(9 )
سونهائي سورن ڪئي هيڪاندي هوت سان
زاهد جو ڀاءُ حامد وڏو واپاري ۽ سيٺ هو. سندس وڏن وڏن شهرن ۾ واپار جون ڪوٺيون هيون. حامد زاهد جي چوڻ تي شاهد کي اول پاڻ وٽ مئنيجر مقرر ڪيو، پر پوءِ آهستي آهستي شاهد کي ڌنڌي ۾ دلچسپي وٺندو ڏسي کيس پنهنجو ڀائيوار بنايو. جيئن ته شاهد به هاڻي زماني جون ڪوسيون ٿڌيون سهي، سمجھي ويو هو ۽ هڪ شريف ايماندار انسان ٿي پيو هو، سو ويران وير پاڻ کي وڻائيندو ويو.
حامد جو به شاهد تي اعتبار ڄمي ويو ۽ کيس پنهنجي ڀاءُ زاهد جهڙو ڀاءُ سمجھڻ لڳو. اهڙيءَ طرح سندن واپار ۽ ڌنڌو د دگنو ۽ رات چوگنو وڌندو رهيو.
”ٿوري نفع گھڻي برڪت“ اهو هنن جو خاص اصول هوندو هو. انڪري سندن گراهڪي تمام وڌي ويئي. هي نڪي بلئڪ ڪند هئا ۽ نڪي ملاوت ڪندا هئا ان ڪري مارشل لا جي ڏنڊي کان به آجا رهيا. ايمانداري سندن اولين اصول هو. ان ڪري هڪ سال اندر خرچ لٿي ڏهه ڏهه هزار هرهڪ کي نفع جا پتيءَ ۾ آيا.
ان بعد شاهد کي الڳ ڪوٺي کولي ڏني جتي هو سيٺ بنيو ويٺو هوندو هو. ۽ سارو ڪم نوڪرن چاڪرن جي حوالي هو. پاڻ فقط پئسي ۽ مال جي ڏيتيءَ ليتيءَ تي گهري نظري رکندو هو.
چوندا آهن ته “ اتم کيتي وڌندڙ واپار نيچ نوڪري پنڻ بيڪار ” سو واپار هني شاهد کي ڍئي وڌو ۽ هو سيٺ شاهد حسين سڏجڻ لڳو ۽ زاهد توڙي سندن ساري خاندان سان سندس تعلقات تمام گهرا ۽ مضبوط رهيا.
زاهد ۽ شاهد وري اڳئين طرح محبت ۽ پيار سان گذارڻ لڳا ۽ وچيان جيڪي لڙ هئا سي سڀ لهي ويا. وري به ايتري قدر سندن محبت ٿي ويئي جو جيسين هڪ ٻئي وٽ ڏينهن ۾ ڏهه دفعا نه ايندا هئا تيسين سک نه ايندو هون. تانجو رات جي ماني هميشھ گڏ کائيندا هئا ڪڏهين شاهد زاهد وٽ اچي کائيندو هو ته ڪڏهين زاهد شاهد وٽ ايندو هو.
زاهد ڪوشش ڪري شاهد جي شاديءَ جو بندوبست هڪ لکا پتي سيٺ قاسم خان وٽان ڪرايو. شاديءَ تي ٻنهي طرفن ڏاڍا زور لاتا، ڇو ته ٻئي سيٺيون هئا. زاهد به هن شاديءَ ۾ پاڻ چڱو موکيو. پاڻ پنهنجي ڀاءُ حامد سوڌو پيرن ڀر سڀ ڳالهه جي پورائيءَ لاءِ بيٺو هو. ڄڻ ته شاهد ڪو سندس سڳو ڀاءُ آهي. ٻنهي جي ڪاليج کان شروع ڪيل محبت نيٺ وڃي ڪامياب ٿي.