تعليم

تعليم ۽ تربيت: اڄ جي ضرورت

نوجوان ليکڪ يوسف جميل لغاري پنهنجي هن ڪتاب ”تعليم ۽ تربيت: اڄ جي ضرورت“ ۾ سنڌ جي تعليم جي تباهيءَ جا حل ٻڌايا آهن. هن ڪتاب ۾ توهان کي تعليم جو نوحو گھٽ ۽ ڪارائتيون صلاحون وڌيڪ ملنديون، جيڪي نه رڳو حڪومت پر عملدارن لاءِ به آهن ته والدين لاءِ به، معاشري لاءِ به آهن ته اسڪول انتظاميہ لاءِ به، استادن لاءِ به آهن ۽ شاگردن لاءِ به. هن ڪتاب ۾ تعليم ۽ تدريس ڇا آهي، اهو به سمجھايو ويو آهي، ته اها به وضاحت ڪئي وئي آهي ته تعليم جو نفسيات سان ڪهڙو لاڳاپو آهي.
Title Cover of book تعليم ۽ تربيت: اڄ جي ضرورت

تعليمي نصاب ڪيئن هجڻ گهرجي !

تعليم جي سرشتي کي اڳتي وڌائڻ توڙي اُنهي کي هلائڻ ۾ نصاب جو اهم ڪردار هوندو آهي. جيڪڏهن تعليمي نصاب فرسوده ۽ وقت جي مناسبت سان جديد نه هوندو ته يقينن اهو نصاب لاڀائتو نه ٿي سگهندو ۽ اُن مان مطمئن ڪندڙ نتيجا به اخذ ڪونه ڪري سگهبا. سنڌ جي تعليمي نصاب جي حوالي سان حالانڪ کوڙ ساريون ڳالهيون ڌيان طلب آهن جنهن ۾ سڀني کان اهم ڳالھ اِها آهي ته تعليمي نصاب ڪئين هجڻ گهرجي. تعليمي نصاب ۾ ڪهڙيون شيون ڪهڙي درجي ۾ شامل هجن ۽ ڪهڙن شين کي مستقل بنيادن تي نصاب جو حصو بڻائجي ۽ ڪهڙن شين کي نصاب ۾ عارضي بنيادن تي جڳھ فراهم ڪجي. پاڻ وٽ الميو اِهو آهي ته نصاب جي بهتري لاءِ تعليم کاتي وٽ نه ئي ڪي ڪنهن ماهرن جي ڪا ٽيم تشڪيل ڏنل آهي ۽ نه ئي وري تعليمي نصاب جي حوالي سان سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ مان ڪنهن قابل توڙي هوشيار اُستادن کان ڪي تجويزون ورتيون وڃن ٿيون. هر سال نصاب جي ترتيب ڏيڻ مهل تعليم کاتو حڪومت سنڌ پنهنجي مرضي سان نصاب جوڙي ڪري سنڌ اندر تعليمي ادارن کي ڪتاب فراهم ڪري ٿي ۽ اڪثر دفعا ائين به ٿيو آهي ته انهي پنهنجي مرضي واري روايت سبب تعليمي نصاب ۾ ڪافي غلطين جي نشاندهيون به ٿيون آهن ۽ اُنهن جي درستگي بابت سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ مان انهن سبجيڪٽن سان لاڳاپيل اُستادن پنهنجون تجويزون سوشل ميڊيا توڙي اخبارن وسيلي سرڪار تائين پهچايون به آهن ليڪن تعليم کاتي حڪومت سنڌ پاران انهن معاملن تي نه ڪڏهن ڪا سنجيدگي اختيار ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪڏهن انهن معاملن کي غور طلب آندو آهي جنهن سبب نصاب ۾ ڪوتاهيون جئين جو تئين ئي برقرار رهنديون اچن ٿيون.
