ناول

نرالو نينھن

هي ناول پرائمري استاد، ليکڪ، شاعر اديب مرحوم لؤ نگ خان عاجز ڀاڻو جو لکيل آهي. سائين جن بنيادي طرح پرائمري استاد هئا پر سترهن سال ڊيپوٽيشن هائي اسڪول نصرپور ۾ سنڌي جو مضمون پڙهائيندا هئا. کين گرامر جي وڏي ڄاڻ هوندي. سندن هڪ خاص ڳالهه اها هئي ته اسڪول ۾ ڪو شاگرد ڪهاڻيون شاعري لکندو هو ته کين خبر پوندي هئي ته پاڻ ان جي همت افزائي ڪندا هئا.
Title Cover of book نرالو نينھن

( 1 )

سپر دم بتو مائيه خويش را
توداني حساب ڪم ويش را

پرھ ڦٽيءَ جو وقت هو. سج اڀرڻ ۾ اڃا ٻه اڍائي ڪلاڪ دير هئي. هڪ طرف مؤذن مسجدين ۾ اذان ڏيئي رهيا هئا، ته ٻئي طرف ڪڪڙ پڻ ٻانگن مٿان ٻانگون ڏيئي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڌڻيءَ جي ثنا ڪري، ڪڪڙو تون ٻوڪاري رب کي راضي ڪري رهيا هئا.
اذان پر اذان مرغ ديني لگا هي خوشي سي هر ايڪ جانور بولتا هي
درختون ڪي اوپر عجب چهچا هي سهانا وقت
ٺنڊي هوا هي اٺو سوني والو ڪه تين آ يم هون

جيڪي سست ۽ بدبخت انسان اڃا مٺيءَ ننڊ ۾ ستا پيا هئا تن کي ڪڪڙ گو يا غفلت مان سجاڳ ڪري ياد الاهيءَ ڏي سڏ ڪري رهيا هئا. پر جيڪي الله سائينءَ جا نيڪ بندا ۽ عابد ٻانها هئا، جن کي پنهنجي خالق جو خوف هو تن جي ٿڌيءَ هير هوندي به ننڊ ڦٽي رهي هئي ڪي اذان کان اڳ ته ڪي پوءِ تڪڙا تڪڙا مسجدين ڏي وڃي رهيا هئا. ڪي وري قرآن جي دور ۾ مشغول هئا ۽ ڪي وري ذڪر فڪر ۾ لڳل هئا. مطلب ته هرڪو پنهنجي پنهنجي نموني ڌڻيءَ کي ياد ڪري پنهن جي مداين جي معافي گھري رهيو هو. مسجدين مان بلڪل وڻندڙ من موهيندڙ روح کي راحت رسائيندڙ طرحين طرحين جا سرمدي نغما آلاپجي رهيا هئا، جن جي ٻڌڻ سان انسان ته ٺهيو مگر پٿر به جيڪر پاڻي ٿي وڃن. هوڏانهن مندرن ۽ مڙهين مان وري سنک، ڪوڏ ۽ ناقوس جو آواز اچي رهيو هو. هڪ گھٽيءَ ۾ جو هڪ اولياءِ جو مقبرو ۽ ان ڀرسان اوتارو هو، تنهن ۾ هڪ ملنگ فقير يڪتارو ۽ چمٽو وڄائي شاھ لطيف جو هيٺيون بيت پڙهي بدن ۾ ڄڻ سيرون وجھي رهيو هو.
ستا اٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري
تو جو ساڻيهه ڀانيو سو مانجھاندي جو ماڳ
سلطاني سهاڳ ننڊن ڪندي نه ملي
هر قسم جو پرندو به پنهنجي پر ۾ پرور کي پڪاري رهيو هو.
مگر اڃا به ڪيترا اسان جھڙا غافل انسان مٺيءَ ننڊ ۾ کونگھرا هڻي رهيا هئا ۽ ياد الاهيءَ کان محروم رهي، پنهنجو قيمتي وقت هٿان وڃائي رهيا هئا.
زاهد انهن سجاڳ ۽ عابد انسانن جي لسٽ ۾ هو هميشھ سوير اٿندو هو ۽ اڄ ته هو هيڪاري هميشھ کان گھڻو اڳ اٿي شاھ صاحب جي هن بيت
پوکين تا نڪي پوک جيسين پاڻي اٿئي ٻار ۾
وٽ وينديئه نڪري سڪي ٿيندي سوڪ
جت شد و لوڪ اتي سڪندي تون سنگ کي
تي عمل ڪري رهيو هو. اٿڻ سان هو سڌو مسجد ڏي ويو، وضو ساري نماز باجماعت ادا ڪري، الله سائينءَ کي عجيب و غريب التجائون ۽ آزيون ڪري رهيو هو. ۽ سنڌ جي سڀني اوليائن ۽ بزرگن جو محابو وٺي، هر هر دعا گھري رهيو هو. عربي دعا گھرڻ بعد هن طرح منظوم ۽ مقبول مناجات پڙهي وڌيڪ دعا گھراڻ لڳو
محابي پاڪ پيغمبر مدد ڪر يا خداوندا
نه توريءَ ڪو اٿم واهر مدد ڪر يا خداوندا
1 – گناهن ۾ گتل آهيان نه نڪرڻ جي آهي طاقت ،
محابي ابو بڪر، عمر مدد ڪر يا خدا وندا
2 –ڪيم ڪڏهين نڪا نيڪي نه نيڪن سان گذاريم گڏ،
ڊڄان ٿو تنهن جي دوزخ ڀر مدد ڪر يا خداوندا.
3 – عمل نامھ جتي ترندا هٿين خالي اتي هوندس،
محابي عثمان و حيدر مدد ڪر يا خدا وندا
4 – لنگھائج لطف سان مون کي تون پرور پلصراط مٿان،
محابي شافع محشر مدد ڪر يا خداوندا
5 – گناهن جا آهن گاڏا نه هڪڙو ۽ نه ٻه ۽ ٽي،
مهر سان معاف سي تون ڪر مدد ڪر يا خدا وندا
6 – دنيا ۽ دين موچارو سندم ڪر تون سچا سائين،
محابي عشرة المبشر مدد ڪر يا خداوندا
7 – مرادون دل سنديون مڙئي اگھائج يا الاهي تون،
محابي فاتح خيبر مدد ڪر يا خداوندا
8 – دماغ من خدا وندا سدا جدت طرازي ڪر،
بنائج بي بها برسر مدد ڪر يا خدا وندا
9- بچائج شرڪ و بدعت کان علامھ علم جو مون ڪر،
محابي گنبذ اخضر مدد ڪر يا خدا وندا
10 – وڃي ٻيڙي حياتيءَ جي وڌي مون ڪن ۾ آهي،
تنهين مان ڪر ڪڍي ٻاهر مدد ڪر يا خداوندا
11 – ٿيندي آئوٽ اڄ رزلٽ تنهين ۾ پاس ڪر پرور،
محابي ساقيءَ ڪوثر مدد ڪر يا خدا وندا
12 – ٻڌي نا پاس جو نالو ڏڪي ٿو ڏيل اڳي منهن جو،
محابي تون شبير و شبر مدد ڪر يا خدا وندا
13 – مه ڪج رسوا دنيا اندر نڪي سنگت اندر سائين.
معزز ڪر دنيا اندر مدد ڪر يا خدا وندا
14 – عاجز تنهن جي کي سائين گھرائج سنڌ مان جلدي،
ڏسان روضو سندو سرور مدد ڪر يا خد اوندا
15 – مرڻ ويلي پڙهي ڪلمون اچان مان روبرو تنهنجي،
جنت ۾ ٺاھ منهنجو گھر مدد ڪر يا خدا وندا

