پراڻو ڳوٺ، نئون ڳوٺ
هتي جي زمين پٿرائين آهي. منجهس وڻ ٿين ئي ڪونہ. کيتي پوکيءَ جي لحاظ کان بہ هتي جي زمين صفا بيڪار آهي. ان ڪري هتي جي هارين کي لاچار جبل جي لاهين تي چاڙهيون ٺاهي، چوٽيءَ تائين پوک ڪرڻي ٿي پوي.
هتي جا رهاڪو هاري صدين کان نہ رڳو جبلن جي خلاف، پر هڪ اهڙي خوني، ڦورو ۽ وهم پرستيءَ واري تھذيب سان بہ لڙندا رهيا آهن، جيڪا لڳ ڀڳ ان تھذيب جھڙي هئي، جنھن ۾ حضرت عيسيٰ اک کولي هئي. البت هتي جا رهاڪو هڪڙي خدا جي بدران ڪيترن ئي ديوتائن کي پوڄيندا هئا. انھن ديوتائن ۾ قسمت جو ديوتا بہ شامل هو، جنھن انھن کي غريب ڪري پيدا ڪيو هو. ڀوتن، شيطانن ۽ بد روحن کان بہ هي ماڻھو ڊنل هئا، جيڪي سندن خيال موجب ٽڪرين هيٺان بيٺل وڻن تي يا جانورن جي جسمن ۾ لڪا رهندا هئا. اهو ئي سبب هو جو هي ماڻھو هميشہ سولائيءَ سان ڳوٺ جي ڌوتين ۽ ٽوڻن ڦيڻن وارين جي ڦندي ۾ ڦاسندا هئا، ۽ اهي ڌوتيون وڏي کريب ۽ اٽڪل سان کين ڊيڄارينديون هيون. اهڙي طرح سان اهي غريب هارين کي وڏيرن وٽ نيلام ڪري ڇڏينديون هيون. قرض جا ڳھيل ۽ بُکايل هاري پنھنجي ڪٺن حياتيءَ جو اظھار هن گيت سان ڪندا هئا:
فصل لُڀي هر سال، بُکون پوءِ بہ سال بسال،
پئسا گهرون ٿيون خوار، قرض ڪيو بي حال،
اڌ ريج ٿيل فصل اسان جو، ان ۾ قبرون چار،
ڪچي جهوپڙي ڀڳل ٿانوَ، ڏنگا ڦڏا هي ٿال.
پٿرائين ڀت وارو ڳوٺ اٽڪل سؤ کن گهرن جو هو. جن مان گهڻا جبلن ۾ کوٽيل غارن ۾ رهندا هئا. ڳوٺ جي ڏکڻ پاسي دريا وهندو هو. جنھن تي سدائين وڻن جي ڇانوَ هوندي هئي. دريا جي ڪناري تي هڪڙي اٽي پيھڻ جي چڪي هئي. ڳوٺاڻا اتان ڪڻڪ ۽ مڪائي پِھائيندا هئا. ڪڻڪ ۽ مڪائي کان سواءِ ٻي ڪابہ پيدائش ڪانہ ٿيندي هئي. ڪٿي ڪٿي زردالو، آلو بخارا ۽ ناسپاتين جا باغ بہ نالي ماتر هئا، جن مڙيئي هنن علائقي جي ويراني لڪائڻ ۾ مدد ڏني هئي.
پٿرائين ڀت واري ڳوٺ جي هڪڙي اهڙي نرالي خاصيت هئي، جنھن هن ڳوٺ کي ٻين ڳوٺن کان مٿڀرو ٿي ڪيو، سا خاصيت هيءَ هئي تہ هتي جون زالون ٻار گهڻا ڪانہ ڄڻينديون هيون. ان جا ڪيترا سبب هئا. هڪ تہ هتي جا هاري گهڻو ڪري ايترا تہ مسڪين هئا، جو زال جي خرچ جو بار نہ کڻي سگهندا هئا. تنھنڪري سڄي عمر ڪنوارا رهندا هئا. ٻيو هي تہ غربت جي ڪري گهڻي ڀاڱي نياڻين کي ڄمڻ شرط ماري ڇڏيندا هئا ۽ ٽيو سبب هو تہ دريا جي پراڙ ڇھن سالن کان وٺي جپاني ديرو ڄمايو ويٺا هئا، جن کان ڪنھن بہ نياڻيءَ جي عزت بچيل ڪانہ هئي، ڪيتريون زالون تہ بيمارين وگهي سُنڍ ٿي چڪيون هيون.
پٿرائين ڀت واري ڳوٺ ۾ وڏيري وانگ جو اثر هلندو هو. سندس ذاتي ڪردار جو هن ڪھاڻيءَ سان ڪوبہ واسطو ڪونھي، پر ڳالھہ هلندي سندس ذڪر ڪرڻ ۾ ڪا اربع خطا بہ ڪانہ ٿيندي.
ٻُچي ڏاڙهي واري وڏيري وانگ جي ڄمار پنجاھہ ورهيہ هئي. هو ڊگهي ڪانيءَ وارو حقو ڇڪيندو هو. ڳالھہ ڪندا آهن تہ جڏهن وڻندڙ موسم ۾ هو ٻاهر گهٽين ۾ گهمڻ نڪرندو هو، تڏهن مجال جو ڪير سندس سامھون اچي! اتفاق سان جي ڪنھن نڀاڳي ٻار جو رڳو هن کي هٿ لڳي ويو تہ هو ان جي کل خراب ڪري ڇڏيندو هو. تنھنڪري گهڻا غريب ماڻھو هن کي پري کان ڏسندي ئي گهرن ۾ لڪي ويندا هئا.
وڏيري وانگ وٽ 65 ايڪڙ نھري زمين هئي. ٽن ايڪڙن کان وڌيڪ زمين ڳوٺ ۾ ٻئي ڪنھن وٽ بہ ڪانہ هئي. ان کان سواءِ وٽس اٽي پيھڻ جي چڪي ۽ ڪيترا اَن سان ڀريل ڀانڊا هئا، کيس زال کان سواءِ هڪ پُٽ ۽ هڪ ڌيءَ هئي. پاڻ سدائين حسد ۽ ساڙ جي باھہ ۾ پيو پچندو هو.