تعليمي نصاب جي حوالي سان پاڻ جڏهن پرائمري ڪلاس جي نصاب جو جائزو وٺون ٿا ته پاڻ کي اِهو احساس ٿي ٿو ته پرائمري جي ٻار جي لاءِ جيڪو نصاب ترتيب ڏنو ويو آهي اُهو سڄو سارو نصاب ٻار جي عمر ۽ ذهن کان ڪنهن قدر مٿي ليول جو آهي. پرائمري جي ٻار لاءِ بنيادي سکيا واري مرحلي ۾ پهريان کيس پنهنجي ٻولي جا بڻ بنياد يعني الفابيٽ ۽ انهي الفابيٽ جي لفظن جي مختلف شڪل و صورت سمجهائڻ خاطر سبق ترتيب ڏنا وڃن. انهي کان پوءِ ٻين ٻولين جهڙوڪ اڙدو ٻولي ۽ انگريزي ٻولي جا الفاظ سمجهائڻ ۽ انهن جي درست استعمال جا طور طريقا سمجهايا وڃن ته جئين ٻار ٻولي واري معاملي ۾ ڪنهن قدر ڪٿي به مونجهاري جو شڪار نه ٿي. ڇو ته سنڌي الفابيٽ ۾ ڪجھ اهڙا اکر به آهن جن جو آواز هڪ جهڙو آهي. انهي آواز جي هڪ جهڙائي جي ڪري اسان جا ڪافي شاگرد اصل لفظ جي بجاءِ ٻيو لفظ لکي ٿا ڇڏين ۽ لفظن جو اِهو مونجهارو سندن ذهن مان ختم ئي نه ٿو. اڳتي هلي ڪري لکڻ واري معاملي ۾ کين کوڙ سارين غلطين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. جنهن سبب سندن پڙهائي به متاثر ٿئي ۽ هو شين کي پنهنجي اصلي معنيٰ ۽ مفهوم ۾ سمجهڻ کان به قاصر رهن ٿا.
اِنهي کان پوءِ سيڪنڊري درجي جي نصاب ۾ ٻولي سان گڏوگڏ سائنس ۽ حسابن واري سبجيڪٽ يعني مئٿميٽڪس کي شامل ڪيو وڃي. ڇو ته سيڪنڊري درجي جو ٻار هن عمر ۾ سائنس کي سمجهڻ جيترو عقل رکي ٿو ۽ کيس حساب ڪتاب به سمجھ ۾ اچڻ شروع ٿيندا. جڏهن ٻار ذهني طور بالغ ٿيڻ شروع ٿيندو ۽ کيس لفظن توڙي انگن اکرن جي سُڃاڻپ پرائمري جي درجي ۾ ئي سکڻ لاءِ ملي ويندي ته هُو سيڪنڊري ڪلاس ۾ پهچڻ شرط علم جي حاصل ڪرڻ کي بهترين مشغلو سمجهندي اُنهي مان لطف اندوز ٿيندو ۽ سندس دلچسپي پڙهڻ طرف به وڌڻ شروع ٿيندي. پاڻ وٽ تعليمي نصاب ڪجھ انهي طرح جو جُڙيل آهي جو ٻار کي شروعاتي ڪلاسن ۾ ئي سوشل سائنس، اسلاميات ۽ جنرل ناليج جهڙا سبجيڪٽ پڙهايا وڃن ٿا. ظاهري ڳالھ آهي هڪ ڪچو دماغ عمر جي انهي حد ۾ مڪمل طرح سان نه سماجي اڀياس کي سمجهي سگهندو. نه اسلاميات جي اهميت کي سمجهي سگهندو ۽ نه ئي کيس جنرل ناليج جهڙو خُشڪ سبجيڪٽ سمجھ ۾ ايندو. هي سبجيڪٽ کيس فائدو ڏيڻ بجاءِ سندس ذهني مونجهارن ۾ اضافو ڪندا ۽ سندس دلچسپي تعليم طرف وڌڻ بجاءِ گهٽجڻ لڳندي.
