سفرناما

مريم جي ديس ۾

هي ڪتاب يوسف سنڌيءَ جي چين ۾ گذاريل سُندر ۽ ساھ سڌير ساروڻين جي روئداد آهي. ڪتاب پنجن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پھريون حصو ”ڏٺم چين چاھ مان“ ۾ اسلام آباد کان گوانچو تائين روانگي ۽ ڪجهہ ٻين هنڌن جي سفر جون ساروڻيون آهن. ٻيو حصو، ”چين جا ڏينھن ۽ راتيون“ جي عنوان سان چين جي شھر نئننگ (Naning) ۾ گذاريل ڏينھن جي روزاني ڊائري آهي، ٽيون حصو ”چيني سياست ۽ سماج“ بابت آهي، چوٿون حصو ”چين ترقيءَ جي رستي تي“ جي عنوان سان ڏنو ويو آهي،  پنجون حصو ’چيني ادب‘ بابت ڏنو ويو آهي، جنھن ۾ چيني اديبن، شاعري ۽ ڪھاڻيءَ بابت مختصر حال احوال سان گڏ ڪجهہ چيني شاعري ۽ ٽن ڪھاڻين جا ترجما ڏنل آھن. 

  • 4.5/5.0
  • 15
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Maryam Jy Des Mein

اسلام آباد کان گوانچو تائين

اسلام آباد کان ’سائو درن چائنا‘ ايئرلائين جو بوئنگ جھاز 9 لڳي 55 منٽن تي گوانچو لاءِ اُڏاڻون. جڏهن سڀ ڪاغذي ڪاروايون پوريون ڪري جھاز ۾ چڙهڻ لاءِ قطار ۾ بيٺاسين تہ جھاز ۾ چڙهڻ کان اڳ جھاز جي چيني عملي چڪاس جي جديد اوزارن سان هڪ ڀيرو ٻيھر چڪاس ڪئي ۽ پوءِ اندر ڇڏيو. جھاز ۾ قدم رکيوسين تہ ڳاڙهي ڊريس پاتل اُپسرائن جھڙين چيني ايئرهوسٽس ’ني هائو‘ چئي اسان جو استقبال ڪيو. سندن سونھن ڏسندي ايئن محسوس ٿيم، ڄڻ جنت جي ڪنھن جھان ۾ اچي ويو هجان. انھن ايئر هوسٽس هر مسافر کي ٽڪيٽ موجب مُرڪي پنھنجين سيٽن تي ٿي ويھاريو. پوءِ بہ هر وقت خدمت چاڪريءَ ۾ مصروف رهيون. انھن ۾ هڪ اُپسرا اهڙي هئي، جنھن ڏانھن هر هر منھنجون نظرون کڄي ٿي ويون.، پر هڪدم خيال آيم تہ ’ڀائو خيال ڪر، بيگم صاحبہ پاسي ۾ ويٺي اٿئي، متان کڻي نہ تنھنجي کر.‘ اڳ ۾ بہ هڪ ڀيرو مون سان ايئن ٿي چڪو هو.
ڇا ٿيو جو منھنجي پٽ منظر جي گهرواريءَ جو ويم حيدرآباد جي ليڊي گراهم اسپتال ۾ ٿيو هو، اها اسپتال ڪئٿولڪ چرچ مشنري تحت هلندي آهي ۽ نھايت مناسب ريٽ اٿس. ان جو سڄو انتظام عيسائي نرسون هلائينديون آهن. اسان ٻہ ڏينھن اسپتال ۾ هئاسين. ٻي ڏينھن مون ٻاهر ويٺي سسٽر سان ڪچھري ڪئي. مون کانئس چرچ بابت سوال پي پُڇيا. ٻڌايائين تہ اسان وٽ اسپتال ۾ مٿي هڪ روم کي اسان عبادت گاھہ جي شڪل ڏني آهي، جتي روزانو صبح جو دعا گهرندا آهيون. منھنجي چوڻ تي هوءَ مون کي پاڻ سان وٺي مٿي ويئي ۽ اهو ڏسي موٽي آياسين. اسان جي ڪچھري ۽ پوءِ اسان کي مٿي ويندي، سامھون ڪمري مان منھنجي گهر واريءَ ويٺي ڏٺو. بس پوءِ منھنجو ڪمري ۾ وڃڻ ۽ منھنجي گهر واريءَ جو پارو مٿي چڙهڻ. هڻي تڻي وڃي جند ڇڏايم. بھرحال پوءِ بہ جڏهن بہ ايئرهوسٽ آئي ٿي تہ مون اک ٽيٽ ڪري کيس ٿي ڏٺو. ۽ منھنجي ذهن ۾ مرزا قليچ بيگ جو شعر اُڀرڻ ٿي لڳو:
سھڻا سڀئي دنيا جا ٿا سڀني کي وڻن
ڇا چيني، ڇا ڪشميري، ڇا تاتاري هجن.
