ارپنا
Dr. Vishal Memon
سندس وني
وانگ ين هونگ
Wang yun Hong
۽ پنھنجي پوٽي مريم وشال
Mariam Vishal
جي نالي.
هي ڪتاب يوسف سنڌيءَ جي چين ۾ گذاريل سُندر ۽ ساھ سڌير ساروڻين جي روئداد آهي. ڪتاب پنجن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پھريون حصو ”ڏٺم چين چاھ مان“ ۾ اسلام آباد کان گوانچو تائين روانگي ۽ ڪجهہ ٻين هنڌن جي سفر جون ساروڻيون آهن. ٻيو حصو، ”چين جا ڏينھن ۽ راتيون“ جي عنوان سان چين جي شھر نئننگ (Naning) ۾ گذاريل ڏينھن جي روزاني ڊائري آهي، ٽيون حصو ”چيني سياست ۽ سماج“ بابت آهي، چوٿون حصو ”چين ترقيءَ جي رستي تي“ جي عنوان سان ڏنو ويو آهي، پنجون حصو ’چيني ادب‘ بابت ڏنو ويو آهي، جنھن ۾ چيني اديبن، شاعري ۽ ڪھاڻيءَ بابت مختصر حال احوال سان گڏ ڪجهہ چيني شاعري ۽ ٽن ڪھاڻين جا ترجما ڏنل آھن.
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو