( 6 )
نتيجو نيٺ هي نڪتو پرين جي پاسداريءَ جو
وقت گذرندي ويرم ئي ڪانه ٿي ٿئي. صبح تان شام، شام تا صبح، ڏينهن مان هفتا ۽ هفتن مان مهينا ۽ سال گذرندا رهيا. زاهد جي دل تي جي فراقن جا ڦٽ هئا سي به زماني جي هر مرهم سان آهستي آهستي ڇٽندا رهيا. زاهد پنهن جي نوڪري به نهايت ايمانداريءَ ۽ خلوص نيت سان ڏيندو رهيو. تنهن ڪري بالا آفيسر به کيس نهايت گھڻي عزت ۽ مان ڏيندا هئا. اهو ته ظاهر آهي ته چڱي ڪم جي پڇاڙي ۽ نتيجو به چڱو نڪرندو آهي. ۽ بڇڙائيءَ جو ڦل به بڇڙو ٿيندو آهي. ان ڪري زاهد کي پنهنجي نيت جي صفائيءَ جي عيوض ڪيترائي عهدا ۽ چانسون ملندا رهيا، نيٺ وڃي جج ( مئجسٽريٽ ) جي عهدي کي رسيو. ان عهدي ملڻ ڪري نه رڳو زاهد پاڻ ۽ سندس مائٽ خوش ٿيا بلڪ اوڙو پاڙو غريب غربو سڀڪو خوش ٿيو. ڇاڪاڻ ته چڱي ۽ ايماندار اشراف ماڻهوءَ ۾ هر ڪنهن جي پتي ۽ حصو آهي. زاهد وٽ روزمره ڪيترائي ڪيس فيصلو ڪرڻ لاءِ ايندا هئا، جن ۾ پاڻ خدا جي مدد ۽ عقل و ضمير ڄاڻ سارو ڪيترن ئي کي پنهن جي ڏوهن جي سزا ڏيندو هو ۽ ڪنهن بي ڏوهيءَ کي سزا نه اچي وڃي جي ائين ٿيو ته پوءِ يوم قيامت جتي خود قادر قاضي ٿي فيصلا ڪندو اتي ڪهڙو جواب ڏيندس، جتي نڪي وڪيل وڙانڪي منشي مڙها هوندا ۽ خود سندم عضوا مٿم شاهد ٿي بيهندا. هوڏانهن وري سندس دوست شاهد لوفرن جي صحبت ۾ وڏو ڌاڙيل ۽ ڊاڪو بنجي پيو. جيل مان نڪرڻ بعد وڏن وڏن چورن جي ٽولين سان گڏجيو ڌاڙا هڻندو هو. پنهنجي پاڙي وارن ۽ آس پاس جي غريبن ۽ مظلومن کي ستائڻ ۽ ڏکوئڻ ۾ کيس مزو ايندو هو. مروان موت ملوڪان شڪار جي مثال مطابق زالن ۽ ٻارن جي ڪيهن ۽ دانهن مان کيس لطف ايندو هو. اهڙو سنگدل بنجي پيو جو زالن جي عزت تي حملو ڪندي به کيس ڪو حيا ڪونه ايندو هو. ڪوبه آدمي منجھانئس خوش نه هوندو هو. پر لاچار سندس اڳيان ڪڇي ڪونه سگھندو هو. جيڪڏهن ڪجھه ڪڇندو هو ته ايندڙ رات شاهد جي ساري ٽولي سندس مهمان هوندي هئي.
شاهد جا خيال اڄ ڪلهه تمام مٿي هئا هو ائين ڀائيندو هو ته آئون زمين بجاءِ آسمان تي هلي رهيو آهيان ۽ هلڻ وقت مٿي ڪنڌ سيٽي ٽوپي ٽنڊ تي رکي، هٺ وڏائيءَ سان هلندو هو ۽ ڪنهن ۾ به سندس اک ڪين ٻڏندي هئي. ۽ هو ائين سمجھندو هو ته مون جهڙو بهادر چور ۽ ڌاڙيل دنيا ۾ ڪو ورلي هوندو. پاڻ کي پنهنجي ٽوليءَ جو شهنشاھ شاهد چوائيندو هو. سندس ساري ٽوليءَ کي هر وقت اهوئي خيال هوندو هو ته اڄ رات ڪهڙي شاهوڪار جو گھر لٽيون ۽ صبحاڻي ڪنهن تي وڃي ڪڙڪون. هو پنهنجي شڪار جو پورو اڌ ازخود وسوارن عملدارن اڳيان نذراني طور رکيو ايندو هو جنهن ڪري کيس ڪنهن جو به ڊپ ڪونه هو ۽ پنهنجي من مانين ڪرڻ ۾ کيس ڪوبه آڏو اچي ڪونه سگھندو هو.
چوندا آهن ته جهڙي صحبت تهڙو اثر ۽ هيئن به چوندا آهن ته ڪارو ٻڌ ڪمري ڀرسان ته رنگ نه مٽائيندو ته به اوساڻ ضرور مٽائيندو. تنهن وانگر شاهد به ظالمن ۽ جاهلن سان گڏ رهندي پڙهيل مان اڻ پڙهيل جاهل ۽ ظالم بنجي پيو، ڇو ته اهو قاعدو آهي ته چور هميشھ چوريءَ جون صلاحون ڏيندو ۽ نمازي هميشھ نماز جون صلاحون ڏيندو ۽ موالي هميشھ نشي واپرائڻ جي نصيحت ڪندو. ڪوئلي کاڻ ۾ جو به ويندو سو ڪارو بنجي پوندو. تنهن ڪري حقيقتن شاهد جو ڪوبه ڏوھ ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته سندس صحبت ئي اهڙي هئي، تنهن ڪري کيس به لا محاله اهڙو ٿيڻو هو.