تعليم

تعليم ۽ تربيت: اڄ جي ضرورت

نوجوان ليکڪ يوسف جميل لغاري پنهنجي هن ڪتاب ”تعليم ۽ تربيت: اڄ جي ضرورت“ ۾ سنڌ جي تعليم جي تباهيءَ جا حل ٻڌايا آهن. هن ڪتاب ۾ توهان کي تعليم جو نوحو گھٽ ۽ ڪارائتيون صلاحون وڌيڪ ملنديون، جيڪي نه رڳو حڪومت پر عملدارن لاءِ به آهن ته والدين لاءِ به، معاشري لاءِ به آهن ته اسڪول انتظاميہ لاءِ به، استادن لاءِ به آهن ۽ شاگردن لاءِ به. هن ڪتاب ۾ تعليم ۽ تدريس ڇا آهي، اهو به سمجھايو ويو آهي، ته اها به وضاحت ڪئي وئي آهي ته تعليم جو نفسيات سان ڪهڙو لاڳاپو آهي.
Title Cover of book تعليم ۽ تربيت: اڄ جي ضرورت

مهاڳ: علم جا در کوليندڙ ڪتاب

منهنجي اڳيان يوسف جميل لغاري جي لکيل ڳٽڪي ”تعليم ۽ تربيت: اڄ جي ضرورت“ جو مسودو کليو پيو آهي. جنهن کي آئون ڪالهه کان پڙهندو رهيو آهيان ۽ ان جي مطالعي کي مڪمل ڪري، اڄ ان تي هيءَ سٽون لکڻ ويٺو آهيان. سچ هيءَ آهي ته علم، تعليم، فلسفو وغيرهه منهنجي پڻ پسند جا موضوع آهن، ان ڪري ڪٿي به اهڙو ڪو ڪتاب، جيڪو انهن موضوعن تي لکيل هجي، ور چڙهندو اٿم ته ان کي اک مان ضرور ڪڍندو آهيان. هيءَ ڪتاب ته وري ڄڻڪ منهنجي جھولي ۾ اچي پيو آهي. تنهنڪري ان کي ڳوڙهي دلچسپيءَ سان پڙهيو اٿم. هن ڪتاب کي اها اوليت پڻ آهي ته اهو اسان جي هڪ سڄاڻ قومي ڪارڪن، ساڃاهه وند اديب ۽ اهڙي دوست پاران لکيو ويو آهي، جنهن سان آئون دلي محبت ڪندو آهيان.
چليءَ جي شاهڪار ۽ مها شاعر پئبلو نرودا لکيو هو: ”آئون اوهان سان محبت ڪريان ٿو، تڏهن ئي چوان ٿو ته اوهان جهڙو ڪوبه ناهي.“ جيڪس هر محبت ڪندڙ ماڻهو ايئن ئي چوندو آهي، ايئن ئي سمجھندو آهي، پوءِ کڻي اهو ان جو اظهار ڪري سگھندو هجي يا نه. پر منهنجي محبتن ۾ ڪنهن هنڌ تي جڏهن علم، ادب يا فڪر و نظر جي ڳالهه اچي ٿي ته آئون اتي ڪوشش ڪري ڪافي حد تائين معتدلاڻي ڳالهه ڪندو آهيان. علم، ادب يا فڪر و نظر جهڙا مامرا هونئن به اعتدال ۽ تنقيدي نهار جا گھرجائو هوندا آهن. تنهنڪري اتي محض روايتي واکاڻ ڪري پاڻ تان لاهي ڇڏڻ يا پنهنجي دوست کي پڏائڻ بدران ڪن علمي ۽ تنقيدي معيارن کي ضرور سامهون رکڻ گھرجي. سو آئون هيءَ محض يوسف جميل جي ساراهه نه ڪري رهيو آهيان. يوسفن جي هونئن به هميشه ساراهه ٿيندي آهي، جو خدا انهن کي حُسن ۽ حُسنِ سلوڪ سان نوازيندو آهي. پر هتي آئون يوسف جميل لغاري جي هن تمام سنجيدا ۽ متاثر ڪندڙ ڪم کي ساراهي رهيو آهيان، جيڪو ڪتابي صورت ۾ توهان جي هٿن منجھه آهي.
