( 2 )
جو لگا هي نه لگي اور بجھاني نه بجھي
جنهن ڪاليج ۾ زاهد پڙهندو هو ان ساڳئي ڪاليج ۾ شاهد به پڙهندو هو پر زاهد کان هڪ سال گھٽ هو ڇاڪاڻ ته هن زاهد کان هڪ سال پوءِ داخلا ورتي هئي.
زاهد ۽ شاهد جي پاڻ ۾ دوستي هوندي هئي نه فقط نالي ماتر دوستي بلڪ سندن سچي صحبت ۽ پاڪ محبت هوندي هئي. ايتري قدر جو هو هڪ ٻئي تان جان نثار ڪرڻ لاءِ تيار هوندا هئا، ۽ هڪ ٻئي کان هڪ ساعت به جدا رهڻ برداشت نه ڪندا هئا، گويا اهي ٻه بدن هڪ جان نظر ايندا هئا اصل ائين جيئن چيو اٿن
من تو شدم تو من شدي من ديگرم تو ديگري
زاهد ۽ شاهد ٻئي ساڳيءَ هاسٽل ۾ رهندا هئا. پر سندن روم البته ڌار ڌار هئا. اها ايتري دوري سندن محبت جا پيچ پاڻ پختا ڪندي رهندي هئي ڇو ته چوندا آهن ته پري وارو گل هميشھ سرهو ٿيندو آهي. ازان سواءِ هنن جا روم ته آمهون سامهون به هئا تنهن ڪري هر وقت اٿندي ويهندي سندن نظرون هڪ ٻئي سان وڃي چار ٿينديون هيون، ۽ نظر ٽڪرائڻ شرط هڪ ٻئي جا نيڻ ٺري پوندا هئا. سندن سچي پيار جي ڪا حد ڪانه هئي ٻئي دوست هڪ ٻئي تي ساھ پساھ ڇڏيندا هئا، نه رڳو زاهد جي شاهد سان محبت هئي بلڪ شاهد جون زاهد سان ٻٽيهه دليون هيون. هو ٻئي گڏ اٿندا گڏ ويهندا گڏ کائيندا ۽ پيئندا گڏ گھمندا ڦرندا هئا. ايتري قدر جو هنن کي سڀ شاگرد ڀائر يعني هڪ ابي امان جا پٽ سمجھندا هئا ۽ هنن کي ڏسي چوندا هئا
ڀائر وڏي وکري شال حياتي هون
جيئري ٻر ٻانهن جو موئي ڪلها ڏين
زاهد ۽ شاهد منهن مهانڊي ۽ خال و خط ۾ به ذري برابر فرق نه هو اصل ائين جيئن ڪي جاڙا ڄاول ٻار ! جيئن اهي هڪجهڙا ڏسبا آهن اهڙي ساڳي حالت هنن سان به هئي ٻنهي دوستن کي ڪچهري ڪندي ۽ هڪ ٻئي ڏي نهاريندي پهر گذريو ويندا هئا. جيڪڏهن پاڻ ۾ خير صلاح جو ڀوڳ چرچو ڪندا هئا ته به ٻنهي دوستن کي پيار وچان اکين ۾ پاڻي تري ايندو هو. نه رڳو ايترو پر جي هڪڙو انهن مان بيمار ٿي پوندو هو ته ٻيو به پاڻ کي چاق نه سمجھندو هو انهيءَ مان ئي سندن محبت جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.
زاهد جيتوڻيڪ شاهد کان هڪ سال مٿي هو ته به کيس ڪو فخر يا وڏائي ڪانه هئي ته آئون هوشيار آهيان يا شاهد مون کان گھٽ آهي زاهد اڪثر ڪري نماز پڙهندو هو پر فجر واري ءَ نماز سان سندس خاص دلچسپي هئي. پرھ ڦٽيءَ جي وقت جڏهين سڀ ستل هئا ۽ هو جو عالم هوندو هو تڏهين ڌڻيءَ جي عبادت ڪرڻ ۽ سجدا ڏيڻ مان زاهد کي سرور حاصل ٿيندو هو. صبح جو جڏهين جھرڪيون ڪڪڙ ۽ ٻيا پکي به چون چون ڪري پنهنجي پر ۾ پروردگار کي ساراهيائين ٿا ان وقت انسان اشرف المخلوقات هوندي رب جي عبادت کان عاري رهي اها ڳالهه زاهد کي بالڪل ڏکي لڳندي هئي هو صبح جو از خود سوير اٿندو هو پر جي زاهد ڪجھه ٿڪل يا اوجاڳيل هوندو هو ته به پنهنجي روم ميٽن کي چئي ڇڏيندو هو ته ادا اوهان مان جنهن جي به صبح جو اڳ سار ٿئي سو مون کي ضرور نماز واسطي سڏ ڪري.
