مُهاڳ: عشق کان فنا تائين : عطيه دائود
رنگبرنگي رلهي ڪا هئي ساٿ جي
سا اکيلي وئين ڪيئن سبجي وري.
هڪ ٻئي غزل ۾ به اياز جاني جي جدائي ۾ هو چئي ٿو ته :
ايتري غـمگين تنهنجي ياد اڳ ۾ ڪونه هئي
ســار ۾ هي درد جو خنجر نئون کوڙي وئين.
هـي وڇوڙا عــارضي هن پاڻ ملندا سي وري
زندگي جا موت سان تون رابطا جوڙي وئين.
امر جي شاعريءَ جو هڪ ٻيو محرڪ انساني حقن جي ڀڃڪڙيءَ خلاف مزاحمت آهي، هر دور ۾ ان الميي جي شڪل بدلجندي رهي ٿي. خيرالنساء جعفري چواڻي ته ”جڏهن ڌرتي تي خزان جو رنگ ڇانئيل هوندو آهي ته ادب تي بهار ايندي آهي.“ اهڙي خزان سنڌ جي ڌرتي تي هندستان جي ورهاڱي، پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ ون يونٽ جو مڙهجڻ، ايوب خان ۽ يحيٰ خان جي مارشل لاء ۽ ستر واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ٻولي جي بل جو اسيمبلي ۾ پيش ٿيڻ وقت ان خلاف نفرت جي بازار گرم ٿيڻ، انهن سببن ڪري سنڌي ماڻهن ۾ ڏک، ڪاوڙ ۽ محرومي واري سموري شدت سنڌي ادب ۾ سمايل نظر اچي ٿي. ان کان پوءِ ملڪ جي پهرين چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ضيا الحق جي انڌير نگري شروع ٿي. ظلم ۽ انڌيرجي ان دور ۾ بارود وڇايل ان ڌرتي تي شاهڪار ادب جا گلاب ڦٽا هئا.
ظلم جو هڪ باب ختم ته ٿيو پر ان جي قهري ۽ زهريلن اثرن جون پاڙون پٽجي نه سگهيون آهن. اڄ به ضيا جو ڀٽڪيل روح پنهنجي پوکيل هٿيارن ۽ جهالت جي فصل جي جهار هڪلڻ لاءِ امن پسند پکين جهڙن انسانن کي نشانو بڻائي ٿو.
امر جي شاعري جو هڪ ٻيو محرڪ جنسي مت ڀيد آهي. جنهن خلاف سندس اندر ۾ به اهڙي طرح سان غصو ڀريل آهي جهڙي طرح اهو مت ڀيد سهندڙ عورتن جي اندر ۾ آهي.
پر اهي سڀ ڏک غم، صدما، جدايون، ناانصافيون، محروميون سهڻ کان پوءِ به امر جي شاعري ۾ زندگي پنهنجي پوري زنده دلي سان موجود ملي ٿي. هو حسن کي پسڻ ۽ ساراهڻ واري حس رکي ٿو. حسن يا سونهن ڇا آهي؟ ان جو جواب ۽ جواز هر انسان وٽ مختلف هجي ٿو. امر وٽ حسن جي پرک جو پيمانو ڇا آهي؟ اهو جواب سندس شاعري ۾ ڳولي لهڻو آهي.
پهريائين سندس شاعري ۾ موجود عشق جو تجزيو ڪجي ٿو. سندس شاعري جي گواهي موجب هن جو پهريون عشق آهي هڪ آدرشي انسان. جنهن سندس شخصيت تي وڏو اثر ڇڏيو آهي. ان جو نالو آهي انور پيرزادو.
ذاتي طور تي مان شخصيت پرست نه رهي آهيان ڪنهن پيري مرشدي، استاد شاگرد جي قائل به نه رهي آهيان، پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته انهن رشتن جي سچائي جي اهميت کان انڪار ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته اهو رشتو روحن جو هوندو آهي، سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته اهڙيون شخصيتون اهڙا انسان به دنيا ۾ رهيا آهن جيڪي ٻين کي پنهنجي سحر ۾ مبتلا ڪرڻ ۽ پنهنجي عشق ۾ فنا ڪري ڇڏڻ جو هنر، طاقت ۽ اهڙي قسمت پاڻ سان گڏ کڻي ايندا آهن. اهڙا ڪيترائي انسان هوندا پر مون پنهنجي زندگي ۾ اهڙا ٻه ماڻهون ڏٺا ۽ ٻڌا، ان ۾ هڪ ته ذوالفقار علي ڀٽو آهي ۽ ٻيو انور پيرزادو.
