو. سنڌ جي ٿر واري حصي تي پندرهين صديءَ جي اچڻ تائين سومرن جي هڪ مقامي شاخ حڪومت ڪندي رهي. انهن هتي پنهنجو مرڪزي شهر ”عمر ڪوٽ“ جي نالي سان قائم ڪيو. بعد ۾ ٿر تي سوڍن قبضو ڪيو، جي گهڻو ڪري سمن جي ماتحت هئا. ڄام نندي جي دور ۾ سمن جي سلطنت پنهنجي وسعت جي انتها کي پهتي. ٿر جو خطو اچ، سبي ۽ لس ٻيلو سنڌ ۾ شامل هئا.(3) گمان غالب آهي ته ڄام سڪندر اول جي دور ۾ اچ ۽ ڀٽي واهڻ (ڀٽا واهڻ) سنڌ جي قبضي ۾ آيا. ڄام سنجر پڻ ملڪي حدن کي مستحڪم رکيو. هن خاندان جي حڪومتي دائري کي ڄام نندي وڌ ۾ وڌ ايراضي مهيا ڪئي. ان بعد ڄام فيروز جي دور ۾ ملڪي ايراضي گهٽجڻ شروع ٿي. هن جي زماني جي ابتدا ۾ ”سبي“ شهر تي ارغونن قبضو ڪيو ۽ ان ريت آهستي آهستي ٻيا علائقا به اسان جي اثر مان نڪرندا ويا.
ڄامن حاڪمن سنڌ جو انتظامي جوڙجڪ ڪيئن قائم ڪيو؟ ان متعلق ڇڙوڇڙ حوالا ملن ٿا. جڏهن سمن بغاوت ڪئي، تڏهن ننگر ٺٽو سنڌ جو مرڪزي شهر ڏسجي ٿو. ڄام فيروز الدين انڙ پنهنجو تختگاهه ”ساموئي“ مقرر ڪيو. ان بعد ”ٺٽو“ وري سنڌ جو تختگاهه بنيو. هي شهر آخر تائين سمن جو مکيه شهر رهيو. ملڪ تي پنهنجي گرفت مضبوط ڪرڻ لاءِ سمن ڄامن سنڌ کي جدا جدا پرڳڻن ۽ صوبن ۾ تقسيم ڪيو. جدا جدا پرڳڻن ۽ صوبن تي حاڪم ۽ اعليٰ عملدار مقرر ڪيا ويندا هئا، جيڪي موقعو ملندي ڪڏهن ڪڏهن بغاوت به ڪندا هئا. ڄام سڪندر کي تخت تي وهڻ سان بکر ۽ سيوهڻ جي حاڪمن جي بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻو پيو هو.(4)
شاهي خاندان جي فردن کان علاوه ٻين مکيه خاندانن جي فردن کي به اهم عهدا ۽ ذميداريون ڏنيون وينديون هيون. ان ڏس ۾ دولهه دريا خان، ڄام سارنگ ۽ دلشاد وزيرن جا نالا کڻي سگهجن ٿا. سمن جي دور ۾ سنڌ جي انتظامي ونڊ ورڇ بابت ڪا چٽي ڄاڻ نه ٿي ملي. البت هڪ موقعي تي ”سيوهڻ“ کي صوبو سڏيو ويو آهي.(5) مطالعي هيٺ آيل دور ۾ جوڻ، بکر، سبي، عمر ڪوٽ ۽ نصرپور اهم سياسي ۽ فوجي مرڪز هئا. هنن شهرن ۾ قلعا ۽ ڪوٽ تعمير ڪري، اتي سپاه ۽ فوجي ماهر رکيا ويا هئا. سمن جي آخري دور ۾ ڪجهه بلوچ قبيلا سنڌ ۾ داخل ٿيا. ان زماني ۾ بلوچستان ۾ طويل گهرو جنگ لڙي وئي، جنهن سبب لاشاري ۽ سندن حمايتي قبيلا اتر سنڌ ۾ داخل ٿيا. سنڌ جي انتظامي ڍانچي ۾ هنن قبيلن کي خاص اهميت حاصل نه هئي. ابتدائي ڄامن کي ڪجهه وقت، دهلي سلطنت کي ويجهو ڏسڻ جو موقعو مليو هو، ان ڪري پنهنجي حڪومت جو ڍانچو تيار ڪندي، انهن دهلي سرڪار جي طرز حڪومت مان پڻ فائدو ورتو هوندو.

[b]پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا[/b]: خارجا پاليسي ڪنهن به رياست، قوم ۽ حڪومت جي زياده ۽ پائدار استحڪام ۾ بنيادي ۽ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. متوازن ۽ موزون ٻاهرين پاليسي، حقيقت ۾ هڪ سٺي حڪومت جي علامت آهي. ابتدا ۾ سمن سلطانن پنهنجي اقتدار اعليٰ جي قيام ۽ ملڪ جي خودمختيار حيثيت بحال ڪرڻ جي جنگ لڙي. ان مقصد خاطر مرڪزي ايشيا جي منگولن کان مدد وٺڻ ۾ ڪوبه عيب نه سمجهيو ويو. ڄام بابيني کان فيروز تغلق ۽ عين الملڪ ماهرو کي ان مدد وٺڻ تي سخت ناراضگي هئي. ماهرو اهڙو ذڪر پنهنجن خطن ۾ به ڪيو آهي. دهلي سلطنت جي مرڪزيت ختم ٿي. تڏهن سنڌ جي آس پاس ۾ ڪيئي نيون حڪومتون ۽ سلطنتون وجود ۾ آيون. وقت ۽ حالتن جي گهرج آهي سنڌ جي بادشاهن پاڙيسري رياستن طرف دوستي ۽ صلح جو هٿ وڌايو. ڪڇ تي جاڙيجن سمن جو راڄ هو، جن سان سنڌ جي سمن جا سٺا لاڳاپا رهيا. گمان غالب آهي ته سنڌ جي ڪمن، ڪڇي سمن جي مدد سان سومرن کي سنڌ جي اقتدار مان بيدخل ڪيو. ڄام تماچي جڏهن ٻيون ڀيرو حڪمراني ڪري رهيو هو، تڏهن سنڌ جي اوڀر ۾ گجرات ۾ ظفر خان پنهنجي سلطنت قائم ڪري ورتي. تڏهن کان ئي ٻنهي ملڪن ۾ سٺا لاڳاپا قائم ٿيا. ان زماني ۾ ڪشمير تي سلطان شهاب الدين (1359-1378ع) حڪومت ڪري رهيو هو. ڪشميري مؤرخن سنڌ تي شهاب الدين جي هڪ حملي جو ذڪر ڪيو آهي.(6) سنڌ ۽ هند جي محققن هن حملي کي بي بنياد سڏيندي رد ڪيو آهي.(7) ڄام فتح خان (1413-1428ع) جي دور ۾ سنڌ تي ڪشمير جي هڪ وڌيڪ بي بنياد ڪاه جو پڻ ذڪر ملي ٿو. پنهور صاحب جو رايو آهي ته اهو حملو ٺٽي تي نه ڪيو ويو، بلڪ ڪشمير يا تبت طرف هڪ جابلو لڪ (Tatta Kutia) ڪوٽيا تي ڪيو ويو هوندو.(8) ان وقت ڪشمير تي شيخ علي حڪومت ڪري رهيو هو. حقيقت ۾ سنڌ ۽ ڪشمير ۾، ذڪر هيٺ دور ۾ سٺا لاڳاپا موجود هئا، جيئن هيٺ ذڪر ٿيندو. ڄام فتح خان (نمبر:11) جي دور ۾ گجرات ۽ سنڌ جو سماجي تعلق پيدا ٿيو، جنهن ڪري ٻنهي ملڪن جا تعلقات وڌيڪ مضبوط ٿيا. ان ڏس ۾ ڄام تغلق جوڻي ثاني (نمبر:12) وڌيڪ پيش رفت ڪئي. هن پنهنجي ٻن نياڻين جي شادي گجرات ۾ ڪئي. ان ريت سمن ۽ گجراتين ۾ وڌيڪ تعاون، دوستي ۽ صلح جا امڪان پيدا ٿيا. راشدي صاحب جو خيال آهي ته ڄام تغلق جوڻي ثاني، اندروني پريشانين کان ڇوٽڪاري لاءِ هي مٽيون مائٽيون ڪيون.(9) پنهور صاحب جي راءِ اهي ته گجرات ۽ سنڌ جي بهتر لاڳاپن کي دهلي سلطنت جي جارحيت جي پس منظر ۾ سمجهڻ گهرجي.(10) ڏٺو وڃي ته ان دور ۾ دهلي سلطنت ڪمزور ٿي، جهڙوڪر ختم ٿي چڪي هئي. البت وچ ايشيا جي منگولن کان بچاءَ واسطي گجراتين ۽ سنڌين هڪ ٻئي سان بهتر تعلق پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
سمن سلطانن هر پاڙيسري رياست سان دوستي ۽ صلح کي ترجيح ڏني. ڄام سنجر ڪنهن اوچتي صورتحال کان بچڻ لاءِ مارواڙ ۽ گجرات جي سرحدن سان سمن، سوڍن ۽ ڪلهوڙن کي آباد ڪيو. سندس دور ۾ سن 1459ع ۾ هنن قبيلن جي ڇڙوڇڙ سپاه سان مارواڙ جي راجا جوڌام جو تصادم ٿيو. هن ويڙهه ۾ راجا جو پٽ سنتل مارجي ويو.(11) هن واقعي کان سواءِ مارواڙ ۽ سنڌ ۾ ٻي ڪنهن ڇڪتاڻ جو ڏس ڪونه ٿو ملي.
سنڌ جي سمن جي خارجه پاليسي، ڄام نندي جي دور ۾ نه رڳو متوازن هئي، پر اها پنهنجي ڪاميابيءَ جي اوج کي پهتي. هن بادشاه جي زماني جي حوالي سان اوڙي پاڙي سان لاڳاپن متعلق تاريخ اسان تائين مناسب مواد پهچايو آهي. ناميارو محقق ۽ عالم سيد حسام الدين راشدي مرحوم ڪامياب خارجه پاليسي جو ذڪر ڪندي، ڄام نندي کي تمام سٺن لفظن ۾ ياد ڪري ٿو.(12) ڄام سنجر اقتدار جي مسند ڄام نندي جي حوالي ڪري گجرات هليو ويو هو. ممڪن آهي ته درٻاري افراتفري ۽ جوڌپور (مارواڙ) سان هلندڙ سرحدي جهڙپن سبب ڄام نندي کي اقتدار حوالي ڪري، سنجر خود اختياري جلاوطني پسند ڪئي هجي. ڄام نندي سنڌ جو بادشاه بنجڻ شرط هر طرح جي ابتري ختم ڪرڻ طرف ڌيان ڏنو. ان ڪري ٻه درٻاري امير ڄام ابراهيم ۽ ڄام بايزيد ملتان طرف جلاوطن ٿيا، جتي سلطان حسين لانگاه کين جاگيرون ڏنيون ۽ اهم عهدا ڏنا. ان صورتحال جي باوجود ڄام نندي ۽ سلطان حسين لانگاهه ۾ سٺا تعلقات برقرار رهيا ۽ سوکڙين پاکڙين جي مٽا سٽا جاري رهي.(13) ڪشمير ۾ ان دور ۾ سلطان زين العابدين، حڪومت ڪري رهيو هو. جهڙي ريت سنڌ ۾ ڄام نندي جهڙو مثالي بادشاه پيدا نه ٿيو، ٺيڪ ان ريت ڪشمير ۾ به زين العابدين جهڙو لائق حاڪم وري ڏسي نه سگهبو. زين العابدين ۽ ڄام نظام الدين ۾ تحفن جو تبادلو ٿيندو رهندو هو.(14) اندازو آهي ته مارواڙ ۽ سنڌ جي لاڳاپن کي متوازن رکڻ طرف به ڌيان ڏنو ويو هوندو. هن دور ۾ ڪڇ سان صلح ۽ دوستي جاري رهي. سنڌين ۽ گجراتين – ڄام نندي جي دور ۾ مشڪل گهڙي ۽ آزمائش وقت هڪ ٻئي جي مدد ڪري، بهتر لاڳاپن جو عملي ثبوت ڏنو. ان دور ۾ گجرات ۾ سلطان محمود بيگڙو حڪمراني ڪري رهيو هو. رڻ ڪڇ ۽ ٿر جي سرحدن سان لڳ متعدد ڀيرا فساد ٿيا، جن کي چيڀاٽڻ ۾ بيگڙي سمن جي لشڪر جي مدد ڪئي. گجرات ۽ سنڌ ۾ موجود سٺن سياسي لاڳاپن جي ڪري، ٻنهي ملڪن ۾ فوجي، تعليمي ۽ ثقافتي معاهدا ٿيا. هن دور ۾ سمن جو خانديش جي فاروقي سلاطين سان به سٺو تعلق ڏسجي ٿو. هڪ ٻئي پاڙيسري ملڪ ايران سان سنڌ جي سلاطين جي واسطيداري متعلق تاريخ خاموش آهي. البت نندي جي دور ۾ متعدد ايراني عالم، شاعر ۽ اديب سنڌ پهتا ۽ کين وڏي عزت نصيب ٿي. حافظ شيرازي ايران جو مشهور شاعر، سنڌ اچڻ لاءِ قنڌار پهتو هو، ليڪن وطني ڪشش سبب پنهنجي ملڪ موٽي ويو.
ڄام نندي هميشه ڪنهن پاڙيسري رياست سان جنگ ڪرڻ کان ٽارو ڪيو. ليڪن سندس دور ۾ سن 1485ع ۾ هرات ۽ سنڌ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي. جنگ ۽ جهيڙو سال 1490ع تائين جاري رهيو. حسين بايقرا ۽ ڄام نندي جي سٺن لاڳاپن بگاڙڻ ۾ ارغونن اهم ڪردار ادا ڪيو. ياد رهي ته ارغون قنڌار تي حسين بايقرا پاران نيابت ڪندا هئا. بلوچستان ۾ رندن ۽ لاشارين جي طويل خانه جنگي سبب سمن سلطانن ۽ هرات جا تعلقات وڌيڪ خراب ٿيا. تاريخ جي هن ڏکئي موقعي ۾ لاشارين اهل سنڌ کان مدد طلب ڪئي. جڏهن ته رندن فوجي مدد لاءِ حسين بايقرا (ارغونن) ڏي واجهايو. اڄ اسين پنج صديون اڳ ٿيل هن خونريز جنگ بابت تجزيو ڪندي ڄام نندي متعلق ڪي گمان ڪڍي، سندس ڊپلوميسي ۽ سياست کي ناڪام سڏي سگهون ٿا. تاهم هن جنگ سبب شال کان ننگر پارڪر تائين جيڪا تباهي ۽ بربادي آئي، ان جي پوري ذميواري سمن بجاءِ خود بلوچن تي اچي ٿي. محمود شاه بخاري لکي ٿو:
”رندن ۽ لاشارين پنهنجي گڏيل طاقت سان مڪران جي ريگستان مان نڪري، خوشحال علائقه فتح ڪرڻ ۽ پنهنجي قوم جي عظمت حاصل ڪرڻ خاطر پيش قدمي ڪئي. ڪاميابي سندن قدم چمڻ ۾ بخل کان ڪم نه ورتو، پر ٿوري منزل هلڻ بعد سندن قدم رڪجي ويا. مير چاڪر وٽ چاليهه هزار جنگي جوان هئا، جڏهن ته مير گهرام پنجيتاليهه هزار بلوچن جو ڪمانڊر هو. پنجاسي هزار سرفروش بلوچن جو لشڪر ڇا نه ٿي ڪري سگهيو؟ سلطان محمود غزنوي هندستان تي سترنهن حملا ڪيا، ڪنهن به حملي ۾ وٽس ويهن هزارن کان وڌيڪ لشڪر نه هو. شهاب الدين غوري ڏهن هزارن جي لشڪر سان پرٿوي راج کان دهليءَ جو تخت کسيو. التمش، علاؤ الدين خلجي، محمد تغلق، بابر ۽ شير شاه – وٽ به ڪڏهن ايڏو وڏو لشڪر نه هو. جيڪڏهن بلوچ ايڏيون ڪاميابيون نه ٿي ڏيکاري سگهيا ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجو وقار ته قائم ڪري ٿي سگهيا. گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي زمين ٽڪري تي ته سربلند رهي ٿي سگهيا. افسوس جو پنهنجي طاقت ڪتب آڻڻ بجاءِ هو پاڻ ۾ ئي وڙهي وڙهي تباه ٿي ويا.“(15)
ڄام نندي جي وفات سان سمن جي سلطنت پنهنجي اوج کي پهتي. ابتدا ۾ ته ڄام فيروز ننڍي عمر جو هو، ليڪن عمر ۾ وڏي ٿيڻ سان به کيس ذهني ۽ سياسي پختگي حاصل نه ٿي سگهي. درٻاري سطح تي فيروز جو سمورو ڌيان درياخان کي ختم ڪرڻ طرف رهيو. خارجي سطح تي پڻ سندس پاليسي ناڪام ڏسجي ٿي. ڪنهن به پاڙيسري رياست سان فيروز جا سٺا تعلقات برقرار نه رهيا. جيئن جيئن مرڪزي ايشيا ۾ طوفاني تبديليون اچي رهيون هيون، تيئن تيئن ارغون سنڌ کي ويجهو پوندا ويا. سن 1510ع ڌاري ڪڇ ۾ اقتدار جي جنگ شروع ٿي وئي. راول هٿان هميرجي قتل ٿي ويو. راول ان گهڙيءَ فيروز کان مدد ورتي، جڏهن ته کنگهار، گجراتين ڏي واجهايو.(16) هن صورتحال سبب گجرات، سنڌ ۽ ڪڇ جي ملڪ جا لاڳاپا انتهائي خراب ٿي ويا. سنڌ جي سمن، گجرات جي سلطانن ۽ ڪڇ جي جاڙيجن ۾ هڪ ٻئي لاءِ عزت، مدد، خيرخواهي ۽ ساٿ جو موجود صدين جو سلسلو ختم ٿي ويو. ان بعد گجراتين ڄام فيروز کي هٽائڻ، صلاح الدين کي حاڪم بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ پڻ اقتدار جي جنگ شروع ٿي وئي. ان ڪري سنڌ جي مستحڪم ۽ آزاد سلطنت جي خاتمي لاءِ فيروز به ايترو ئي جوابدار آهي، جيترو شاه بيگ ڏوهاري آهي. سنڌ جو ملڪ وڃائڻ بعد ڄام فيروز وري ڪڇ ۽ گجرات سان دوستي قائم ڪئي ۽ مٽيون مائٽيون به ڪيون. تاهم وڃايل وطن کيس وري نه ملي سگهيو. سندس موت به گجرات ۾ ٿيو ۽ دفن ڪفن به اتي ٿيو. هن دور ۾ ننڍي کنڊ ۾ پورچوگيز به پهتا، ليڪن سنڌ سان سندن تعلق بابت ڪجهه به معلوم ٿي نه سگهيو آهي.

