ليکڪ پاران : اڃان پنڌ ۾ آهيان !
اِنهي سوچ کي عملي جامو پارائڻ لاءِ مون قلم کنيو ۽ اهو فيصلو ڪيو ته ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڪتاب لکڻو آهي. ڪتاب به وري اهڙي نوعيت جو جيڪو لاڀائتو هجي. انهي سوچ سان مون ڪتاب لکڻ شروع ڪيو. ڪتاب ۾ مون پنهنجي علم، فهم ۽ فڪر جي آڌار تي فلسفي ۽ نفسيات کي به شمار ڪيو آهي. ڇو ته آئون ڄاڻان ٿو ته جيڪڏهن پاڻ علم حاصل ڪرڻ جا هي ٻئي پاسا پُر نه ڪنداسين ته تعليم حاصل ڪرڻ جا حدف به حاصل نه ڪري سگهنداسين. علم نفسيات ۽ فلسفي جو علم فن، فڪر ۽ غور ويچار لاءِ نيون راهون هموار ڪن ٿا. اِنهي لاءِ پاڻ کي خاص ڪري پڙهيل لکيل باشعور طبقي کي کپي ته اهو علم نفسيات ۽ فلسفي جي علم کي پنهنجي ڪوشش آهر مطالعي هيٺ آڻي. هنن علمن جو گهٽ ۾ گهٽ اِهو فائدو آهي ته ماڻهو ٻين جي روين کي سمجهڻ جي قابل بڻجي ٿو ۽ سندس شخصيت ۾ گهٽ وڌائين جي پروڻ پوي ٿي. علم سان شعور ايندو آهي ۽ شعور سان سُجاڳي ايندي آهي. هڪ اِهڙي قسم جي سُجاڳي جيڪا فرد کي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ بيدار ڪندي آهي. علم کان بنا ترقي جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي. توهان جيڪڏهن جديد دور جي تقاضائن تي پورو لهڻ چاهيو ٿا يا وري جديد دنيا جي ترقي پذير ملڪ جي ماڻهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري گڏ هلڻ چاهيو ٿا ته يقينن توهان کي تعليم طرف سنجيدا ٿيڻو پوندو. نه صرف پنهنجي ڪري بلڪ پنهنجي ايندڙ نسل جي بقا ۽ بهبود توڙي فلاح لاءِ به توهان کي تعليم طرف رجوع ڪرڻو پوندو. جڏهن تعليم، معيار جي سطع تي پهچي وئي ۽ هر روز نت نيون تخليقون ۽ نوان خيال اُڀرڻ لڳا ته پوءِ اسان توهان کي ڪو به فرد گهڻو وقت يرغمال بڻائي نه سگهندو.
آئون پنهنجو نينهن تعليم کاتي سان ڪجھ اِن ريت به نڀائيندو رهيو آهيان جو مون شروع کان وٺي تعليمي مضمون لکڻ شروع ڪيا هئا. جيڪي گهڻي قدر اصلاحي مضمون ئي هئا. انهن مان جيڪو مضمون تمام گهڻو مشهور ٿيو ۽ مختلف اخبارن توڙي رسالن ۾ ڇپيو سو آهي ”پيپرن جي تياري ڪئين ڪجي“. هن مضمون کي شاگرد طبقي کان وٺي ڪري اشاعتي ادارن تائين تمام گهڻي ۽ سُٺي موٽ ملي. جنهن جو مکيه سبب اِهو هو ته هن مضمون ۾ مون شاگردن کي پيپر جي تياري جي مختلف مرحلن بابت آسان طريقي سان آگاهي ڏني ۽ ڪجھ اهڙا ترڪيب ٻڌايا جن تي عمل پيرا ٿي ڪري ڪافي شاگرد امتحانن ۾ سٺيون مارڪون ۽ گريڊ کڻي آيا. اُنهن طرفان مون کي مٺايون ۽ سوکڙيون به مليون ته اُن سان گڏ کوڙ دعائون ۽ نيڪ تمنائون به نصيب ٿيون.