ڀٽي جو حلقو تمام گهڻو وسيع آهي.هنن جي فيلڊ به مختلف آهي سندن ڪو مقابلو ناهي پر هڪجهڙائي جيڪا محسوس ٿئي ٿي اها آهي ته ڀٽي جيان انور سان به ڪو ماڻهو هڪ ڀيرو واٽ ويندي به مليو هوندو ته اهو انور کي پنهنجو دوست سمجهي ياد رکندو آهي ۽ اهو انور جي ڪردار ۽ گفتار مان ضرور متاثر ٿيو هوندو. هونئن ته انور جا سڀئي ٻارکيس شدت سان چاهين ٿا پر امر ان جو اهڙو عاشق آهي. جهڙو انور ڀٽائي جو هو، سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ اسان ڪيئي ڀيرا انور تي اهڙي تنقيد به ڪئي هئي، اسان جي هڪٻئي تي تنقيد ڪڏهن جارحاڻي صورت به اختيار ڪري ويندي هئي. مونکي ياد آهي ته مون انور مٿان ڇتي تنقيد ڪندي چيو هو ته ڇا اسان اهو بحث پيا ڪيون ته ڀٽائي نور هو يا بشر!! انور ان تنقيد جو جواب ٿڌي دماغ ۽ نماڻائي سان ڏنو هو. تنقيدي نشست ختم ٿيڻ جو جيئن ئي اعلان ٿيندو هو ته اسان پل ۾ سڀ هڪ ٻئي جا تلخ جملا وساري ساڳي اڪير منجهان ٽهڪ ڏئي کلندا هئاسين. ڀٽائي سان اهڙي عقيدت جو انور وٽ جواز هو. هو ڀٽائي جي فن ۽ فڪرجي گهرائي مان متاثر هو. ساڳي طرح سان امر وٽ انور سان عشق ڪرڻ جا جواز موجود آهن. امر پنهنجي پهرين مجموعي عشق ۾ لکي ٿو.
هو فنا هو، عشق هو ۽ جستجو
هو جيئڻ جو ڏانءُ آ ڏسي ويو.
”عشق“ مجموعي ۾ هن انور جي ياد ۾ چار نظم لکياهئا. نظم جنهن جو عنوان آهي ”انور پيرزادي جي وڇوڙي تي لکيل“ هن نظم ۾ پنهنجي پيءُکي ساريندي هو لکي ٿو ته:
تنهنجون اهي ننڍيون ننڍيون
عام رواجي ڳالهيون
دنيا لاءِ ڀلي ڪجهه نه هجن
منهنجي عشق وارين يادن جو
اٽوٽ حصو آهن.
هن نظم ۾ پٽ پنهنجي پيءُ جي ساٿ کي گهر ۾ رهندي محسوس ڪري ٿو. نهايت عام رواجي ڳالهه آهي اولاد پنهنجي پيءُ کي گهر ۾ نه ڏسندو ته ڀلا ٻيو ڪٿي ڏسندو پر اهو الميو آهي اهڙن ٻارن جو جنهن جا پيءُ ڪنهن فيلڊ ۾ گهڻا مشهور هجن ٿا. علي بابا، جون ايليا جهڙا ڪيترا ئي سوين اهڙا مثال ملي سگهن ٿا جن جي ٻارن وٽ امر جهڙين يادن جو خزانو نه هوندو.
ساڳي مجموعي ۾ ساڳي عنوان سان غزل آهي جنهن ۾ امر لکي ٿو ته
مان ته توسان مري چڪو آهيان
ساهه هي ڪير ٿو کڻي هاڻي
هڪ ٻي غزل ۾ چئي ٿو ته
ڄڻ ته ڪا تهذيب ٿي وئي فنا
ڄڻ مهون ٻيهر هٿان هليو ويو.
انور جي ياد ۾ امر ”ڏاڏي ۽ پوٽي جي جوڙي“ واري نظم ۾ لکي ٿو ته :
تو منهنجي عشق جو ڪيس وڙهي
اهو سڀ ڪجهه
مونکي وٺي ڏنو
جيڪو مون چاهيو.