[b]فوجي صورتحال ۽ جنگي طور طريقو: [/b]سنڌ جي تاريخ پڙهندي اسان کي ڪنهن باقاعده فوج جو پتو نٿو پوي. اوکي گهڙي اچڻ تي رامن جا چڱا مڙس، قبيلن جا سردار ۽ ڳوٺن جا نيڪ مرد جوڌن جو مناسب تعداد مهيا ڪندا هئا. ذڪر هيٺ آيل دور ۾ پڻ ساڳي صورتحال ڏسجي ٿي. ان ڪري چئبو ته سمن جي سموري قوت جو مدار سنڌ جي عوام تي هو. اهل سنڌ مشڪل وقت ۾ ٻار کان جوان ۽ ٻڍي کان عورت تائين پنهنجي وطني دفاع جي جنگ لڙي. ان ۾ هندو ۽ مسلم جو به ڪو تفاوت نه هو. سمن جي پهرئين سربراه ڄام فيروز الدين انڙ، تغلقن خلاف سيوهڻ ۾ بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو. تڏهن ساڻس گڏ ارڙهن سؤ جوڌن جو لشڪر هو.(17) ان بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيئي ڏينهن لڙائي جاري رکي وئي، تڏهن به دهلي سلطنت کي سوڀ حاصل نه ٿي. آخرڪار سمن جي اڳواڻ امير قيصر کي صلح جي بهاني گرفتار ڪري قتل ڪيو ويو. محمد تغلق کي سنڌي سپاه سان جنگ ڪرڻ لاءِ منگولن کان مدد وٺڻي پئي. فيروز تغلق سنڌ تي پهرئين حملي وقت نوي هزار سوار، پنج هزار بحري ٻيڙا ۽ چار سؤ اسي جنگي هاٿي استعمال ڪيا.(18) ان وقت ڄام بابينو سنڌ جو حاڪم هو. هن وٽ چاليهه هزار پيادن ۽ ويهه هزار سوارن جو لشڪر هو.(19) ڄامن پوري حرفت ۽ حيلي سان هندي لشڪر کي منهن ڏنو. بحري ٻيڙي ناس ڪرڻ کان علاوه سنڌ جي حاڪمن حملي آور جي بري طاقت کي به تباه ڪيو. فيروز گجرات وڃڻ لاءِ ڪڇ جو رستو ورتو. بادشاه ۽ سندس لشڪر ڇهه مهينا ڪڇ ۾ رلندو رهيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ فيروز پوري تياري ڪري سنڌ ۾ داخل ٿيو. هندي فوجي قوت جو انگ اکر موجود ڪونهي. تڏهن به اندازو آهي ته هن ڀيري، اڳ جي ڀيٽ ۾ گهڻو سپاه آندو ويو هوندو. فيروز سنڌ ۾ داخل ٿيو ته جوئر ۽ ٻاجهر جي فصل جي ڪٽائي ٿي رهي هئي. هن هڪدم اناج تي قبضو ڪيو. سمن ڄمي لڙائي ڪئي. هندستاني وري به هارائي ويا. فيروز لڙائي روڪي وڌيڪ فوج گڏ ڪرڻ لاءِ دهلي طرف حڪم موڪليو. اٽڪل روءِ هڪ سال تائين سمن ۽ تغلقن ۾ ويڙهه ٿيندي رهي. فيروز سوڀ جي اميد نه ڏسي، مخدوم جهانيان جهان گشت کي وچ ۾ آندو. هن جنگ متعلق سيد حسام الدين راشدي لکي ٿو:
”جاني نقصان ڪافي کان زياده ٿيو، جنهن مان صاف معلوم ٿئي ٿو ته سنڌين جوانمرديءَ سان مقابلو ڪيو. پاڻ به مئا ۽ ڌارين کي به خوب ماريائون. سندن دفاعي تندي ۽ توانائيءَ ۾ رتيءَ ماتر به فرق نه آيو.“
مخدوم جهانيه کي وچ ۾ آڻي، تغلقن پنهنجي طاقت جو ڀرم برقرار رکيو. سال 1388ع کان پوءِ دهلي سلطنت ٽڪرا ٽڪرا ٿي وئي. سمن جي سلطنت دنيا جي نقشي تي نروار ٿي. ايندڙ هڪ صدي سنڌ، ڪنهن مکيه معرڪي ۾ ملوث نه ٿي. ڪجهه غير اهم جنگين جو ذڪر گذريل صفحن ۾ ڪيو ويو آهي.
پندرهين صديءَ جي آخر ڌاري سنڌ ۽ هرات ۾ لڙائين جي ابتدا ٿي. ابتدا ۾ ارغونن بهادر خان کي شڪست ڏئي، شهر ”سبي“ تي قبضو ڪيو. مختصر مدت ۾ درياخان هي شهر واپس ورتو ۽ ارغونن کي عبرتناڪ شڪست ڏني وئي. فيروز جي حڪومت جي ابتدا ۾ ارغونن ”سبي۽ ٻين شهرن تي وري قبضو ڪيو.(20) سنڌ تي باقاعده حملي کان اڳ شاه بيگ ارغون ننڍا ننڍا حملا ڪري، سنڌين کي خوفزده ڪرڻ شروع ڪيو. 11 محروم 927هه تي ارغونن ننگر ٺٽي ۾ اچي درياخان کي للڪاريو. اڳ سنڌ جي اڳواڻن ۾ اتحاد هو، ان ڪري قنڌار جي سرحد تي درياخان سوڀ پاتي. هاڻي سمن جو سڄو شيرازو منتشر هو، ان ڪري سنڌ جو هي سورهيه پنهنجي تختگاه ۾ به ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهيو. پوءِ به ارغون ميدان جنگ تي کيس ناڪام بنائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيا. آخرڪار کيس حيلي بهاني سان گرفتار ڪري شهيد ڪيو ويو!
ڄام صلاح الدين، سمن، جاڙيجن ۽ سوڍن جو ڏهه هزار لشڪر گڏ ڪري، ارغونن سان مقابلا ڪيا. کيس راءِ کنگهار جي مدد حاصل هئي.(21) هن جنگ ۾ ڄام جي لشڪر بيهي لڙائي ڪئي. ليڪن سندس پٽ هيبت خان ۽ خود سندس شهادت، ارغونن کي همت ۽ سوڀ حاصل ڪئي. ان بعد بزدل فيروز چاليهه هزارن جو لشڪر گڏ ڪري، بدين طرف شاه حسن ارغون کي للڪاريو. هڪ ڏينهن جي جنگ ۾ ويهه هزار انسان مارجي ويا.
هن عنوان ختم ڪرڻ کان اڳ مناسب ٿيندو ته ذڪر هيٺ آيل دور جي مکيه فوجي مرڪزن، جنگي طور طريقن ۽ هٿيارن بابت مختصر ذڪر ڪجي. سمن جي دور ۾ عمرڪوٽ، نصرپور، بٺورو، ڪلان ڪوٽ، رتوڪوٽ، سيوهڻ، نيرون ڪوٽ، سبي، بکر، ڪوٽ ماڇي، چانڊڪا، باغبان، ٺٽو، فتح پور، ٽلٽي ۽ بدين اهم فوجي مرڪز هئا. هتي قلعا ۽ ڪوٽ هئا، جتي فوج جو مناسب تعداد موجود هوندو هو. اڪثر سمان سلاطين اقتدار جي واڳ وٺندي، سرحدي شهرن ڏي ويندا هئا ۽ اتي بچاءَ ۽ دفاع بابت خاص حڪم ڏيندا هئا. متعدد بادشاهن بکر ۾ وڃي فوجي انتظام رکيو. ڄام نندي جي دور ۾ اتي دلشاد کي مقرر ڪيو ويو. ارغونن سنڌ فتح ڪرڻ بعد سمن جي هر اهڃاڻ ۽ علامت کي ختم ڪيو. شاه بيگ بکر جي پوري بناوٽ کي ڊاهي، نئين سر اڏڻ جو حڪم جاري ڪيو.(22) اوڀارين سرحدن تي امن امان هوندي به ڄام سنجر قلعا ۽ ڪوٽ اڏائي، ڪجهه مکيه قبيلن کي اتي رهايو هو.
سمن جي دور ۾ سنڌي ماڻهو ميداني جنگ کان علاوه بحري ميدان تي به لڙائي ڪرڻ ۾ قابل هو. فيروز تغلق جي حملي وقت، ڄامن ننگر ٺٽي ۾ قلعي بند ٿي لڙائي جاري رکي. ان کان علاوه کاهيون کوٽڻ به ان دور جي جنگي طريقي ۾ شامل آهي. سنڌي لشڪر تغلقن جا بحري ٻيڙا ناس ڪيا، ليڪن شاه حسن ارغون سان وڙهندي، ڄام فيروز جو لشڪر ناڪام ٿيو. مير معصوم لکي ٿو:
”لشڪر جي درياه ٽپڻ وقت ماڻڪ وزير ۽ ڄام فيروز جو ناٺي شيخ ابراهيم ڪجهه لشڪر ساڻ وٺي سامهون اچي دنگيون کوليون ۽ توبچن ۽ تيراندازن سان ڀريل ڪي ٻيڙيون رستي جي منهن تي آڻي روڪڻ لڳا.“