وڏيري وانگ جي شاهوڪار هئڻ ڪري سندس زال ۽ ڌيءَ سدائين ٺٺ سان رهنديون هيون. جپان سان هلندڙ جنگ جي ڏينھن ۾ هي ٻئي ڄڻيون جپاني آفيسر جي گهر ۾ رات جو عيش عشرت ڪنديون هيون. اهو فوجي اڳواڻ ٻہ ميل پري ”چائو پائي سن“ نالي ڳوٺ جي سنڀال لاءِ مقرر ٿيل هو. سندس زال ۽ ڌيءَ جي اُٿ ويھه ڪري وڏيري جي خوشين توڙي ملڪيت ۾ گهڻو واڌارو ٿيو هو. وڏيرو وانگ جپانين لاءِ هارين کان ”اناج ٽيڪس“ اُڳاڙيندو هو. ان ۾ هو وڏيون گهوٻيون هڻندو هو. فوجي آفيسر کيس انھن گهوٻين کان سواءِ ڦرلٽ جو مال، گهرو سامان ۽ سوکڙيون پاکڙيون بہ ڏيندو هو. وڏيري جي پُٽ کي نڪي پڻس جي جپانين سان واپار جي ڏي وٺ بابت ڪو اعتراض هو ۽ نڪي سندس ڀيڻ جي جپاني آفيسر وٽ اچ وڃ بابت ڪا ڳڻتي ۽ غيرت. ڇو تہ ائين ماٺ ۾ رهڻ سان هو ٻين نوجوان ڇوڪرن وانگي جپانين جي بيگر کان بچي ويندو هو. وڏيري وانگ جو هي 25 سالن جو قداور سُھڻو ۽ مغرور پٽ مٿي تي اڇو رومال ٻڌيو، ڊگهو ڪارو جُبو پايو سڄو ڏينھن گهٽين ۾ پيو رُلندو هو. رات پوندي ئي بکايل تتر وانگر بي صبرائيءَ سان ماڻھن جي گهرن ۾ ڪاهي پوندو هو ۽ جيڪا بہ عورت کيس وڻندي هئي، تنھن کي زوريءَ کڻي ويندو هو. جيڪڏهن ڪير کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪندو هو تہ هو کين جپانين کان سيکت ڏيارڻ جا دڙڪا ڏيندو هو.
شي ينگ نالي هڪڙو سُکيو هاري وڏيري وانگ جو ننڍپڻ جو يار هوندو هو، جيڪو سندس نائب منشيءَ واريون ذميواريون پوريون ڪندو هو. ڳوٺ ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ٻيا بہ سُکيا هاري هئا، پر انھن مان ڪنھن وٽ بہ ٻن ايڪڙن کان وڌيڪ زمين ڪانہ هئي، نہ وري هو ڪي ايترا هلندي پُڄنديءَ وارا ئي هئا.
لي نالي هڪڙو ڳوٺاڻو وڏيري وانگ جو جاني دشمن هو. ڳوٺاڻا کيس ”نئين شانگ“ يعني ”سڀاڳو“ ڪري سڏيندا هئا. سندس ڇاتي تائين ڊگهي ڏاڙهي، نراڙ ۾ گهنج پيل، اڌولاڻا ڏند ڀڳل، گُڪو ۽ ڪمزور هوندو هو. اٽڪل سٺ سالن جو ٿي لڳو. سياري توڙي اونھاري ۾ سندن بدن تي ڦاٽل ۽ ميرا ڪپڙا هوندا هئا. هو سدائين ڳوٺ ۾ گهمندو رهندو هو. لي جي پيدائش جو وڏو حصو وڏيرو کڻي ويندو هو. باقي بچت مان هو ڏاڍي ڏکيائيءَ سان پنھنجو، پنھنجي زال ۽ ننڍڙي پُٽ جو گذارو ڪري سگهندو هو. کيس هڪڙو ٻيو پُٽ بہ هو، جيڪو وانگ جي دشمني جي ٽڪر ۾ اچي مري ويو.
وڏيرو وانگ هميشہ جپاني فوجي اڳواڻن جون دعوتون ڪندو هو. دعوتن جي سموري رسائي مسڪين هارين کان اُڳاڙيندو هو. ويچارا هاري ان ڦرلٽ کان بيزار ٿي پيا هئا. انھي آزار کان ڇوٽڪاري لاءِ هڪ ڏينھن لي جي پٽ ۽ ٻين رضاڪار همراهن گڏجي جپاني فوجي اڳواڻ کي قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، پر بدقسمتيءَ سان سندن هٿ وارو بم ڦاٽي نہ سگهيو، جيڪو هنن هڪ غار ۾ لڪي جپاني فوجي اڳواڻ تي اڇلايو هو. جڏهن وڏيري وانگ کي ان واقعي ۾ شامل ماڻھن جي خبر پئي تڏهن جپانين وٽ سرخرو ٿيڻ لاءِ جُوڻي هنيائين. جپاني فوجي آفيسر انھن ٽنھي جوڌن کي ٻنيءَ تان زوري کڻي کين هڪڙي مندر ۾ وٺي آيا، جتي سندن ڇاتين کي سنگينن سان پرڻ ڪري ڇڏيائون ان واقعي کان پوءِ لي وڏيري وانگ کان سخت نفرت ڪرڻ لڳو. پر زمانن جي غلامي ۽ بندگيري جي ڪري منجهس ايتري همت ڪانہ هئي، جو هو اڪيلي سر ڪو قدم کڻي سگهي.
1945ع ۾ جپان آمريڪا اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا، پر پٿرائين ڀت واري ڳوٺ جي ماڻھن انھي واقعي کي ڪا خاص اهميت ڪانہ ڏني، حالانڪ هنن دريا پراڙ جپانين کي ٽپڙ گول ڪندي ڏٺو هو. وڏيري وانگ وٽ جپاني فوجي اڳواڻ جون دعوتون تہ بند ٿي ويون هيون پر ڳوٺ تي وانگ جو دٻدٻو اڳوڻي وانگر اڃا بہ قائم هو. سندس پُٽ اڳوڻي جيان اڃا تائين بہ ڪيترين ڳوٺاڻين جي لڄالٽ ڪندو رهندو هو ۽ ڳوٺاڻن جي ڦرلٽ اڳي کان اڳري هئي. ڳوٺاڻا اڃا تائين قرضن جي ڳري بار هيٺ دٻيل هئا.
پٿرائين ڳوٺ ۾ انقلاب اهڙين ڪٺن ۽ قھري حالتن جي ڪري اچي مُنھن ڪڍيو. انقلاب جي باري ۾ ڳوٺ ۾ اُبتيون سُبتيون ڳالھيون تہ اڳ ۾ ئي پکڙيل هيون. ماڻھو ڪيتري وقت کان وٺي اهڙي سُس پُس ٻڌي رهيا هئا، جنھن ۾ اٺين روٽ فوج (چيني فوج جو نالو) ۽ جمھوريت جي نالي واري ڪنھن شئي جو ذڪر هوندو هو. اهڙن ڳوٺن جي باري ۾ خبرون ٻڌندا هئا، جن ۾ ڪوبہ وڏيرو ڪونھي. سڀني کي هڪ جيتري زمين ورهائي ڏني ويئي آهي وغيرہ. پر اڃا تائين انھن ڪنھن بہ اهڙين اوڦٽو ڳالھين تي ڪو خاص ڌيان ڪونہ ڏنو هو. هُنن جو ان ڳالھہ ۾ ويساھہ هوندو هو تہ هو غريب ئي ان ڪري آهن جو غربت سندن قسمت ۾ لکي ويئي آهي. هنن نہ ڪنھن سان وڙهڻ ٿي چاهيو، نہ ڪو ڪنھن کان حق گهرڻ جي ڳالھہ ٿي ڪئي. هنن کي وڏي ۾ وڏي ضرورت فقط ان ڳالھہ جي هئي تہ کين سندن حال تي ڇڏي ڏنو وڃي. هو جيئن آهن تيئن ٺيڪ آهن. وڏيري وانگ بہ اهڙا افواھہ ٻڌا هئا، پر ان اهڙين ڳالھين تي مُڇ بہ ڪانہ ٿي ڇنڊي. چالاڪ وڏيري ان جي باوجود بہ احتياط طور اڳواٽ ماڻھن جي ذهنن کي مُڏو ڪرڻ جي پرچار ڪئي تہ ”ٻين جي لٿل کل توهان جي جسم تي چڙهي نٿي سگهي.“ هونئن بہ هن ڳوٺ جي ماڻھن کي اهڙي دڙڪي ڏيڻ جي ڪابہ ضرورت ڪانہ هئي. ڇاڪاڻ تہ هنن ڪڏهن ڪنھن بغاوت لاءِ سوچيو بہ ڪونہ هو.