هي اهو ڪردار هو جيڪو انور والد جي حيثيت ۾ ادا ڪيو، هر والد کي پنهنجي ٻارن سان پيار ۽ سندن مستقبل جو فڪر رهندو آهي، چور، ڌاڙيل، ڪرايي جا قاتل، رشوت خور، جلاد به اهڙا ڪم پنهنجي اولاد گهر ٻار جي ضرورتن ۽ خواهشن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪندا آهن. اولاد انهن کي به اوترو ئي پيارو هوندو آهي. ڪيترائي اديب، دانشور ۽ فنڪار اهڙا به مثال ڇڏي ويا آهن جو هنن پنهنجي قلم ۽ ضمير جو سودو ڪندي پنهنجي اولاد کي خوشحال ۽ عيش واري زندگي ڏني پر انور اهڙن ماڻهن منجهان آهي جن اهو نه ڪيو. هو پنهنجي اصولن تي قائم رهندي جيڪي پويان اولاد لاءِ ڇڏي ويو. ان جو ذڪر امر جي شاعري ۾ ملي ٿو.
امر جي نئين مجموعي ”فنا“ ۾ انور بابت سندس شاعريءَ جو تجزيو ڪجي ٿو. پهرين اچو ته ڏسون انور اولاد لاءِ ڪهڙو ورثو ڇڏيو آهي،
تون هليو وئين
تنهنجي بئنڪ اڪائونٽ ۾
ڪجهه ڪونه هو
پر تو اسان جي دلين ۾
محبت جي ايڏي دولت ڀري ڇڏي
جيڪا کُٽي ئي نه ٿي.
تو ڪا وصيت نه ڪئي
پو به اسان کي هر گهڙي رڳو
تنهنجي ڪمن کي پورو ڪرڻ جي ڳڻتي رهي.
تو ڪڏهن جيئڻ نه سيکاريو
تو اسان کي جي ڏيکاريو.
انور پيرزادي جي جنم ڏينهن تي ڀيٽا پيش ڪندي امر لکي ٿو ته
پنجويهين جنوري ايندي آهي
ڊيلٽا پنهنجو پنڌ پورو ڪندي آهي
عورت حق وٺندي آهي.
ماڻهپي جو موسم ايندو آهي.
شاعر امر پيرزادو پنهنجي شاعري ۾ اهي سبب بيان ٿو ڪري جنهن جي ڪري انور سندس محبوب ۽ آئڊيل شخصيت بڻجي ويل آهي.
پنهنجي قريبي مائٽن ۽ دوستن جي موت جي صدمي کان پوءِ هڪ ٻيو ڏک جيڪو انسانيت جي رشتي سبب سندس دل کي جھوري وجھي ٿو اهو آهي ملڪي ۽ عالمي سياسي حالتن سبب ناحق مرندڙ ماڻهون. ان ۾ هو بلوچستان جي حساس حالتن تي جنهن تي ماڻهن کي ڳالهائڻ جي همٿ ناهي، هو ان تي نوحن جهڙا نظم لکي ٿو.
”چچريل لاش“،”بلوچستان“،”مائنڊ سيٽ“، ”اسان تماشبين آهيون“، ”اختيار“، ”گلن جو بمن سان مقابلو“، ”سبين محمود لاءِ“، ”ڀڳل روڊن جهڙي جمهوريت“، ”جيستائين انڌيرن ۾ قيد“، ”چار سده جي واقعي تي لکيل“ هي سڀ نظم شاعر جا سڏڪا آهن. هر دور جي اديبن شاعرن پنهنجي حصي ۾ آيل ڏکن عذابن ۽ تجربن کي لکيوآهي.
ورهاڱي جو الميو اهو هو ته هندو ۽ مسلمان هڪٻئي جي پاڇي کان به ڊڄندا هئا. وري هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ لڳندڙ جنگين دوران خطري جي سائرن جو آواز ٻڌندي ئي سرنگهن ۾ لڪي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ۽ خطرو ٽري وڃڻ جو يا امن جو سائرن گونجندو هو ته ماڻهون سرنگهن مان نڪري ايندا هئا ۽ ڪجهه گهڙين لاءِ سک جو ساهه کڻندا هئا پر بدقسمتي سان هن دور۾ سک جو ساهه کڻڻ لاءِ اهي چند گهڙيون به نصيب نه آهن، خطري کان بچڻ جي ڪا سرنگهه ناهي، گهر اندر گهر کان ٻاهر هر هنڌ خوف ئي خوف آهي. امر پيرزادو پنهنجي دور جي الميي کي نظم ”چچريل لاش“ ۾ بيان ڪندي لکي ٿو.