[b]مؤرخن ٽلٽي وٽ ٿيل لڙائي جو ذڪر ڏاڍي دلچسپ انداز ۾ ڪيو آهي:[/b]
”سهتا ۽ سوڍا ماڻهو جيڪي اتي حاضر هئا، تن ٺهراءُ ڪيو ته جيستائين جان باقي هوندي، تيستائين لڙائيءَ تان هٿ نه کڻنداسون......“
”انهيءَ جنگ ۾ سوڍن ماڻهن عجيب لڙائي ڪئي ۽ مقابلي جي ميدان ۾ ڏاڍي مڙسي ڏيکاري ۽ بيهڪ ڪري انهن مان گهڻا جوڌي سوڍي جي ڀاءُ رنمل سان گڏ ڪُسي ويا.“
بدين طرف ٿيل ارغونن ۽ فيروز جي آخري جنگ جو ذڪر ڪندي مير معصوم نهايت تعجب سان سنڌي جنگي طور طريقي بابت لکيو آهي ته:
”انهن ماڻهن جڏهن مغلن جو لشڪر ڏٺو ته سڀني هڪدم گهوڙن تان لهي، مٿن تان پڳون لاهي، چادرن جون ڪنڊون هڪ ٻئي سان ٻڌي جنگ شروع ڪئي. سنڌ ۽ هند جي ماڻهن جو اهو قاعدو آهي ته جڏهن پاڻ ڪسڻ جو فيصلو ڪندا آهن، تڏهن گهوڙن تان لهي، مٿا اگهاڙا ڪري، چادرون ۽ ڪمر بند هڪ ٻئي سان ٻڌندا آهن.“(23)
سمن جي دور جي جنگي حرفتن ۽ طور طريقن جو اڀياس ڪندي، ڪجهه اهم حقيقتن کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي. هڪ روايت آهي ته:
سمان ۽ سومرا، ٻه ڳالهيون پارين،
وار نه ڪن عورت تي، ڀڳي پٺ نه وڃن. (24)
معنيٰ ته سمن ۽ سومرن ميدان جنگ تي عورت جي عزت جو خاص خيال رکيو ۽ لڙائي مان ڀڳل سپاه جي پٺيان وڃڻ به انهن جو شيوو نه هو. سمن سلطانن هر ڀيري سنڌ جي دفاع جي جنگ پاڻ لڙي. تاهم ضرورت وقت انهن پاڙيسري قومن کان مدد وٺڻ ۾ به عيب نه سمجهيو. غنيم جي حملي وقت سمان سلاطين بيٺل فصل کي ناس ڪرائي ڇڏيندا هئا. فيروز جي پهرين ڪاهه ڀيري ائين ڪرڻ سان سنڌين کي مثالي سوڀ حاصل ٿي هئي، جڏهن ته ٻئي حملي وقت تغلقن پڪل فصل تي قبضو ڪري، پنهنجي مرضي ۽ خواهش موجب سمن تي معاهدو مڙهيو هو. بلاشبه وطني دفاع ۾ قومي ٻڌي مکيه ڪردار ادا ڪري ٿي. ارغونن جي سنڌ ۾ ڪيل فتوحات کي هتان جي ڦوٽ ۽ گهرو تڪرار وڏي هٿي ڏني. تاهم اهل سنڌ جي شڪست جو سبب ڏيندي، مير علي شير قانع لکي ٿو:
”سنڌي ماڻهو ۽ سندن گهوڙا: ڪلاه پوش مغلن جي هيبت کان پهرئين ئي دفعي ٽاه کائي ڀڄي ويا.“(25)
زره، تير ڪمان ۽ تلوار سان ليس ٿي پندرهين ۽ سورهين صدي جا سنڌ واسي پنهنجي دشمن کي قلعي بند ٿي يا وري کاهيون کوٽي للڪاريندا هئا. سلطنت هند ميدان جنگ تي هاٿي ڪتب آڻيندي هئي، جڏهن ته سنڌ ۾ گهڻو ڪري لڙائي واسطي گهوڙا استعمال ۾ ايندا هئا. هن دور ۾ گجرات، وجيه نگر ۽ دکن ۾ بارود ۽ اتشي هٿيار پهچي چڪا هئا.(26) تاهم سنڌ ۾ ان زماني جي هيءَ نئين جنگي دريافت اڃا نه پهتي هئي.
سمن جي دور ۾ سهتا، سوڍا، ڏهر، ڌاريجا، ماڇي ۽ سمان مارشل قبيلن جي روپ ۾ ظاهر ٿين ٿا. ارغونن ملڪ وٺڻ بعد هنن قبيلن جو قتل عام ڪرايو. هن زماني جي جنگي اڀياس ڪندي درياخان، امير قيصر، ڄام انڙ، ڄام بابينو، ڄام تماچي، ڄام سارنگ، دلشاد، جوڌو سوڍو، موٽڻ خان، محمود خان، رنمل سوڍو، هيبت خان، ڄام صلاح الدين، ماڻڪ، شيخ ابراهيم، مخدوم بلال ۽ سندس خليفا – وطن دوست، دلير، سورهيه ۽ فوجي ماهر طور تاريخ ۾ نمايان ڏسجن ٿا، جڏهن ته ڄام جوڻو (اول) قاضي قادن ۽ ڄام فيروز – بزدل، ڪانئر توڙي وطن فروش ۽ موقعي پرست جي روپ ۾ ظاهر ٿين ٿا.

[b]عدالتي سرشتو:[/b] سمن جي سلطنت ۾ عدالتي سرشتي جا ٻه مکيه شعبا هئا. هڪ طرف عدالتي ضابطي کي اسلامي شريعت سان روشناس ڪيو ويو ۽ ٻئي طرف سنڌ جي سماجي ڍانچي ۽ قاعدن کان پڻ مدد ورتي وئي. مقامي نوعيت جا معاملا ۽ ننڍا ننڍا ڏوهه، هيٺين سطح تي راڄن جا چڱا مڙس ۽ قبيلن جا سربراه پاڻ ٻڌندا هئا ۽ فيصلا ڪندا هئا. هي طريقو سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اڄ سوڌو رائج آهي. جيتوڻيڪ ويهين صدي جو سنڌي سماج گهڻي حد تائين تبديل ٿي چڪو آهي، تاهم اڄ به سماٽ قبيلن جو سنجيده معاشرتي مطالعو، ان ڏس ۾ اسان کي گهڻو مواد مهيا ڪري سگهي ٿو. سمن جي دور ۾ هتان جو سماج ڪافي پرامن هو، ڇو ته سنڌ ۾ اتر ۽ اولهه جي قومن جا اثرات اڃا نه پهتا هئا. ٿوري ٿوري ڳالهه تي قتل ۽ خونريزي ڪرڻ، پوءِ جي دورن جو واڌارو آهي. ڪاروڪاري جهڙي رسم سنڌ ۾ مغل دور جو آثار ۽ اهڃاڻ آهي. ان کان اڳ هتي انساني قتل وڏو جرم، ڏوهه ۽ پاپ سمجهيو ويندو هو. مقامي سماجي ضابطن کان علاوه سمن سلطانن پنهنجي عدالتي سرشتي کي منظم ڪرڻ لاءِ اسلامي شريعت ۽ قانون کان پڻ مدد ورتي. مير علي شير هن دور جي ڪجهه قاضين جا نالا رڪارڊ ڪيا آهن، جنهن کي اسلامي قانون ۽ فقه تي مڪمل عبور حاصل هو. قاضين جو انتخاب عام طرح اعليٰ تعليمي ادارن جي استادن ۽ عالمن مان ڪيو ويندو هو. اسلامي عدالتي سرشتو هن سور ۾ ڄام نندي جي وقت اوج کي پهتو.
مؤرخن سمن سلطانن جي عدالتن ۽ انصاف بابت لکندي ڄام علي شير، ڄام خير الدين، ڄام سنجر ۽ ڄام نندي جي وڏي واکاڻ ڪئي آهي. ڄام خير الدين جي عدل ۽ انصاف بابت ٻڌايو ويو آهي ته:
”هو هڪ ڏينهن سير تماشي لاءِ نڪتو ۽ هڪ کڏ ۾ ڪجهه هڏا پيل ڏسي ٿورو وقت بيهي، حاضرين ڏانهن منهن ڪري چيائين ته ”ڪي مظلوم آهن جي انصاف گهري رهيا آهن.“ جاچ مان معلوم ٿيو ته ست سال اڳ هتي گجرات جو هڪ قافلو لٽيو ويو هو ۽ ماڻهو ماريا ويا هئا. هنن چورن کان مال ڇڏائي، وارثن ڏانهن موڪليو ۽ قاتلن کان قصاص ورتو.“(27)
ڄام علي شير کي به عادل سڏيو ويو آهي. تاريخ ۾ ڄام سنجر جي عدل پروري مشهور آهي. سندس دور ۾ بکر جي قضا جي عهدي تي قاضي معروف مقرر ڪيل هو. هو صاحب عدالت هلائيندي، ٻنهي ڌرين کان رشوت وٺندو هو. ڄام سنجر هيءَ شڪايت ٻڌي، تڏهن کيس ٺٽي طلب ڪيائين. پڇا ڪرڻ تي قاضيءَ جواب ڏنو ته آئون ٻنهي پارٽين کان پيسه وٺان ٿو. اڃا ته شاهد تڪڙ ۾ نڪري وڃن ٿا، ورنه انهن کان به خرچي وٺان ها. رشوت کائڻ بابت قاضي وضاحت ڪندي ٻڌايو ته عيالدار آهيان ۽ پگهار مان پورت نه ٿي ٿئي.(28) ڄام سنجر هي قصو ٻڌي قاضي معروف کي انعام ڏنا ۽ سڄي ملڪ ۾ ملازمن جي تنخواه وڌائڻ جو حڪم ڏنو. ڄام نندي جي دور ۾ عدالتي سرشتي ۾ وڌيڪ سڌارا آندا ويا ۽ ان کي اسلامي قانون جي تابع بنايو ويو. ڄام صلاح الدين جي دور ۾ قاضي نعمة الله ۽ ڄام نندي جي حڪومت ۾ قاضي عبدالله ۽ اچ جي قاضي محمد وڏو نالو ڪڍيو.
سمن بادشاهن مکيه شهرن ۾ عدالتون قائم ڪيون. ننگر ٺٽي ۾ چيف جسٽس (وڏو قاضي) رهندو هو، جيڪو ڪورٽ هلائڻ کان علاوه اهم ديني مسئلن تي وقت جي حاڪم کي صلاحون ۽ مشورا پڻ ڏيندو هو. هن دور جا قاضي توڙي حاڪم انصاف پسند ۽ خدا جو خوف رکندڙ هئا. انصاف ۽ عدل کي ٻن ڏوڪڙن تي نيلام ڪرڻ گهڻو پوءِ جو قصو آهي. سمن جو دور نفسانفسي ۽ وٺ پڪڙ کان آجو هو. خدا جو خوف موجود ۽ انسانن جو وقار اڃا قائم هو. ممڪن آهي ته ڪن محققن لاءِ ڄامن جي عدل پروري متعلق ڏنل هي مثال اعتبار جوڳا نه هجن، ليڪن صدي ڏيڍ پوءِ مغلن جي هڪ حامي مؤرخ ميرڪ يوسف، ڄام خير الدين جي انصاف جو مٿيون ذڪر ڪندي پنهنجي دور ۾ سنڌ اندر ظلم ۽ ناحق بابت هن ريت اظهار راءِ ڪيو هو:
”هن وقت حالت اها آهي جو سيوهڻ جا مظلوم اڃا تائين جيئرا ويٺا آهن ۽ احمد بيگ خان توڙي سندس ڀاءُ ٻئي عيش پيا ڪن.“(29) ياد رهي ته احمد بيگ ان وقت سيوهڻ سرڪار تي شاه جهان پاران نيابت ڪري رهيو هو.
تعليم: سمن بادشاهن رياستي سطح تي تعليم ۽ تحصيل جي خوب سرپرستي ڪئي. تاريخ ۾ هنن بادشاهن جي علم دوستي ۽ عالم نوازيءَ جا ڪيئي مثال موجود آهن. عربن جي فتح بعد هتان جي تعليم ۽ تدريس ۾ تبديلي آئي. سنڌ جو تعليمي طريقو به باقي اسلامي دنيا وانگر قائم ڪيو ويو. سومرن ۽ سمن جي دور تائين نصاب ۾ مختصر ڦير ڦار ٿي. تاهم عربي زبان کي درس ۾ اهم رتبو حاصل رهيو. ان دور ۾ استاد ۽ عالم اهو ئي هو، جيڪو اديب ۽ اهل قلم هو. جنهن بزرگ مدرسو، مڪتب ۽ خانقاهه هلائي ٿي، ان صاحب تعليم جي واڌاري سان گڏ علمي ۽ ادبي خدمت به ڪئي ٿي. مولائي شيدائي مرحوم جو رايو آهي ته عربن ۽ سومرن جي دور ۾ مسجد، درسگاه جو ڪم ڏيندي هئي، ليڪن سمن حاڪمن مدرسن لاءِ جدا جايون جوڙيون، جتي وڏي رتبي جا عالم ۽ محدث تعليم ڏيندا هئا.(30) سنڌ ۾ بلاشبه ڇهن صدين کان مناسب ۽ معقول، ديني توڙي دنيوي تعليم جو بندوبست هو. سومرن جي زوال ڌاري ابن بطوطه، سيوهڻ ۾ اعليٰ تعليمي درسگاهن جو ذڪر ڪندي، اتي جي استادن ۽ عالمن جو به ذڪر ڪيو آهي. انهن مان اڪثريت جو واسطو ٻاهرين دنيا سان هو. ان بعد ڄامن پنهنجي ٻن صدين جي حڪومت دوران تعليم جي شعبي تي گهڻو ڌيان ڏنو ۽ ان کي ترقي وٺرائي. قديم عالمن کان جديد محققن تائين هن دور ۾ ٿيل تعليمي واڌاري بابت ساراه ڪئي وئي آهي. هن زماني ۾ سيوهڻ، بکر، ٺٽو، درٻيلو، ٽلٽي، ڳاها، ٻٻرلوءِ، هالڪنڊي، نصرپور، اگهاماڻي، عمرڪوٽ ۽ باغبان – اهم علمي ۽ تعليمي مرڪز هئا. ڊاڪٽر انصار زاهد ذڪر هيٺ آيل زماني ۾ تعليمي اوسر بابت لکي ٿو:
”دهلي سلطنت جي دور ۾ تعليم ۽ تربيت جي همت افزائي ٿي. ان دور ۾ سيوهڻ ۾ ”محمدي خانقاه“ اهم تدريسي مرڪز ڏسجي ٿي. سمن سردارن کي حڪومت تغلقن جي زماني ۾ ملي. انهن پڻ علم ۽ ادب جي سرپرستي ڪئي. ڄام سنجر ۽ ڄام نظام الدين عالمن جي وڏي خدمت ڪئي. ڄام نندي ٻاهرين دنيا جي عالمن کي گهرايو ۽ کين وڌ ۾ وڌ سهوليتون ڏنيون.“(31)
وچئين دور جي ماخذن جي پڙتال ڪندي خبر پوي ٿي ته سمن سلطانن، تعليم جي واڌاري ۾ سٺي دلچسپي ڏيکاري هئي. ڄام تماچي، ڄام سڪندر (ثاني)، ڄام سنجر، ڄام نندي ۽ دولهه دريا خان – مڪتبن ۽ مدرسن جي خوب سرپرستي ڪئي. هنن حاڪمن استادن جو مان مرتبو بلند ڪيو ۽ خانقاهن ۽ مدرسن لاءِ وڏيون رقمون مهيا ڪيون. ڄام تماچي دهليءَ جي قيد مان آزاد ٿي ٺٽي پهتو. تڏهن هن شيخ حماد جماليءَ جي خانقاه ۽ درگاهه لاءِ ڳري رقم فراهم ڪئي. ان سان گڏ مڪليءَ جي جامع مسجد لاءِ به گنڊ مهيا ڪيا ويا. شيخ حماد جمالي هن وقت جي وڏي علمي شخصيت آهي. پاڻ هميشه حجري ۾ منهن ڍڪيو ويٺو هوندو هو. شاگرد حجري جي ٻاهران وهندا هئا ۽ شيخ اندران ويهي کين درس ڏيندو هو. ان ريت ڄام صلاح الدين پڻ تعليم ۽ تدريس ۾ دلچسپي ڏيکاري. سمن جي ابتدائي زماني ۾ سيد محمد شيراز کان سنڌ پهتو. سندس پٽ سيد احمد به ساڻس گڏ هو. هنن ٻنهي بزرگن صوبي سيوهڻ ۾ مدرسو قائم ڪيو ۽ علم جي پکيڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سيد محمد جي وفات کان پوءِ سيد احمد مستقل طرح ٺٽي ۾ قيام ڪيو. هنن بزرگن سان گڏ حافظ شيرازي به سنڌ ڏي آيو ٿي. ليڪن وطني ڪشش سبب قنڌار مان موٽي ويو. سيد احمد جو هڪ پٽ جعفر گجرات ويو ۽ اتي ديني ۽ درسي شغل جاري رکيائين. سندس ٻيو پٽ پير مراد شيرازي (وفات:893هه/1487ع) ٿي گذريو. سيد احمد جو ٽيون پٽ سيد علي اول (وفات:877هه/1472ع) هو، جنهن جو پٽ سيد جلال هو. سيد جلال تفسير، حديث، فقہ ۽ ٻين علمن ۾ اڪابر هو. سڄي ڄمار پاڙهيندي گذاريائين. سندس وفات سن 903هه/1497ع ۾ ٿي. جنهن زماني ۾ سيد احمد ٺٽي آيو، ان وقت سندن ملاقات قاضي نعمت الله ٺٽويءَ سان ٿي. قاضي پنهنجي زماني جي اهم علمي شخصيت تي گذريو آهي.
هن دور ۾ جيئن ته گجرات ۽ سنڌ جو ويجهو واسطو هو، ان ڪري ٻنهي رياستن ۾ عالمن جي اچ وڃ به جاري رهي. سيد جعفر ٺٽي مان گجرات ويو، جڏهن ته ڪاٺياواڙ (مئنگلور) مان علاؤ الدين سنڌ پهتو. هن هڪ ڪتاب ”الزبدة“ لکي ڄام سڪندر شاه (ثاني( جي نالي معنون ڪيو. هي ڪتاب ورهين تائين هتي جي نصاب ۾ شامل رهيو. مؤرخن ڄام سنجر جي علم نوازيءَ جي وڏي تعريف ڪئي آهي. پاڻ هميشه عالمن، صالحن ۽ درويشن جي دلجوئي ۽ خدمت ڪندو هو. ان بعد سنڌ جي حڪومت ڄام نندي جي حوالي ٿي. کيس ابتدا کان ڪري عالمن ۽ علم سان محبت هئي. مير معصوم لکي ٿو:
”ابتدا ۾ ڄام نظام الدين علم جي طلب ڪندو هو. مدرسن ۽ خانقاهن ۾ گذاريندو هو ۽ نهايت نهٺو، خليق، وڻندڙ صفتن ۽ سهڻن اخلاقن سان موصوف هو. ڪمال درجي جي زهد ۽ عبادت جو مالڪ هو.“
تاريخون ۽ تذڪرا ڪيئي عالمن جي نشاندهي ڪن ٿا، جن هن حاڪم جي زماني ۾ سندس ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ علم جي آبياري ڪئي. سوين استادن هزارين شاگردن کي درس ڏنو ۽ سندن علمي اڃ اجهائي. هر ننڍي وڏي شهر ۽ قصبي ۾ درسگاهه هئا، جن کي سرڪاري سرپرستي حاصل رهي. تدريس ۾ مشغول بزرگ روحاني طرح به وڏي رتبي جا مالڪ هئا. ڏيهي عالمن کان علاوه ڄام نندي پرڏيهي استادن جي به همت افزائي ڪئي ۽ انهن پنهنجا شهر ڇڏي سنڌ ۾ مدرسا کوليا. ڪتابن ۾ هن دور ۾ ٿيل علمي ترقيءَ جا ڪجهه مثال محفوظ آهن. قاضي عبدالله هن دور جو وڏو عالم هو. هي سيوهڻ جي عباسي خاندان مان هو. سالن تائين طالب العلم هر خميس جي ڏينهن سندس مقبري تي حاضر ٿي، ڪسب ڪمال ۽ قلب ۽ ذهن جي ڪشادگي واسطي دعائون گهرندا هئا. علامه جلال الدين دواني (وفات: 1502ع) جي گهرائڻ لاءِ سفر جو خرچ ڏانهنس موڪليو ويو. ليڪن کيس موت مهلت نه ڏني ۽ هو پهچي نه سگهيو. البت سندس ٻه ناليرا شاگرد مير معين ۽ مير شمس دارالحڪومت ٺٽي پهتا. هن عالمن هت رهي ديني ۽ دنياوي علم جي واڌاري ۾ وڏو حصو ورتو. ڄام نندي جي دور ۾ ئي شيخ عيسيٰ برهانپوري لنگوٽي هندستان (سي – پي) کان ٺٽي پهتو. هن ساموئي ۾ پنهنجو مدرسو هلايو. سندس حجري کي وقت جي اهم درسگاه مڃيو ويو آهي. ان دور جو بهترين استاد علامه نعمت الله عباسي سندس شاگرد هو. هن دور جي تعليمي اڀياس ڪندي، اسان کي شيخ حسين صفائي (وفات: 1524ع) کي به ياد ڪرڻ گهرجي.
سورهين صدي شروع ٿيڻ سان وچ ايشيا ۾ تبديلين جو عمل شروع ٿيو. ان صورتحال ۾ اتان متعدد عالمن اچي سنڌ ۾ پناه ورتي. محدث عبدالعزيز ابهري ۽ سندس پٽ مولانا محمد ۽ مولانا اثير الدين ان پس منظر ۾ هن ملڪ ۾ پهتا. هنن بزرگن کي دريا خان جي سرپرستي حاصل ٿي. اهڙي طرح پاڻ ”ڳاها“ ۾ اعليٰ پايي جو درسگاهه جاري ڪيائون. ميان عبدالعزيز جي وفات ڳاها ۾ ٿي.(32)
هي ته اهي چند نالا آهن، جي محققن جي طفيلي محفوظ رهيا. بي صورت ۾ ٻن صدين جي سمن جي حڪومت دوران سوين ڀلارن خدمتون سرانجام ڏيندي، تعليم ۽ تحصيل جي واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيو هوندو. هن مطالعي ۾ ٽي وڌيڪ عالم ۽ اڪابر به شامل ٿيڻ گهرجن، جن مثالي تعليمي خدمتن سبب تاريخ جي صفحن تي اڻ مٽ نشان ڇڏيا آهن. مخدوم بلال باغبان ۾ درس ۽ تدريس جو شغل جاري رکيو. جمالي دهلوي (وفات:1536ع) ساڻس ملاقات ڪئي هئي. هن پنهنجي ڪتاب ”سير العارفين“ ۾ سندس ذڪر عزت ۽ احترام سان ڪيو آهي. ڄام بايزيد ۽ ڄام ابراهيم ملتان ۾ ۽ اچ ۾ مدرسن جو بنياد رکي عالمن ۽ اديبن جي خوب سرپرستي ڪئي.
جيئن مٿي ذڪر ٿيو ته سمن ڄامن تعليمي سرگرمين لاءِ الڳ تعميرات ڪيا ۽ انهن لاءِ رقمون فراهم ڪيون. مڪتب، مدرسو ۽ خانقاه هن دور ۾ علم جي سکيا جا مرڪز هئا. ڪڏهن ڪڏهن مسجدن سان متصل حجرا به شاگردن جي تحصيل لاءِ ڪتب ايندا هئا. هن زماني جا استاد وڏا عالم اڪابر هئا. اهي پڙهائي سان گڏ درسي ڪتاب به تيار ڪندا هئا ته انهن تي شرحون به لکندا هئا. علامه عبدالعزيز ۽ علاؤ الدين منگلوري، سونهارن جي ان سٿ ۾ شامل هئا. نصاب ۾ منقولات کي معقولات تي ترجيح حاصل رهي. قرآن پاڪ جي تدريس کان علاوه منقولات ۾ تفسير، قرائت، حديث ۽ فقہ به پڙهايو ويندو هو، جڏهن ته معقولات ۾ فلسفي، طب، منطق ۽ ادب جي تعليم شامل رهي. درسي نصاب ۾ ماهر ڄاڻو ۽ استاد مدرسن ۽ مڪتبن ۾ سبق ڏيندا هئا. جيتوڻيڪ سمن جي آخري دور ۾ وچ ايشيا ۽ ايران جي عالمن جي اچڻ سان سنڌ ۾ فارسي ادب جو چرچو ٿيو ۽ هتي حافط، سعدي، خيام، رومي ۽ فردوسيءَ جا ديوان ۽ شعر به پهتا، تاهم هن دور جي ٺوس علمي اڀياس مان خبر پوي ٿي ته ”عربي“ زبان دفتري توڙي درسي حيثيت ۾ ڇانيل رهي.(33)
بلاشبه سنڌ جي سمن سلطانن ديني ۽ دنياوي علومن جي واڌاري لاءِ بهترين موقعا مهيا ڪيا. تڏهن به انهن سائنسي علومن لاءِ ڪا همدردي نه ڏيکاري. انهن نه ته رصدگاهن جي قيام ۾ دلچسپي ورتي، نه وري تجربيگاهن جي ٺاهڻ لاءِ رقمون ڏنيون. ان دور ۾ مسلم دنيا، خاص ڪري وچ ايشيا ۽ ايران ۾ حاڪمن ۽ بادشاهن سائنس جي واڌاري لاءِ خاص فنڊ مهيا ڪيا ۽ حڪيمن ۽ سائنسدانن جي سرپرستي ڪئي، توڙي جو سياسي ميدان تي هنن وڏا ظلم ڪيا ۽ بربادي ڪيائون!

