ٻه اکر : امداد حسيني
اچ ته ٻاهر ٿا هلون !
باهه جهڙا چپ کڻ،
مچ مچائي ٿا اچون !
”عشق“ امر پيرزادي جي ڪلام جو پهريون مجموعو هو ۽ ”فنا“ سندس ڪلام جو ٻيو مجموعو آهي، جيڪو پنجن سالن کان پوءِ آيو آهي. ”امر“ جي پهرئين مجموعي ”عشق“ کان پوءِ هن ڇا لکيو آهي؟ ان جو مون کي سدائين اوسيئڙو رهيو، پوءِ مشاعرن ۾ ۽ فيس بڪ تي سندس ڪلام ٻڌندو ۽ پڙهندو رهيس ۽ کيس راءِ به ڏيندو رهيس.
هڪ شاعر، جنهن دور ۾ رهي ٿو، ان ۾ جيڪي ڪجهه وهي واپري ٿو، اهو هن جي مشاهدي ۽ مطالعي ۾ ايندو رهي ٿو ۽ هو ان کان متاثر به ٿئي ٿو. نوان لقاءَ، نيون وارتائون، نيون ايجادون، ناانصافيون، ظلم، جبر، ذاتي ۽ اجتماعي وارتائون، حادثا، سانحا، اهي سڀ هن جي شاعريءَ جو موضوع بڻجن ٿا. ”امر“ پنهنجي ”سائيڊ افيڪٽ“ رچنا ۾ ”جديد دور جي نئين نسل“ لاءِ لکي ٿو ته:
هو وقت کي
۽ وقت انهن کي
گذاري ڇڏيندو آهي
۽ اهڙو نسل کيس:
سوشل ميڊيا تي
اينٽي سوشل
زندگي گذاريندڙ هي نسل
ٽيڪنالاجي جي استعمال جو
سائيڊ افيڪٽ لڳندو آهي!!
(سائيڊ افيڪٽ)
نئين موضوع لاءِ هيئت به نئين هجي، ته ڇا ڪلاسيڪل يا روايتي گهاڙيٽي ۾ اهڙي موضوع کي آڻڻ جي منع آهي؟ مثلن بيت يا غزل! اهو طئي ڪرڻ شاعر جو ڪم آهي. ”امر“ جي لاءِ ان موضوع کي اظهارڻ لاءِ نثري شعري گهاڙيٽو وڌيڪ پرفيڪٽ آهي!.
ان گهاڙيٽي ۾ ”امر“ جون کوڙ رچنائون آهن”فنا“ ۾ . هر دور ۾ تبديلي اڻٽر آهي، رهڻي ڪهڻيءَ، پهرواڄ، ڌنڌي ڌاڙيءَ، وهنوار ۾ اهڙي تبديلي اچي ٿي، شاعريءَ سان به ساڳيو اصول لاڳو آهي، اڳي ۽ هاڻي ۾ فرق پڌرو آهي، اڳي درسي ڪتابن ۾ هڪ بيت هو:
سويل سمجهي، سويل اٿجي
اول ڌڻيءَ جو نالو ڳنهجي
۽ هاڻي:
اڳي، صبح اٿي، اکيون کولي
برش ڪندا هئاسين
هاڻي ان کان به اڳ ۾
موبائيل جا ميسيج چيڪ ڪندا آهيون
(سيلفي ڪلچر)
۽ ان رچنا جون آخري سٽون:
نظارا ڇا ڏسجن
سيلفيءَ سان پنهنجو ئي نظارو
سڀني کي ڇو نه ڪرايون
موبائل جي ڪري
سڀني سان جڙجي ويا آهيون
بس
پاڻ کان ڪٽجي ويا آهيون!.
(سيلفي ڪلچر(
نون موضوعن لاءِ جتي نوان گهاڙيٽا (Format)وجود ۾ اچن ٿا، اتي ٻوليءَ ۾ نوان لفظ داخل ٿين ٿا، هاڻي ته موبائل ڳوٺن تائين به پهچي وئي آهي ۽ ان جا سائيڊ افيڪٽ به سنڌي سماج تي پوڻ لڳا آهن! ان ريت ٻوليءَ، لفظ ۽ لهجي تي به انهن جو اثر پوڻ لڳو آهي. ان جي سائيڊ افيڪٽ تي ”امر“ جي رچنا ”سيلفي ڪلچر“ جو حوالو ڏئي سگهجي ٿو.
وقت، سمئه، ٽائيم، ڪالهه اڄ سڀاڻي زندگيءَ جو تت به ته سار به اهي ڇڙا ٽي لفظ! انهن ۾ ٿيندڙ اڄ ۽ ڪالهه جا واقعا، حادثا، سانحا شاعريءَ جو موضوع بڻجن ٿا، ايندڙ وقت يعني ”سڀاڻي“ به شاعريءَ جو موضوع آهي پر ان ۾ به آس نراس، کٽڪا، جاکوڙ، اڳڪٿي جا موضوع اچي وڃن ٿا. ڪالهه، اڄ ۽ سڀاڻي جو ڦهلاءُ ازل کان ابد تائين آهي پر ان ڏس ۾ اعليٰ تصور ۽ ارفع تخيل کان ڪم وٺڻ گهرجي. وقت جي اها ورڇ، يعني ڪالهه، اڄ، سڀاڻي جي سنگهر جي وچين ڪڙي وري به ”اڄ“ آهي، جنهن ۾ شاعر ۽ ان جا پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ جيئن ٿا، اسين سڀ ان دور جا تماشبين آهيون جنهن ۾ اسين جيئرا آهيون، شاعر انهن تماشن کي ڪيئن ٿو ڏسي؟ ۽ ڪيئن ٿو اسان کي ڏيکاري:
اسان کي ڏسڻو آهي
هر اغوا ٿي ويل ماڻهوءَ جو
گهر پهتل
چچريل لاش!