اسين گهر ڀاتي
پنهنجي دل جي قبرستان ۾
تنهنجي قبرٺاهيندا رهياسين.
جنهن ۾ توکي نيٺ اچي سمهڻو هو
بس ايتري خواهش هئي ته تنهنجو جسم
موت جي سور کانسواءِ ٻيو ڪو سور نه ماڻي
پر اڄ تنهنجو رستي تي اڇلايل
ڇيهون ڇيهون لاش ڏسي
روح ئي ڇڄي پيوآهي.
اهو ڇڄيل روح باخبر آهي ته اهو ظلم ڪير پيو ڪري ۽ ڇو پيو ڪري.
نظم مائنڊ سيٽ ۾ امر انهن ڪردارن کان چورائي ٿو ته :
اسان کي فخرآهي، موت جي کوهه وانگر
ساڳين ساڳين دائرن ۾
اوهان جي زندگين کي ڦيراٽيون ڏيارڻ تي
ان جو عادي بڻائڻ تي
رياست ۾ مذهب، مذهب ۾ رياست ملائڻ تي.
نظم ”اسان تماشبين آهيون“ ۾ بي حس بڻجي ويل ان اڪثريت جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪي خاموشي سان تماشو ڏسڻ جا عادي هجن ٿا.
”اختيار“ نظم ۾ طاقت جي زور تي عام شهرين جي تذليل ڪرڻ تي احتجاج آهي، ته ڪهڙي ريت تلاشي جي بهاني شهرين جي عزت نفس تي لت رکي ٿي وڃي. بنا ڪنهن جواز جي گهر اندر داخل ٿي عورتن جي بي عزتي ڪندي مردن کي کنڀي اڻ ڄاتل جڳهن تي قيد ڪيو ٿو وڃي.
ڪجهه عرصي کان ويلنٽائن ڊي تي پيل پابندي خلاف به امر ڪجهه نظم لکيا آهن جن منجهان اهو محسوس ٿئي ٿو ته اهڙين اجاين پابندين سبب عام شهري ڪيتري گهُٽ ۽ ٻوسٽ محسوس ڪن ٿا.
طالبانن جي ملڪ ۾
محبت تي نظم لکڻ لاءِ
ضروري آهي ته
نظم پورو ٿيڻ کان اڳ تائين
ڪوڌماڪو نه ٿئي.
اسان ويلنٽائن ڊي ملهائينداسين
گلن سان بمن جو مقابلو ڪنداسين.
هرظلم، ناانصافي خلاف مزاحمت ۽ انساني حقن جي پاسداري ڪندڙ هن حساس دل شاعر کي نسلي، طبقاتي ۽ جنسي مت ڀيد اندران جنجهوڙي ٿو ڇڏي، ان ڪري هي ڀوري ڀيل سان ٿيل توهين آميز سلوڪ تي تڙپي ٿو ته جنسي مت ڀيد به کيس پنهنجي ذات جو ئي ڏک محسوس ٿئي ٿو. هو ان ٻوسٽ کي محسوس ڪري ٿو جڏهن ڪا ٻارڙي پاڻ کي پنهنجي ڀاءُ جي ڀيٽ ۾ ثانوي حيثيت جو انسان سمجهڻ تي مجبور ٿيندي پنهنجي اندر ۾ جهري پوندي هوندي
نظم ”ڌيءُ سان وچن“ ۾ امر ان نينگريءَ جي دل جي ترجماني ڪندي لکي ٿو ته:
مونکي ايڏو پيارڏجان تون
جيڏو پٽ کي ڏيندو آهين.
منهنجي خامين تي ڀي پٽ جي خامين وانگر
ٽهڪ ڏجان تون بابا
مونکي سا آزادي گهرجي ٿي
جيڪا تنهنجي لاءِ رهي ٿي
منهنجا خيال به ڏور اڏامڻ چاهين ٿا
ڪنهن به شڪاريءَ جي ڊڄ کان پوءِ
تون اڏامڻ کان نه جهلجان.