[b]معاشي ۽ اقتصادي اڀياس: [/b]تاريخ جو اڀياس ڪندي معلوم ٿئي ٿو ته سومرن جي آخري زماني ۾ سنڌ جي اقتصادي ابتري پيدا ٿي. محمد حسين پنهور جي راءِ موجب سومرن جي زوال ۾ سنڌو درياهه اهم ڪردار ادا ڪيو. درياهه جي رخ تبديل ٿيڻ سبب معاشي صورتحال نازل ٿي وئي. سمن ۽ تغلقن جي طويل ڇڪتاڻ سبب پڻ هتان جي اقتصاديات تي خراب اثر پيا. فيروز تغلق سنڌ ۾ داخل ٿيو، تڏهن فصل ناس ڪيا ويا ۽ ان ريت عام انسان جي جيوت تي خراب اثر پيو. فيروز تغلق ۽ ڄام تماچيءَ صلح ڪيو. تڏهن سنڌ جي روزمره جي جيوت ۾ استحڪام پيدا ٿيو. ليڪن ان سان گڏ هن خطي تي بي انداز ڏن مڙهجي ويو. دهلي سلطنت ڪمزور ٿي ختم ٿي، تڏهن حقيقي معنيٰ ۾ سنڌ جي ماڻهن سک جو ساه کنيو. ان بعد سمن ملڪ جي ترقي ۽ ڀلي لاءِ قدم کنيا. انهن واپار کي وسعت ڏني، صنعت ۽ حرفت کي فروغ ڏنو ۽ آبپاشي ۽ زراعت جي واڌاري طرف پيش رفت ڪئي.
هتان جي عوام جي اڪثريت جو گذر سفر زراعت، محنت، مزدوري، هلڪين صنعتن، مڇي مارڻ ۽ چوپايي مال ڌارڻ تي هو. واپار ۽ ملازمتن ۾ تمام گهٽ ماڻهن دلچسپي ورتي ٿي. سمن جي دور ۾ ننڍن توڙي وڏن شهرن ۽ قصبن ۾ ڪپڙي جي صنعت، جنڊي ۽ ڪاشيءَ جي حرفت کان علاوه اجرڪ، کٿا ۽ کيس ٺاهڻ جا اڏا موجود هئا. درياهي صنعت به اوج تي هئي. ڪپهه، اناج ۽ نير جام ٿيندو هو، جن کي ٻاهر موڪليو ويندو هو. هن زماني ۾ صنعت توڙي تجارت تي مقامي سنڌي مسلمان ڇانيل هو. هندن جو واپار تي قبضو مغل دور جو اهڃاڻ آهي. ٺٽو، عمرڪوٽ، نصرپور، بکر، سيوهڻ، ڪنڊيارو، جوڻ ۽ سن وغيره اهم واپاري، صنعتي ۽ تجارتي ماڳ ڏسجن ٿا. سمن بابت جيڪو مواد ملي ٿو، ان مان خبر پوي ٿي ته عام انسان جي جيوت سٺي هئي ۽ ماڻهو سک سانت ۽ خوشهاليءَ واري زندگي بسر ڪندا هئا. سنڌ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي فراواني هئي ۽ ڪمي توڙي ڪاسبي پيٽ ڀري کائيندا هئا. ابن بطوطه لکي ٿو:
”هتي جي واه جي ڪناري تي سواءِ گدرن جي پوک جي ٻي ڪابه شيءِ پوکي نه ٿي سگهجي. هن شهر جا ماڻهو (سيوهڻ) جوئر ۽ جلبان جي ماني ٺاهي کائيندا آهن. هتي مڇي ۽ مينهن جو کير جام ملندو آهي.“
هيءَ شاهدي هڪ هعمصر سياح جي آهي. سندس بيان کي اسين سنڌ جي ٻين خطن سان به لاڳو ڪري سگهون ٿا. سمان بادشاه سرزمين سنڌ جو اولاد هئا، ان ڪري اقتدار جي واڳ وٺندي انهن پنهنجي ملڪ جي آبادي ۽ آبياري طرف ڀرپور ڌيان ڏنو. مير معصوم بکري، مير طاهر محمد، ميرڪ يوسف، فريد بکري ۽ مير علي شير قانع نه ته سمن جا درٻاري مؤرخ هئا ۽ نه وري هو سمن جي شاهي خاندان جا فرد هئا. ان ڪري ذڪر هيٺ دور جي اقتصاديات بابت سندن لکت وڌيڪ اهميت رکي ٿي. مير معصوم تمام ٿورن لفظن ۾ ٻڌائي ٿو ته: اڪثر بادشاه عوام ۽ سپاه جو خيال رکندا هئا. مسلمانن جي مال ۽ عزت جي حفاظت ڪندا هئا. سندن دور ۾ ملڪ ۾ وڏي رونق پيدا ٿي ۽ پاڻ رستن جي امن امان جو مناسب بندوبست ڪري، وڻج واپار کي وڏي هٿي ڏنائون.(34) هن لکت کي تسليم ڪندي، مئڪمروڊو، چٻلاڻي ۽ ماڙيوالا توڙي ٻين ڏيهي ۽ پرڏيهي مؤرخن سمن جي دور ۾ معاشري بهتري ۽ سڌاري جي نشاندهي ڪئي آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هر ملڪ ۾ وڻج واپار، صنعت ۽ تجارت ۾ سياسي استحڪام اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ڄام خير الدين ۽ ڄام نندي سرحدي انتظام ٺيڪ ڪري، قافلن جي اچ وڃ کي تحفظ ڏنو. ان پس منظر ۾ مولائي شيدائي مرحوم لکي ٿو ته: سمن فرمان روائن ڌاڙيلن جي بيخ ڪني ڪري، جن واپارين جا مال سنڌ اندر لٽيا هئا، سي انهن گجرات تائين سندن وارثن کي ڌاڙيلن سميت پهچايا هئا. شين جي اگهن جي جاچ ڪرڻ لاءِ هر هڪ شهر ۾ ناطم مقرر ڪيا هئا.(35) ان ريت ڏيڍ صدي اڳ ڪيپٽن مئڪمروڊو، سمن جي دور جي واپاري ڪيفيت جي زبردست واکاڻ ڪري ٿو. سندس راءِ ۾ جيئن ڄام اقتدار ۾ آيا، واپار پنهنجي اوج کي پهتو. ڪجهه حاڪمن واپار کي هيٺين منزل تان کڻي انتها تي پهچايو.(36) ساڳي طرح پروفيسر چيتن ماڙيوالا، هن دور جي تجارت بابت مطمئن آهي. هن جو خيال آهي ته: سمن حاڪمن، سومرن جي ڀيٽ ۾ وڏي خوداعتمادي ڏيکاري. انهن سڄي سنڌ تي سبي ملڪ تائين راڄ ڪيو. هن دور ۾ سنڌ جو واپار وڏي اوج تي پهتو.(37) هنن راين کي هٿي ڏيندي ڊاڪٽر ڇٻلاڻي لکي ٿو: سمن ڏاڍي سياڻپ سان ۽ سهڻي نموني حڪومت هلائي ۽ مجموعي طرح ڏسجي ٿو ته هنن جي حڪومت ڏاڍي ڪارائتي هئي. هنن کيتي، ڪارخانن ۽ واپار جي همت افزائي ڪري صوبي کي ڪافي ترقي ڏياري، ڪيترا ئي نوان شهر آباد ڪيا. هنن جي راڄ ۾ ملڪ ايترو ته سکيو ۽ ستابو هو جو ان کي مقامي تاريخ ۾ سونهري دور سڏجي ٿو.(38)
سنڌ جو واپار سنڌو درياه، سمنڊ ۽ اهم رستن ذريعي ٿيندو هو. اٺ، ٻيڙا ۽ جهاز باربرداري ۽ ڳانڍاپي جو ڪم ڏيندا هئا. سمن جي دور ۾ وچ ايشيا، ايران، عرب دنيا ۽ گجرات سان وڏي پيماني تي مال جي مٽا سٽا جاري هئي. هن دور ۾ لاهري بندر وسيلي سنڌ جو باقي دنيا سان واپار ٿيندو هو. ابن بطوطه لکي ٿو ته:
”هي نهايت خوبصورت شهر سمنڊ جي ڪناري تي ٻڌل آهي ۽ درياه سنڌ پڻ ان جي ڀرسان اچي ٿو. سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري. اصل ۾ هي شهر هڪ وڏو بندرگاه آهي، جتي يمن ۽ فارس جا جهاز ۽ واپاري تمام گهڻا اچن ٿا. ان ڪري هي شهر تمام مالدار آهي. هتي محصول تمام گهڻو وصول ڪيو ويندو آهي، جيڪو سالانو ست لک دينار آهي.“(39)
لاهري بندر متعلق هي حوالو تڏهن جو آهي، جڏهن سمن، سومرن ۽ تغلقن ۾ ڇڪتاڻ جاري هئي. ان سمي بندر جي پيدائش دهلي سلطنت جي حوالي هئي. سمن جي اوج دوران هي بندر وڌيڪ وسيو. ان ريت سندس آمدني وڌائي، سنڌ جي خزاني کي مالا مال ڪيو ويو.
سمان سلاطين صنعت ۽ تجارت سان گڏ زراعت جي واڌاري ۾ پڻ بيحد دلچسپي ورتي. همعصر ماخذن جي کوٽ سبب سمن طرفان آبپاشي نظام ۾ آندل سڌارن ۽ ترقيءَ بابت اڄ اسين گهڻو ڪجهه چئي نٿا سگهون. تڏهن به مليل مواد ظاهر ڪري ٿو ته حاڪمن نهرون ۽ واه کوٽائي، هتان جي پوکي راهي وڌائي ۽ ان ريت عام انسانن جي جيوت ۾ سڌارو آيو. هن دور ۾ دولهه دريا خان هٿان جاري ڪيل ٻن واهن جو ذڪر ملي ٿو. هن امير ساڪري پرڳڻي ۽ ٺٽي جي آس پاس زمينن جي آباديءَ واسطي هڪ نهر کوٽائي، جنهن کي ”خانواه“ سڏيو ويندو هو.(40) منڇر جي ڏکڻ ۾ بوبڪن جي ماڻهن گچ ۽ مانهن جي ٻوري سان پڪو بند ٻڌي، ڪاڇي جي زمين کي پاڻي پهچايو. ان ڪري اتي جام آبادي ٿيندي هئي. درياخان هٿان هڪ وڌيڪ واه جي اڏاوت بابت ميرڪ يوسف لکي ٿو: سنڌ جي حاڪم ڄام نندي جي زماني ۾ چاڳلا وزير کي درياخان سان گڏي سيوهڻ موڪليو ويو، جنهن هتي باراني پاڻيءَ تي وهندڙ ”ساوه واه“ جو افتتاح ڪيو.(41) بئريجن کان اڳ سنڌ ۾ صدين تائين کوهن تي نار چاڙهي ۽ هرلا هلائي، ٻنيون پوکيون وينديون هيون. ان ڪري وچئين دور ۾ کوه جي وڏي اهميت هئي. سمن ڄامن پنهنجي ملڪ ۾ کوه کوٽائي زراعت کي فروغ ڏنو. ان ڏس ۾ ڄام سڪندر (دوم؟) جو مثال ڏئي سگهجي ٿو. سندس دور ۾ جيڪي کوه تعمير ٿيا، انهن تي لڳل ڪتبن تي هن جو نالو مليو آهي. ڪتبن مان ظاهر ٿئي ٿو ته رعيت ڄام سڪندر مان خوش هئي. اهڙو هڪ ڪتبو سنجرپور (رحيم يار خان) مان پڻ مليو هو.(42) هن مطالعي جي آئيني ۾ ڊاڪٽر چٻلاڻيءَ جي راءِ بلڪل درست ڏسجي ٿي:
”جيڪي زمينون اڳ غير آباد هيون، سي به هاڻي چڱي طرح پوکيون ويون. اڻ پوکيل جو ڪو ٽڪر مشڪل ملندو. هر هڪ ماڻهوءَ پنهنجي پورهئي ۽ قابليت سان ملڪ کي اهڙي آسودي حالت تي پهچايو، جيڪي حصا ويران هئا، اتي هاڻي رونق لڳي وئي، ڄڻ ته اتي ڪا نئين دنيا پئدا ٿي هئي.“
ذڪر هيٺ آيل دور ۾ زراعت سيلابي، چرخي ۽ باراني طريقن سان ٿيندي هئي. هن دور ۾ بارش زياده ٿيندي هئي. تڏهن ته ڪاڇي ۾ بند ٻڌي پاڻي محفوظ ڪيو ويندو هو. خريف جو فصل ڀلان ڀال ٿيندو هو، جڏهن ته چيٽ جو مدار زياده سيلاب ۽ بارش تي هوندو هو. ناري جو خطو (عمر ڪوٽ) ڍنڍن، ڍورن ۽ تلائن ۾ جام پاڻي هجڻ سبب موجوده دور جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سرسبز ۽ آباد هو. همعصر سياحن جي تحريرن مان ان جي تصديق ٿئي ٿي.(43) سمن جي زماني ۾ درياه سنڌ جو اولاهون پاسو به ڪافي آباد ۽ وسيل هو. هزارين اٺ رات جو نار هڪلي باغن ۽ پوکن لاءِ پاڻي مهيا ڪندا هئا. مير معصوم لکي ٿو ته: ”...... اچي ڳاهن جي ڳوٺ ۾ باغبان تي حملو ڪيو. سنڌ جو هڪ عالم مخدوم جعفر، مرزا عيسيَ ترخان کان روايت ڪندو هو ته هن حملي ۾ مغل هزار ته رڳو اٺ ڪاهي ويا، جيڪي رات جو باغن جي نارن ۾ ڪم ڪندا هئا. ٻين شين جو يا ان ملڪ جي آبادي جو اندازو هن مان لڳائڻ گهرجي....“
هن خطي ۾ ان جي پوک جام ٿيندي هئي. ميرڪ يوسف لکي ٿو: انهيءَ ڪاڇيءَ واري پاسي تي ڏهون حصو ڍل وڌل هئي، جنهن مان نو حصا رعيت کي ۽ ڏهون حصو سرڪار کي مليو ٿي. تڏهن به ڄام نندي کي هڪ لک خرار وصول پي ٿيا. لاڙ جو خطو وري ڪپهه ۽ ميون جي پيدائش سبب مشهور هو. صدين کان هلندڙ هڪ ڪهاوت ذريعي ان جي نشاندهي ٿئي ٿي:
نـرت نـورائـي، نار نصرپور، ڦر فتح باغ
لهي ڏس جوڻ، جت آهي ڪپهه جو واپار