انهي نموني وري اعليٰ درجن جهڙوڪ يارهون ۽ ٻارهو سميت يونيورسٽي جي سطع تي شاگرد لاءِ نصاب ۾ سوشل سائنس سان گڏ ڀلي اسلاميات ۽ جنرل ناليج جا سبجيڪٽ رکيا وڃن. ڇو ته عمر جي هن حد ۾ ٻار ايتري سمجھ جي قابل ٿي ويندو آهي جو هو سماجي سرشتي کي سمجهڻ سان گڏ مذهبي معلومات جي اهميت ۽ ضرورت کي سمجهي سگهي. انهي سان گڏوگڏ ملڪي توڙي غير ملڪي معلومات کي به سمجهڻ جو فهم حاصل ڪري وٺندو آهي. يونيورسٽي سطع تي وري شاگردن لاءِ انهن جي صلاحيتن کي نکارڻ لاءِ نصاب ۾ پريڪٽيڪل ڪم کي ٿيوري کان وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ڇو ته يونيورسٽي کان پوءِ شاگرد کي عملي زندگي جي شروعات ڪرڻي هوندي آهي. انهي لاءِ کيس پنهنجي شعبي ۾ عملي زندگي لاءِ تيار ڪجي. پاڻ وٽ وري نصاب ڪجھ اهڙو آهي جو يونيورسٽي تائين پهچڻ کان پوءِ به شاگرد جي مٿان ڪتابن جا انبار ياد ڪرڻ جو ڪم رکيو ٿو وڃي. انهي معاملي ۾ يونيورسٽي جا اُستاد به هِتان هُتان ڪري انٽرنيٽ توڙي ٻين وسيلن کان گهربل معلومات هٿ ڪري شاگردن کي نوٽسن جا انبار مٿي ۾ هڻي ٿا ڇڏين جنهن سبب شاگرد جي پنهنجي سوچ نسرڻ بجاءِ هڪ جاءِ تي دٻجي وڃي ٿي ۽ اُن کي ڇھ ماهي توڙي سالياني امتحان ۾ ويهڻ توڙي پاس ٿيڻ لاءِ ڪافي ڪاڳر ياد ڪرڻا پون ٿا.
ٿيندو ڪجھ ائين آهي ته اعليٰ تعليمي سطع تي جيڪو ڪجھ پڙهايو ويندو آهي عملي زندگي ۾ وري سڄو ڪجھ اُنهي جي ابتڙ هوندو آهي. هر هڪ شعبي جو اِهو حال آهي. عملي زندگي ۾ پير پائڻ کان پوءِ شاگرد کي خبر پوندي آهي ته هتي ته سڄو سارو معاملو ئي بنھ الڳ آهي ۽ اُتي وري پنهنجو مقام ٺاهڻ لاءِ کيس الڳ سان محنت ڪرڻي پوندي آهي. ان لاءِ جيڪڏهن شاگرد کي پنهنجي شعبي جي مناسبت سان اڳواٽ ئي ڪافي شيون پڙهايون وڃن ۽ سمجهايون وڃن ته پوءِ شايد انهي کي ڪابه تڪليف، ڪو به مونجهارو نه ٿي ۽ ھُو پنهنجي شعبي ۾ سُٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ڪامياب وڃي. اسان وٽ نصاب جي ترتيب ڏيڻ کان وٺي نصاب جي لاڳو ڪرڻ تائين جيڪي به فرد شامل آهي اُنهن واڳ ڌڻين کي سنڌ جي اصلوڪين حالتن، معاشرتي صورتحال کان وٺي شاگرد جي مجبورين ۽ حالاتن جي قطعي به خبر ڪونه آهي جنهن سبب هو هميشه نصاب ترتيب ڏيڻ مهل پنهنجي ذاتي سوچ کي اوليت ڏيندي اهڙو نصاب تيار ڪندا آهن جنهن مان اِهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته هُو نصاب کي جديد دور جي تقاضائن تي پورو لهندڙ بڻائي رهيا آهن حالانڪ ائين قطعي ڪونه آهي. اسان جو سڄو سارو تعليمي نصاب نئي سر ترتيب طلب ڪري رهيو آهي ۽ وقت جي حالاتن ۽ تقاضائن جي پڻ اِها گهرج آهي ته نصاب کي شاگرد جي عمر، ذهن معيار ۽ مقدار موجب ترتيب ڏئي تيار ڪيو وڃي ته جئين انهي مان سُٺا نتيجا حاصل ڪري سگهجن.

(هي مضمون 14 جولاءِ 2019 تي روزاني اڳواڻ اخبار حيدرآباد ۾ شايع ٿيو آهي)