( 4 )
ڏيئي ڏنڀ ڏڏن پاڻان ڏيل ڏکوئيو ( شاھ )
شاهد لچن ۽ لوفرن جي آور ۾ اچي زاهد جو ذري برابر به خيال ڪين رکيو. اٽلو نون دوستن جي چوڻ موجب هر وقت زاهد ٽوڪون ۽ مذاقون ڪرڻ لڳو. ۽ اڳي جو زاهد جي ساراھ مان ڪين ڍاپندو هو سو هاڻي سندس گلا ۽ شڪوه کي ماني ٻوڙ سمجھي ان جا ڪوسا ڍڪ ڀرڻ لڳو. مٿي ذڪر ٿيل آهي ته سندس خيال ٻاراڻا هوندا هئا تنهن ڪري بڇڙن جي سنگت هن تي جادوءَ جو اثر ڪيو ۽ کيس دنيا جو ته اڳ ايترو آزمودو ڪونه هو ۽ نڪي برو ڀلو سمجھي ٿي سگھيو تنهن ڪري ويران وير ويو دشمنيءَ جي ڄار ۾ ڦاسندو جيئن چوندا آهن ته
چڱن سان چاھ پئي جنهن من ميڙا ڪئي
سو رڱبو نه ته به ڪڪوربو سهي
پر چورن سان چاھ پئي جنهن من ميڙا ڪئي
سو جھلبو نه ته به ڪوٺائبو سهي
زاهد کيس ڪافي سمجھايو ۽ پنهن جي ماضيءَ جي محبت جون جديد ۽ قديم ڪهاڻيون ٻڌائي ۽ اکين ۾ آب آڻي پنهن جي پاڪ محبت جو نئين سر اظهار ڪرڻ لڳو پر چوندا آهن ته چري ڪيئن چي ويران وير وڌ، تنهن وانگي زاهد جي هدايتن ۽ منتن جو شاهد جي دل تي اهڙو اثر ٿيو جهڙو نقش بر آب. هيڪاري زاهد جي التجائن ۽ آزين سبب وڌيڪ ڦونڊبو ويو.
زاهد شاهد جي انهيءَ هڪدم جدائيءَ جو صدمو سهي ڪين سگھيو ۽ بالڪل بيتاب ٿي پيو. کيس وقت جي هر گھڙي نهايت ڏکي گهارڻي ٿي جيئن شاھ صاحٻ فرمايو آهي ته
جتي جيتريون لکيون لوح قلم ۾
تتي تيتريون گھڙيون گھارڻ آئيون
زاهد ويچارو هزارين حيلا هلائڻ ۽ لکين ليلڙاٽ ڪرڻ لڳو پر ڪجھه حاصل نه ٿيو ۽ کيس يار جي ياد هردم ستائيندي رهي ۽ دل جو دل ۾ هيئن چئي پاڻ کي ڏڍ ڏيڻ لڳو
جنهن جي مداين جي ڪل پريان پيئي
ڪڏهين ڪو سانه ٿيا ڏوراپا ڏيئي
ساجن سڀوئي ڍڪينم ڍول ڍلائيون ( شاھ )
شاهد جي فراق جا ڦٽ زاهد کي نه رڳو ڏينهن جو ستائڻ لڳا پر رات جو خواب ۾ به طرحين طرحين تير کيس چڀندا رهيا جنهن ڪري اڪثر سندس رات جو ننڊ به حرام ٿيڻ لڳي. ٻن ٽن ڏينهن ۾ هن جي حالت تمام چرين ۽ مستن واري ٿي پيئي. ۽ پنهن جي منهن خبر نه آهي ته ڇا ڇا پيو بڪندو هو، چوندا آهن ته
جت باھ ٻري سا جاءِ جلي، ڪهڙو سيڪ اچي پاڙي وارن کي.
۽ هيئن به چوندا آهن ته
لڳي هو وئي ته ڪل پوئي. نه ته پڇ لڳيان واليان ڪنون.
هرڪو هن جي اها حالت زار ڏسي مٿس ٽوڪون ۽ مسخريون ڪرڻ لڳو پر پنهن جي اندر جي فقط کيس خبر هئي ڇو ته رڍون ڇا ڄاڻن راڳ مان، جن جي ٻولي ٻي،
زاهد هيترن ڪاليجي دوستن هوندي به پاڻ کي اڪيلو سمجھڻ لڳو. نه اٿئي آرام نه ويٺي ورونهن نه ڪچهريءَ مان قرب، نه کاڌي پيتي مان خط حاصل هوس. نه هاسٽل سان حب نه پڙهڻ سان پريت مطلب ته
دنيا وسيع هوندي انتي ٿي تنگر آهي
جانب به هاڻ جو ٽي ان ساڻ جنگ آهي
اهي ساڳيا روم ۽ ڪمرا کيس کائڻ ايندا هئا ڇو ته ـ ماڙيون ڀانيان ماتام، عمر آرام اندر نه آهي ته جي مصداق جيءَ سان جنگ لڳل هيس اهو ئي ڪاليج هو اهائي هاسٽل ۽ اهيئي روم هئا مگر هڪ دل بدلجڻ سان سڀ ڄڻ ڌاريان ٿي پيا هئا
دل گلستان ٿا تو هر شي سي تپڪتي ٿي بهار
دل بيابان ڪيا هوا عالم بيابان هوگيا
زاهد سارو ڏينهن منهن ويڙهي پيو هوندو هو. ڪڏهين شاهد تي سندس نظرون پئجي وينديون هيون ته شاهد جي شوخ چشمن جو تاب نه جھلي جھڪي وينديون هيون. ۽ پنهن جي منهن رت جا جھڙا لڙڪ هارينديون رهنديون هيون. ڪيترائي همدرد دوست سمجهائيندا هئس ته به ڪنهن جي ڪين ٻڌندو هو. يا ته سڻ ٻڌ سڀ ڪنهن جي رھ پنهن جي ءَ تي پورو، جي مثال ٻڌي سڻي ماٺ ۾ رهندو هو پر دل کي سمجھائڻ سندس وس کان ٻاهر هو. هو مانيءَ بدران فقط پاڻيءَ جا گلاسن مٿان گلاس پيئندو هو ڇو ته
سڙان پچان پڄران لڇان ۽ لوچان
تن ۾ تونس پرين جي پيان نه ڌاپان
جي سمونڊ منهن ڪريان تان سر ڪيائي نه ٿئي
جي مثال وانگر سندن بدن ۾ به برھ جي باھ اڌما ڏيئي رهي هئي. هن زهر کي زهر ڪري ڪين ٿي ڄاتو سندس منهن جو رنگ لعل ۽ سرخ بدران ڪارو ۽ پيلو نظر اچي رهيو هو ۽ اکين مان ائين سمجھبو هو ته هيءُ ڪو مهينن جو بيمار آهي.