اهڙين حالتن ڪري بہ انقلاب پٿرائين ڀت جي ڳوٺ ۾ آهستي آهستي پھچندو رهيو. چين جي ٻين شين وانگر انقلاب ۾ بہ اها ساڳئي سُستي هئي. انقلاب پنھنجي اچڻ جو اعلان نہ تہ دھل تي ڏونڪي سان ڪيو، نہ بندوقن جي ٺڪا ٺوڪيءَ يا انقلابي نعرن ڪيو. سچ پُڇو تہ فقط پنج ماڻھو انقلاب کي پٿرائين ڀت جي ڳوٺ ۾ وٺي آيا، جيڪي نہ تہ پاڻ فوجي سپاهي هئا ۽ نہ ئي ڪميونسٽ پارٽي جا ميمبر. انھن مان هڪڙو اسڪول جو ماستر، ٻيو شاگرد، ٽيون پيش گير هو، چوٿون دڪاندار ۽ پنجون هاري هو. اهي سڀ ”هوسين“ ضلعي جي ”آزاديءَ واري جماعت“ جا ميمبر هئا. هو پٿرائين ڀت جي ڳوٺ جي اڳوڻي نظام کي اونڌو ڪرڻ آيا آهن.
”اونڌو ڪرڻ“ چيني انقلاب جو هڪڙو اصطلاح هو، جيڪو جپان جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ بعد عام ڪيو ويو هو.جنھن جي معنيٰ هُئي تہ ڪنھن بہ ڳوٺ جي سماجي، سياسي ۽ معاشي زندگيءَ ۾ انقلاب آڻي جمھوريت قائم ڪرڻ. وهم پرستيءَ کي ختم ڪري عقل ۽ سمجهہ پيدا ڪرڻ. هن تحريڪ جو پھريون ڪم هو وڏيرا شاهيءَ جو تختو اونڌو ڪري زمين جي نئين سر ورهاست ڪرڻ.
ظاهري طرح هي ڪم تمام سولو ٿو لڳي، جيڪڏهن بندوق هٿ ۾ هجي ۽ ڪرسي بہ هجي تہ پوءِ ڪھڙي ڳالھہ ڏکي آهي. بس رڳو وڏيري کي حڪم ڪجي تہ فلاڻي جاگير مان حرام جو حصو ڪڍي الڳ ڪر. وڏيري لاءِ ايترو چوڻ ڪافي آهي. پر ائين نہ آهي، پٿرائين ڀت جي ڳوٺ ۾ ڪابہ پھچ يا مليشيا ڪانہ هئي، اٺين روٽ فوج پري ڏکڻ طرف پئي وڙهي. آزاديءَ لاءِ ورهندڙ گوريلا بہ ڪنھن ٻئي هنڌ پئي وڙهيا. هتي وڏيرو وانگ پنھنجي بادشاهي لڳايو ويٺو هو. ڪنھن جي پرواھہ ڪانہ هُيس. سڀ ماڻھو کانئس ڊنل هئا. انھيءَ ”ڇوٽڪاري واري ٽوليءَ“ جو اڳواڻ ’چويو چوان‘ هو. سندس عمر 31 سال هئي. هن جو پيءَ اڳ ۾ سکيو هاري هو، پر پوءِ سندس ڏيوالو نڪري ويو هو. چو ۽ سندس ساٿين ڳوٺ ۾ پھچندي ئي گهرن جي ڀتين تي شانسي، هوپي، هونان ۽ شان ٽنگ صوبن جي سرحدي علائقن جي حڪومتن جا حڪم ناما چنبڙائي ڇڏيا. جن ۾ هر ڳوٺ کي پنھنجو مھندار چونڊڻ جو اختيار ڏنل هو. انھن حڪمنامن ۾ اهو پڻ ڄاڻايل هو تہ ”ڍل ۽ وياڄ“ جي اگهن ۾ پڻ رعايت ڪئي ويندي. انقلابي ڪارڪنن انھن اعلانن جي سمجهاڻي لاءِ ڳوٺ ۾ هڪڙو جلسو سڏايو. ڳوٺ وارا ٻَري سور سان سندن ڳالھيون ٻڌي، گنگ ٻوڙ ۾ واپس گهرن ڏانھن روانا ٿيا. تنھن کان پوءِ ڪيترن ڏينھن تائين ڪارڪن ڳوٺ جي ماڻھن سان جدا جدا ملندا رهيا. ڳوٺاڻن کان سندن حالتن ۽ مسئلن بابت پڇا ڳاڇا ڪندا رهيا. موٽ ۾ ڳوٺاڻن کين ڪوبہ جواب ڪونہ ٿي ڏنو.
جڏهن بہ ڪو ڪارڪن ڪٿي بيٺل ماڻھن جي ميڙ ڏانھن ويو ٿي تہ ماڻھو آهستي آهستي ٽڙي پکڙي هليا ويندا هئا. سڄي ڳوٺ مان ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻھن ڪارڪنن کي پنھنجي مُنھن آهستي آهستي ٻڌايو تہ هتي جا ماڻھو وڏيري وانگ کان تمام گهڻو ڊڄن ٿا.
انھن حالتن ۾ ڪم جاري رکڻ انقلابي ڪارڪنن لاءِ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو. هنن پاڻ ۾ فيصلو ڪيو تہ ڳوٺ جي مسڪين هارين سان اڪيلائيءَ ۾ ڳالھہ ٻولھہ ڪجي. انھن ڏينھن ۾ ٽوليءَ جو اڳواڻ ۽ هڪ ٻيو ڪارڪن هڪڙي غار ۾ گڏ رهندا هئا، جيڪو هڪڙي مسڪين هاري ”ماچپوري“ جي غار جي پاسي ۾ هو. ماچپوري اهو غار جنگ کان اڳ ۾ سٺ روپين ۾ ورتو هو. اهي پئسا سندس زال ڪپھہ ڪتي ڪمايا هئا. هينئر سندس زال بيمار هئي. ماچپوري گهڻو ڪري انقلابي ڪارڪنن سان غار ۾ ئي سمھي رهندو هو. رات جو ٽيئي ڄڻا گهڻي دير تائين پاڻ ۾ ڪچھري ڪندا رهندا هئا. ما انقلابي ڪارڪنن کي ٻڌايو تہ سندس ڪُٽنب جا ڀاتي ’چنگ بادشاهن‘ جي وقت کان وٺي ٻين جي زمين هاريپ تي ڪندا رهيا آهن. کين پنھنجي زمين ڪڏهن بہ نصيب نہ ٿي آهي، هر سال اٺ خرار ٻاجهر ٿيندي آهي، جنھن مان وڏو حصو وڏيرو اُنڊن جون بُنڊن ۾ هڻيو کڻيو وڃي. باقي ايتري تہ غربت آهي جو ڪجهہ پوري نٿو پوي. حالت اها اچي ٿي آهي جو منھنجي زال مرڻ ڪنڌيءَ تي اچي پھتي آهي، پر سندس علاج لاءِ مون منجهہ ڪا بہ پُڄت ڪانہي. ٻہ سال اڳ جڏهن منھنجي پيءُ جھان ڇڏيو تہ پويان مون وٽ ايترو پئسو ڪونہ هو جو کڻي کيس جوڙي پوتي ڏيئي سگهان. لاچار مون پنھنجي پيءُ جي لاشي کي ڪکن ۽ پنن ۾ ويڙهي ڍڪي ڇڏيو. ”هن وقت منھنجي ڄمار 35 ورهيہ اچي ٿي آهي ۽ ائين پيو نظر اچي تہ باقي عمر بہ ائين ڌڪا ٿاٻا کائيندي گذري ويندي.“ سندس خيال ۾ سندس تڪليفن جو اصل سبب هي هو تہ هو حد کان وڌيڪ بيوقوف ۽ بي عقل هو.