[b]سڪا:[/b] سنڌ جي پنهنجي سڪي جو حوالو راءِ خاندان ۽ برهمڻن جي راڄ ۾ ملي ٿو. جڏهن هباري خاندان بغداد کان الڳ ٿي حڪومت قائم ڪئي، تڏهن هن خاندان جي بادشاهن منصوره مان پنهنجو سڪو جاري ڪيو. سومرن جي سڪي بابت هيل تائين ڪابه معلومات نه ملي آهي. سمان سلاطين جي پنهنجي سڪي بابت قيام پاڪستان تائين اسان جي ڄاڻ محدود هئي، ليڪن هن ڏس ۾ بنهه تازي اميد افزا تحقيق ٿي آهي. ڪنهن به خاندان طرفان پنهنجو سڪو جاري ڪرڻ سان سندن خودمختياري ۽ اقتصادي بهتري ظاهر ٿئي ٿي. سمن بادشاهن پنهنجو سڪو به جاري ڪيو ته پرڏيهي سڪي کي به چالو رهڻ ڏنو. سمن جي پنهنجي سڪي ملڻ بعد سندن حڪومت، انتظام، خودمختياري ۽ معاشي توڙي ملڪي خوشحاليءَ بابت مؤرخن پاران ڪيل تعريف جي تصديق ٿئي ٿي. هيل تائين مليل معلومات موجب: علاؤ الدين ڄام جوڻي (اول؟) ۽ ٽن آخري بادشاهن: سلطان صدر الدين شاهه، نظام الدين شاهه ۽ فيروزالدين شاهه عرف ڄام فيروز جا پنهنجا جاري ڪرايل سڪا مليا آهن. هنن بادشاهن جا سڪا ديهه راهو، تعلقي هالا، ضلعي حيدرآباد مان هر هڪليندي زمين مان لڌا، جي ٽامي جي هڪ ٿانو ۾ رکيل هئا. ان ڏس ۾ وڌيڪ تفصيل نه مليو آهي. ساڳئي ٿانو ۾ گجرات جي بادشاهن (1396-1572ع) ۽ جون پور جي سلطانن (1397-1477ع) جا سڪا به مليا آهن.(44) گجرات ۽ سنڌ جو ويجهو تعلق هو. ان ريت هتي گجرات جي سڪن جو ملڻ ان تعلق تي روشني وجهي ٿو. البت جون پور جا سڪا ممڪن آهي ته سيد محمد آندا هجن، جو ڄام نندي جي دور ۾ سنڌ ۾ آيو هو. لڌل سڪا ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اڀياس هيٺ آندا هئا.

[b]ٽن آخري ڄامن جي سڪي بابت ڪجهه وڌيڪ معلومات سامهون آئي آهي.[/b]
صدر الدين ڄام سنجر عرف راءِ ڏنو 1461ع (866هه) ۾ فوت ٿيو هو. ڄام سنجر جو سڪو نهٽي (نهٽو) مان مليو آهي. سڪي جي ٻنهي پاسن کان هڪجهڙي عبارت ”ڄام صدرالدين“ لکيل آهي. عبادت جي چوڌاري گول دائرو آهي. هن قسم جا سڪا هن کان اڳ ڪٿان به نه مليا آهن. ساڳي جاءِ تان ڄام نندي جو سڪو به لڌو آهي. سڪي جي هڪ پاسي سندس والد ”ڄام صدر الدين“ واري ساڳي عبارت آهي ۽ ٻئي پاسي هن جو پنهنجو نالو ”ڄام نظام الدين“ لکيل آهي. ٻنهي سڪن تي مليل لکت عربي رسم الخط ۾ آهي.(45)
ڄام نندي ۽ ڄام فيروز جي سڪن بابت محترم عبدالله ورياهه وڌيڪ روشني وڌي آهي. سندس تحقيق جو خلاصو پيش ڪجي ٿو:
”ڄام نظام الدين جا سڪا ٽن قسمن جا آهن، ٽنهي جي لکڻي هڪجهڙي آهي. صرف ماپ ۽ وزن جو فرق آهي. ٽئي قسم ٽام جا آهن. انهن سڪن جي هڪ طرف گول دائري ۾ ”سلطان جام نظام الدين“ ۽ ٻئي پاسي به گول دائري ۾ سندس والد جو نالو ”جام صدر الدين“ اڪريل آهي. سڪن تي سن درج ڪونهي ۽ نه وري ضرب خانو ڄاڻايو ويو آهي. رسم الخط عربي ڏيکاري ٿي ۽ ان وقت عربي ٻولي لکپڙهه جي ڪم ايندي هئي.....“
”ڄام فيروز جا سڪا ٽامي جا مليا آهن. ٽامي ۽ چانديءَ جا مڪس ٿيل (ٺهيل) سڪا به مليا آهن. اهي سڪا وزن ۾ ٻين سڪن جي ڀيٽ ۾ ڳرا ۽ ٿلها آهن. فيروز جا مليل سڪا جدا جدا ماپن ۽ تور جا مليا آهن. سڪي جي هڪ طرف گول دائري ۾ ”جام فيروز شاهه“ ۽ ٻئي طرف سندس والد جو نالو ”سلطان نظام شاهه“ اڪريل آهي. سن درج ٿيل ڪونهي ۽ نه وري ضرب خانو تحرير ڪيو ويو آهي. رسم الخط عربي آهي. خاطري آهي ته ڄامن جا هي سڪا ٺٽي ۾ ٺهيا هوندا، جو ان دور جو تختگاه هو.“(46)
سمن جي حڪومت دوران ٻاهرين دنيا، خاص ڪري: گجرات، خانديش، دهلي، سلطنت ۽ جون پور جا سڪا به سنڌ ۾ رائج هئا. انهن مان گجرات ۽ جون پور جا سڪا سنڌ مان مليا آهن، جن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. ان ڏس ۾ وڌيڪ مواد جدا جدا ڪتابن ۾ موجود آهي.

