ناول

نرالو نينھن

هي ناول پرائمري استاد، ليکڪ، شاعر اديب مرحوم لؤ نگ خان عاجز ڀاڻو جو لکيل آهي. سائين جن بنيادي طرح پرائمري استاد هئا پر سترهن سال ڊيپوٽيشن هائي اسڪول نصرپور ۾ سنڌي جو مضمون پڙهائيندا هئا. کين گرامر جي وڏي ڄاڻ هوندي. سندن هڪ خاص ڳالهه اها هئي ته اسڪول ۾ ڪو شاگرد ڪهاڻيون شاعري لکندو هو ته کين خبر پوندي هئي ته پاڻ ان جي همت افزائي ڪندا هئا.
Title Cover of book نرالو نينھن

(7 )

بترس از آه مظلومان ڪھ هنگا مئھ سحر گفند
اجابت ازدر حق ڀر استقبال مي آيد

پهاڪو آهي ته ظلم قائم آهي مگر ظالم قائم نه آهي ۽ هيئن به چوندا آهن ته اوڻٽيهه ڏينهن چور جا ته ٽيهون ڏينهن ساڌ جو. تنهن وانگر جن غريبن سان ظلم ٿيا تن جي دانهن به ڌڻيءَ جي درگاھ ۾ اگهاڻي جنهن درگاھ ۾ دير آهي پر انڌير نه آهي. اهي غريب ۽ شريف جن جي ڏينهن جي سخت پورهئي هوندي به راتين جي ننڊ حرام هئي، تن جي آزي ۽ التجا به هڻي وڃي هنڌ ڪيو. ملڪ ۾ هڪ زبردست انقلاب آيو جنهن جي زبردست لهر ۾ چور ڊاڪو ۽ ٻيا هر طرح جا ظالم ائين لڙهي ويا جيئن ڪو ڪک پاڻيءَ جي وهڪري ۾ وهندو آهي. جن چورن ۽ ڌاڙيلن توڙي بليڪي شاهوڪار واپارين غريبن جو ڄوَر وانگر رت چوسيو هو. ۽ پنهن جون بلڊنگون غريبن جي رت جي گاري سان اڏيون هيون ۽ جن وزيرن ۽ ميمبرن توڙي عملدارن غريبن جي وات مان لقمو ڦري پنهنجي ۽ پنهن جي ٻارن جا پيٽ ٿلها ڪيا هئا، جن ڪامورن رشوتون وٺي ۽ جن واپارين ملاوتون ڪري ملڪ و ملت جو خانو خراب ڪيو هو، انهن تي ئي اول انقلاب جي ڏنڊي جو مارو ٿيو. سڀني سيٺين، واپارين ۽ آفيسرن کي پنهنجي ملڪيتن جا انگ اکر پيش ڪرڻ جا آرڊر مليا، جيڪي واپاري وڏا نفعا وٺي رعيت کي پيڙهيندا هئا تن لاءِ اعلان ٿيو ته هو پنهنجي دوڪانن تي هرهڪ جنس جي اگھن جي لسٽ لڳائين ۽ ڪوبه دڪاندار مقرر شده اگھه کان وڌيڪ وٺي نٿي سگھيو. جن چورن ۽ ڊاڪن ساري ملڪ ۾ باھ ٻاري ڏني هئي تن کي ڳولي جيلن ۾ ڀريو ويو، جيڪي روپوش هئا ته پٺيان وارنٽ ڪڍي انهن جي گرفتاريءَ لاءِ انعام مقرر ڪيا ويا. اڳي اهي چور چوريون ڪري اڌ ملڪيت آفيسرن کي پهچائي ايندا هئا ۽ اهي باقي اڌ مان عيش عشرتون پيا ڪندا هئا. اهي سڀ سندن ڪرتوت ختم ٿيا، نه رڳو ايترو بلڪ انهن رشوتي عملدارن کي به گرفتار ڪري وڏيون سزائون ڏيئي موتمار ڏنڊ وجھي ۽ ڪن کي صفا ڊسچارج ڪري گھر ويهاريو ويو. جن سمگلرن سون چاندي وغيره جي واپار مان ملڪيتون بنايون هيون تن جون اهي ملڪيتون ته ضبط ٿيون پر کين به ڦٽڪن جون سزائون ڏيئي سڀ سچيون ڪرائي پوءِ ڪيس هلائي سزا ڏني ويئي جا ستن سالن تائين جيل ۽ پنج هزار ڏنڊ کان ڪنهن به حالت ۾ گھٽ ڪانه هئي. ايترو ته انقلاب اچي ويو جو سون چاندي ۽ ٻيون سمنگل ٿيل جنسون جھنگهن ۾ ڍڳ ٿيون پيون هونديون هيون، ملاوتي مال سڀ هارجي ۽ ساڙجي ختم ٿي ويا. شاهد لاءِ به هيءُ وقت ڏاڍو نازڪ اچي ويو هو اهي عملدار جي سڀ سندس ڇاڙتا ۽ هٿ ٺوڪيا همراه هئا جي رشوتون وٺي اٽلو فريادين کي دٻائيندا هئا، سي سڀ پنهنجي پوزيشن رکڻ ۽ ساھ تڳائڻ ۾ عاجز هئا. ۽ هن وقت هو تمام ايماندار ڏسجڻ ۾پئي آيا، ڄڻ ته هنن پنهنجي ساري سروس سچائيءَ ۽ شرافت سان گذاري آهي. اڳ جن چورن کان پتيون ملڻ بعد اٽلو چور ڪوٽوال ڪو ڊانٽي جو مثال هوندا هئا تن سان هينئر هو ڳالهائڻ ته ٺهيو پر پريان سلام به ڪونه ڪندا هئا. شاهد تي انقلاب اچڻ کان اڳي چار پنج ڪيس هئا مگر انهن جي هن کي ڪا پرواھ به ڪانه هوندي هئي. اٽلو هو فريادين کي دٻائيندو هو ڇو ته اهو زمانو هٿ جن جڳ هينئن پهرين پتڻ سي لنگھيا وارو هو تنهن ڪري هو روزانه چوريون ڪري وڪيلن ۽ ٻين آفيسرن جا کيسا پر ڪري ڇڏيندو هو. گويا ـ موچيءَ جا گھڙيا موچيءَ کي لڳن ـ وارو مثال هو. ان ڪري کيس ڪنهن به سزا وغيره جو ته گمان به ڪونه هو، چوندا آهن ته ـ پئسي سان جا نه ماسي سابه ماسي ـ هيئن به چوندا آهن ته پئسي واري جا سالا سوين پر کٽل جو ڪو ڀيڻويو به ڪونه ٿئي.
مگر هينئر ته اهو وقت ڪونه هو. تنهن ڪري شاهد ۽ سندس ساٿي به ٿڙ ٿڙ ڪنبي رهيا هئا. هنن چوريون ڪرڻ ته ڇڏيون پر رڳو ساھ بچي ته لک کٽيائون. شاهد وٽ به جيڪو پئسو پنجڙ هو سو ته چئن پنجن ڪيسن سبب ٻن چئن مهينن ۾ کپي ويو. ڀلا اپت هجيئي نه رڳي کپت سو کاڌي ته کوهه به کٽي وڃن. . آخر سندس کيسا خالي ٿي ويا تنهن ڪري وڪيلن جون فيون ڀري يا پنهنجو پيٽ گذر ڪري مطلب ته هنن لاءِ ڏاڍو مشڪل وقت هو.
پهاڪو آهي ته “پير عيسى پير موسى پر بڙا پير پئسا ” پيسن سان ناممڪن ڪم به ممڪن ٿي سگهي ٿو. اڄ ڪلهه پئسي کي ايتري ته عزت آهي جو عام چوڻي ٿي ويئي آهي ته ـ جنهن جي گھر ۾ “داڻا تنهن جا چريا کريا به سياڻا ” “جنهن جي گھر ۾ ان جي پلي تنهن جي ذات سب کان ڀلي ” پر پئسو شاهد آڻي سو ڪٿان آڻي ؟ سندس شڪار ڪرڻ وارا ته ٻيلائي ٻار جي ويا جي ٿا رڱ رڱين سي چروئي چلي ويا موٽايو ٿا نيڻ ماڻهو ميرا ڪپڙا ـ انهن سڀني ڳالهين سبب شاهد ڏاڍو ششدر ٿي پيو. ڳوٺ ۾ به سندس رائي پوري سوري هئي. ڀلا ڪنهن سان ڪڏهين ڪا چڱي ڪئي هجيس ته ٻيو به ڪو اڳيان مدد جو هٿ ڏئيس. تنهن ڪري پنهنجا ڪرتوت ياد ڪري ڪنهن کي سوال ڪرڻ کان اڳ شرم ۾پيو ٻڏندو هو. سندس اڳيان دوست جن جي صحبت ۾ هن حالت کي رسيو هو سي به پنهنجي جند آزاد ڪرڻ ۾مشڪل هئا. پوءِ هن جي ڪهڙي مدد ڪري سگھندا ازانسواءِ اهي سڀ چڙهئي سان هئا ڪرئي سان ڪير به ٻڌل ڪونهي. وڪيلن کي فيون نه ملڻ سبب هو به ڪنهن شنوائيءَ تي ايندا هئا ته ڪنهن تي نه. ان سبب شاهد کي ڪيس ڏاڍو ڪڪ ڪري وڌو ۽ اڄ مٿو ڀت سان لڳو هوس ته برابر منهن جو خدا کان سواءِ ڪوبه ه آهي. ڪيس ۾ ٻه شاهد شاهديون پوريون ڏيئي ويا ڇو