اسلام آباد کان گوانچو جو سفر ڇھن ڪلاڪن ۾ پورو ٿيو. ان وچ ۾ فضائي ميزبانڻين اسان جي خدمت چاڪري بہ ڪئي. جھاز ۾ پاڪستانين سان گڏ ڪافي چيني بہ سوار هئا، جيڪي شايد پاڪستان مان موڪلن تي واپس چين وڃي رهيا هئا.
گوانچو، اسلام آباد کان 2804 ميل پري آهي، جيڪو مفاصلو هوائي جھاز ڇھن ڪلاڪن ۾ پورو ڪيو ۽ ڇھين بجي گوانچو ايئرپورٽ تي لينڊ ڪيائين. چين جي سرحدن ۾ داخل ٿيڻ سان ئي موبائيل ۾ ٽائيم پاڻمرادو بدلجي ويو. جھاز ۾ اسان کي هڪ هڪ ڪارڊ ڏيئي ويا، جنھن ۾ اسان کي بنيادي ڄاڻ لکي ايئرپورٽ تي اميگريشن مھل ڏيڻي هئي. جيڪي ڪارڊ پوءِ ايئرپورٽ تي لٿاسين تہ جھاز ۾ منھنجي ڀر ۾ ويٺل هڪ سواتي همراھہ ڀرڻ ۾ مدد ڪئي، جيڪو ’ووهان‘ ۾ نوڪري ڪندو هو ۽ موڪلون ملھائي واپس چين وڃي رهيو هو.
اسان قطار ۾ هلندا اميگريشن ڪائونٽر تي پھتاسين، مون پنھنجو پاسپورٽ ۽ اهو ڪارڊ اتي ويٺل ڇوڪريءَ کي ڏنو ۽ پاڻمرادو رهنمائي ڪندڙ بايو ميٽرڪ مشين تي پنھنجي آڱرين ۽ آڱوٺن جا نشان هنيا تہ ڇوڪريءَ پڇيو، ”اوهان جي پٽ جي ايڊريس“ ڪارڊ ۾ اهو بہ لکيل هو تہ اوهان ڇو چين آيا آهيو، جنھن تي مون لکيو هو، پٽ سان ملڻ لاءِ-
ڇوڪريءَ جي ان سوال تي آءٌ ٿورو مُنجهي پيس جو مون وٽ ايڊريس نہ هئي. مون چيومانس تہ مون وٽ ايڊريس تہ ڪونھي، تہ هڪدم چيائين تہ پوءِ اوهان واپس پنھنجي گهر وڃو، جنھن تي آءٌ پگهرجي پيس ۽ مون هڪدم موبائيل کولي وشال جو ’وي. چيٽ‘ نمبر ڏيکاريو. جيڪو ٿوري دير ڏٺائين ۽ پوءِ چيائين، ”ٻي ڪا ثابتي.“ ان مھل مون کي وشال جو چين جو موبائيل نمبر ياد آيو. هڪدم اهو ڪڍي ڏيکاريومانس. پاڻ پين کڻي ڪارڊ تي اهو لکيائين ۽ مون کي چين ۾ انٽري جو ٺپو هڻي ”شي شي“ چئي پاسپورٽ واپس ڏنائين. اصل ۾ ٿيو هيئن هو تہ جنھن سواتي همراھہ منھنجو ۽ نسيم جو ڪارڊ ڀريو هو، ان ۾ نسيم جي ڪارڊ ۾ تہ وشال جو نمبر لکيائين، پر منھنجي ۾ نہ، جنھن تي مون کيس چيو بہ، پر چيائين ان جي ضرورت ڪونھي، جو اوهان جي وائيف جي ڪارڊ ۾ لکيو اٿم. ان ننڍڙي ڳالھہ منھنجا پگهر ڪڍي ڇڏيا. پوءِ نسيم جا آڱوٺا ۽ فنگر پرنٽس هڻايم ۽ ٻي گهڙي هن ان جي پاسپورٽ تي ٺپو هڻي واپس ڪيو.