علم انسان جي ٽين اک آهي. اهو هڪڙو پراڻو محاورو آهي. هاڻي چوڻ گھرجي ته علم انسان جون سموريون اکيون آهي. سچ ته اهو علم ئي آهي، جنهن انسان کي اوائلي دؤر جي اوگھڙ، بي شعوري ۽ پٽ تان کڻي تهذيب، تمدن، شعور ۽ ساڃاهه جي بلند آسمانن تي رسايو. انسان ۽ جانور ۾ جيڪو فرق آهي، اهو جبلت کان مٿي اٿي سوچ، شعور ۽ تخيل جي بلندين تي رسڻ جي ڪري پيدا ٿيو آهي. جيڪڏهن انسان سوچ کي پروان چاڙهيندي ٻوليءَ جون واديون نه ووڙي ها، لفظ جو ادراڪ نه ڪري ها ۽ علم جي اظهار جا ڏيئا نه ٻاري ها ته هوند اهو اڄ به جبلتن جي اونداهي ماٿريءَ ۾ هٿوراڙيون هڻندو رهي ها. علم انسان کي نين دنيائن سان روشناس ڪرائي ڪائناتون تسخير ڪرڻ جون جرئتون، جولانيون ۽ سوُجھيون ڏيئي ڇڏيون آهن. جنهن ڪري اهو ڏينهون ڏينهن اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ زندگيءَ لاءِ روز بروز نوان سک، سولائيون ۽ سهنج پيدا ڪري رهيو آهي. جيڪا ڳالهه ڪنهن زماني ۾ امڪان ۾ ئي ڪانه هئي، اها ڳالهه اڄ جي انسان ممڪن ڪري ڏيکاري آهي ۽ اڃا ته ان جو پنڌ جاري آهي. انسان هن ڪائنات جا سارا ڳجھه نيٺ ڳولي ئي لهندو.
يوسف جميل لغاريءَ جو هيءَ ڪتاب انساني شعور جي انهيءَ سفر کي وڌيڪ سيبتو ۽ ڪارائتو ڪرڻ جي جستجو جو حصو آهي. هن جي دل ۾ اهو درد ۽ اها سَڌ ڪنهن ديپ وانگر ٻرندي لاٽ لاٽ ٿي اڀرندي رهي ٿي ته اسان جي هن محڪوم، ڏکن ڏَڌل، جبر ۾ جڪڙيل ۽ ماريل، هڄيل، هپايل قوم جي مقدر ۾ آزادي جي پرهه ڪيئن اڀاري سگھجي ٿي. ان لاءِ اسان کي ڪهڙا اپاءَ وٺڻ گھرجن؟ ڪهڙا قدم کڻڻ گھرجن؟ ۽ انفرادي توڙي اجتماعي طور تي ڇا ڇا ڪري سگھجي ٿو؟ هيءَ ڪاوش انهيءَ لڳن، آس، اميد ۽ عمل جي جذبي جي پيدا ڪيل روشني آهي. جنهن ۾ هن علم، فلسفي، پڙهائڻ جي طريقيڪار، ٻارن جي نفسيات، استادن جي صلاحيتن، ڪردار ۽ ذميدارين، تعليم جي باري ۾ پراڻين علمي ۽ فيلسوفياڻين تشريحن، تعليمي ميدان ۾ ٿيل نين تحقيقن، سنڌ جي تناظر ۾ ضروري قدمن کڻڻ جي ضرورتن، نصاب، تربيتي ڪورسن، شاگردن جي شخصيتن جي مثبت تعمير، خوداعتمادي ۽ تعليم سان لاڳاپيل مختلف پاسن تي ڏاڍي ڪارائتي ڄاڻ مهيا ڪرڻ سان گڏ لاڀائتيون تجويزون ڏنيون آهن. جيڪي يقينن هينئين سان هنڍائڻ جهڙيون آهن. جن مان اسان جو سڄو تعليمي محمڪو ۽ سرشتو لاڀ حاصل ڪري سگھي ٿو. ڪتاب جي ليکڪ جي ٻولي خوبصورتي، سرلتا ۽ روانيءَ سان ڀرپور آهي. ها ڪٿي ڪٿي ان ۾ وياڪرڻيءَ بهتري پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، پر پوءِ به اها لائين نه آهي. اها سگھاري ٻولي آهي. جنهن ڪري سمجھه جوڳي ۽ وڻندڙ ٿي پيئي آهي. هن ڪتاب جي هڪ اهم خوبيءَ هيءَ به آهي ته ڪتاب ۾ مختلف شين کي ڏاڍي سهڻي، سيبتي، عام فهم ۽ معنا ڀريي انداز ۾ وصفايو ويو آهي. آئون چاهيان ٿو ته مهاڳ جي هن پلئُه ۾ ڪجھه اهڙين سٽن جون ڳنڍيون ضرور ڏيڻ گھرجن، ته جيئن پڙهندڙ ڪتاب جي اهميت کان ڪجھه آگاهه ٿي سگھن. مثال طور ليکڪ لکي ٿو: ”تعليم کان بنا زندگيءَ بيمقصد، بيسوادي ۽ ايئن آهي، جيئن ڪنهن حيوان جي زندگي هوندي آهي. زندگيءَ جو هرهڪ جوهر تعليم جو گھرجائو هوندو آهي. تعليم سان ئي زندگي آهي.“
”بهترين استاد اهو آهي، جيڪو ٻار ۾ علم حاصل ڪرڻ جي اڃ پيدا ڪري.“
”تعليم انهيءَ عمل کي چئبو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ روين ۾ تبديلي رونما ٿئي.“