مگر شاهد نماز ڪونه پڙهندو هو ۽ پڙهندو هو ته به وقتي جمع چنداڻي مس ڪا پڙهندو هو.
آٺي ڪاٺي تي سو ساٺي هڪڙن دل مسيت سان پاڍي
جمعو پڙهن ڪي سي ٿيا آٺي عيد پڙهن سي ٽي سو ساٺي
جو ٿان پڙهن ڏينهن وار اهڙا جلدي ٿيندا خوار اهڙا جلدي ٿيندا خوار
شاهد اٿندو ته ٿورو سج اڀرڻ کان اڳ هو پر يڪدم ڏندڻ ڏيڻ يا ڦڻي ڦلڪي ۾ لڳي ويندو هو. زاهد نماز پڙهي سڌو شاهد جي روم ۾ ايندو هو ته ڪڏهين شاهد اڃا ستل هوندو هو ۽ ڪڏهين اٿيو هنڌ تي ويٺو هوندو هو. پر جيڪڏهن شاهد جو بسترو خالي هوندو هو ته زاهد پيار ۽ قرب وچان سندس هنڌ ۾ چند منٽن واسطي سمهي سندس رلي منهن تان وجھي پنهنجي سڪ ۽ محبت جي مستيءَ کي هلڪو ڪندو هو ڇاڪاڻ ته زاهد کي شاهد جي هنڌ جي رليءَ مان به شاهد جي محبت جو مزو ايندو هو پر جي نصيبن ڪنهن ڏينهن ٻنهي مان ڪو به ڪنهن ڪم يا موڪل سببب هڪ ٻئي کي نه ڏسندو هو ته اهو ڏينهن سندن سالن برابر گذرندو هو ۽ هڪ ٻئي کي ڏسڻ لاءِ واجھه پيا وجھندا هئا.
زاهد ۽ شاهد جيتوڻيڪ هڪڙيءَ ڄمار جا هئا مگر ان هوندي به زاهد جا خيال وسيع هوندا هئا. ۽ کيس مستقبل لاءِ هميشھ فڪر ۽ خيال رهندو هو. شاهد جا خيال اڪثر ٻاراڻا ۽ محدود هوندا هئا سندس ڳالهيون ۽ گفتا نشت و برخواست به ٻارن جھڙي هوندي هئي سندس شڪل مان هميشھ اٻوجھائي نماڻائي ۽ بي پرواهي پيئي بکندي هئي. پنهنجي وات ۽ سنهڙي چپن ۽ ڏندن کي چوري اهڙا ته گفتا ۽ ٻول ٻوليندو هو جي زاهد لاءِ گدري ۽ ڪاتيءَ وارو ڪم ڪندا هئا. اهڙيءَ طرح زاهد جي محبت شاهد سان ويران وير جيئن ٿڌ تيئن وڌ جي مصداق وڌندي رهي ۽ هو پاڻ کي جيئن پوءِ تيئن شاهد وٽ قيدي بنائيندو ويو.
جيتوڻيڪ کيس اها به خبر هئي ته سدائين ڪنهن جي به هلڻي ڪانهي ۽ سک پٺيان ڏک ضرور اچڻو آهي ۽
غزه مشو براين گل رعنائي نو بهار
باد خزان براين گل رعنا وزيدني است
جي مثال وانگر هڪ روز ضرور بهار کي خزان رسڻي آهي پر هو تمام مجبور هو ۽ کيس پنهن جي سچي محبت تي هميشھ ناز هوندو هو. اهو عام اصول آهي ته محبت جي اک عيب نه ڏسندي آهي هو ائين چاهيندو هو ته رڳو شاهد پيو ڳالهائي ۽ آئون ماٺ ڪري سندس گفتگو پيو ٻڌان، ۽ هڪ گھڙي به شاهد کان جدا نه ٿيان نه رڳو ايترو پر زاهد جا اهي به خيال هئا ته شاهد جو ڪٿي هڪ آنو به خرچ نه ٿئي. جيڪڏهن شاهد ڪٿي هڪ آنو خرچ ڪندو هو ته زاهد هڪ روپئي خرچ ڪرڻ سان به پاڻ کي شاهد جي برابر نه سمجھندو هو ازانسواءِ ڪاليجي ڪمن ۾ به لياقت لائق ۽ حال سارو هو شاهد جي هر ڪا مدد ۽ خدمت هروقت فراخدليءَ سان ڪندو هو ۽ بلڪ چاهيندو هو ته شاهد مون کي ڀلي ته ڪنهن ڪم جو چوي ۽ پاڻ فقط هڪ هنڌ ويٺو هجي ۽ بس.
اهڙا ته سندن پريت جا پيچ ۽ پيوند پختا پيل هوندا هئا جو زاهد هميشھ ائين سمجھندو هو ته يار جي يادگيري ۽ ملڻ جلڻ کان سواءِ به سندس حياتي زم هئي.