[b](ب) سماجي ۽ ثقافتي صورتحال[/b]
[b]قبيلا ۽ ذاتيون:[/b] ڪنهن به دور جي قبيلن ۽ ذاتين جو تفصيلي اڀياس ان زماني جي سماجي صورتحال جانچڻ ۾ وڏي مدد ڪري ٿو. سمن جي دور ۾ ذاتين ۽ قبيلن جا ٽي مکيه گروپ ڏسجن ٿا: سماٽ قبيلا، عربي نسل ذاتيون ۽ باقي ننڍا ننڍا گروه ۽ جاتيون، اسلام کان اڳ ڪجهه سمن قبيلن جو ذڪر ملي ٿو، جن آخري هندو راجائن جي ظلمن کان تنگ ٿي، سنڌ جي فتح ۾ عربن جي مدد ڪئي هئي. سومرن سان سمن جي آخري معرڪي جي قيادت ڄام هالي ڪئي هئي، تاهم اقتدار انڙ جي حوالي ٿيو. ان بعد سمن ماڻهن گڏجي فيروزالدين ان‏ڙ کي ”ڄام“ جو لقب ڏنو. ڄام انڙ جو اولاد اڳتي هلي ”سماٽ“ جي سڀني قبيلن ۽ ذاتين جو مکيه سردار بنجي ويٺو. سماٽ ۾-برفت، پلي، لاکا، ڌاريجا، ڏهر، سهتا، ڪوريجا، ڏاهري، انڙ، راهو، جوڻيجا ۽ ٻيا گهڻا قبيلا شامل آهن. سومرن کي پڻ نسلي مطالعي جي ماهرن سماٽ قبيلن جي فهرست ۾ شامل ڪيو آهي. سمن جي سلطنت شروع ٿيندي ئي حسب روايت سومرا عتاب هيٺ آيا. انهن پنهنجي ذات تبديل ڪري کٽي، ڌوٻي ۽ ڊکڻ سڏائي زندگي بسر ڪئي. سومرن جي شاهي خاندان گجرات طرف پناه ورتي ۽ ٻين خاندانن (سومرن) ٿر ۾ رهائش اختيار ڪئي. اهڙيءَ طرح سمن جي بادشاهي ختم ٿي ته انهن پڻ گجرات ۽ ٿر ڏي رخ رکيو. ٿر جي پرانهين علائقن ۾ هنن قبيلن پنهنجي صديون پراڻي ڪلچر کي اڃا تائين برقرار رکيو آهي. سماجي معاملن ۾ سومرن سخت گير پاليسي اختيار ڪئي. جڏهن ته سمن بادشاهن گجرات ۽ خانديش تائين مٽيون مائٽيون ڪيون. سومرن ۽ خاص طرح سندس حمايتي قبيلن، سمن جي باد‏شاهي قائم ٿيڻ بعد هن ريت پنهنجي غم ۽ غصي جو اظهار ڪيو هو:
ڪارا ڪُرَ ڪراين ۾، سون اسان کي سُوءِ،
ور جيڏيـن سين جُـوع، فاقو فرحت ڀانيان!
(شاهه عبداللطيف)
سمن جي سلطنت ۾ اهم فوجي، سياسي ۽ انتظامي عهدن تي شاهي خاندان کان علاوه ٻين سماٽ قبيلن مان پڻ ماڻهو کنيا ويندا هئا. ان جو هڪ مثال دولهه دريا خان جي روپ ۾ ملي ٿو. تحريري رڪارڊ موجب هو سيد زادو هو. سنڌ جي مقامي روايتن موجب هن عظيم سپه سالار ۽ سفارتڪار جو تعلق ”قبوليا“ گهراڻي سان هو. اهڙيءَ طرح صنعت، تجارت ۽ زمينون سنڌ جي مقامي ماڻهن جي حوالي هئا. ارغون پيداواري وسيلا ۽ سپاه گيري، پنهنجن ماڻهن جي حوالي ڪيا. ان ڪري سمن ۽ فاتحن ۾ طويل ڇڪتاڻ جاري رهي.(47) ارغونن هڪ رٿا هيٺ سمن جي مرڪزيت ختم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. سورهين ۽ سترهين صدين ۾ سنڌ ۾ ٿيل مقامي جنگين ۽ گهرو لڙائين سبب سماٽ قبيلن کي گهڻو نقصان پهتو. ان هوندي به هنن ذاتين ۽ گروهن پنهنجو وجود برقرار رکيو. انڙن جي قبيلي پنهنجي موجوده اڳواڻ ڄام تماچيءَ جي روپ ۾ سمن جي شاهي خاندان جي نالن کي به قائم رکيو آهي ته صدين جي سياسي تسلسل (سردار ڄام تماچي: سال1987ع ۾ پاڪستان پارليامينٽ جي ايوان بالا يعني سينيٽ جو ميمبر هو) تي به نگاه رکي آهي. سمن جي دور ۾ سماٽ جي مختلف گروهن کي پڻ جدا جدا لقب مليل هئا. ان ريت شاهي خاندان ۾ سندن اهميت ۽ سڃاڻپ ٿيندي هئي. بادشاهي وڃڻ بعد سماٽ جي مختلف ذاتين ۾ وڌيڪ تقسيم ٿي. ان ڏس ۾ هڪ مؤرخ لکيو آهي ته: اها سما قوم گهڻن قبيلن ۾ ورهايل هئي، جن جا سردار ڄام، ارباب، وڏيرا، ڄاموٽ وغيره لقبن سان سڏبا هئا. هر هڪ پاڙي، ڪٽنب، قبيلي جي وفاداري پنهنجي مک ماڻهوءَ سان هوندي هئي. انهن مک ماڻهن جي وفاداري وري مکيه راجا يا بادشاه سان هوندي هئي، جنهن جو لقب ”ڄام“ هوندو هو. ليڪن وڏيءَ حڪومت وڃڻ کان پوءِ ننڍن قبيلن جا مک سردار به ’ڄام‘ سڏائڻ لڳا. ڪي ڄاموٽ سڏبا هئا، جنهن جي معنيٰ ’ڄامزادا‘ ٿئي ٿي. جهڙي طرح راجا جي اولاد کي راجپوت يا نواب جي اولاد کي نوابزادو سڏڻ ۾ آيو ٿي.(48) موجوده دور ۾ جوڻيجا، سهتا،. جوکيه، ڪوريجا، ڏهر ۽ انڙ قبيلن جا چڱا مڙس ڄام جو لقب رکن ٿا.
سنڌ ۾ عربن جي حڪومت جي زماني ۾ ڪيئي عربي نسل قبيلا نمايان آهن. سومرن ۽ سمن جي زماني ۾ مختلف ملڪن مان ساداتن (سيدن) سنڌ طرف لڏپلاڻ جاري رکي. عربي نسل قبيلن بکر کان پاٽ ۽ ٺٽي تائين قضا ۽ تعليم جي شعبن ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون. هي طبقو حڪمرانن جي ويجهو هجڻ سبب رعايت يافته هو. سنڌ جي سياست ۾ ساداتن سڌي طرح حصو نه ورتو، تاهم اڻ سڌي طرح انهن مقامي ملڪي ماحول ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو. ان ڏس ۾ اسان کي مخدوم جهانيه جهان گشت طرفان ڄامن ۽ تغلقن ۾ ڪرايل معاهدن کي ڏسڻ گهرجي. علمي ۽ ادبي سطح تي به هنن قبيلن بهرو ورتو. بدلي ۾ کين وظيفا، جاگيرون ۽ روزينا مقرر ٿي مليا. هن دور ۾ ساداتن ۽ ٻين عربي نسل خاندانن، سنڌ ۾ تصوف کي وڌايو ۽ ان لاءِ باقاعده درگاهون قائم ڪيون.
ذڪر هيٺ آيل دور ۾ ٽيون قبائلي گروپ ننڍن ننڍن قبيلن ۽ گروهن جو ڏسجي ٿو. هندن کي هن زماني ۾ مناسب مقام حاصل هو. تاهم ارغونن کان پوءِ هي طبقو هرسطح تي اڀري آيو. سورهين صديءَ جي ابتدا ۾ وچ ايشيا ۾ آيل تبديلين سبب متعدد قبيلن سنڌ ۾ پناه ورتي. ان ريت سنڌ جهڙو امن ڀريو خطو، تشدد ۽ ظلم جي راه تي راهي ٿيو. مير علي شير ان جو ماتم ڪيو آهي. سمن جي دور جي ابتدا ۾ بلوچ پڻ هن ملڪ ۾ داخل ٿيا. ڄام تغلق هڪ موقعي تي کين ضابطي ۾ آڻڻ لاءِ فوجي قدم کنيا هئا. سمن جي آخر ڌاري بلوچن جي طويل گهرو جنگ ڪري لاشارين ۽ رندن سنڌ ۾ پناه ورتي. شاه بيگ ارغون، سمن سان گڏ سنڌ جي ٻروچن تي پڻ سخت قدم کنيا هئا. هن دور جي معاشري جي ڪهڙي صورت هئي؟ ان متعلق هڪ مصنف لکي ٿو ته:
”اسان کي سچو پچو سنڌي چوائڻ جو حق مليو، سو سمن جي حڪومت کان پوءِ ئي مليو، نه ته انهيءَ ۾ وڏو شڪ هو ته اسين عربي ۽ پارسي ادب پٺيان عرب ۽ ايراني سڏجي وڃون ها، پر قدرت کي شايد اهو ئي منظور هو.“(49)
سمن جي سلطنت جي خاتمي کان پوءِ سنڌي سماج طويل آزمائشي مرحلن مان گذريو. هزارين خاندانن گجرات ۽ خانديش ۾ پناه ورتي. سوين عالم، اديب ۽ ڪاريگر جلاوطن ٿيا. اتر ۽ اولهه مان آيل قبيلن هتي جرگه ۽ سرداري سسٽم کي رائج ڪيو. ان ڪري سنڌي معاشرو وڌيڪ ونڊ ورڇ جو شڪار ٿي ويو.(50)