امر پيرزادو اهڙن ئي موضوعن تي پنهنجي پهرين مجموعي ”عشق“ ۾ به پنهنجي خيالن جو چٽو اظهار ڪري چڪو آهي. اهو موضوع امر وٽ شعوري طور به موجود آهي ته لاشعوري طور به آهي. ٻين ڪيترن ئي سڄاڻ ذهنن جي روشن خيال مردن وانگر امر پيرزادو پنهنجي تربيت، مطالعي، ۽ پنهنجي سڀاءَ سبب اهو ڄاڻي ٿو ته جنسي مت ڀيد خلاف لکڻ ۽ مزاحمت ڪرڻ سندس ذميداري به آهي ته وقت جي تقاضا پڻ. ان موضوع تي ۽ ڪجهه وري دوستن جي وڇوڙي تي يا وري ڪنهن وقتائتي موضوع تي تڪڙو لکڻ جي ڪوشش به ڪري ٿو پر انهن ساڳين موضوعن تي سندس نظم توڻي غزل فني توڻي موضوعاتي اعتبار کان شاندار به آهن ۽ گهڻا ڪجهه اهڙا رويا آهن جيڪي امر وٽ قدرتي طور سندس اندر ۾ نهايت گهرائي ۾ موجود آهن.
عورتن جي حقن جا حامي مرد ته ڇا پر خود عورتون پڻ لاشعوري طور تي پنهنجي روين ۽ ڳالهائڻ ۾ اهڙو تاثر ڏينديون آهن جن مان اهو ظاهر پيو ٿيندو آهي ته هو خود به مردن جي برتري کي دل سان قبول ڪري چڪيون آهن. ڀلي سندن نيت اهڙي نه هجي پر پنهنجي گفتگو ۾ ڌيءُ کي مان ۽ عزت بخشيندي کيس پُٽ پُٽ ڪري سڏينديون آهن پر ڪڏهن غلطي سان به پٽ کي ڌيءُ نه چيو ويندو آهي. عورت، نوجوان ڇوڪري، يا ٻارڙيءَ جي مثبت انداز ۾ تعريف ڪندي کيس اعزازي طور تي مرد جهڙي مڙس ماڻهو عورت، يا پٽ جهڙي نياڻي ته هرڪو چوندو پر پٽ کي نياڻي جهڙو يا مرد کي عورت جهڙو تڏهن چيو ويندو آهي جڏهن ڪنهن مرد يا ڇوڪري جي تذليل ڪرڻ مقصد هجي. عورتن وانگر ڊڄڻو، بزدل. روئڻو، ڪمزورآهي. مرد جي ان کان وڌيڪ بي عزتي ناهي جڏهن کيس اهو ڪير طعنو ڏئي وجهي ته وڃي عورتن وانگر چوڙيون پائي گهر ۾ ويهي رهه. پر امر پيرزادي جي شاعري ۾ اهو هڪ مثبت لاڙي جو اهڃاڻ آهي ته هو مردن کي خراج تحسين پيش ڪندي کين عورت سان ڀيٽي ٿو.
عورت جهڙي دل رکندو هو
هڪڙو اهڙو مرد مليو هو.
حسن مجتبيٰ تي لکيل نظم ۾ چئي ٿو ته
هو انسانن جو عاشق آ
هو مرد هجي ڀي عورت آ
جا پيار ڪرڻ ڀي ڄاڻي ٿي
جا پنهنجا حق ڀي ماڻي ٿي.
حسن مجتبيٰ ته بي شڪ اهڙي تشبيهه کي پنهنجي لاءِ عزت افزائي سمجهندو نه ته اهڙي تشبيهه ته مردانگي لاءِ گار به سمجهي سگهجي ٿي. اخباري خبر موجب خانزادي کي شادي رات ڪاري ڪري ماريو ويو ته امر ان تي ڏک جو اظهار ڪندي لکي ٿو ته:
زيور پيس خنجر جيان،
چوڙيون ڀڳس ويساهه جون
نظم شوقين فيمنسٽ ۾ امر اهڙن مردن تي سخت تنقيد ٿو ڪري جن جي قول ۽ فعل ۾ فرق آهي، هو پاڻ کي عورتن جي حقن جو پاسدار ته سڏائين ٿا پر دراصل سندن اندر ۾ تضاد ڀريل آهي.هو ان کي سنئون سڌو مخاطب ٿيندي تنقيد ڪري ٿو ته:
جڏهن تنهنجي روشن خيالي
تنهنجي گهر کان پري هجي
تڏهن اي شوقين فيمنسٽ
تون شائونسٽ مرد بڻجي ويندوآهين.