اِنهن دعائن جي بدولت قدرت واري مون کي تعليم کاتي ۾ نوڪري نصيب ڪئي ۽ آئون ننڍڙي عمر ۾ ئي اُستاد ٿي ويس. اُستاد ٿيڻ ته منهنجو خواب هو ۽ منهنجي بابا جو به خواب هو. هن خواب هن سال ساڀيان ماڻي ته قدرت واري جي خودڪار نظام تي يقين اڃا وڌيڪ پختو ٿي ويو. ڇو ته فطرت جو هڪ اصول اِهو پڻ آهي ته جيڪڏهن توهان ڪنهن ٻي جي مدد ڪريو ٿا ته توهان جي مدد به ڪنهن اهڙي طريقي سان ٿي ويندي جو توهان انهي بابت ڪڏهن سوچيو به نه هوندو. مون انفرادي مفادن بابت سوچڻ بجاءِ اجتماعي فائدن کي اوليت ڏيندي شاگرد طبقي جي هر ممڪن مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. منهنجي چوڻ جو اِهو مطلب قطعي ڪونه آهي ته ڪو مون شاگردن جون فيسون ڀريون يا انهن کي هر مهيني گذر سفر لاءِ چند ڏوڪڙ ڏيندو هيس.
ها البته ايترو ڪندو هيس ته ڪنهن کي ڪو مونجهارو هوندو هو ته اُن کي ڌيان سان ٻڌڻ، سندس مسئلي تي غور و فڪر ڪري کيس ڪو حل ڪڍي ڏيڻ، ڪنهن کي نوٽس وغيره کپندا هئا ته انهي کي نوٽس هٿ ڪري ڏيڻ. انهي کان علاوه هر ممڪن اخلاقي ۽ علمي مدد ڪرڻ منهنجي اولين ترجيع رهي. آئون ته پنهنجي انهن دوستن کي به پاڻ سان گڏ کڻي هليس جن لاءِ ڪنهن يار چيو هو ته تنهنجا هي يار ڊگري پوري ڪري نه سگهندا ۽ وقت ثابت ڪيو ته انهن يارن نه صرف ڊگري پوري ڪئي پر آخر ۾ ورسٽي مان ليپ ٽاپ به حاصل ڪري ويا. بس ڳالھ آهي سموري سچائي جي ۽ مخلصي جي. جيڪڏهن سنجيدگي آهي ته سُڀ ڪجھ آهي جيڪڏهن سنجيدگي جي کوٽ آهي ته پوءِ بس رڃ ئي رڃ آهي. ڳالهيون ته گهڻيون آهن جي هتي سڀ ڳالهيون ڪبيون ته هڪ ٻيو ڪتاب ٺهي ويندو. اِن لاءِ پاڻ فلحال ماضي مان نڪري هاڻ حال ۾ قدم رکندي هن ڪتاب تي ڪجھ ڳالهايون ٿا ته جئين توهان کي اهو گمان نه ٿي ته ڪو آئون ماضي پسند آهيان ۽ رڳو ماضي ۾ ئي رهڻ پسند ڪندو آهيان. هن ڪتاب بابت منهنجا توقعات انتهائي بلند آهن ڇو ته ڪو به چڱو ڪم ڪرڻ مهل انسان کي اميد پسندي کان ڪم وٺندي پنهنجي ڪم مان اِها توقع رکڻ کپي ته منهنجو هي ڪم ٻين لاءِ فائدي مند ثابت ٿيندو. آئون ادب جي جهول ۾ پنهنجو هي پهريون علمي ڪم انهي اميد سان پيش ڪريان ٿو ته منهنجو هي ڪتاب شعور جون راهون هموار ڪندو ۽ تعليم کاتي ۾ ٻيل لاءِ مشعل راھ ثابت ٿيندو.