انقلابي ڪارڪنن پُڇيس تہ، ”ڇا تون ان ڪري غريب آهين جو توکي سٺو دماغ ڪونہ مليو آهي يا توکي تنھنجي پيءُ وٽان ڪابہ ملڪيت ورثي ۾ ڪانہ ملي آهي؟“
اهو ٻُڌي هو سوچ ۾ پئجي ويو ۽ چيائين ”مون کي توهان جي ڳالھہ لڳي، منھنجي غربت جو شايد اهو ئي سبب آهي جو مون کي ورثي ۾ ڪجهہ ڪونہ مليو هو.“
انقلابي ڪارڪنن چيس تہ ”جيڪڏهن اهو ئي سبب آهي تہ پوءِ اچ تہ ليکو ڪريون. تنھنجي ابن ڏاڏن سٺ سالن کان اها زمين هاريپ تي ڪئي آهي ۽ هر سال چار خرار وڏيرو کڻيو وڃي. ان حساب سان 240 خرار اَن وڏيرو کڻي ويو آهي. جيڪڏهن اهو ان وڏيري بدران تو وٽ هجي ها تہ پڪ سان تون سُکيو هجين ها. تنھنڪري تنھنجي غربت جو بہ سبب اهو آهي تہ وڏيري توهان کي ڦريو آهي.“
اهڙين ڪچھرين جو سلسلو ڪلاڪن جا ڪلاڪ هلندو رهندو هو. نيٺ هڪڙي ڏينھن غريب هاري ما کي اها ڳالھہ سمجهہ ۾ اچي ويئي تہ واقعي سندس ڦرلٽ ٿيندي رهي آهي. پر پوءِ بہ هو چوندو رهيو تہ ”آخر آءٌ ڪري بہ ڇا ٿو سگهان؟ آءٌ سڀني جي نظر ۾ حقير آهيان. وڏيرو گهر ۾ ويھي آرام سان ٿو کائي ۽ آءٌ ٻنيءَ ۾ بيٺي بيٺي ٻہ گرھہ ڳڙڪايان ٿو. منھنجي ڀلا حيثيت ڪھڙي آهي؟ مون کي سڀ ذليل سمجهن ٿا.“
هڪ ڪارڪن چيو تہ ”آخر ائين ڇو آهي؟ اهو رڳو ان ڪري آهي جو تو وٽ ملڪيت ناهي ۽ هتي جنھن وٽ دولت ناهي تنھن کي ڪير پُڇي بہ ڪونہ ٿو! ان ڪري تہ اسان کي انقلاب جي ضرورت آهي تہ جيئن سڀني کي هڪ جيتري عزت ملي ۽ ڪير ڪنھن کي پاڻ کان نيچ نہ سمجهي.“
نيٺ مسڪين هاريءَ ما اها ڳالھہ بہ مڃي تہ ٻيلي چئو سچ ٿا. غريب تڏهن خوش ٿيندا جڏهن وڏيرا شاهيءَ جو تختو اونڌو ڪيو وڃي. پر کيس ان ڳالھہ جو يقين ئي ڪونہ ٿي آيو تہ ڪو وڏيرا شاهي بہ ختم ڪري سگهجي ٿي. اڃا زباني ڳالھين ۽ عملي قدمن جي وچ ۾ وڏو فاصلو هو. ما ۽ ٻيا چيني هاري ٻن هزارن سالن جي پراڻين ريتن رسمن جي پنجوڙ ۾ جڪڙيل هئا. پندرهن ڏينھن تائين لڳاتار اها ڳالھہ ٻولھہ ٿيندي رهي. ان وچ ۾ عام گپ شپ کان سواءِ 23 دفعا باقاعدي ويھي ڳالھيون ٿيون. ان سان گڏ ڪارڪنن ڳوٺ جي ٻين هارين سان بہ ڳالھايو. پر انھن سڀني مان ڪم وارو ماڻھو ما نڪتو.
مٿين صورتحال مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ چين جي هارين کي سجاڳ ڪرڻ ڪيڏو نہ ڏکيو ڪم هو. جڏهن ما ڦرلٽ ڪندڙ اصلي ڌاڙيلن کي سڃاڻي ورتو، تڏهن هو ”جدوجھد“ ڪرڻ ۽ وڏيري سان ”ليکو چڪتو“ ڪرڻ لاءِ چڱي طرح تيار ٿيو. پر اڃا بہ هو ڊنل هو. هن انقلابي ڪارڪنن کان پڇيو تہ ”ٻيلي! ڳالھہ ٻُڌو، جڏهن پاڻ وڏيرن خلاف وٺ پڪڙ شروع ڪنداسين تڏهن توهين اسان کي ڇڏي ڀڄي تہ نہ ويندا؟“ ڪارڪنن توڙ نباهڻ جو واعدو ڪيو ۽ چيو تہ ”جيسين ڳوٺ ۾ انقلاب جو سمورو ڪم پورو نہ ٿيندو، تيسين اسين ڪيڏانھن ڪونہ وينداسين.“ اهڙي طرح ما پٿرائين ڀت واري ڳوٺ جو هڪڙو انقلابي ڪارڪن ٿي ويو.
وڏيرا شاهيءَ جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ فقط هڪ ماڻھو اڪيلي سر ڪجهہ بہ نٿو ڪري سگهي. ايڏي ساري ڪم لاءِ جهجهن ماڻھن جي گهرج هوندي آهي. تنھنڪري سورهين رات ما پنھنجن ٽن دوستن کي ڪارڪنن سان ملائڻ لاءِ وٺي آيو. هو ڪارڪنن واري غار ۾ گڏجي ويٺا. انھن ۾ هڪڙو ”سڀاڳو“ پوڙهو لي بہ هو.