اسان هٿ ۾ سامان کڻي ٻاهر نڪري آياسين. موبائيل جا تہ جھاز ۾ چڙهندي ئي سگنل ختم ٿي ويا هئا. سو وشال سان رابطو ممڪن نہ هو، ٻاهر اچي مون ٽرالي کنئي ۽ سامان اتي ايندڙ گول چڪري تي ڦرندڙ ٻنھي بيگن کي کڻي ٽرالي تي رکيو ۽ سامھون واش روم مان ٿي، ٽرالي گهليندا ٻاهر نڪرڻ لڳاسين.
جڏهن چين اچڻ جي تياري شروع ٿي تہ ننڊ توڙي جاڳ ۾ وشال منھنجي اکين جي اڳيان ڦرڻ لڳو هو ۽ سوچيندو هئس تہ وشال سان هيئنءَ ملندس، هيئنءَ ڀاڪر پائي مِٺيون ڏيندو سانس. ساڻس ملڻ جي خوشيءَ ۾ وڏا وڏا ٽھڪ ڏيندس ۽ کيس ڀاڪرن ۾ ڀري ڦيريون ڏيندس، اٺ سال ڀريا اٺ سال مون پنھنجي پشوءَ کي روبرو نہ ڏٺو هو.
سامان جي ٽرالي گهليندي منھنجون نظرون ٻاهر وشال کي ڳولھڻ لڳيون، تيسين نسيم چيو، ”وشال، سامھون وشال بيٺو آهي. کشين ۽ مريم بہ گڏ اٿس.“
ٻي گهڙي منھنجي نظر بہ وڃي وشال تي پئي، ۽ سوچيم، پيءُ جي ڀيٽ ۾ اولاد کي ڳولھڻ ۾ ماءُ جون نظرون تيز آهن. تڏهن تہ وشال تي پھرين نظر منھنجي پوڻ بدران ماڻھنس جي پئي.
ٻي گهڙي وشال منھنجي ڀاڪرن ۾ هو. جڏهن وشال چيو تہ، ”اٺن سالن کان پوءِ مليا آهيون.“ تہ دل ۾ چيم: پشو اٺ سال نہ پر منھنجي لاءِ تہ ڄڻ اٺ صديون گذريون آهن. ۽ منھنجي اکين ۾ لڙڪ ڇلڪڻ لڳا.
نسيم کشين سان ملي، وري وشال سان ملي ۽ کيس مٺيون ڏيڻ لڳي. مون کشين جي مٿي تي هٿ رکي پوءِ ساڻس هٿ ملايو تہ کشين چيو ”ابو... ويلڪم ٽو چائنا.“
۽ مريم اسان کي شوخ نظرن سان ڏسڻ لڳي.
پوءِ مون مريم کي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي تہ هوءَ رڙيون ڪرڻ لڳي. اسان هن لاءِ نوان هئاسون. سو اسان ڏانھن اچڻ جي لاءِ تيار نہ هئي ۽ اسان کي عجيب نظرن سان ڏسڻ لڳي. وشال مريم کي ڪلھي تي ويھاريو ۽ مون کان سامان جي ٽرالي وٺي گهلڻ لڳو. اسان ٻاهر نڪرڻ لڳاسين.