هجرت جو ڏک ۽ پنهنجي جنم ڀومي سان سڪ جي ڏور ڳنڍيل هئڻ جو احساس شايد انساني فطرت جو حصو آهي، ان جو ذڪر دنيا جي گهڻن ئي ٻولين جي ادب ۾ آهي ۽ عام ماڻهو به پنهنجي پنهنجي انداز ۾ ان جواظهار ڪندو رهيو آهي. ڳوٺن ۾ اڃان به ماڻهن ۾ اهڙيون چوڻيون يا پهاڪا مشهور آهن.ڪنهن فرد جي اگر ڪنهن خاص ڪنڊ، جڳهه سان خاص انسيت هوندي آهي ته کيس مذاق ۾ چيو ويندو آهي ته تنهنجي اتي اور پوريل آهي ڇا!.. خاص طور سنڌي ادبي تخليقن تي ٿيل تنقيدي توڻي تعريفي تجزيي ۾ چيو ويندو آهي ته هنن جي لکڻين منجهه ڳوٺ سمايل هجي ٿو. پر امر پيرزادو جنهن جي ان ڳوٺ ۾ نه ته اور پوريل آهي نڪي هو اتي پليو نپنيو آهي. هو لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو ۽ ٽن سالن جي عمر کان پنهنجي خاندان سان گڏ ڪراچي شهر ۾ رهي ٿو. پنهنجي وڏن ڀينرن ۽ ڀائرن وانگر سندس وٽ ڳوٺ جي گهٽين ۾ رانديون کيڏندي بلوغت جي عمر تائين رسي وڃڻ جهڙين يادن جو سلسلو به ناهي ته به ڳوٺ سندس روح ۾ ايئن سمايل آهي جهڙو مارئي جي من ۾ ملير....
هو جيتوڻيڪ دنيا جا ڪجهه خوبصورت ملڪ به گهمي چڪو آهي پرجڏهن ڪو خوبصورت منظر سندس ڌيان ڇڪائي ٿو ته هن کي دريا ٿيمس جي بدران پنهنجو ڳوٺ ياد ٿو اچي.
هلندي جتي ٿڪ ٿي لٿو
سي ڳوٺ جون ڳليون هيون.
هڪ ٻي غزل ۾ چئي ٿو ته
ڳوٺ پڳاسين ڪوهيڙي ۾
ٿڪ ڀڳاسين ڪوهيڙي ۾.
هڪ ٻي رچنا ۾ چئي ٿو ته
ڳوٺ وسي ٿو مينهن
آلو آلو ٿي ويو
ماروئڙن سان نينهن.
امر پيرزادي ڪراچي ۾ پنهنجي زندگي جا ڪيترائي مرحلا پار ڪيا آهن. ننڍپڻ کان نوجواني، تعليمي سفر کان روزگار ڪمائڻ تائين، لاڏلو پٽ ۽ ڀاءُ کان ذميدار پيءُ بڻجڻ تائين، عاشق کان زال جو ساٿي بنجڻ تائين هن زندگي جي سمنڊ کي جهاڳيو آهي. حساس شاعر هئڻ سبب ڪشادي شهر جي سوڙهي زندگي کي ڀوڳيو آهي. سندس هڪ نظم جو مفهوم آهي ته آفيس ۾گهڻي ڪم سبب گهر اچڻ ۾ دير ٿي وئي ۽ ننڍڙي ڌيءُ سمهي رهي، جيڪا کيس ڏسي خوشي مان ڊانس ڪندي آهي. ان حوالي سان سندس هڪ ٻيو نظم اهڙي ڪيفيت جي ترجماني ڪري ٿو ته:
اڄ ته دل لڳي نه ٿي
زندگي جي شور ۾
فيس بوڪ جي بازار ۾
هرڪو نمائش جا
دڪان سجائي ويٺو آهي
هرڪو پاڻ کپائي ويٺو.
وڏي شهر جي تنهائي کي جديد ٽيڪنالوجي به ڪيترو تنها ڪيو آهي. اهو مشاهدو ۽ تجربو به ته هن نسل کي ئي پلئه پيو آهي. سوشل ميڊيا جي ترقي سبب جيتوڻيڪ رابطي جا ذريعا تڪڙا ٿي ويا آهن. بظاهر ته ائين لڳي ٿو ته سڄي دنيا پاڻ ۾ ڳنڍجي وئي آهي پر انهن وسيلن جي بي جا ۽ انڌاڌند استعمال رشتن کي به ميڪينيڪل بڻائي ڇڏيو آهي. شيخ اياز انساني زندگي کي سوڙهو بڻائيندڙ اڀ ماڙ، بئنڪون، هوائي اڏان ۽ يارڊ جو ذڪر ڪري ٿو. پر سندس حياتي ۾ اڃان فيس بوڪ ۽ واٽس اپ عام ڪونه ٿيا هئا. امر پيرزادي پنهنجي دور جي اهڙن مسئلن کي بيان ڪري ٿو. سندس نظم ”مصنوعي رشتا“ ۾ زال مڙس جي زندگي جي عڪاسي ڪندي چئي ٿو ته هو ڪڏهن شادي جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽڻ نه وساريندا آهن.هڪٻئي کي خاص ڏهاڙن تي تحفا به ڏيندا آهن. هڪٻئي جون ۽ ٻارن جون ضرورتون به پوريون ڪندا آهن پر ته به سندن رشتي ۾خال آهي.