نون آيل هاري دوستن جي ٻيڙين سان آڌر ڀاءُ ڪئي ويئي. انقلابي ڪارڪنن کين ٻڌايو تہ ”اسين هڪ عوامي حڪومت ٺاهڻ ۾ اوهان جي مدد ڪرڻ آيا آهيون. اسان کي خبر آهي تہ ڳوٺ جا ماڻھو ڏک سور کائي ۽ لڙڪ پي پنھنجي حياتي زهر وانگر ٿا گذارين. اسان تي پاڻ هزارين ظلم ٿيا آهن. سڀئي ڏکويل هڪڙي ئي گهر جا ڀاتي آهن. اسان کي پنھنجا ڏک ٻڌايو تہ جيئن انھن ڏکن کي ختم ڪرڻ جي ڪا اٽڪل ڳولي ڪڍون. ڪو اُلڪو نہ ڪريو، جي اڄ رات ڪجهہ ٻڌائي نٿا سگهو تہ ڪا اربع خطا ڪانہي. ڀلي گهر وڃي ان ڳالھہ تي دل من پُڇو، سوچ ويچار ڪريو. تڪڙ ڪانہي، ڀلي ٽن چئن ڏينھن کان پوءِ جواب ڏجو.“ ان ڳالھہ ٻولھہ کان پوءِ هارين جو گهڻو ڊپ لھي ويو ۽ هو پنھنجا ڏک بي ڌڙڪ ٻڌائڻ لڳا. ڪيترا دفعا تہ جوش ۾ اچي چئني ڄڻن ٿي ڳالھايو. انھن مان ويھن سالن جي ليوڪوانگ هاريءَ پنھنجو قصو هن طرح ٻڌايو تہ هڪڙي ڀيري وڏيري کيس حڪم ڪيو تہ هو وڃي جپان جي بيگار فوج ۾ ڪم ڪري. سندس انڪار ڪرڻ تي وڏيري ۽ سندس پٽ کيس ٻڌي کوھہ ۾ اونڌو ٽنگي ڇڏيو. ڪلاڪن جا ڪلاڪ هو سسيءَ تائين پاڻي ۾ ٻُڏو رهيو ۽ پوءِ جڏهن کيس ٻاهر ڪڍيو ويو تہ هو اڌ مُئو ٿي چڪو هو. ان واقعي کان پوءِ هو جپانين لاءِ تہ ٺھيو، پر پنھنجي ٻنيءَ تي بہ ڪم ڪري نٿي سگهيو.
پاؤ نالي هڪ ڄاڻو هاريءَ پنھنجو حال اوريندي ٻڌايو تہ ”هڪڙي ڏينھن وڏيري زور ڪيو تہ هو وڏيري جي اَن جي لڪل ڀانڊن مان اُن ٻاهر ڪڍي. مون کان اهو ڪم وڏيري زبردستي ۽ دٻڙاٽي ڪرايو ۽ مزوري مون کي هڪڙي پائي بہ ڪانہ ڏنائين.“ پڇاڙيءَ ۾ سڀاڳي ليءَ پنھنجي پُٽ جو دل ڏاريندڙ داستان ٻڌايو. نيٺ آڌي رات جو سڀني فيصلو ڪيو تہ هاڻ پلاند ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي ۽ نبيري کائينداسون. انھن واعدو ڪيو تہ هاڻ جيڪڏهن جپان يا ’چيانگ ڪائي شيڪ‘ جون فوجون بہ واپس اچن تہ بہ اسين ڪنھن بہ صورت ۾ بغاوت ڪنداسين. پوءِ اسان جي اها ڪاميابي ڀلي کڻي هڪڙي ڏينھن لاءِ ڇو نہ هُجي. ان لاءِ وڌيڪ هارين کي سجاڳ ڪرڻو پوندو. اهو فيصلو ڪري هنن ڪچھري گُل ڪئي. ٻي رات وري ڪچھري ٿي، جنھن ۾ 13 هاري آيا. ان ڪچھريءَ ۾ بہ پھرين ماڻھن پنھنجي ڏکن سورن جا داستان ٻڌايا. پوءِ هي فيصلو ٿيو تہ هن جدوجھد ۾ سڄي ڳوٺ جي ماڻھن کي شامل ٿيڻ جي لاءِ تيار ڪرڻ لاءِ هڪڙو جلسو سڏايو وڃي. ان ڪچھريءَ ۾ ماڻھن اهو انومان ڪيو تہ وڏيري کي هنن ڪچھرين جي خبر پئجي ويئي آهي. ڇو جو هڪڙي هٿ ٺوڪئي مليشا جي اڳوڻي سپاهيءَ کي هنن ڪچھرين جي خبر آهي. ان جڙتو سپاهيءَ سان وري وڏيري جي ڌيءَ ڦٽل آهي. تنھنڪري هيستائين ضرور وڏيري کي خبر پئجي ويئي هوندي. انقلابي ڪارڪنن هارين کي تسلي ڏني ۽ چيو تہ ”اوهين ڪوبہ اُلڪو نہ ڪريو.“ پر هارين جا انومان صحيح نڪتا.
ان رات ڪچھريءَ کان پوءِ سڀاڳو لي واپس گهر ڪونہ وريو! هڪ تہ هو سڀني کان جهونو هو ۽ ٻيو تہ هو رات جو گهر کان ٻاهر ڪڏهن بہ ڪونہ رهندو هو. تنھنڪري سندس زال کي گهڻي هورا کورا ٿي پيئي. جڏهن ٻہ ڏينھن ٻيا بہ هو غائب رهيو پوءِ تہ سندس زال اصل چري ٿي پيئي. هر ڪنھن گس ويندڙ کان پُڇڻ لڳي، ”ڪنھن منھنجو مڙس تہ ڪونہ ڏٺو؟“ پر ڪابہ خبر پئجي ڪانہ سگهي. آخري دفعو کيس ڪچھريءَ مان اٿي گهر ڏانھن ويندي ڏٺو ويو هو، پوءِ سندس ڪوبہ پتو ڪونہ پيو. هن جو گس ڏکيرڙو هو، هڪڙي ٽڪري درياھہ مٿان ليٽيل هوندي هئي، ان تان سندس گس هو. ماڻھن جو انديشو هو تہ متان درياھہ ۾ ڪري پيو هجي، هجي يا رستو ڀلجي ويو هجي ۽ گهر وٽان لنگهي سڌو اڳيان نڪري ويو هجي. پر صل حقيقت جي ڪنھن کي بہ خبر ڪانہ هئي.
ٽئين ڏينھن کان پوءِ چڪيءَ ۾ ڪڻڪ پيھندي هڪڙي ماڻھو محسوس ڪيو تہ مشين جو ڦيٿو صحيح نموني ۾ نٿو ڦري، جڏهن هن چتائي ڏٺو تہ کيس ڦيٿي ۾ پوڙهي ليءَجو لاش ڦاٿل نظر آيو. هن جا هٿ پٺيان ٻڌل هئا ۽ وات ۾ ڪپڙو ڦَسيل هو.
ڳوٺ جو ڪوبہ ماڻھو لاش کي ويجهو وڃڻ لاءِ تيار ڪونہ هو. تنھنڪري انقلابي ڪارڪنن لاش اتان ڪڍيو ۽ عبادت گاھہ ڏانھن کڻي ويا. چين ۾ اهو پراڻو رواج آهي تہ قتل ٿيل جو لاش گهر ۾ ڪونہ آڻبو آهي، ان ڪري هو ان کي مندر ۾ ڇڏي سندس زال کي وٺي آيا. زالس اچي اڇو ڪفن پنھنجي مڙس کي پھرايو ۽ پوءِ ميت تي اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي. ڪانڌين انتھائي ڏک سان اهو دل ڏاريندڙ منظر ڏٺو. سندن دليون لُڇڻ ۽ ڦٿڪڻ لڳيون. پر هنن ٻاڦ ٻاهر ڪانہ ڪڍي. گهرن ڏانھن موٽندي پاڻ ۾ چُڻ ڀُڻ ڪندا پئي ويا تہ ”ٻيلي! ڀلائي انھيءَ ۾ آهي تہ ماٺ ڪري ويھي رهجي. ڪھڙي خبر تہ هاڻي اسان جو وارو هُجي.“ ان واقعي جي ڪري پٿرائين ڀت واري ڳوٺ ۾ انقلاب کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. انقلاب دشمنن غريب ڳوٺاڻن تي اهو پھرئين حملو ڪيو هو.