وشال ۽ کشين رات ئي گوانچو اچي ويا هئا ۽ هڪ هوٽل ۾ ترسيا هئا ۽ جھاز جي لينڊنگ وقت ايئرپورٽ پھتا هئا. ٻاهر نڪرندي وشال پڇيو، ”مسجد هلئون يا نئننگ؟“ڪجهہ ڏينھن اڳ جڏهن مون دلبر سائينءَ جي ڪتاب ۾ پڙهيو هو تہ گوانچو ۾ اصحابي رسول حضرت سعيد بن ابي وقاص جي مزار آهي ۽ وشال سان فون تي ڳالھہ ٻولھہ ٿي هئي تہ، چيو هومانس گوانچو هونئن ئي اچون ٿا، سو اها زيارت ٿي وڃي تہ بھتر.
مون چيس، ”جيئن تنھنجي مرضي.“
”بھتر اهو تہ پھرين نئننگ هلون. جو اوهان بہ ٿڪل هوندا ۽ شام جو منھنجي هڪ دوست جي شادي آهي، ان ۾ بہ شرڪت ڪرڻي آهي. وچ ۾ گوانچو اينداسين.“
مون بہ ٿڪاوٽ ۽ سامان کي نظر ۾ رکندي چيو، ”ايئن بھتر رهندو.“
اتي ٽئڪسين وارن جا ايجنٽ بيٺا هئا، اسان کي ڦري آيا، وشال هڪ سان ڳالھايو ۽ پوءِ فون تي ڳالھائيندو ٻاهر روڊ تائين آيو.
گوانچو ايئرپورٽ تمام گهڻو وڏو ۽ خوبصورت هو، جنھن مھل جھاز ليڊنگ پي ڪئي، ان مھل مون ڏٺو تہ نہ رڳو ’سائودرن چائينز ايئر ويز‘ جا جھاز پر ٻين بہ ڪيترن ئي ملڪن جا جھاز بيٺا هئا. گوانچو جو نظارو ڏاڍو خوبصورت هو. صبح جو پھر هو، سو سڄو آسمان جھڙالو نظر آيو ۽ ٽڪرين جي مٿان ڪڪر ٽيلارا ڪندي نظر آيا.
ڏھہ منٽ کن اتي بيٺاسين. هڪ ڇھہ سيٽر پراڊو ٽائيپ گاڏي اچي اسان جي اڳيان بيٺي. چيني ايجنٽ اسان کي ڊرائيور جي حوالي ڪيو. جيڪو نھايت صاف سٿرو ۽ خوبرو چيني نوجوان هو. سامان پويان رکيوسين ۽ اچي گاڏي ۾ ويٺاسين، پوئين سيٽ تي وشال ۽ آءٌ اسان کان اڳين سيٽن تي نسيم ۽ کشين. مريم کشين جي گود ۾ ويٺي. هاڻ گاڏي گوانچو ريلوي اسٽيشن ڏانھن وڌڻ لڳي. گوانچو چين جو وڏو ڪاروباري شھر آهي. آءٌ گاڏي هلندي، ٻاهر ڏسڻ لڳس. ڪشادا ۽ خوبصورت رستا، جن جي ٻنھي پاسي وڻ هئا، گل ۽ ٻوٽا پوکيل هئا. ماحول نھايت خوبصورت لڳي رهيو هو. آسمان سان ڇھندڙ عمارتون، رستن تي ٽريفڪ روان دوان.
”پھرين ڪٿي هلي ناشتو ڪريون. پوءِ اسٽيشن ٿا هلون.“ وشال چيو. پوءِ ڊرائيور کي ڪجهہ چيائين. ٿوري دير کان پوءِ گاڏي اچي هڪ هوٽل جي اڳيان بيٺي.