[b]صوفياڻي ۽ مذهبي زندگيِ:[/b] سمن ڄامن دين اسلام جي اشاعت ۾ ڀلان ڀل حصو ورتو. هنن بادشاهن جي دينداري ۽ اسلام دوستي تاريخن ۾ بلڪل پڌري آهي. ڄام تماچي، ڄام سنجر، ڄام نندي ۽ دريا خان دين جي واڌاري ۾ دلچسپي ورتي. هن دور ۾ مذهبي عالم، صوفي ۽ درويش وڏي مرتبي وارا هئا. ڄام تماچي اهل تصوف جو مداح هو، جڏهن ته ڄام جوڻو صوفين وٽ ناپسند ڪيو ويندو هو. سمن سلطانن مذهب اسلام جي خدمت ڪندي، ڪڏهن به ڪٽرپڻي کي پسند نه ڪيو. ان ڏس ۾ اسان کي ڄام نندي پاران وزارت ۾ هندو وزيرن جو مثال ڏسڻ گهرجي. سمن بادشاهن تعليمي مرڪزن سان گڏ خانقاهن ۽ درگاهن لاءِ پڻ ڪثير رقمون ڏنيون. ڄام نندي جي دور ۾ شريعت جي وڏي پابندي ٿي ۽ مسجدون نمازين سان ڀريل ڏسبيون هيون.
سنڌ ۾ تصوف جي روايت ڪافي پراڻي آهي. مشهور صوفي بايزيد بسطامي پڻ سنڌ جي هڪ بزرگ بوعلي سنڌيءَ کان تصوف جا ڪي نقطا سکيا هئا. سمن جي دور ۾ اسماعيلي مبلغ به پنهنجي تبليغ ۾ مصروف ڏسجن ٿا. تصوف جي سلسلي جا چار مکيه ڪتب آهن. چشتي طريقو ڪڏهن به سنڌ ۾ خاص طرح سان رائج نه ٿي سگهيو، جڏهن ته نقشبندي مڪتب گهڻو پوءِ هت پهتو. البت قادري ۽ سهروردي سلسلا سنڌ ۾ سومرن جي زماني کان موجود هئا. نوح بکري، قلندري، لعل شهباز، پير پٺو، سيد علي ۽ پير پٿوري کي سنڌ جي تصوف ۾ ابتدائي اهميت حاصل آهي. هنن بزرگن جون درگاهون هتي صوفي ازم کي رائج ڪرڻ ۾ مٿانهون رتبو رکن ٿيون.
هڪ طرف سهروردي ۽ قادري صوفي پنهنجي مسلڪ جي پرچار ۾ رڌل هئا ۽ ٻئي طرف مهدوي بزرگن ۽ اسماعيلي مبلغن به پنهنجي طريقي کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڊاڪٽر انصار زاهد جي راءِ آهي ته قادرين وڏي ڪوشش سان اسماعيلي اڳواڻن کي سنڌ ڇڏائي گجرات طرف هجرت لاءِ مجبور ڪيو.(51) قادري صوفين هن زماني ۾ لوهاڻن جي وڏي تعداد کي مسلمان بنايو. سنڌ ۾ سهروردي مسلڪ سومرن جي دور ۾ پهتو. سنڌ جا اڪثر قبيلا مخدوم بهاؤ الدين زڪريا جي اثر هيٺ سهروردي طريقي ۾ داخل ٿيا. اڃا تائين ڪيئي قبيلا هن درگاه سان لاڳاپيل آهن. سهروردي صوفين سنڌ ۾ سرڪاري پاڇي ۾ پنهنجو پرچار جاري رکيو. صوفين جون درگاهون ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ قائم ٿيون، جتي راڳ ۽ موسيقي سان گڏ سنڌي زبان کي به وسعت ملي. بلاشڪ صوفين الاهيات ۽ روحانيت جي معاملن ۾ ماڻهن کي روشني ڏني، تاهم اهي ملڪي معاملن کان لاتعلق نه هئا. ان ڏس ۾ شيخ حماد جمالي ۽ درويش نوح کيبر وڏي اهميت رکن ٿا. شيخ حماد بن رشيد الدين وڏو اولياءُ هو. اچ جي مشهور درويش شيخ جمال جو ڏوهٽو هو، ان ڪري جمالي سڏيو ويو. درويش نوح ذات جو کيبر هو. هن جي ڪنهن وڏي بزرگ جو نالو هوٿي (يا هوٿياڻي) هو، جنهن سبب هوٿياڻي سڏجڻ ۾ آيو. هن جي مزار موجوده کيبر شهر ۽ کنڊو اسٽاپ جي وچ تي قومي شاهراه جي اوڀر پاسي واقع آهي. شيخ حماد جو مقبرو مڪليءَ تي ڄامن جي مقام ۾ واقع آهي.
سمن جي زوال ۾ مهدوي فرقي ۽ سهروردي بزرگن جي فڪري تصادم کي به وڏو دخل حاصل آهي. مخدوم بلال سمن جي معتبر خاندان جو فرد هو. هو زبردست عالم ۽ سهروردي مسلڪ جو بزرگ هو. سندس مکيه خليفن ۾ مخدوم هنڱوري (گچيرو)، مخدوم سعد عرف ملان ساند (لاکا آباد: سڪرنڊ) شاه حيدر (سن)، مخدوم ساهڙ لنجار (انڙ پور)، مخدوم حسن (ڀاڻوٺ: پير بلاولي) ۽ مخدوم مٺو يا رڪن الدين (مڪلي) کي وڏي اهميت حاصل آهي. سيد ميران محمد جونپوري پنڌرهين صديءَ جي آخري اڌ ۾ مهدوي مسلڪ جاري ڪيو. جڏهن پاڻ حج پڙهڻ لاءِ مڪي ۾ هو، تڏهن شيخ جهنڊو پاتڻي سندس مريد بنيو. شيخ جهنڊو سنڌ موٽيو، تڏهن ڄام نندي کيس سخت ناپسند ڪيو. ان حالت ۾ شيخ واپس مڪي روانو ٿيو. ڄام حڪم ڪيو ته جهنڊي کي درياه ۾ غرق ڪيو وڃي. ڄام نندي جي آخري ڏينهن ۾ ميران مهدي جونپوري ٺٽي پهتو. مختصر مدت ۾ کيس وڏي وقعت ملي. افغانستان وڃڻ وقت هن پنهنجن پوئلڳن جو وڏو تعداد پيدا ڪري ورتو هو. انهن ۾ قاضي قادن، شيخ صدر الدين، شيخ الياس، پير آسات، قاضي شيخ محمد اچي ۽ ميان ابوبڪر بکري شامل آهن.(52)
ميران مهدي جونپوريءَ جي تبليع ڪري سنڌ جي مذهبي ماحول ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي. مخدوم بلال ۽ سندس خليفن، مهدي جونپوريءَ جي زبردست مخالفت ڪئي. ان ڪري سيد صاحب ڪٺن حالتن ۾ افغانستان پهتو. هتي شاه بيگ سندس معتقد بنجي ويو. سنڌ جي فتح کان پوءِ هتان جي مهدوين شاه بيگ ارغون جو ساٿ ڏنو ۽ مخدوم بلال ۽ سندس خليفن کي ختم ڪرايو. قاضي قادن معرفت مخدوم بلال کي صلح جي آڇ موڪلي وئي. سنڌ جي سهروردين هر سطح تي ارغونن سان مجادلا ۽ معرڪا ڪيا. ڄام ڏاتار ذات جو سمون هو. سندس مقبرو تعلقي نواب شاه ۾ آهي، جتي هر وقت خلق جا هجوم رهن ٿا. هي پڻ بلاولي حلقي ۾ شامل هو. ارغونن ابتدا ۾ ئي کيس شهيد ڪيو. (روايت: محمد ابراهيم جويو) مخدوم سعد، سندس پٽن ۽ پوٽن سنڌ جي فاتح سان چڪريون کاڌيون. ان بعد مخدوم بلال کي شهيد ڪيو ويو. مخدوم بلال ۽ سندس خليفن جي خاتمي بعد قاضي قادن به بکر جو قاضي بنجي ويو. گمان غالب آهي ته ڪجهه وقت بعد ارغونن ۽ قاضي قادن ۾ سخت اخلاف پيدا ٿيا، جنهن ڪري پاڻ وطن جا وڻ ڇڏي حجاز مقدس ڏي هليو ويو. سندس وفات توڙي دفن ڪفن اتي ئي ٿيو.

[b]تمدن ۽ فن تعمير:[/b] سنڌ جي شاندار فن ۽ تمدن جا اهڃاڻ ڪافي پراڻا آهن. عربن ۽ سومرن کان پوءِ جڏهن هتي سمن جي سلطنت قائم ٿي، تڏهن ڪافي شهر اسريا ۽ اتي تمدن ۽ تهذيب پنهنجي اوج کي پهتا. مقامي هنر ۽ آرٽ کي ڪافي ترقي ملي. ارغونن جي فتح بعد سمن جي شهرن ۽ هنرن کي ڪافي نقصان پهتو. ان ڪري ان دور جي آرٽ ۽ تهذيب بابت گهٽ مواد ملي ٿو. بکر، سبي، سيوهڻ ۽ نصرپور ۾ سمن جا تعميرات ڊاهي، شاه بيگ ۽ شاه حسن ارغون نيون اڏاوتون ڪرايون. شروع ۾ ساموئي ۽ پوءِ ننگر ٺٽو – سنڌ جو تختگاه بنيو. هن شهر جي سونهن ۽ سينگار طرف ڀرپور ڌيان ڏنو ويو. هي شهر ڄام نظام الدين جي دور ۾ بين الاقوامي تمدني شهر بنجي ويو. جدا جدا حويليون ۽ پاڙا تعمير ڪيا ويا، جتي ڏيهي توڙي پرڏيهي عالمن ۽ ڪاريگرن پنهنجا مرڪز جوڙيا. ڊاڪٽر ڇٻلاڻي ٺٽي جي جيوت بابت لکي ٿو ته: ”هتي جي رهواسين تڪليف ۽ رنج کي ڪڏهين ڪين ڏٺو آهي. جهڙو آرام ۽ خوشي هنن کي آهي، اهڙي ٻئي ڪنهن هنڌ ورلي لڀندي. هفتي ۾ هڪ ڏينهن پورهيو ڪري، باقي ڏينهن آرام ڪرڻ ۽ دل جو سڪون لاهڻ فقط ٺٽي جي ماڻهن کي نصيب آهي.“ هن شهر جي ڀرسان مڪلي ٽڪر تي صوفين جون خانقاهون هيون، جتي راڳ ۽ سماع جي محفلن ۾ ڪثير ماڻهو شرڪت ڪندا هئا. ننگر ٺٽي جي بنياد بابت عالمن ۾ اختلاف هوندي به ان جي قدامت ڪافي مڃيل آهي. سنڌ جي مشهور عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن شهر جي هار سينگار توڙي اڏاوت بابت هڪ قديم بيت هن ريت ڏنو آهي:
جڏ ٺٽي ٿي ٺاه ڪيو، اڏيو ٿي ملتاڻ
سؤ سهيلين ساڻ، مون مٽي کنئي مٿي تي(53)
شهر ٺٽي ۾ هڪ طرف عالم ۽ ماهرن جي رهائش هئي ته ٻئي طرف تختگاه هجڻ سبب سمان سلاطين جون جايون ۽ فوجي مرڪز پڻ هتي هئا. دولهه دريا خان جي رهائش ٺٽي جي اولهه ۾ مڪلي ٽڪر جي ڀڪ ۾ هئي. مڪلي ۽ ٺٽي ۾ موجود سمن جي مقبرن ۽ چوڪنڊين جي اڀياس، هن دور جي فني تعمير بابت دلچسپ نقطا مهيا ڪيا آهن. سيد حسام الدين راشدي ڄام نندي جي مقبري جي اڏاوتي هنر بابت لکي ٿو:
”ڄام نظام الدين جو مقبرو تعميري فنڪاريءَ جو نهايت ئي نادر نمونو آهي. بناوٽ ۾ گجراتي، هندو، اسلامي ۽ خالص سنڌي طرزن کي گڏي هڪ عجيب شاهڪار پيدا ڪيو ويو آهي. هن مقبري تي پکن جي قطار، سورج مکي، ڪنول گل جي مهاڙيءَ ۾ سٽا، جهروڪن جا وڌاوڙا ۽ انهن جا پاوا، آڳر واري ٻاهر نڪتل حصي جي سموري سنجهٽ ۽ ٻاهيون، خواه هندي فن تعمير جو اثر، سمن جي ٻين چوڪنڊين ۽ مقبرن تي به نمايان ڏسجي ٿو.“
هن دور جي فني مطالعي دوران دريا خان جو مدفن، مڪلي ۽ ڪينجهر تي سمن جا تباه ٿيل مقبرا ۽ جامع مسجد مڪلي خاص اهميت رکن ٿا. سورهين صديءَ جي ابتدا ۾ ڪراچي ۽ سونڍا طرف ڪجهه چوڪنڊيون تعمير ٿيون، انهن جو اڀياس پڻ حيرتناڪ نتيجا سامهون آڻي ٿو. ڀوڏيسر ۾ سلطان محمد بيگڙي جي ٺهرايل مسجد پڻ هن دور جو يادگار آهي. هن زماني ۾ مختلف اڏاوتن تي سيوهڻ جي ڪاشي استعمال ڪئي ويندي هئي. ابن بطوطه لاهري بندر جي سونهن ۽ سوڀيا بابت ٻڌايو آهي. سمن جي سلطنت دوران هن بندر جي ترقي ۽ واڌاري ۾ دلچسپي ورتي وئي. جنهن دور ۾ ننگر ٺٽو تمدني خواه فني سطح تي پنهنجي شباب تي هو، ان زماني ۾ ملتان به موجود هو ۽ جوڌپور توڙي احمد آباد جا شهر به وجود ۾ آيا. هي شهر اڄ سوڌو سياسي ۽ تهذيبي حيثيت ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. ملتان پوري حسن ۽ سونهن سان موجود آهي، جڏهن ته جوڌپور سموري راجسٿان ۾ مرڪزي اهميت رکي ٿو ۽ احمد آباد پڻ گجرات رياست جو اڄ تائين تختگاه آهي. ارمان آهي جو ”ننگر ٺٽو“ هر اعتبار کان پنهنجي اهميت وڃائي ويٺو آهي. مڪليءَ جا مقبرا ۽ خانقاهون ويران ۽ ٺٽو ۽ سندس آباد محلا ۽ بازاريون سنسان ٿي چڪا آهن. اڄ ماضيءَ جي سنڌ جو هي دارالحڪومت، مشڪل سان ضلعي صدر مقام وڃي رهيو آهي. ٺٽي شهر جي موجوده حالت ڏسي ائين ٿو لڳي ته:
ڪتي ڪتي ڪالهه، اڄ نه آتڻ آيون
ارٽ اکلي مالهه، پوري ويون نجهرا.
وچئين دور جي ماخذن ۾ بادشاهن يا عوام جي تمدني طور طريقن بابت گهٽ مواد ملي ٿو. هٿ آيل مواد ۽ صدين جي روايتي تسلسل جي اڀياس ذريعي ڪنهن حد تائين هن عنوان تي روشني پوي ٿي. عام جيوت ۾ مقامي صنعت استعمال ٿيندي هئي. جنڊي، ڪاشي، ڪپڙي ۽ ٿانون جي ڪاريگري، سنڌ جي جدا جدا شهرن ۾ ٿيندي هئي. کيس، لونگي ۽ اجرڪ جي صنعت ٺٽي، سيوهڻ، نصرپور ۽ بکر ۾ ڏسبي هئي. ٿر جي پرڳڻي ۾ کٿا ۽ لويون ٺهنديون هيون. مکيه مرڪزي شهرن ۾ مروجه دفاعي ساز وسامان به ٺهندو هو. ڄامن بادشاهن جا مقبرا ته اڄ موجود آهن، ليڪن سندن محل ۽ ماڙيون اسان جي اڀياس لاءِ نه بچيون آهن. سواريءَ لاءِ اٺ ۽ گهوڙو ڪتب ايندو هو. هنن جانورن کان باربرداريءَ جو ڪم به ورتو ويندو هو. انهن جي هار سينگار تي به خاص توجه ڏنو ويندو هو. جهاز راني ۽ ٻيڙيءَ جي صنعت به اوج تي هئي. مٽيءَ جي ٿانون کان علاوه ڪٽ ۽ ٽامي جو استعمال به ڏسجي ٿو. مقامي صنعت کان علاوه ٻين ملڪن مان به مختلف شين جي درآمد ٿيندي هئي. مٿيون طبقو سون ۽ چانديءَ جو زيور استعمال ڪندو هو، جڏهن ته هيٺيون طبقو ڪُٽِ (ڪنجهو)، ٻاٽ (مٺ) ۽ رڪ جي ملاوٽ سان ٺهيل زيور ڪتب آڻيندو هو. چوڻي آهي ته:
ڪي ڪنجهو، ڪي ٻاٽ، ڪي ڪي ريکون رڪ جون
هي تڏهوڪو گهاٽ، جڏهن سمان هئا سنڌ تي!
اهڙا زيور هر هڪليندي، ٽامي جي ٿانون ۾ ديهه راهو، تعلقي هالا مان لڌا هئا. لڳي ٿو ته ارغونن جي حملن وقت سڪا ۽ زيور زمين حوالي ڪيا ويا هئا.(54)