پوڙهي ليءَ جي قتل کان پوءِ ماڻھن ۾ ڊپ ۽ هراس پکڙجي ويو، هو بلڪل ماٺ ڪري ويھي رهيا. اهي هاري جيڪي پھرئين ڪچھري ۾ شامل ٿيا هئا سي چوڻ لڳا تہ ”ٻيلي! اڃا تہ اسان وٺ پڪڙ شروع ئي ڪانہ ڪئي آهي، تيسين اسان جو هڪڙو همراھہ مارجي ويو آهي.“
خود انقلابي ڪارڪنن کي بہ ان واقعي حيران ڪري وڌو هو، انھن کي هر هر اهو خيال ستائي رهيو هو تہ هنن هارين جي انديشن تي ڌيان نہ ڏيئي وڏي ڀُل ڪئي آهي، ٻيو تہ جنھن غار ۾ هو ڪچھري ڪندا هئا اهو بہ خطري کان خالي ڪونہ هو ڇاڪاڻ تہ ڪير بہ ان ۾ دستي بم اڇلي سگهيو ٿي. پر سڀني کان وڏي ڳڻتي ان ڳالھہ جي هئي تہ متان هاري ڊڄي پون ۽ انقلابي جدوجھد تان هٿ نہ کڻي وڃن. تنھنڪري انھن ماڻھن ٻيھر همت وڌائڻ لاءِ هڪ تعزيتي جلسي ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو ويو.
مندر جي سامھون هڪڙو ٿلھو ٺھيل هو، جنھن تي مذهبي سڳورا ڏينھن ملھايا ويندا هئا. انھي ٿلھي تي انقلابي ڪارڪنن چيئرمين مائوزيتنگ ۽ اٺين روٽ فوج جي اڳواڻ مارشل چوتيه جون تصويرون آڻي رکيون ۽ انھن سان گڏ ڪاغذ جا پرچا بہ لڳائي ڇڏيا جن تي لکيل هو تہ ”اسين مسڪين هاريءَ ليءَ جي خون جو بدلو وٺنداسين.“
ڳوٺ جي هڪ سؤ کن هارين جلسي ۾ شرڪت ڪئي ۽ وڏيرو وانگ جلسي ۾ ڪونہ آيو. ضلعي جي مئجسٽريٽ جلسي ۾ تقرير ڪندي ماڻھن کي چيو تہ ”حڪومت خونن جي وارداتن کي ختم ڪرڻ ٿي چاهي، پر البت ماڻھن کي بہ پنھنجي جدوجھد جاري رکڻ گهرجي ۽ پنھنجي جمھوري حڪومت ٺاهڻ گهرجي.“
تعزيتي جلسو چار ڪلاڪ کن هليو. ان کان پوءِ انقلابي جدوجھد جي ٻين مسئلن تي غور ڪرڻ لاءِ هڪ ٻي بہ گڏجاڻي ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان ۾ ڳوٺاڻن اچڻ کان ٺپ جواب تہ ڪونہ ڏنو، پر آهستي آهستي ڪيترن ئي لھرائيندي معافي پئي گهري. ڪيترن تہ ائين بہ چئي ڏنو، تہ ”اسان کي تمام ضروري ڪم آهي.“ ان هوندي بہ ڇھہ هاري ان ڪچھري ۾ اچي شريڪ ٿيا.
ڪچھريءَ ۾ انھن ڇھن ڄڻن فيصلو ڪيو تہ وڏيري وانگ کي ان قتل جي سزا ضرور ملڻ گهرجي. پنجن ڏينھن کان پوءِ هڪ ٻي گڏجاڻي ٿي، جنھن ۾ ٽيھہ ڄڻا گڏ ٿيا. انھن ٽيھن هارين کي پھريائين ڇھن هارين اڳواٽ سڄي ڳالھہ کان باخبر ڪيو هو. اڌ رات تائين هنن پنھنجا دل ڏاريندڙ داستان ٻڌايا: اسان سان وڏيري وانگ ڪھڙا ڪھڙا ڪلور ڪيا آهن. پوءِ اوچتو ويٺلن مان ڪنھن هڪ کين هيئن چيو تہ ”ڏسجو متان وڏيرو وانگ ڊپ کان ڀڄي نہ وڃي.“ اها ڳالھہ ٻڌي گهڻن هارين گڏجي اها رٿ ڏني تہ وڏيري وانگ کي هڪدم قابو ڪيو وڃي، متان سچي پچي ڀڄي نہ وڃي. گهڻي بحث مباحثي کان پوءِ اها رٿ سڀني منظور ڪئي ۽ هو سڀئي گڏجي وڏيري جي گهر تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ روانا ٿيا. انھن وٽ فقط هڪڙي بندوق ۽ ٽي هٿ وارا بم هئا.
غار مان نڪري همراھہ ٻن ٽولين ۾ ورڇجي ويا. هڪڙي ٽولي ٽڪرين واري پاسي کان ٿيندي مُرڳو وڏيري جي ڪوٽ جي اڱڻ مٿان اچي پھتي ۽ ٻي ٽولي سڌو ڪوٽ جي دروازي وٽان آئي. انھن اچڻ شرط در تي زور سان ٺڪ ٺڪ ڪئي ۽ هڪل ڪري وڏيري کي چيائون تہ ٻاهر نڪر. وڏيري جي زال اچي در کوليو ۽ چيائين تہ وڏيرو گهر ڪونھي، پر هاري مائيءَ تي ڪونہ وسھيا ۽ ڌوڪي گهر ۾ ڪاهي پيا. گهڻي ڳولھا ڦولھا کان پوءِ هارين هڪ ڪٻٽ پٺيان هڪڙو ڳجهو در ڏٺو،جيڪو هڪڙي سرنگ جو هو. هو سڀئي ان سرنگ ۾ لھي پيا ۽ وڃي هڪڙي ڳجهي غار ۾ پھتا. وڏيري سمجهيو تہ غار ۾ کيس ڪير بہ ڪونہ ڏسندو، تنھنڪري اتي لڪو ويٺو هو. اوچتو هارين اچي کيس ڳٿر کان جهلي گهلي ٻاهر ڪڍيو. اتان ڪڍي آڻي هڪڙي جاءِ ۾ قيد ڪيائونس.
وڏيري جو پُٽ ان رات ڳوٺ مان ڀڄي وڃي ”هوسين“ ضلعي جي هڪڙي وڏي شھر ۾ پھتو، جيڪو اتان کان پنج ڪوھہ پري هو. هن شھر ۾ ٻين ڳوٺن جي وڏيرن ۽ جاگيردارن گڏجي هڪڙي ڇتي آدمخور فوج تيار ڪئي هئي، جنھن ۾ چور، ڌاڙيل، اڳوڻي ڀاڙيتو فوج جا سپاهي ۽ هڪڙي جنگي سردار ’ين سي شان‘ جا سپاهي بہ شامل هئا. جڏهن ڳوٺاڻن کي خبر پيئي تہ وڏيري جو پٽ ڀڄي ويو آهي تہ هو ويچارا ڏاڍا پريشان ٿي پيا. ڇو تہ هنن جي خيال ۾ ”چيتي کي جهلڻ سولو آهي پر جهلڻ کان ڀڄي وڃڻ جو وجهہ ڏيڻ هاڃيڪار آهي.“ تنھنڪري هو دلگير ٿي پيا. وڏي سوچ ويچار کان پوءِ هنن اهو فيصلو ڪري ڇڏيو تہ کڻي ڇا بہ ٿي پوي پر هو وڏيري جي خلاف پنھنجي جدوجھد جاري رکندا.
