اُستاد، اسڪول ۽ معاشري جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو !
تعليم جو سڄو نظام هنن ٽنهي پهلوئن جي سهڪار سان ئي پايا تڪميل تائين پهچي ٿو. انهي لاءِ پاڻ هتي هنن ٽنهي بنيادي پهلوئن کي جانچڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ اهو معلوم ڪنداسين ته آيا اُستاد، اسڪول ۽ معاشرو ڪهڙي نموني هڪ سُٺو تعليمي نظام جوڙي سگهن ٿا. اُستاد هن خودڪار نظام جو پهريون ۽ بنيادي پهلو آهي. اُستاد جي نه هجڻ سان نه ئي تعليم جو سلسلو پورو ٿي سگهي ٿو ۽ نه ئي تدريسي مرحلو مڪمل ٿي سگهي ٿو. اُستاد لاءِ اِهو بنھ ضروري آهي ته هُو پنهنجي لاڳاپيل عنوان تي مڪمل نموني عبور رکندڙ هجي ته جئين اُن جا شاگرد انهي مان مڪمل طرح سان مستفيد ٿي سگهن ۽ سندن تعليمي سفر ڪامياب نموني سان مڪمل ٿي سگهي. اُستاد جي شخصيت نفيس هجڻ سان گڏوگڏ شفيق به هجي. ڇو ته اڪثر شاگرد پنهنجي والدين جي بجاءِ گهڻو ڪري پنهنجي اُستاد جي پيروي ڪندا آهن. اُستاد کي آئيڊيل تصور ڪندي انهي جي ٻڌايل واٽ تي عمل پيرا ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اِن لاءِ اُستاد پنهنجي پيشي سان جيترو سچو، مخلص ۽ سنجيده هوندو اُنهي جي شاگردن جي ڪامياب ٿيڻ جا امڪان به انهي آڌار تي وڌيڪ ثابت ٿيندا.
اُستاد کان پوءِ ٻيو اهم پهلو آهي اسڪول. جتي تدريسي عمل جُڙي ٿو ۽ شاگرد پڙهن ٿا. اسڪول جيتري قدر صاف سُٿرو، جديد کان جديد تر ۽ نظم و ضبط جي حوالي سان اصول تي قائم ٿيل هوندو. اُتي اُستاد سان گڏوگڏ شاگردن کي به تعليم حاصل ڪرڻ ۾ فرحت محسوس ٿيندي ۽ کين ڪنهن به قسم جي بوريت نه ٿيندي. شاگردن جو من تعليم طرف وڌڻ لڳندو ۽ ھُو تعليم حاصل ڪرڻ کي ٻين سڀني معاملن کان اهم سمجهندا. انهي لاءِ ضرورت انهي ڳالھ جي آهي ته اسان جي سنڌ اندر موجود سڀني اسڪولن، خواھ پرائمري کان سيڪنڊري تائين، اسڪول بنيادي سهولتن سان سرشار هجن. انهن اسڪولن ۾ راند روند لاءِ ميدان، پڙهڻ لاءِ لائبريري ۽ تجربا ڪرڻ لاءِ، سائنس ليبارٽريون ميسر هجن ته جئين شاگرد پنهنجي مليل وقت ۾ پنهنجي صلاحيتن جو درست استعمال ڪندي انهن مان فائدو حاصل ڪري سگهن ۽ پنهنجي پڙهائي واري مرحلي کي ڪاميابي سان پايا تڪميل تائين پهچائي سگهن. هن وقت مجموعي طور سنڌ اندر سڀئي اسڪول راندين جي ميدان کان وٺي، لائبريري توڙي سائنس ليبارٽرين جي سهولت کان محروم آهن. جنهن سبب شاگردن جي پڙهائي ڪنهن حد تائين متاثر ٿئي پئي ۽ مطمئن ڪندڙ نتيجا پاڻ کي نه ٿا ملن جنهن سبب معاشري جي هر عام و خاص ماڻهو جو اعتماد سرڪاري اسڪولن تان ختم ٿيندو ٿو وڃي.
هاڻ سوچڻ جهڙي اِها ڳالھ آهي ته جڏهن اُستاد هڪ طرف معاشري جو انتهائي مظلوم فرد سڏجي ٿو ۽ ٻي طرف وري بنيادي سهولتن جي اڻاٺ سبب هو ڪهڙي نموني سُٺا نتيجا ڏئي سگهندو. اسان کي اهو سمجهڻ کپي ته هڪ اُستاد تڏهن ئي بهتر نتيجا فراهم ڪري سگهي ٿو جڏهن اُن کي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ لاءِ هڪ موثر ماحول فراهم ڪيو وڃي. اعليٰ تعليمي ادارا پنهنجي اُستادن کي هر هڪ سهولت فراهم ڪن ٿا ۽ اُنهي کان پوءِ ئي انهن مان سُٺي ڪارڪردگي جي اميد ڪن ٿا. پاڻ وٽ تعليم جي وزير کان وٺي ڪري عام توڙي خاص ماڻهو جو پارو استادن تي گرم ٿئي ٿو ۽ اُهي تعليم جي تباهي جو مکيه سبب استاد کي سمجهن ٿا ليڪن ائين آهي ڪونه. استاد اڪيلو ڇا ٿو ڪري سگهي. پنهنجا ٻچا پالي، پنهنجو پيٽ گذر ڪري يا پنهنجي شعبي ۾ سُٺي ڪارڪردگي ڏيکاري. اُستادن تي ڪاوڙ ڪرڻ بجاءِ انهن جي ضرورتن کي سمجهڻو پوندو تڏهن ئي وڃي ڪري اسان کي مڪمل ڪهاڻي سمجھ ۾ ايندي.
