( 5 )
ترت ٻڌندا پٽيون راز ڪريندا راس
هينئڙا تنهين پاس گھار ته گھائل نا ٿئين ( شاھ )
زاهد پنهنجو پاڻ کي بد نصيب سمجھڻ بلڪ پنهن جي نصيب کي لعنتون ڪرڻ لڳو. جيڪڏهن ڪوبه دوست کانئس ان حالت بابت پڇندو هو ته ان کي اول ته ڪو جواب ڪونه ڏيندو هو پر نيٺ گھڻي تنگ ڪرڻ تي جواب ڏيندو هو ته
پيئي کڻي پساھ پسڻ خاطر پرينءَ جي
يا ته پنهن جي منهن هيءُ بيت ورد زبان هوندو هوس
پنهل ري پهت ٻيو ڪهڙو اٿئي ڀنڀور سان ڀوري
جيئن ڇو ٿي جتن ڌاران محبن ريءَ تو مرڻ گھرجي
زاهد جو ڪاليج ۾ هيءُ آخرين سال هو، جنهن جو امتحان به جهڙو تهڙو ڏيئي جند ڇڏايائين. يا ته اڳ سٺي نمبر اچڻ لاءِ ڪيتريون باسون باسيون هئائين ۽ رب جي در ڪيتريون آزيون التجائون ڪيون هئائين ۽ هينئر هن کي امتحان ۽ رزلٽ جي ڪابه اون ڪانه هئي. آخر رزلٽ آئوٽ ٿي جنهن ۾ فرسٽ ڪلاس جي بجاءِ ٿرڊ ڪلاس ۾ مس مس پاس ٿيو. شاهد کي اڃا هڪ سال تعليم حاصل ڪرڻي هئي، مگر زاهد جو ڪاليج ۾ رهڻ جو مدو ختم ٿي ويو، جنهن ڪري ڪاليج ۽ هاسٽل مان سندس حساب چڪتو ڪري کيس موڪل ڏني ويئي. مگر زاهد ڳوٺ وڃڻ بجاءِ ڪيتري وقت تائين هاسٽل ۽ ڪاليج جي چو ديوارين جي چوڌاري ڀٽڪندو رهيو. مانيءَ کاڌي به ڪئين ويلا گذري ويس. سنوارڻ نه ٺهرائڻ سبب شڪل ڀوائتي بنجي ويس. هر هر عڌا ساھ ڀريندو ۽ فراقي بيت پڙهندو رهيو.
تمنا دل نه ٿي پوري جلي ويو جگ ۽ جيرو
جڏهين موٽي سندم حق ۾ جدائي دلربا آئي
جني لاءِ مياس سي ڪانڌي نه ٿيا جي مصداق شاهد ته ڏانهس نهاريو به ڪين اٽلو نون سنگتيني سان گڏ مٿس ٽوڪون ۽ چٿرون ڪرڻ لڳو. جن کان زاهد جي دل تي گويا تير لڳندا هئا ۽ پنهن جي منهن پورن ۾ پچي ڪنهن ڪنهن وقت اهڙيون ڪافيون ۽ فراقي بيت وٺي چوندو هو جو هلندن ماڻهن کي بيهاري ڇڏيندو هو جيئن ته
ڪافي
ٿلهه : سوا تنهنجي سڄڻ سائين ڪنهن سان روحڙو ريجھائيندس
ڪريو ياد سڄڻ توکي نيڻن مان نير هاريندس
1 - رسڻ جي تو وڻي عادت منهن جي ڪنهن کي ڪبي پارت
نماڻا نيڻ کڻيو تو ڏي تنهنجون واٽون نهاريندس
2 - ڪريو دانهون اڪنڊ آهون نهاريان روز شب راهون
عمر ارمان ۽ تنهنجي اکين سان آب آڻيندس
3 - صدائون پيو ڪندس ساري پرين پل پل ۾ پوڪاري
هيم تو ۾ اميدون ڪئين سدا گڏ ڏينهن گھاريندس
4 – ڳڻن ڀريون تنهنجون ڳالهيون سدا عاجز کي لينايون
ملڻ تو محب جي خاطر جڏو جيءُ پيو جياريندس
آخر ڪار زاهد جي حالت زار جي خبر چار سندس مائٽن کي پئجي ويئي سي سندس سڌ سار لهڻ لاءِ اتي آيا ۽ زوريءَ ڳوٺ وٺي ويس کيس شادي ڪرايائون ۽ ڪا نوڪري به وٺائي ڏنائونس جنهن مان چڱو پگھار ملندو هوس ازانسواءِ مشغولي ءَ سبب سندس دماغي خلل به گھٽ ٿيندو رهيو ۽ وڃي ڪجھه هوش سنڀاليائين مگر ان هوندي به جڏهين ڪا شاهد جي ڳالهه ياد ايندي هيس يا سندس هٿ جي شيءِ ڏسندو هو ته بي سڌ ٿي ويندو هو، ۽ رڳو ويٺو روئندو هو. آخر ٻيو ڪو حيلو وسيلو نه ڏسي خط پٽ جو سلسلو جاري ڪيائين ۽ دل کي هن طرح ڏڍ ڏنائين
ٿا نصف الملاقات خط کي چوان
ملاقات ڪامل به قادر ڪندن
پر اڳيان به هڪ سنگدل انسان شاهد هو سو خطن جا جواب ڏئي ڇو ٿو ؟ زاهد خطن وسيلي ڪافي عاجزيون ۽ التجائون ڪيون مگر اڳيان جواب کان ئي جواب شاهد اڄ ڏينهن تائين نه ها ڪئي نه هون.