هڪ ڪمري ۾ روم ميٽس بڻجي رهندا آهن
مضبوط سماجي رشتو هوندي
ڪمزور تعلق جو عذاب ڀوڳيندا آهن
سماج جون گهڙيل مصنوعي خوشيون
نڀائيندي هو ٿڪجي پوندا آهن
زندگي جي اصل تازگي
کين پري کان تڪيندي رهندي آهي.
شاعر اهڙي مصروف زندگي ۾ انساني رشتن ۽ جذبن جي ٿڌاڻ کي ويجهي کان مشاهدو ڪيوآهي ۽ پنهنجي زنده رهڻ جو جواز به ڳولي لڌو آهي.
مصروف زندگي مان
جيڪو ٿورڙو وقت
پاڻ لئه بچائيندو آهيان
توکي ۽ شاعري کي ڏيندو آهيان
نئين سر تخليق ٿي ويندو آهيان.
ڏسندي ئي ڏسندي سوشل ميڊيا انساني زندگي ۾ ائين ڇائنجي وئي آهي جهڙوڪ انسان جي اولين ۽ بنيادي ضرورت هجي.سائنسي علم اڳي انهي تي غور ڪندي پنهنجو تجزيو پيش ڪندي هئي ته پاڻي ۽ کاڌي خوراڪ کانسواءِ انسان ڪيترا ڏينهن زنده رهي سگهي ٿو، پر هاڻي شايد جلد ئي سائنسدان سنجيدگي سان انهي تي سوچڻ لاءِ مجبور ٿي وڃن ته فيس بوڪ ۽ واٽس اپ کان بنا هو ڪيترا ڪلاڪ گذاري سگهن ٿا. امرپيرزادي اهڙي نئين نسل جن جا گوڏا سوشل ميڊيا جهڙي مم چٽي وئي آهي هنن کي ان کانسواءِ ڪجهه نظر ئي نه ٿو اچي . نئين زماني جي نون مسئلن کي هن نهايت اثرائتي انداز ۾ پيش ڪيوآهي. هڪ نظم ۾ چئي ٿو ته
صبح جو اٿي اکيون کولي برش ڪندا هئاسين
هاڻ ان کان اڳ ۾ موبائل جا ميسيجز چيڪ ڪندا آهيون
محفلن ۾ موبائل اڪيلو ڪري ڇڏيندي آهي
ڪنهن هوٽل تي ماني ملندي ئي
ان کي ڇهڻ کان اڳ فوٽو جي بسم االله ڪري
اتان ئي اپلوڊ ڪندا آهيون.
موبائيل ڪري سڀني سان جڙجي ويا آهيون
بس پاڻ کان ڪٽجي ويا آهيون.
ان ئي موضوع تي سندس هڪ خوبصورت نظم ”سائيڊ افيڪٽ“ اهڙن ماڻهن جي نفسيات تي آهي جن کي ان ٽيڪنالوجي جي فوبيا ٿي چڪي آهي.
جديد دور جي نئين نسل کي
هر پنجن منٽن کان پوءِ اهو انتظار ستائيندو آهي ته
سندن تصويرن ۽ اسٽيٽس تي
لائيڪ جو اسڪور الائي ڪٿي پهتو؟
خوبصورت تشبيهن سان ڀريل هن نظم ۾ ڪمال جي حقيقت نگاري آهي، آئينو آهي. مونکي سندس هي نظم تمام گهڻو پسند آهي پر هتي اهو پورو نظم اتارڻ مناسب نه ٿو لڳي جو هن ئي ڪتاب ۾ ته شامل آهي. ڪيتري نه تلخ حقيقت آهي ساڳي نظم جون آخري سٽون آهن ته :
هو وقت کي ۽ وقت انهن کي گذاري ڇڏيندو آهي
سوشل ميڊيا تي اينٽي سوشل زندگي گذاريندڙ هي نسل
ٽيڪنالوجي جي استعمال جو
سائيڊ افيڪٽ لڳندو آهي.