”هي مسلم هوٽل آهي ۽ هتي حلال کاڌو ملندو آهي.“ وشال چيو-
اسان گاڏيءَ مان لھي اچي هوٽل اندر ويٺاسين. مون کي تہ بک نہ هئي جو مون جھاز ۾ ماني کاڌي هئي. البت نسيم جھاز ۾ ماني نہ کاڌي هئي. وشال چانور، چپس ۽ ڊرنڪس ۽ ڪجهہ ٻيون شيون بہ گهرايون. مون کيس ايترو ڪجهہ گهرائڻ کان روڪيو، پر همراھہ ٻُڌڻ جي لاءِ تيار نہ هو. اسان کي جيتري کائڻي هئي سا کاڌيسين ۽ ٻي پيڪ ڪرائيسين. هتي هوٽلن ۾ مون اهو ڏٺو تہ ماني کائڻ کان پوءِ جيڪا بچندي هئي، سا پيڪ ڪرائي کڻي ٿي ويا.
ٿانوَ رکڻ مھل چيني همراھہ کائڻ لاءِ اسٽڪ بہ رکيون، چيني تہ انھن اسٽڪس سان آرام سان پيا کائيندا آهن. وشال بہ هِري ويو آهي، مون ڪوشش ڪئي، پر کائي نہ سگهيس. جنھن تي سڀ مون تي کلندا رهيا. پوءِ اسٽڪس ڇڏي چمچي سان کائڻ شروع ڪيم تہ هوٽل واري چيني مسلمان، جنھن جو نالو ’محمد‘ هو. چيائين، ”مسلمان هٿ سان ماني کائيندا آهن.“
ماني کائي وري گاڏيءَ ۾ چڙهياسين. جنھن اچي اسان کي اسٽيشن تي ڇڏيو، ان مھل صبح جا ساڍا نوَ ٿي رهيا هئا. سامان گاڏي مان لاهي هڪ پاسي رکيوسين. اسٽيشن جي ٻاهر بيٺي مون وشال کان پڇيو، ”هيءَ اسٽيشن آهي يا ايئرپورٽ؟“
”هيءَ گوانچو ريلوي اسٽيشن آهي.“
اسٽيشن ڏسي دنگ رهجي ويس، هيڏي وڏي ۽ خوبصورت. پاڻ وٽ تہ اهڙي ريلوي اسٽيشن جو تصور بہ نہ ٿو ڪري سگهجي.
نسيم ۽ کشين کي هڪ هنڌ بيھاري وشال چيو تہ، ”ابو هلو تہ ٽڪيٽ وٺي اچون.“ ائين چئي وشال مون کان منھنجو ۽ ماڻھنس جو پاسپورٽ ورتو ۽ اسان ٽڪيٽ واري پاسي وڃڻ لڳاسين. اتي پھچي وشال پنھنجو ۽ اسان ٻنھي جا پاسپورٽ ۽ کشين جو آڊنٽي ڪارڊ ڏنو. اٺ سؤ يوانن ۾ چار ٽڪيٽون مليون. هاڻ اسان جي سڄي ڊيٽا ڪمپيوٽر ۾ فيڊ ٿي چڪي هئي ۽ اسان جڏهن بہ چين ۾ جتان بہ ريل جي ٽڪيٽ وٺنداسون تہ پاسپورٽ نمبر لڳائڻ سان سڄي ڊيٽا اچي ويندي. ٽرين ڏھہ لڳي 32 منٽن تي نئننگ لاءِ رواني ٿيڻي هئي. ان مھل 9 لڳي 50 منٽ ٿيا هئا. اسان تڪڙا تڪڙا هلندا نسيم ۽ کشين وٽ پھتاسين، جيئن ٽرين تائين پھچي سگهون. ٽڪيٽ ۽ سامان ڪمپيوٽرائيز چيڪ ڪرايوسين تہ چيڪرياڻي هڪ بئگ ڏانھن اشارو ڪندي چيو تہ هيءَ کوليو. مون هڪدم چاٻيون ڪڍي کولڻ شروع ڪئي، پر ان سان گڏ اهو بہ خيال آيم تہ هن بئگ ۾ ڪھڙي بلا پئي آهي جو مائي کولرائي پئي. تالو کولي بئگ کوليم تہ مائي سڀ پيل سامان ڪپڙا وغيرہ هيٺ مٿي ڪري ڇڏيا، نيٺ بئگ ۾ پيل باڊي اسپري ڪڍي چيائين، ”هي کڻي وڃڻ جي موڪل ڪونھي.