[b](ج) علم ۽ ادب[/b]
[b]عربي زبان[/b]: سمن جي زماني ۾ ٿيل ساهتي واڌاري بابت گهڻي معلومات ميسر ڪانهي. جائزي هيٺ دور ۾ عربي زبان کي سرڪاري، علمي ۽ درسي سطح تي گهڻي اهميت ڏسجي ٿي. سمان سلاطين تعليم ۽ تدريس جي معاملي ۾ نمايان دلچسپي ورتي. ٻن صدين جي هن طويل عرصي ۾ عالمن ۽ استادن جو وڏو تعداد موجود هو. جي گهڻو ڪري مقامي قبيلن سان تعلق رکندڙ هئا. ارغون ۽ ترخان دور ۾ صوفين، عالمن ۽ اديبن جي وڏي تعداد مشڪل صورتحال کي منهن ڏنو. انهن مان ڪجهه عتاب هيٺ آيا ۽ ڪي وري هندستان ۽ عربستان ڏي لڏي ويا. افراتفري ۽ ڀڄ ڀڄان جي ماحول ۾ سنڌ اندر پيدا ٿيل علمي ذخيرو ناپيد ٿي ويو. ان ڪري سمان دور ۾ تحرير ٿيل عربي ڪتابن جي باري ۾ ڪجهه لکڻ ڏکيو ڪم آهي. ذڪر هيٺ زماني جا ٻه ڪتاب اڄ به موجود آهن:
[b]الزبدة[/b]: هيءَ شرح مولانا علاؤالدين منگلوري (گجرات) تيار ڪري، سنڌ جي ڄام سڪندر شاهه (ثاني) جي نالي منسوب ڪئي. هي ڪتاب ورهين تائين گجرات ۽ سنڌ جي نصاب ۾ شامل رهيو. قاضي اختر جهوناڳڙهي صاحب جي ذخيري مان هي ڪتاب سنڌ يونيورسٽي لئبريري (علامه آءِ آءِ قاضي لئبريري) ۾ داخل ٿيو، ليڪن هن وقت هي ڪتاب مذڪورہ ڪتبخاني ۾ موجود ڪونهي دنيا جي مختلف ڪتب خانن ۾ هن ڪتاب جا نسخا موجود آهن.
[b]تذڪرة المراد:[/b] هي تذڪرو حاجي حسين صفائي (وفات: 931هه/1526ع) پنهنجي مرشد پير مراد شيرازيءَ جي سوانح بابت تيار ڪيو هو. هي مختصر ڪتاب آهي.
مخدوم عبدالعزيز ابهري پڻ عربي زبان ۾ ڪجهه ڪتابن جا شرح تيار ڪيا هئا، جن جو ذڪر مير معصوم ڪيو آهي. هن دور جي آخر ۾ مهدوين ۽ سهروردين ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي. انهن پڻ هڪ ٻئي کي رد ڏيڻ لاءِ ڪتاب تيار ڪيا هئا.
فارسي ادب: سنڌ جا ماڻهو صدين کان فارسي زبان ۽ ادب کان واقف هئا. عرب دور جي سياحن هن زبان جي سنڌ ۾ موجودگيءَ جو ٻڌايو آهي. سومرن جي دور ۾ جڏهن اتر سنڌ تي ناصر الدين قباچه حڪمران هو، تڏهن سندس درٻار جي ٻن عالمن فارسي شاعري ۽ نثر ۾ قلم ڪاهيو هو. علي بن حامد ڪوفي فارسي زبان ۾ هن ملڪ جو پهريون تاريخي ماخذ ”چچ نامہ“ عربي زبان مان ترجمو ڪيو. محمد عوفي ”لباب الالباب“ جي نالي سان فارسي گو شاعرن جو پهريون تذڪرو تيار ڪيو. لعل شهباز قلندر ۽ علي ڪوفي ڪجهه فارسي شعر به ڇڏيو آهي. قباچه جي خاتمي سان سنڌ ۾ فارسي زبان جي سرڪاري سرپرستي ختم ٿي.
سمن حاڪمن کي هن ٻوليءَ سان خاص دلچسپي نه هئي، ان ڪري ان کي هتي حاڪماڻي برتري حاصل نه ٿي سگهي. بهرحال ايران ۽ هرات کان عالمن ۽ اديبن جو سنڌ طرف سفر جاري هو. ان ڪري سنڌ عالم ۽ حاڪم فارسي شعر ۽ نثر ۾ ٿيندڙ تخليقن کان بلڪل واقف هئا. ايران جي اهم شاعرن جا ديوان ۽ ڪليات ٺٽي تائين موجود هئا. حامد بن فضل الله جمالي پنهنجي تذڪري ۾ لکيو آهي ته: مخدوم بلال تصوف جو وڏو ڄاڻو هو ۽ ”عوارف المعارف“ جي مطالعي ۾ مشغول هو.(55) ياد رهي ته هي شيخ شهاب الدين سهروردي (وفات: 1166ع) جي تصنيف آهي. عالمن هن دور ۾ ڄام جوڻي، شيخ حماد جمالي، مخدوم بلال، شيخ عيسيٰ ۽ ڄام نندي کي فارسي سخن جي حوالي سان اڳتي آندو آهي.(56) تاهم نئين تحقيق موجب ڄام جوڻي ڏي منسوب هڪ سٽ امير حسن سجزيءَ جي ثابت ٿي آهي. شيخ حماد ۽ ڄام نندي ڏي منسوب شعر پڻ تحقيق طلب آهن. ڄام فيروز لاءِ اثير الدين ابهريءَ جو چيل قصيدو هن دور جو يادگار آهي. سمن جي بادشاهي ختم ٿيڻ کان پوءِ فارسي ٻولي، سنڌ تي ڇانئجي وئي ۽ ان ۾ نثر ۽ نظم جو وڏو ذخيرو پيدا ٿيو.

[b]سنڌي ساهت[/b]: سنڌي زبان سومرن ۽ سمن جي زماني ۾ حاڪمن ۽ بادشاهن جي ٻوليءَ جي حيثيت ۾ نسري نروار ٿي. سومرن جو دور سنڌي ساهت جو بنيادي زمانو آهي. رومانوي داستان، رزميه واقعن، سخي سردارن جي ڪارنامن ۽ واقعاتي بيتن جو بنياد هن دور ۾ پيو. اسماعيلي مبلغن سنڌي زبان ۾ شعر چئي، اسلامي اصولن ۽ اخلاقي هدايتن جو پرچار ڪيو. روحانيت ۽ تصوف به سنڌي شعر جا موضوع بنيا.
سمن جي سلطنت دوران سنڌي زبان جون حدون پکڙيون ۽ ان ريت هن ٻوليءَ بلوچستان، راجسٿان، ڪڇ، گجرات ۽ ملتان تائين مڃتا حاصل ڪئي. سنڌي شعر ۽ بزم جي عنوان ۾ وسعت آئي ۽ نوان نوان تجربا ٿيڻ لڳا. شاعرن تصوف ۽ روحانيت کي به موضوع بنايو ته ملڪي ماحول ۽ صورتحال جي جهلڪ به سندن شعر ۾ ڏسجي ٿي. ڪوبه مقرر رسم الخط نه هجڻ ڪري سنڌي شعر تمام ٿوري مقدار ۾ محفوظ رهيو آهي. پير صدر الدين جا گنان ۽ ماموئي فقيرن، مخدوم احمد ڀٽي، شيخ حماد جمالي، مخدوم نوح هوٿياڻي ۽ اسحاق آهنگر جا بيت سمن جي دور جي سنڌي شعر جو قيمتي ورثو آهن.(57) ان دور جا ڪجهه سنڌي شعر هت ڏجن ٿا:

سڏ سڻي پرينءَ جو، وانگي جي نه ورن
ڪوڙي دعوا دوست جي، ڪڄاڙي کي ڪن!
(مخدوم احمد ڀٽي)

هاڪ وهندا هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ آروڙ،
بهه، مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندا سوکڙي!
(ماموئي فقير)

ٿيان مان جهرڪ، وهان پرينءَ جي ڇڄ
مان ڪرن ڊرڪ، ٻولي ٻاجهاري مون سين.
(اسحاق آهنگر)

پير پٺو، شيخ حماد جمالي ۽ درويش نوح هوٿياڻي جا شعري ٽڪرا، گذريل صفحن ۾ اچي چڪا آهن.


[b]حوالا ۽ حاشيه
[/b]
(1) ”تحفة الڪرام“ (سنڌي) ص254
(2) ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“ ص350
(3) ايم. ايڇ. پنهور جو ڪتاب، نقشو ص368
(4) ”تاريخ معصومي“ ص109 سنڌي ڇاپو
(5) سيد طاهر محمد نسياني ”تاريخ طاهري“ ايڊٽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ص58
(6) ”ڪيمبرج هسٽري آف انڊيا“ جلد ٽيون ص278
(7) ”ڪيمبرج هسٽري آف انڊيا“ جلد ٽيون ص501 7 پنهور صاحب جو ڪتاب ص316
(8) ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“ ص345
(9) سيد حسام الدين راشدي ”مڪلي نامہ“ ص120
(10) ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“
(11) مولائي شيدائي ”تاريخ تمدن سنڌ“ ص373
(12) ”مڪلي نامہ“ ص98
(13) ”تاريخ معصومي“ ص113
(14) ڊاڪٽر صابر فاروقي ”تاريخ ڪشمير: اسلامي عهد مين“ ص104
ڊاڪٽر صابر ان ڏس ۾ لکي ٿو: ”اوڻيهن سالن جي عمر ۾ تخت نشين ٿيو ۽ اوڻهتر سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. ڪشمير جي پوري تاريخ ۾ سندس جهڙو مثالي بادشاه نه ٿيو. هن علم ۽ ادب، امن امان، سيڪيولر سوچ ۽ سماجي توڙي اقتصادي بهتريءَ تي زور ڏنو. خارجه پاليسي به بهترين هيس. سنڌ جي حاڪم سان تحفن جي مٽا سٽا به ڪندو هو.“
(15) محمود شاه بخاري ”تاريخ بلوچستان“ ص189-190
(16) ايم. ايڇ. پنهور ”سنڌ – ڪڇ رليشنس“ ص12-13
(17) ابن بطوطه جو سفر ص10 سنڌي ڇاپو
(18) اسٽينلي لين پول ”ميڊيول انڊيا“ ص141
(19) ”تاريخ تمدن سنڌ“ ص372
(20) ايم. ايڇ. پنهور ص363

- ائين ٿو لڳي ته ”سبي“ سورهين صديءَ جي سنڌ جي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن شهر جو ارغونن جي قبضي ۾ اچڻ هڪ متضاد مسئلو آهي. مثال طور محمود شاه بخاري ٻين عالمن جي برعڪس لکي ٿو: مير چاڪر سبي قلعو فتح ڪيو. هن کان چند سال اڳ سبيءَ جي حاڪم ڄام نندي، شاه بيگ ارغون کي 1486ع ۾ بيبي نانيءَ جي ڀر ۾ جلوگير وٽ شڪست ڏني هئي ۽ هاڻي مير چاڪر سمه خاندان کي سبيءَ مان تڙي ڪڍيو. مير چاڪر هٿان شڪست کائي ڄام نندي مخفي طرح سبي شاه بيگ کي ڏني ته جيئن ان ريت مير چاڪر کي تنگ رکيو وڃي. (ص182 تاريخ بلوچستان) هن صورتحال ۾ هن مسئلي بابت تفصيلي ڇنڊڇاڻ جي ضرورت آهي.

(21) ”تاريخ معصومي“ ص158
(22) ”تاريخ معصومي“ ص163-164
(23) ”تاريخ معصومي“ ص183
(24) روايت: حاجي ولد محمد ڪنڀار (وهرو: عمرڪوٽ)
(25) مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“ (سنڌي) ص139
(26) ”هسٽري اينڊ ڪلچر آف انڊين پيپل“ جلد ڇهون ص460-461
(27) ”تحفة الڪرام” ص126
(28) ”تاريخ معصومي“ ص111
(29) ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ (سنڌي) ص216
(30) ”جنت السنڌ“ ص372
(31) انصار زاهد خان ”هسٽري اينڊ ڪلچر آف سنڌ“ ص236
(32) وڌيڪ تفصيل لاءِ ”مڪلي نامہ“ ۽ ”تاريخ معصومي“ ڏسڻ گهرجن.
(33) غلام محمد لاکو ”سمه دور کي علمي اور سرکاري زبان“ سه ماهي اردو 2/1981ع ڪراچي
(34) ”تاريخ معصومي“ ص104، 105، 110، 111 ۽ 112
(35) ”جنت السنڌ“ ص373
(36) ڊاڪٽر مبارڪ علي ”مئڪمروڊوز اڪائونٽ آف سنڌ“ ص36
(37) اي ايل ماڙيوالا ”هسٽري آف دي ڪامرس آف سنڌ“ ص77 ۽ 78
(38) ڊاڪٽر ڇٻلاڻي ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ (سنڌي) ص21
(39) ابن بطوطه جو سفر ص14 سنڌي ڇاپو
(40) ”تاريخ طاهري“ ص58
(41) ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ ص283-284
(42) ”مڪلي نامہ“ ص176
(43) غلام محمد لاکو ”عمر ڪوٽ: چند تاريخي مسئلا“ سه ماهي مهراڻ 2/1986ع ص102-104
(44) انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو بليٽن جلد3 نمبر2 ۽ 3 جولاءِ 1973ع ۾ شامل نوٽ: پري مغل مٽيريلز آف دي سما پيريڊ.
(45) عبقدالقادر منگي (مرتب) ”ٿر“ مٺي، سال 1993ع ڪتاب ۾ شامل عبدالله ورياهه جو مقالو.
(46) عبدالله ورياهه ”سمن جي دور جا سڪا“ رسالو ”سنڌي ادب“ ص196-199، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي سال1980ع
(47) ”هسٽري اينڊ ڪلچر آف سنڌ ص228
(48) جي ايم سيد ”جنب گذريم جن سين“ جلد دوم ص495، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سال 1979ع
(49) الهه بچايو يار محمد سمون ”لاڙ جو سير“ ص23
(50) گنوفسڪي ”پاڪستان جون قوميتون“ (اردو) ص123
عمر ڪوٽ جو علم دوست انسان ۽ ڏاهو حاجي ولد محمد ڪنڀار چوندو هو ته سمن جي دور تائين سنڌ ۾ سماجي تفاوت گهٽ هو. رئيس ۽ سردار وغيره اتر مان آيل قومن جا اصطلاح آهن. (1986ع)

(51) ”هسٽري اينڊ ڪلچر آف سنڌ“ ص284
(52) تفصيلن لاءِ ڏسو ”مهدي جونپوري ۽ سنڌ“ ايم ايڇ صديقي، ترجمو: غلام محمد لاکو رسالو مهراڻ 2/1987ع
(53) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”دي اوريجن آف ٺٽه“ ص202
هي هڪ مقالو آهي جيڪو ڊاڪٽر داني ”ٺٽه: اسلامڪ آرڪيٽيڪچر“ ڪتاب ۾ ضميمي طور شامل ڪيو آهي. هي ڪتاب اسلام آباد مان سال 1982ع ۾ ڇپيو آهي.
(54) ڏسجي انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجيءَ جو بليٽن (حوالو مٿي ڏنل)
(55) حامد بن فضل الله جمالي: سير العارفين اردو ترجمو محمد ايوب قادري ص174 مرڪزي اردو بورڊ لاهور 1976ع
(56) ڊاڪٽر ايڇ آءِ سدارنگاڻي ”پرشين پوئٽس آف سنڌ“ ص10-13 حيدرآباد 1956ع
(57) سيد حسام الدين راشدي ”سنڌي ادب“ سنڌي ترجمو: غلام محمد لاکو مقدمو ص14-17 سال 1981ع