آئون اڄ جيڪڏهن هي ٻه چار لفظ لکڻ جي قابل ٿيو آهيان ته انهي درجي تي پهچڻ لاءِ کوڙ سارين شخصيتن جو مون تي شفقت ڀريو هٿ رهيو آهي. جن ۾ منهنجي والدين کان وٺي ڪري، ايليمنٽري ڪاليج خيرپور توڙي فيڪلٽي آف ايجوڪيشن جي مهربان ۽ شفيق اُستادن، ميڊمن ۽ ڪلاس فيلوز جون محبتون به وسارڻ جوڳيون ڪونه آهن. جن مون کي زندگي کي سمجهڻ توڙي زندگي سان جهيڙڻ جو فن سيکاريو. آئون ته ٻهراڙي جو هڪ عام فرد آهيان. مون وٽ ته نه ايتري دولت آهي جو آئون دنيا جون سڀئي خوشيون خريد ڪري سگهان ۽ نه ئي مون وٽ اهڙي نفيس زبان آهي جنهن سان آئون دلين تي راج ڪري سگهان. مون وٽ ته بس ٻه شيون آهن هڪ قلم ۽ ٻيو علم، پنهنجي انهي مزاج سان ٻنهي سان نينهن نڀائڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آهيان. آئون ته اڃا به ائين چوندو آهيان ته منهنجو هي سفر هن ڪتاب جي اچڻ سان شروع ئي هاڻ ٿيندو. آئون ته اڃا پنڌ ۾ آهيان. منزل ته ڪوھ ڏور آهي. منزل طرف وڌڻ جي جستجو به انهي اميد سان ڪيو ويٺو آهيان ته جڏهن اسان جي قوم جو هر ٻار پڙهيو لکيو ۽ دنيا سان ڪلهو ڪلهي ملائڻ جي قابل ٿيو ته پوءِ منهنجو خواب پورو ٿيندو ۽ آئون پنهنجي تعليم تي فخر ڪرڻ شروع ڪندس. وڌيڪ لاءِ ايترو ته توهان سُڄاڻ دوستن ۽ باشعور فردن جي راين جو شدت سان انتظار رهندو. توهان ئي اهو حتمي فيصلو ڪري سگهو ٿا ته آئون پنهنجي هن مقصد ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ٿيو آهيان. آئون تھ دل سان پنهنجي مُحسن، ادبي اُستاد ۽ گهڻ رُخي شخصيت جي مالڪ سائين نواز خان زئور جو شڪر گذار آهيان جن منهنجي ڪتاب تي هڪ نظر وجهي ڪري هن ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت کان توهان کان آگاھ ڪيو. انهي سان گڏوگڏ آئون محترم سائين غلام اصغر ميمڻ صاحب جو به تھ دل سان مشڪور آهيان جن هن ڪتاب بابت پنهنجي قيمتي راءِ جو اظهار ڪري مون ناچيز جي همٿ افزائي ڪئي. ساڳي وقت پيڪاڪ پبلشر جي ڌڻي ۽ لسانيت جي ماهر سائين آفتاب احمد ابڙو به مون لاءِ مان لهڻو آهي جنهن جي اداري جي وسيلي منهنجو هي ڪتاب اوهان جي هٿن تائين پهتو. ڀاءُ قمر آفتاب ابڙو جو سهڪار ۽ همٿ افزائي وارو رويو به وساري نه ٿو سگهجي ڇو ته سندس مسلسل رابطي ۽ رهنمائي مون کي ڪتاب جي ليکڪ ٿيڻ جو شرف عطا ڪيو - آخر ۾ ڪتاب کي ڪتابي صورت تائين آڻڻ کان وٺي ڪري ڪتاب جي آخري ڪاپي جي پڙهندڙ تائين، مستقبل جي معمارن لاءِ کوڙ ساريون دعائون ۽ نيڪ تمنائون. ڌڻي سڀني جي علم ۾ اضافو ڪري.
[b] يوسف جميل لغاري
[/b] ٺري ميرواهه
رابطي لاءِ:
ceyousif@gmail.com