“ ان سان گڏ بئگ بند ڪرڻ جو اشارو ڪيائين. اهو باڊي اسپري کڻي هيٺ پيل ڊسٽ بين ۾ ڦٽو ڪيائين. مون تڪڙ ۾ سامان بئگ ۾ وڌو ۽ تالو هنيو ۽ وشال بئگ گهلڻ شروع ڪئي ۽ اسان اڳتي وڌڻ لڳاسين. اسٽيشن تمام وڏي ۽ خوبصورت هئي. اسان جي بہ هل هلان. نسيم کي هلڻ سان سھڪو ٿيو پوي. سو آءٌ بيھندو کيس پاڻ سان وٺي هلڻ لڳس. نيٺ اليڪٽرڪ ڏاڪڻ تان لھي هيٺ پليٽ فارم تي پھتاسين. جتي ڪيتريون ئي هاءِ اسپيڊ ٽرينون بيٺيون هيون، اهڙيون جھڙا ڪر جھاز هجن، نيٺ ڇڪي تاڻي ڇڪ ڇڪان ۽ ڊوڙ ڊوڙان ڪري نئننگ ويندڙ ٽرين جي اسان جي ٽڪيٽ واري بوگي ۾ پھتاسين. ٽرين تمام وڏي هئي. سامان ڇڪي مٿي چاڙهي اسان بہ چڙهياسين. ڳرو سامان رکڻ لاءِ ڌار خانو ٺھيل هو، بئگون اتي رکيوسين ۽ هٿ جو سامان پاڻ سان کڻي پنھنجي سيٽن جي مٿان رکيوسين. وشال، کشين ۽ مريم کي پويان سيٽون مليون ۽ اسان ٻنھي کي بلڪل بوگي جي در وٽ، سيٽون ٽي هيون، ٽي خالي هئي، سيٽ جي اڳيان ننڍيون کلندڙ ٽيبلون هيون، مون ويھي آسپاس جو جائزو ورتو، مسافر سڀ چيني هئا. منھنجي ساڄي پاسي واري سيٽ تي هڪ ٻارهن تيرهن سالن جو صحتمند چيني ڇوڪرو ۽ سندس ماءُ ويٺل هئا. جنھن مھل اسان ٽرين ۾ چڙهياسين ان مھل ڏھہ لڳي پنجويھہ منٽ ٿيا هئا. ٺيڪ ڏھہ لڳي 32 منٽن تي ٽرين هلڻ شروع ٿي ۽ هوريان هوريان پليٽ فارم کان نڪرڻ لڳي. مون شيشي واري دريءَ مان ٻاهر ڏسڻ شروع ڪيو. وڏيون وڏيون عمارتون، پارڪ، روڊن تي روان دوان ٽريفڪ هلندي نظر آئي. ٽرين رفتار پڪڙڻ شروع ڪئي تہ منھنجي اکين جا ڇپر بہ ڳرا ٿيڻ لڳا. سو اکيون ٻوٽي ڇڏيم. ٽرين ۾ نہ گوڙ نہ گهمسان نہ سامان وڪڻندڙن جا هوڪا، بي حد پُرسڪون ماحول هو. اک کلي تہ ڏٺم سامھون هڪ سوئيپر مائي، جنھن جي عمر ساٺيڪو کن سال هئي، سا وائپر سان ٽرين جي فرش جي صفائي ڪري رهي هئي ۽ ٽرين جون بوگيون گڏ هيون تنھنڪري اسان واري بوگي ۽ سامھون واري بوگيءَ مان صفائي ڪري هڪ ڪاري بئگ ۾ رکي رهي هئي. ٽرين ۾ صفا مک ٿي تِرڪي. ان دوران ٽرين جا گارڊ بہ اچ وڃ ڪري رهيا هئا. سوئيپر مائيءَ صفائي ڪري پوري ڪئي تہ سامھون خاني مان گرم پاڻيءَ جو ٿرماس ڪڍي، ان ۾ هڪ ٽي بيگ وجهي سرڪون ڀرڻ لڳي. ان دوران ڪيترائي ڀيرا وشال ۽ کشين پنھنجي جاءِ تان اٿي اسان وٽ آيا ۽ جوس وغيرہ ڏيئي ويا.