مناجات ختم ڪري ڪلمون پڙهي هٿ منهن تي ملي مسجد مان نڪري ٻاهر آيو ۽ گھر اچي وهنجي سهنجي ڪپڙا مٽائي نيرن ڪرڻ لڳو. مگر سندس نظرون هر هر ٽائيم پيس ڏي کڄيو ٿي وييون، ته ڪڏهين رزلٽ جو وقت گذري ته نه ويو ؟.
۽ دل جو دل ۾ هو ڪئين خيال پچائيندو باسون باسيندو رهيو. زاهد لاءِ اڄوڪو ڏينهن خوشيءَ جو به اڀريو هو ته ان سان گڏ غم ۽ فڪر جو به. ڇاڪاڻ ته آخرڪار امتحان هو. کيس پوري پڪ به نه هئي ته ڪو هروڀرو پاس ٿيندس جيتوڻيڪ امتحان ڏيڻ ۽ پيپرن لکڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏي هئائين حال سارو هر ممڪن ڪوشش ڪئي هئائين ۽ امتحان وارو سارو وقت اکين مان ننڊ گويا ڪڍي ڇڏي هئائين، تنهن ڪري کيس پنهن جي مالڪ ۾ به پورو پورو ڀروسو ۽ يقين هو ته هو محنت وار جون محنتون اجايون نه وڃائيندو. اهو الله پاڪ جو سڀني ساھ وار جي سنڀال ڪري ٿو ۽ هر هڪ روزي رسائي ٿو ۽ سڀني پکين حيوانن ۽ انسانن تي ٻاجھه ۽ رحم ڪندڙ مالڪ مهربان آهي جو ڪنهن جي به ڪمائي وڃائي نٿو هر وقت هر ڪنهن کي ڪمائيءَ ۽ نيت جو ڦل ۽ پورهيو پلئيه پائي ٿو سو مون ڪمتر کي به ڪين ڇڏيندو. مگر ان هوندي به اهو غم کيس هر گھڙي کائي رهيو هو ته معاذ الله جيڪڏهن ناپاس ٿي پيس ته ڪهڙو منهن کڻي سنگتين سان هلندس ۽ ڪهڙو منهن کڻي گھر مائٽن وٽ ويندس جن هيترا هزار خرچي مون کي پڙهايو آهي ۽ جن جي اميدن جو سهارو فقط آئون هڪ آهيان اهڙا خيال پچائيندو ڪاليج روانو ٿيو.
نيٺ زاهد جي غم لهڻ جو وقت آيو رزلٽ آئوٽ ٿي ۽ زاهد سٺن نمبر سان پاس ٿيو ۽ سٺي نمبر ملڻ سبب کيس ڪاليج طرفان انعام به حاصل ٿيو.