ناول

نرالو نينھن

هي ناول پرائمري استاد، ليکڪ، شاعر اديب مرحوم لؤ نگ خان عاجز ڀاڻو جو لکيل آهي. سائين جن بنيادي طرح پرائمري استاد هئا پر سترهن سال ڊيپوٽيشن هائي اسڪول نصرپور ۾ سنڌي جو مضمون پڙهائيندا هئا. کين گرامر جي وڏي ڄاڻ هوندي. سندن هڪ خاص ڳالهه اها هئي ته اسڪول ۾ ڪو شاگرد ڪهاڻيون شاعري لکندو هو ته کين خبر پوندي هئي ته پاڻ ان جي همت افزائي ڪندا هئا.
Title Cover of book نرالو نينھن

( 3 )

زماني ۾ وفائيءَ جو رهيو ڪوئي اکر ڪونهي
ستمگر ٿيا سڀئي سهڻا منجھن ڪوئي سکر ڪونهي
سنڌيءَ ۾ اهو پهاڪو آهي ته “ ا هو وڻ ئي ڪونهي جو واءُ نه لوڏيو هجي ” گرميءَ کان پوءِ سردي، سکن کان پوءِ ڏک، الفت کان پوءِ ڪلفت، شاھ مان فقير، فقير مان بادشاھ. اهو هن دورنگيءَ دنيا جو دستور آهي ڪئين شاھ گدا ٿيا ڪئين فقير بادشاھ ٿيا تنهن وانگر قدرت کي آخر هنن جي محبت تي به جوش آيو ته هنن ٻنهي جيئن هيترو وقت محبت ۽ سڪ جي ساگر مان مٺيون مٺيون سڪ جون سرڪون ۽ ماکيءَ جهڙا مٺا مٺا محبت جا ڍڪ ڀري پنهنجي اڃ اجھائي آهي، تيئن هاڻي کين ڪجھه وقت فراق جي ڪوسي پاڻيءَ جا ڍڪ ۽ جدائيءَ جي جھلڪ چکائجي ان ڪري اوچتو هڪ ڦيرو آيو ۽ هنن ٻنهي جي هڪٻئي کان ڌار ٿيڻ جو واءُ وريو.
دنيا ۾ هر ڪنهن جا چار دوست دشمن آهن ئي آهن جي جاني دوستن کي به هڪ ٻئي سان ويڙهائڻ ۾ خط حاصل ڪن ٿا. ازانسواءِ اڄڪلهه ڪير به ڪنهن جي سک ۾ خوش ڪونه آهي. سکئي کي سهي ڪونه بکئي کي ڏئي ڪونه سو نيٺ زاهد ۽ شاهد کي حاسدن ۽ مڌگھرن هڻي هڪ ٻئي کان باغي ڪري وڌو. خود ڪاليج بلڪ هاسٽل اندر ئي ڪيترا اهڙا قلب ڪارا هئا جن کي زاهد ۽ شاهد جو پيار به هڪ اک نه وڻندو هو ۽ هو اٿئي ويٺي سندن جدائيءَ لاءِ دعائون گھرندا رهندا هئا. تن جي گلائن ۽ غيبتن هر چغور هڻي وڃي هنڌ ڪيو. ۽ شاهد ڪنهن معمولي ڳالهه تان زاهد سان ڪاوڙجي وڃي دشمنن لوفرن ۽ حاسدن جي ور چڙهيو ۽ هڪ ڏينهن ۾ با وفا مان بي وفا ٿي پيو ۽ زاهد جو ڪوبه گن يا ٿورو کيس ياد ڪين آيو، بلڪ ٻين جي ٿورڙيءَ ڦليءَ تي يڪدم دشمن ۽ سرڪش بنجي بيهي رهيو. اهو ته اصل کان اصول آهي ته جاني دوست ڪاوڙبو آهي ته دشمن به جاني بنجي پوندو آهي. ۽ جاني دشمن جي پرچندو آهي ته دوست به جاني ٿي پوندو آهي ان وانگر شاهد به زاهد جو جاني دوست مان ڦري جاني دشمن بنجي پيو. زاهد کي اها خبر ڪانه هئي ته

صورت گھڻو سهڻا ٽاڻا سندن ٽوهه
ريلو ڏئي روح جو کائي سو کامي مري ( شاھ )
زاهد ائين به نٿي سمجھيو ته شاهد اندر ڪارو ڪانءُ ٻاهر ٻولي هنج جي وانگر آهي نه ته جيڪر شاھ جي نصيحت وانگر اهڙو ٺلهو ٿانءُ گھڻو اڳ ڀڄي ڇڏي ها ۽ ساڻس اهڙا پريت جا پختا پيچ ڪين پائي ها، پر هاڻي ڇا ٿي ڪري سگھيو جو پيار سندس دل ۾ شاهد جي تصوير چٽي چڪو هو. جا ڪنهن به صورت ۾ مٽجڻي نه هئي.