منھنجي پاسي واري سيٽ تي ويٺل چيني ڇوڪرو مون ڏانھن ڏسي مُرڪڻ لڳو. مون بہ جوابي مرڪ مُرڪي. ٻارڙي جي معصوميت مون کي موهي وڌو، پوءِ هو بئگ مان ڪو ڪتاب ڪڍي پڙهڻ لڳو تہ مون بہ پنھنجو نوٽ بوڪ ڪڍي ان ۾ نوٽس وٺڻ شروع ڪيا. مون کي لکندو ڏسي ڇوڪرو اک ٽيٽ ڪري مون ڏانھن ڏسڻ لڳو، تہ هي ڪھڙي ٻوليءَ ۾ پيو لکي. ان دوران کشين مريم کي کڻي مون وٽ آئي ۽ مون کي لکندو ڏسي، جهُڪي ڏٺائين ۽ حيرت مان نوٽ بوڪ منھنجي هٿ مان وٺي وشال ڏانھن کڻي ويئي تہ ’پاپا ڪھڙي ٻولي پيو لکي، اڙدو.“ وشال چيس نہ ”هيءَ اردو نہ پر سنڌي آهي، جيڪا منھنجي بہ مادري زبان آهي.“
کشين ڏاڍي خوش ٿي، سچي ڳالھہ اها آهي تہ کشين سان ملي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي هئي، ۽ وري جو بار بار پاپا پاپا... ابو ابو ٿي چيائين تہ سندس چيني ٽون ٻڌي، آءٌ بہ ڄڻ خوشيءَ مان ٽڙي ٿي پيس. ڳالھہ ڳالھہ تي کلي ٿي پئي ۽ ٽھڪ ٿي ڏنائين، نھايت کلڻي ۽ ملڻي هئي، منھنجي چينائڻ ننھن، منھنجي پٽ ڊاڪٽر وشال جي وني.
ٽرين وچ وچ ۾ ڪنھن اسٽيشن تي پنجن منٽن لاءِ بيٺي ٿي، مسافر چڙهيا ۽ لٿا ٿي، پوءِ وري پنھنجي منزل ڏانھن روان دوان.
چئن ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ اڍائي وڳي ٽرين نئننگ سٽي جي پليٽ فارم تي پھتي. اسان پنھنجو سامان سنڀالي کنيو ۽ هيٺ لٿاسين. هي ريلوي اسٽيشن بہ ڪافي وڏي ۽ خوبصورت هئي. سامان گهلي اسٽيشن کان ٻاهر اچي روڊ تي بيٺاسين. مريم، وشال جي ڪلھن تي هئي ۽ اسان کي عجيب ۽ شوخ نظرن سان ڏسندي رهي. وشال بڌايو تہ ٽرين ۾ مريم اسان کان ناراض ٿي ويئي تہ پاڻ سان گڏ ڪير پيا وٺي هلو، جنھن تي اسان کلي پياسين.
وشال ٽئڪسي گهرائي، جنھن ۾ وشال، نسيم، مريم ۽ آءٌ ويٺاسين ۽ گهر روانا ٿياسين، هتان جي قانون موجب ڊرائيور کان سواءِ ٽئڪسيءَ ۾ فقط ٽي ماڻھو ويھي سگهن ٿا. هڪ اڳيان ڊرائيور سان گڏ ۽ ٻہ پويان. تنھنڪري کشين ڌار ٽئڪسي ڪري گهر پھتي.