ته اڳي ته کين پوليس جو خوف هو هاڻي اهو به لٿو. هن کان اڳ شاهد کي سندس همدرد هم ڪلاسي جڏن ڪمن کان بچڻ لاءِ ڏاڍيون هدايتون ڪندا هئا ته شاهد کين چوندو هو ته توهين مون کي گيدي بنائڻ ٿا چاهيو مون ۾ احساس برتريءَ مان احساس ڪمتري ٿا جاڳايو. توهان جيڪي نوڪريون ڪريو ٿا تن جو ماهيانه پگھار وڌ ۾ وڌ چار سو يا پنج سو روپيا مس هوندو. سو به جڏهين سڄا ڏينهن قلم سان پنهنجا ڪلها ڇنندا ۽ پرائي بزگيري تنهن کان سواءِ پر منهنجي روزاني ڪمائي ڏھ يارهن سو روپيا آهي ۽ بالڪل آزاد پيا گھمون ڪنهن جي به مجال ڪانهي جو اسان کي فقط اف چئي سگھي مٿو هڻي ڀڃي رکونس هوڏانهن توهان جي مٿان هرڪو بالا آفيسر آڪڙيو بيٺو هوندو. اوهان کي هميشھ ڊيوٽيءَ جو اونو هوندو ته اڄ ڪلاڪ ليٽ ٿي آهي اڄ صاحب ڪاوڙبو وغيره. مگر مون کي ڪنهن به ڊيوٽيءَ وغيره جي اون ڪانهي. توهان جا وڏا آفيسر به اسان جا سلامي آهن ۽ اسان جا محتاج آهن اسين جيئن کين چئون تيئن ڪن . اسين پاڻ کين کارايون پياريون ان ڪري اهڙا مشورا ۽ هدايتون پاڻ وٺ قابو رکو، ته عقل نه وهي وڃيوَ. اهڙا ۽ ٻيا ڪئين ڄٽڪا ڌڪا انهن کي ٻڌائي جند ڇڏائي ويندو هو، زاهد به کيس اهڙيون نصيحتون خطن رستي لکندو هو پر ان کي ته مورڳو دشمن سنڍ مجھي خطن جو جواب ئي نه ڏيندو هو. زاهد هڪ زماني ساز ماڻهو هو تنهن اڳيئي ڄاتو ٿي ته اها ڏاڍ مڙسي ۽ ظلم هميشھ هلڻو ڪونهي، ـ لال آج نه ديکا تو ڪل ديکا ـ بڇڙي ڪم جو چاندو ضرور بڇڙو آهي اهو فقط اکين جو ڍءُ ۽ پيٽ جي بک آهي. حرام جي اڳياڙي آهي پر پڇاڙي آهيئي ڪانه . تنهن ڪري شاهد جو ڏاڍو ويچار ٿيندو هوس مگر ڇا ڪري جو
واءِ صد حسرت متاع ڪاروان جاتا رها
ڪاروان والون سي احساس زياڪ جاتا رها
هينئر شاهد کي زاهد ۽ ٻين همدرد هم ڪلاسين جي نصيحتن جو احساس ٿيو هو. پر ـ اب ڪيا ڪري هوت جب چڙيان چگ گئي کيت ـ جي مثال وانگر هاڻي ڏڌو کير ٿڻين ڪيئن پوي هٿان ڪئيءَ جو نڪو ويڄ نڪو طبيب. شاهد کي ڪيسن ۽ پئسي جي تنگيءَ ڏاڍو تنگ ڪيو. شرم وچان زاهد يا ٻين کان گھرڻ به نٿي وڻيس. ان ڪري رات ڏينهن آرام ڦٽي پيس. ويتر جو هر هڪ ڪيس جي فتوى جون تاريخون هڪ ٻئي پٺيان رکجڻ لڳيون ڇو ته مئجسٽريٽن کي به مٿان اهڙا سخت آرڊر آيا ته ڪيسن جو نيڪال ترت ڪريو. شاهد کي ته اها به خاطري هئي ته ڪيس سڀ ضرور سچا ثابت ٿيندا ۽ آئون انهن ۾ هميشھ لاءِ پيڙهجي ۽ تباھ ٿي ويندس مگر هينئر رڳو خالي پڇتائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھه ڪري به نٿي سگهيو. انهيءَ جھوريءَ هڻي مڙس کي هيڪاري جھوري وڌو سچ چيو اٿن ته
دک ۾ بوجھي هرڪو سک ۾ بوجھي نه ڪوءِ
سک ۾ بوجھي سڀڪو دک ڪاهي ڪو هوءِ

مطلب ڏک ۾ سڀڪو خدا کي ستائيندو آهي مگر سکن ۾ ڪير خدا کي ڪونه ساراهي اگر خدا کي سک ۾ ساراهين ته جيڪر ڏک ڏسنئي ڪونه .