(اسان تماشبين آهيون)
”اسان“ جو استعمال شاعر کي به انهن تماشبين ٽولي/سماج ۾ شريڪ ٿو ڪري، فرق رڳو اهو آهي ته هو انهيءَ واقعي کي جنهن درد جي لهر ۾ لڙهي ٿو، ان کي پني تي لفظن جي روپ ۾ پلٽي ٿو، انهن واقعن جو اثر ايڏو شديد هوندو آهي، جو ڏک، ڪاوڙ، بغاوت، اکين ۾ خنجرن جيان (منظر) ۽ واقعا چڀندا رهن ٿا.
پوءِ به پٿرائجي ويل اکيون انڌن وانگر سڀ ڪجهه ڏسي رهيون آهن!.
اهڙيون ٻيون به رچنائون، اهڙا ٻيا به نظم ”فنا“ ۾ موجود آهن، جيڪي حساس موضوعن تي آهن، جيئن ”ڀُورو ڀيل اڪيلو ناهي“.
توسان جيڪي ڪجهه ٿيو آهي
سنڌ کي ان تي ڪاوڙ آهي
سنڌ سموري شرمندي آ!.
واقعو پهرين ٿيو، نظم پوءِ لکيو ويو، شاعريءَ ۾ ان جا انيڪ مثال آهن، ان ڏس ۾ ڪي ڪردار، اهڃاڻ، ماڳ مڪان، اڄ به شاعريءَ ۾، نت نين معنائن سان ايندا رهن ٿا، نت نوان واقعا/سانحا به ٿيندا رهن ٿا ۽ ٿيندا رهندا، شاعر انهن کان متاثر ٿين ٿا ۽ ان کي لکن ٿا، اهڙن حساس نظمن/رچنائن تي خود شاعر ڪهڙي پيڙا مان پار پئي ٿو ۽ پڙهندڙ به ان تجربي مان گذري ٿو:
شاعريءَ سان سلي ڇڏي آهي
ڳالهه جيڪا به توکي چوڻي آ
اهو هڪ غزل جو شعر آهي، جيڪو پوري شاعريءَ سان لاڳو آهي، يقيناََ شاعر کي جيڪي به ڪجهه چوڻو آهي، اهو شاعريءَ ۾ ئي چوڻو آهي، پوءِ اهو غزل هجي يا نظم يا ٻي ڪا به صنف! اتي وري ان صنف کي نڀائڻ جو مرحلو اچي ٿو ۽ شاعر جو امتحان شروع ٿئي ٿو:
جنهن ۾ رهندي چين ملي ٿو
شاعر دنيا اهڙي ٺاهي
ظاهر آهي ته اهڙي دنيا شاعر سڀني لاءِ ٺاهڻ ٿو چاهي، سڀني لاءِ سک، امن ۽ چين!. ”امر“ استعارن جو به جوڳو واهپو ڪري ٿو، جيئن هڪ نظم ۾ هو گلن ۽ بمن جو استعارو ڪتب آڻي ٿو، ”سمنڊ“ به هن وٽ هڪ استعارو آهي، سمنڊ کي هن هڪ غزل جي مطلع ۾ ٻاهر ۽ اندر جي ”سمنڊ“ کي هيئن اظهاريو آهي:
سمنڊ کي ڏسندو ئي مان رهجي ويس
سار جي ڪنهن سمنڊ ۾ پهچي ويس
ان غزل جي سڀني شعرن ۾ سمنڊ مختلف معنائن سان آيو آهي:
سمنڊ پاتو ايئن ڀاڪر مينهن کي
ڄڻ پراڻو يار ڪو گڏجي ويس
وقت سان هي سمنڊ مٽجي ڇو نه ٿو
آئون پوءِ ڇو وقت سان مٽجي ويس!.
”امر“ سان سندس هن مجموعي ”فنا“ جي شاعريءَ ۾ ڪن هنڌن تي مون ساڻس ڳالهه ٻولهه به ڪئي هئي ۽ هن ان ڏس ۾ پنهنجو جواز پيش ڪيو هو ۽ مان سمجهان ٿو ته هو صحيح به هو:
پنهنجون نظرون آڪاسن تي،
ٻار پڇي ٿو اڳتي ڇاهي؟
اهو هڪ وڏو سوال آهي، ننڍڙي ٻار جو! اهو سڄو غزل سٺو آهي:
هر ڪو لاهي ميرا ڪپڙا
ميرو من ڀي ڪوئي لاهي
يا هي شعر:
منهنجي دل هئي، هن کي چاهيم،
هن جي دل آ، جنهن کي چاهي!.
سو ”امر“ جي غزل جي پنهنجي روپ ريکا آهي، انهن تي توڙي نظمن تي گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو، پر ان لاءِ وقت کپي، هتي مان سندس شعر جيڪي مون کي وڻيا آهن، انهن مان ڪجهه ڏيان ٿو:
هر گهڙي توکي ڪيو محسوس آ
هر گهڙي توتي لکي ناهيان سگهيو
………
خوابن ۾ ڀي پن ڇڻ ماڻي
ايڏو جيون زرد مليو هو،
………
مان سنورجان پئي رڳو تولئه
مون کي ڪاڏي به ڪو نه وڃڻو آ
……….
ڀاڳ تي ريس ٿي اچي ان جي
جنهن ڏي تنهنجي نگاهه کڄڻي آ.