”تعليم جامد حڪمت عملين جو نمونو آهي، فلسفو وري انهن حڪمت عملين کي مشقي صورت ڏئي ٿو. فلسفي جي علم سان تعليم ۾ نيون راهون دريافت ٿين ٿيون ۽ انهن راهن وسيلي تعليم اڳتي پنهنجي واڌ ويجھه ڪري ٿي. فلسفي بنان تعليم کي اڻپوري ۽ بي مقصد تصور ڪيو وڃي ٿو. تعليم جو هيءَ سفر فلسفي کانسواءِ اڻ مڪمل سمجھيو ويندو.“
”خوداعتمادي هڪ اهڙو سگھارو عنصر آهي، جيڪو انسان جي اندروني صلاحيتن کي نکاري ٿو.“
”ڪتاب ڪنهن نه ڪنهن نموني اسان جي زندگيءَ سان جُڙيل رهن ٿا.“
اهڙي انداز ۾ يوسف جميل پنهنجي ڪتاب کي اڳتي وڌائيندي پنهنجن خيالن کي پکيڙيندو هلي ٿو. هن ڪتاب کي مختلف بابن ۾ ورهايو ويو آهي. هڪ نصابي قسم جي ڪتاب کي اهڙي نموني ئي ترتيبڻ گھرجي. مواد موضوعوار هوندو ۽ هڪ مخصوص سٽاءُ ۾ هوندو ته پڙهندڙن جي لاءِ سئولائي پيدا ڪندو. جيڪا شئي هن ڪتاب ۾ چڱي نموني ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هن ڳٽڪي جي هڪ خوبي هيءَ به آهي ته هيءَ ڪتاب نصابي هوندي به ادبي پيرايي سان ٽمٽار آهي، جنهن سان لکڻيءَ جو رس چس برقرار رهيو آهي. ان سان گڏ عام فهم ۽ هر ماڻهوءَ جي سمجھه وٽان هجڻ هن ڪتاب جي هڪ ٻيءَ اضافي خوبي آهي. ساڳيي وقت اهم ڳالهه هيءَ پڻ آهي ته ڪتاب اهڙي وقت ۾ ڇپجي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچي رهيو آهي، جنهن وقت ۾ ان جي وڌ ۾ وڌ ضرورت آهي. وڏي ڀاڳ وارو آهي اُهو ڪتاب، جيڪو پوري وقت تي پنهنجي پڙهندڙن تائين پهچي. وقت تي ايندڙ ڪتاب پنهنجي دؤر تي وڏو اثر وجھندو آهي.
حديثِ نبوي ۾ فرمايو ويو آهي: ”علم حاصل ڪرڻ هر عورت ۽ مرد تي فرض آهي.“ هيءَ ڪتاب به علم حاصل ڪرڻ جي هڪ نينڍ آهي. جنهن مان تعليم جي ڀلائي، بهتري ۽ واڌ ويجھه ۾ مدد ملندي. جنهن مان اسان جا تعليمي ماهر، استاد، شاگرد ۽ علم جا گھڻگھرا گھڻو فائدو حاصل ڪري سگھن ٿا. سنڌي ٻولي ۾ هن قسم جي ڪتابن جي تمام گھڻي گھرج آهي. جيترا گھڻا، ڪارائتا ۽ معياري ڪتاب ڇپبا، اوترو گھڻو شعور ڦهلبو. شعور جو ڦهلاءُ هن دؤر جي اهم ترين لوازماتن منجھان هڪ آهي. شعور تڏهن ڦهلبو، جڏهن اسان وٽ تعليم هوندي. بنان شڪ جي تعليم اهڙو ڏيئو آهي، جيڪو هر اونداهيءَ رات ۾ ٻري ڪاراڻ کي تڙي ڪڍي ٿو. هيءَ ڪتاب ان ڏيئي جي نه وسامندڙ لاٽ آهي. اهڙي لاٽ ٻارڻ تي يوسف جميل کي واڌاين سان گڏ جس هجي. پڪ سان هن هيءَ اهڙو شاندار ڪم ڪيو آهي، جيڪو تاريخ ۾ سدا سلامت رهڻو آهي. هن هيءَ اهڙو وکر وِهايو آهي، جو ڀٽائي چواڻيءَ پَئي پُراڻو ٿيڻو نه آهي.

وکر سو وِهاءِ، جو پَئي پُراڻو نه ٿئي،
ويچيندي ولات ۾، ذرو ٿئي نه زياءِ،
سا ڪا هَڙ هَلاءِ، آڳهه جنهن جي ابهين!

اهڙي نموني تعليم جي جديد لاڙن تي لکيل هن ڪتاب جي هڙ ۾ هميشه ڪجھه نه ڪجھه اهڙو ويڳر ضرور ملي ويندو، جيڪو شعور ۽ ادراڪ کي نواڻ بخشيندو ۽ نيون مهميزون ڏيندو رهندو.


نواز خان زئور
20 جولاءِ 2019ع
ميرپور بٺورو، ضلعو سجاول