هڪ منظوم خط هن طرح لکيائين
فضيلتماب ڏي جواب لکين ليٽر لکيل آهن،
هٿو هٿ توکي اي حاڪم ڪئين پرزا پڳل آهن.
1 - هاڻي هيءُ پيار جو پرزو اوهان ڏي اچي ٿو دلبر،
جوابن لئيه سندم جاني اوهان ڏي هٿ جھڪيل آهي
2 – آهيان بيمار فرقت کان پڇڻ مونکان پرين نه آئين،
توکي سڀ سڌ خبر آهي قاصد منجيل آهي
3 – اوهان کي خواب ۾ مان روز راڻا ڏسان ٿو پر،
مگر ڇا ڪري سي خواب سڀ ڪوڙا ٿيل آهن
4 – عاجز کي سڏي ساجن بيهاريندين ڪڏهين ڀر ۾،
الله جو سونهن الاهي ڪي عرض آن کي ڪيل آهن
ٿورن گھڻن ڏينهن بعد زاهد کي پٽ ڄائو هن شاهد جي محبت تازي ڪرڻ لاءِ پٽ جو نالو شاهد رکيو. ان بعد زاهد جي حالت اڳئين کان ڪجهه نه ڪجھه روزانه سڌرندي رهي، ۽ هو پنهن جي پياري پٽ کي سڀ ڪجھه سمجھي ساڻس اها ساڳي شاهد واري پاڪ محبت ونڊڻ لڳو. پر شاهد اڃا به سندس دل تان وسريو ڪونه هو. شاهد جيتوڻيڪ کيس خطن جا جواب به ڪونه ڏيندو هو مگر زاهد پنهن جي اڳوڻي عادت موجب متان چوي بلوچ ته ڪمينيءَ مان ڪين ٿيو. جي مصداق خط لکندو رهيو. ازانسواءِ آئي وئي کان شاهد جو احوال ۽ بد صحبتيءَ جون ڳالهيون به ٻڌندو رهيو. زاهد هميشھ شاهد جي خط جي آخر ۾ هيءَ مصرع لکندو هو،
زمين هو جائي ڪاغذ ڪي، سمندر هو سيهي ڪا
قلم ڪڇ لک نهي سڪتا بيان غم جدائي ڪا
رهين شل شاد ۽ آباد دنيا ۾ پيارا تون اسان جي موڪلاڻي آھ چڱو هاڻي خدا حافظ. زاهد کي شاهد بابت اهي به خبرون پونديون رهيون ته هو ڪاليج جي عرصي ۾ ئي وڏو غنڊو ۽ جيب ڪترو بنجي ويو آهي. نيٺ هڪ ڏينهن اها خبر پيس ته شاهد پڪڙجي جيل روانو ٿيو آهي. دل تي ته سخت چوٽ لڳيس پر نڪي ڪجھه ڪري ٿي سگھيو نڪي اتي وڃي ٿي سگھيو. جيتوڻيڪ خطن رستي گھڻيون ئي هدايتون ڏنائينس پر لا حاصل. شاهد جيل ۾ ڌاڙيلن، خونين، ڊاڪن جي سنگت ۾ رهي وڏو ڊاڪو بنجي ٻاهر نڪتو.