پبلشر پاران محترم آزاد بخاري جو ادبي پورهيو سنڌ ۾ ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي، هن ڪجهه ڪتاب ترجمو ڪيا آهن، ڪجهه تحقيقي ڪتاب پڻ پڙهندڙن آڏو پيش ڪيا آهن؛ ۽ پورهيت قلمڪار جي حيثيت ۾ پنهنجو ادبي پورهيو ڪندو رهي ٿو. جيئن ته اسان سندس ٻارڙن لاءِ ڪيل شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ”گل خوشبو ٻار“ اڳ به شايع ڪري چڪا آهيون، جنهن کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو هو. سندس هيءُ ڪتاب ”نچڻا کيڏڻا کلڻا ٻار“، جيڪو اسان 2009ع ۾ آڻڻ جي ڪوشش ۾ هئاسين، پر ڪن مجبورين سبب نه آڻي سگهياسين. هن ڪتاب ۾ به ٻارڙن لاءِ نوان ۽ دلچسپ موضوع شامل آهن. اميد اٿئون ته سندس هن ڪتاب کي به پسند ڪيو ويندو. محترم فيض گهانگهرو جا شڪرگذار آهيون، جنهن هن ڪتاب جي فائينل پروف پڙهڻ ۾ سهڪار ڪيو. [b]احسان لغاري ’جان‘ [/b]چيئرمين اين. اي جان فائونڊيشن 22 آڪٽوبر 2011ع