ان ڏينھن شام جو ڳوٺ جي ڏکڻ طرف دريا کان ٿورو پرڀرو هڪڙي پوٺي تي آس پاس جا ماڻھو اچي گڏ ٿيا. انھن ۾ وڏيري جي زال ۽ ڌيءَ بہ هيون. غريب ڳوٺاڻن ان ميڙ ۾ وڏيري جا ڪيل ڳاڻيٽي کان ٻاهر ڏوھہ ٻڌايا. جھڙوڪ: وڏيري وانگ جپان خلاف وڙهندڙ وطن دوست ماڻھن سان غداري ڪئي هئي، هارين کان سندن اَن ڦري انھن جا ٻچا بکن ۾ ماريا هئائين. انھن کان زوريءَ ڇيڙ ۽ بيگر وٺندو هو. وڏيري کان پڇيو ويو تہ ڇا هو انھن سڀني الزامن کي قبول ڪري ٿو؟
وڏيري مڪاريءَ سان جواب ڏنو تہ، ”اهي ڪم مون ڪيا تہ برابر آهن پر پنھنجي مرضيءَ سان نہ! جپانين مون کان زوريءَ ڪرايا آهن.“
پنھنجي ڏوهن کي لڪائڻ جي هيءَ هڪ انوکي ڪوشش هئي. اهو ٻڌي ماڻھو ڇرڪي پيا ۽ بيٺل ميڙ سمنڊ جيان ڇوليون کائڻ لڳو. ڪيترن ماڻھن گڏجي واڪا ڪيا. هر ڪو ماڻھو وڏيري جي بيان کي ڪوڙو چئي رهيو هو. هن کان اڳ جيڪي ماڻھو ٺلھا بيٺا هئا، سي بہ وڏيري جي ڪوڙ ڳالھائڻ تي ٻرندڙ جبل وانگر ٽھڪڻ لڳا.
اوچتو ان اُڀ ڏاريندڙ گوڙ مان هڪ گرجدار آواز آيو تہ ”هن کي ابتو ٽنگيو وڃي.“
ماڻھو ڪاوڙ ۽ جوش کان آپي مان نڪري ويا، هنن انقلابي ڪارڪنن ۽ ميڙ جي صدر کي ائين نظر انداز ڪري ڇڏيو هو، ڄڻ انھن جو جود ئي ڪونہ هو. ماڻھو وڏيري وانگ کي چوڌاري ڦري ويا. انھن مان هڪڙي اتي بيٺل وڻ تي رسو اڇلائي سرڪڻ ٺاهي، هڪڙي ڄڻي ’وڏي حُب‘ سان وڌي سرڪڻ وڏيري جي چيلھه ۾ وڌي. اک ڇنڀ ۾ وڏيرو ٽنگيو ويو. هن جو مٿو هيٺ هو ۽ ٽنگون مٿي لڙڪيل هيون، جيئن بدڪ پاڻيءَ ۾ غوطو هڻي کاڌو ڳولڻ مھل ٽنگون مٿي ڪندي آهي. چوڌاري بيٺل ماڻھو ڪاوڙ کان ڄڻ چريا ٿي پيا هئا. هنن جي منھن ۾ گهُنج ۽ واتن ۾ گاريون هيون. ڪو وڏيري جي ڪنن جي ويجهو وڃي زور سان رڙيون ڪري کيس گاريون ڏيئي رهيو هو تہ ڪو مُنھن ۾ ٿڪون ۽ کانگهارا هڻي رهيو هو. وڏيرو وانگ خوف ۽ دھشت کان ڏڪي رهيو هو. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن تيئن سندس حالت خراب ٿيندي ويئي. جڏهن ڳالھہ گوڙ کان چڙهي ويئي تڏهن دانھون ڪري چوڻ لڳو تہ ”مون کي رڳو هيٺ لاهيو. آءٌ پنھنجا سڀ ڪيل ڏوھہ قبوليان ٿو.“ پر هارين جي ڪاوڙ ايترو جلد ڪٿي ٿي ٿڌي ٿئي. ڪنھن وڏي آواز ۾ چيو ”هن کي اڃا بہ مٿي ڪري ٽنگيو.“
ايتري ۾ ڪن سمجهو ماڻھن اها صلاح ڏني تہ جيڪڏهن هن کي هينئر ئي پورو ڪري ڇڏينداسين تہ پوءِ ”حساب چُڪتو“ ڪيئن ڪنداسين. نيٺ جڏهن ماڻھن جي ڪاوڙ ٿوري گهٽ ٿي، تڏهن وڏيري کي هيٺ لاٿائون. اوڏيءَ مھل شھيد ليءَ جي زال ڊوڙي هن جي ويجهو آئي ۽ دانھون ڪندي پڇيائينس تہ ”منھنجو مڙس خون ٿي ويو آهي. ٻڌاءِ اهو خون تو ڪرايو آهي؟“ گهڻي دير ٽنگجڻ ڪري وڏيري جو منھن ڳاڙهو ٿي ويو هو. پر هن ڳالھہ ٻڌڻ شرط ککو وکو ٿي ويو. هن ڊپ ۽ هراس کان ڏڪندي چيو تہ، ”نہ.... نہ.... اهو خون مون ڪونہ ڪيو آهي....“
انھيءَ تي ماڻھن چيس تہ ”اسان کي سچي پچي ٻڌائيندين تہ اسين توکي ڪجهہ ڪونہ ڪنداسين، نہ تہ وري ٽنگي ڇڏينداسين.“
”نہ نہ اهو ڪم مون نہ ڪيو آهي.“ وڏيري اڃا اهي لفظ چيا ئي مس، تيسين وري ٽنگجي ويو. هن دفعي هو ڳچ دير تائين ٽنگيو پيو هو. جڏهن هو وڌيڪ سھي نہ سگهيو تہ روئي پيو ۽ چيائين ”مون کي هيٺ لاهيو، آءٌ سڀ ڪجهہ ٻڌايان ٿو.“ پوءِ سُڏڪندي سڏڪندي ٻڌايو تہ جڏهن پوڙهي لي ڪچھريءَ کان پوءِ گهر پئي ويو تہ مون ۽ منھنجي پٽ ليءَکي جهليو هو ۽ هن کي وٺي وڃي پاڻي ۾ ايستائين اونڌو ڪري جهليو هو، جيستائين هن جو پساھہ نڪري ويو. تنھن کان پوءِ لاش دريا ۾ اڇلي ڇڏيوسين. سمجهيوسين تہ لاش دريا ۾ لڙهي هليو ويندو. اِها ڳالھہ ٻڌي ماڻھن کي ويتر ٽانڊا لڳي ويا. هنن وري بہ وڏيري وانگ کي اُبتو ڪري ٽنگي ڇڏيو. ماڻھن جو شور تيز ٿي ويو. ڪي چون تہ ”هاڻ جيسين نہ مري تيسين ڀلي ٽنگيو پيو هجي.“ ٻين وري چيو تہ، ”ائين تہ هي جلد مري ويندو. ڀلي مرڻ کان اڳ ۾ انھن سڀني عذابن جو مزو چکي، جن عذابن ۾ اسين هميشہ پيا رهون.“ آخرڪار رات جو کيس هيٺ لاهي هڪڙي غار ۾ بند ڪيو ويو.