هن نظام جو ٽيون پهلو آهي معاشرو. معاشرو جيترو سُڌريل هوندو اُتي تعليمي نظام اوترو ئي بهتر هوندو. جديد دنيا جي سُڌريل ملڪن جهڙوڪ چائنا، آمريڪا، جاپان ۽ ملائشا وغيره ۾ سُٺا معاشرتي اصول قائم ٿيل آهن جن جي بنياد تي اُتان جو معاشرو پنهنجي واڌ ويجھ ڪري ٿو. اِنهي برعڪس اسان وٽ نه ئي ڪي معاشرتي اخلاق اعليٰ آهن ۽ نه ئي ڪي سُٺا ۽ فائدو ڏيندڙ معاشرتي اصول. جنهن سبب صدين کان وٺي ڪري اسان جو معاشرو پنهنجي ترقي واري مرحلن کي پار ڪرڻ کان قاصر آهي. هڪ اُستاد کي اڳتي وڌڻ لاءِ ۽ پنهنجي اسڪول کي بهتر بنائڻ لاءِ معاشري جي سهڪار جي خاص ضرورت هوندي آهي. معاشري ۾ رهندڙ هر هڪ فرد تي اِها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هُو پنهنجي آس پاس توڙي ويجهي مٽ مائٽن کي انهي ڳالھ تي آماده ڪري ته تعليم سان ئي ترقي ممڪن آهي. تعليم کان بغير ترقي ممڪن ئي ڪونه آهي. اسان معاشرتي اصولن جي پائداري نه ڪندي نه صرف پاڻ کي نقصان ڏنو آهي بلڪ هر هڪ شعبي کي تباھي تائين پهچائي ڇڏيو آهي. پوءِ ڀلي کڻي ڇو نه اُهو شعبو تعليم جو هجي، صحت جو هجي يا وري قانون توڙي زراعت جو هجي. اسان وٽ گهڻي تڻي ٽيڪا ٽپڻي يا بحث مباحثا تعليم جي شعبي تي ڪيا ويندا آهن ڇو ته هي شعبو باقي ٻين شعبن جي خلقڻهار شعبو آهي. هي شعبو جيترو قدر جديد گهرجن تي پورو لهندو تئين ئي ٻيا شعبا هن جي بهتر هجڻ واري عنصر کان فائدو وٺندي پنهنجي ترقي جون منزلون طئي ڪندا.
اِن لاءِ پاڻ کي اُستاد، اسڪول ۽ معاشري واري ڳانڍاپي طرف ڌيان ڏيڻو آهي ۽ اهو سوچڻو آهي ته هي ربط جيڪو هنن ٽنهي پهلوئن جو پاڻ ۾ صدين کان قائم هو انهي ربط جي ٽٽڻ کان پوءِ انهي کي ڪهڙي نموني بحال ڪجي ۽ ان مان ڪئين فائدو حاصل ڪري سگهجي. جڏهن اُستاد، اسڪول وڃڻ ۽ اسڪول ۾ رهڻ کي پنهنجي اولين ترجيع ۾ شامل ڪندو ته يقينن اُنهي وقت معاشري جو هر هڪ فرد انهي اُستاد سان پاڻ کي سلهاڙڻ جي ڪوشش ڪندو. سندس واکاڻ ڪرڻ شروع ڪندو. سندس هر هڪ تعليمي تقريب ۽ گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪرڻ شروع ڪندو. سرڪاري اسڪولن جي وڃايل اعتماد هڪ دفعو ٻيهر بحال ٿيڻ شروع ٿيندو. جڏهن اِهي سڀئي معاملا درجا به درجا پار ٿيڻ شروع ٿيندا ته اميد اٿم ته سرڪاري اسڪول بهتر کان بهتر ۽ گهربل نتيجا فراهم ڪندا. جن نتيجن تي بنياد تي اسان جو ايندڙ نسل ترقي ڪرڻ شروع ڪندو ۽ هن سائنسي دور ۾ جديد دنيا جي تقاضائن تي پورو لهڻ شروع ڪندو ۽ علم جي روشني جو سج هن ڌرتي سان گڏ ذهنن کي به سجاڳ ڪندو.