زماني جون تلخ حقيقتون، ڏک سور جدائيون صدما پنهنجي جاءِ تي، پر جڏهن مجازي عشق سندس روح کي تازگي بخشي ٿو ته سندس شاعري ۾ به سرشاري شامل ٿي وڃي ٿي.
ڪي نغما رڳو ان ڪري وڻندا آهن
جو اهي اوهان جي محبوبا کي پسند هوندا آهن.
عشق محبت ته هرڪو انسان ڪري ٿو پر ان جو اظهار ۽ ورتاءُ هرڪو پنهنجي پنهنجي سڀاءُ موجب ڪري ٿو، دراصل ان ئي رويي منجهان انسان پنهنجي اصل فطرت سوڌو ظاهر ٿي پئي ٿو. جنسي مت ڀيد سماج جي رڳ رڳ ۾ ايترو ته سمايل آهي جو مرد جي مٿڀرائپ جو احساس جهڙوڪ قدرتي هجي. خدا ۽ مخلوق، مرشد ۽ مريد جهڙو رشتو محبت ۾ به جهلڪي ٿو. محبت ۾ دوستي ۽ برابري جو تصورخاص طور تي مردن توڻي عورتن جي رومانوي شاعري ۾ گهٽ ملي ٿو. امر پيرزادي جي شاعري جي خاص ڳالهه آهي ته هن وٽ محبت ۾ برابري جو تصور آهي. هن جي محبوبا نه ته هن جي ديوي آهي ۽ نه وري داسي. هو ان مشهور چواڻي جو به قائل نه ٿو لڳي ته محبت ۽ جنگ ۾ سڀ ڪجهه جائز آهي. ڪيتري سچائي سان هو شڪست مڃڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو.
جسم ملندو به ته ڇا ٿيندو پرين
روح تنهنجي ۾ لهي ناهيان سگهيو
حسن تنهنجي جي پهاڙن تان پرين
آبشارن جان وهي اهيان سگهيو.
هڪ ٻئي غزل ۾ ڪيتري فراخ دلي سان ان حقيقت کي قبول ڪندي چئي ٿو ته
منهنجي دل هئي هن کي چاهيم
هن جي دل آ جنهن کي چاهي.
هتي شاعري ۾ سندس ذاتي زندگي ۾ ليئو پائڻ يا شاعري ۾ سندس اصل زندگي کي ڳولهي لهڻ جو تجسس هجڻ منهنجو مقصد ناهي نڪي هڪ پل لاءِ به مون اهو تصور ڪيو ته اهو سڀ شاعر سان سچ ۾ ٿيو آهي يا نه. مان سندس هن قسم جي تخليقن مان صرف اهو اندازو لڳائي سگهي آهيان ته شاعر پنهنجي تخيل ۾ محبوب لاءِ وڏي دل رکندڙ آهي ۽ برابري جو قائل آهي. محبت جي حوالي سان سندس ٻيا به ڪجهه اهڙا نظم آهن جن ۾ معصوميت ۽ بي ساختگي جهلڪي ٿي.
جيستائين تون موبائل تي
ميسيج ٽائپ ڪندي آهين
تيستائين منهنجي دل
الائي ڇاڇا ٽائيپ ڪري ويندي آهي
جنهن کي تنهنجا جملا
ٻيهر ڊليٽ ڪندا آهن
ڪيڏو بي چين ڪندا آهن.
هڪ ٻئي نظم ۾ به اهڙي بي ساخته معصوميت واري چالاڪي نظر اچي ٿي ته :
پهرين اپريل تي
توسان عشق جو اظهار ڪيان
تون خفا ٿين ته اپريل فول چوان
تون مرڪين ته
ان ڏينهن کي سچ چوان.
۽ اهڙو ئي هڪ سچ سندس زندگي جو هنن چار سٽن ۾ سمايل آهي.
جيون ۾ هڪ ساز وڄي ٿو، ۽ رقص ڪري ٿي سمبارا
هر باک اسانجي پياري آ، هر رات امر ڄڻ پنهنجي آ
امر پاڻ، باک سندس جيون ساٿياڻي، ساز پُٽ ۽ سمبارا ڌيءُ آهي...
شال سلامت رهن.