( 8 )
عرش ڀي هل جاتا هي
. . . . . .
ٻڏندي ٻوڙن کي ڪي هاتڪ هٿ وجھن
پسيو لڄ لطيف چئي ڪيڏي کي ڪکن
توڙي ڪنڌيءَ ڪن نه ته ساڻ وڃن سير ۾ ( شاھ )
قدرتن جنهن جج وٽ شاهد جو ڪيس هو، سو ڪيس جي فتوى جي تاريخ کان اڳيئي بدلي ٿي ويو، بلڪ اسڪريننگ ۾ اچڻ سبب کانئس زوريءَ چارج ڇڏائي ويئي، ڇو ته اهو به وڏو رشوتخور هو. پر هن وقت مارشل لا جي خوف سبب شاهد جي ڪيسن جي فتوى اڳواٽ لکي ڇڏي هئائين جا هئي ٻارهن مهينا قيد ۽ پنج هزار ڏنڊ. ان جي جاءِ تي زاهد جهڙو بي لوث ۽ ايماندار جج بدلي ٿي آيو. زاهد کي ته شاهد جي ڪيسن جي اڳواٽ خبر هئي تنهن اچڻ شرط اهي ڪاغذ اٿلايا مگر اڳيون جج جو شاهد کي ڏوھ جو ڏوهاري ٺهرائي فتوى موجب سزا مقرر ڪري ويو تنهن کي زاهد ڪيئن ٿي مٽائي سگھيو ؟ سندس ڪابه وس جي ڳالهه نه هئي، تنهن ڪري ـ مٺي به ماٺ مٺي به ماٺ ـ ڪري ويهي رهيو. ارمان ته ڏاڍو ٿيس پر ڪري سو ڪري ڇا ؟ آخر فتوى جي تاريخ آئي. شاهد تي ڏوھ ويهي ويو شاهد کي هن حالت ۾ ڏسي زاهد کي ڏاڍو ارمان ٿيو. هيڪاري جو پنهن جي زبان سان دوست کي سزا جو حڪم ٻڌايائين، تنهن ڳالهه ته کيس هڻي ذري گھٽ چريو ڪري وڌو. پر هڪ طرف فرض ٻئي طرف محبت. زاهد جي جيءَ اندر جنگ شروع ٿي ويئي پر نيٺ فرض محبت تي فتح حاصل ڪئي. هن طرف شاهد جي حالت به زاهد اڳيان شرمسار هئي. هو ڪنڌ هيٺ ڪري اکين مان آنسو وهائي رهيو آهي، زاهد اها حالت ڏسي رهي نه سگھيو. ڀانيائين ته اوڇنگارون ڏيئي روئان پر ڪورٽ جو خيال ڪري ماٺ ڪري نڪري ويو ۽ يڪدم پنهنجي کيسي مان پنج هزار ڏنڊ ڀري ڏنائين ۽ شاهد کان بچاءَ جا ضامن وٺي مٿينءَ ڪورٽ ۾ اپيل ڪرايائينس. انهن شاهدن ۾ هڪ زاهد جو ڀاءُ حامد ۽ ٻيو هڪ سندس دوست هئا، جن شاهد کي هڪ ڏينهن به جيل ۾ رهڻ نه ڏنو.
اهڙيءَ طرح شاهد تي جيڪي به ٻيا ڪيس هئا، سي به زاهد جي سفارش سان ۽ مهربانين سان لهي ويا ۽ اپيل مان مٿانئس جيل معاف ٿيو.
هاڻي شاهد کي زماني جي لاهين چاڙهين جي خبر پئجي چڪي هئي ان ڪري ڪوبه ڪم زاهد جي صلاح مشوري کان سواءِ ڪين ڪندو هو ڇو ته زاهد جي طفيل شاهد کي گويا نئين حياتي ملي هئي.