جلسي ختم ٿيڻ کان پوءِ ويھارو ٽيھارو کن همراھہ گڏجي وڏيري وانگ جي حويلي تي پھتا ۽ وڏيري جي زال ۽ ڌيءَ کي گهر کان ٻاهر ڪڍي، حويليءَ کي سيل مھر ڪري ڇڏيائون وڏيري جي زال ۽ ڌيءَ ڪنھن ويجهي ڳوٺ ۾ پنھنجن مائٽن ڏانھن هليون ويون.
رات جو پنجن ئي ڪارڪنن گهمي ڦري ڳوٺ جو واءُ سواءُ ورتو. هنن ڳوٺاڻن کان ٻُڌو تہ ”وڏيري سان چڱي تعدي ڪئي اٿن. لائق ئي ايتري جو آهي. وڏو بدمعاش ۽ ظالم آهي. جيڪي هن سوئر ظلم ڪيا آهن، سي جي سڀ ڏسجن تہ پوءِ هن لاءِ هيءَ سزا تہ ڪجهہ بہ ڪانہي!“ اُن رات وڏيري جي ڪوٽ اندر هڪ وڏو جلسو ٿيو، جنھن ۾ 133 ڳوٺاڻا گڏ ٿيا. هنن سڀني جو خيال هو تہ هاڻي جدوجھد کي اڳيان ڪيئن وڌائجي.
انقلابي ڪارڪنن سڀني همراهن کان پڇيو تہ ”جيڪو ڪجهہ اوهان ڪيو آهي تنھن مان اوهين خوش آهيو؟“ سڀني گڏجي جواب ڏنو تہ ”ها، اسين سڀ ڏاڍا خوش آهيون.“
سڀ کان وڏو مسئلو هو تہ وڏيري سان ڪھڙو سلوڪ ڪجي؟ ڇا کيس ماريو وڃي؟ ان سوال لاءِ ڪيتريون رٿون مليون. ڪي چون تہ: کيس ايترا عذاب ڏنا وڃن جو ڦٿڪي ڦٿڪي ساھہ ڏي. ڪي چون تہ ٻيلي همراھہ صفا پيرسن آهي، ڪجهہ مٿس رحم ڪيو وڃي. ڪي وري صفا ماٺ ۾ هئا. ٻين صلاح ڏني تہ وڏيري جو منشي بہ شاهوڪار ۽ بدمعاش آهي، ان کي بہ جهلي وٺي اچجي ۽ کيس سيکت ڏيڻ گهرجي. هڪڙي هاريءَ چيو تہ ”واڙيءَ مان هميشہ پھريائين وڏيون وڏيون ڇانھيون ڳولي پٽبيون آهن، تنھنڪري اسين پھرين گبرن کي مزو چکايون، اُڀرن سان پوءِ بہ پھچي پونداسين.“ اها ڳالھہ سڀني ماڻھن کي ڏاڍي وڻي. تنھنڪري منشيءَ جي پڪڙڻ واري صلاح ججهن جي مرضيءَ سان رد ڪئي ويئي. گهڻي بحث کان پوءِ فيصلو ٿيو تہ جيئن تہ وڏيرو وانگ خوني آهي، تنھنڪري کيس قتل ڪيو وڃي. هاڻ وري اهو مسئلو هو تہ کيس اها سزا ڪيئن ڏني وڃي، ڇا کيس ضلعي جي انتظاميہ جي حوالي ڪيو وڃي؟ يا اسين پاڻ کيس ماري ڇڏيون ۽ هڪڙي هاريءَ چيو تہ ”جيڪڏهن وڏيري تي فوجي عدالت ۾ ڪاروائي هلي تہ پوءِ گولي هڻي پورو ڪري ڇڏيندا ۽ اهڙي طرح هو سُک جو موت مري سگهندو. تنھنڪري اسين پاڻ کيس ايذاءُ ڏيئي ماريون تہ جيئن عذابن جو مزو چکي.“ ايتري ۾ هڪڙي هاريءَ ڊڄندي صفا چيو تہ ”ڳالھيون تہ ڪريو يپا پر وڏيري کي مارڻ جي همت بہ ڪنھن ۾ آهي؟“ سڀني هارين گڏجي وڏي واڪي چيو تہ ”ها، اسان ۾ همت آهي. جھڙي طرح هن ظالم اسان جي ساٿين کي سنگينون ٽُنبي ماريو هو، تيئن اسين بہ کيس ماري سگهون ٿا.“
ٽن ڏينھن کان پوءِ ڳوٺ جي ماڻھن اڌوگابري نيرن ڪئي هئي، سج اڃا ڪَني مس ڪڍي تہ ست سؤ مرد ۽ زائفائون ڳوٺ جي ڏکڻ طرفان هڪڙي وڏي پوٺي تي اچي گڏ ٿيا. آس پاس جي ڳوٺن مان آيل مھمان بہ ساڻن گڏ هئا. ڪيترين هارين وٽ ڪھاڙيون، چاقو، ڪوڏريون، ڏانٽا، تلوارون ۽ ڏڦا هئا. اڄ بدمعاش وڏيري وانگ کي موت جي سزا ملڻي هئي. انقلابي ڪارڪنن وڏيري جي ڪيل ڏوهن جي لسٽ بہ تيار ڪئي هئي. اُهي ڏوھہ هُنن الڳ الڳ ڪاغذن تي وڏن اکرن ۾ لکي وڻن تي چنبڙائي ۽ ٽنگي ڇڏيا هئا، جيڪي هوا ۾ لڏي رهيا هئا.
هڪڙي ڪاغذ تي لکيل هو ”وڏيري وانگ مليشا جي ٽن مجاهدن ۽ ڳوٺ جي هڪ محنتي هاريءَ جو خون ڪيو آهي.“
ٻي ڪاغذ تي لکيل هو ”بدمعاش وڏيري وانگ، جنگ هلندي ماڻھن کان زوريءَ اَن ڦريو هو.“
ٽئي ڪاغذ تي لکيل هو ”ظالم وڏيري وانگ، ڍلن جو سڄو بار غريب هارين تي ليٽائي وڌو هو ۽ انھن جو رت چوسيندو هو.“
جڏهن وڏيري وانگ کي ميدان تي وٺي آيا، تڏهن هو ڊپ کان ڏڪي رهيو هو ۽ سندس مُنھن تي هيڊ هارجي ويئي هئي. وڏيري کي ايندو ڏسي ماڻھن زور زور سان نعرا هڻي سندس ”آجيان“ ڪئي. وڏيري کي ٽي پھريدار وٺيو پئي آيا، ميدان تي آڻي وڏيري کي هڪ وڻ سان ٻڌو ويو. هن جو منھن ماڻھن ڏانھن هو ۽ پُٺ ٿڙ ڏانھن ڪئي ويئي.
وڏيري هڪ دفعو ماڻھن جي ميڙ ڏانھن نھاريو ۽ پوءِ ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو. کن پل لاءِ ماٺ ٿي ويئي. ماڻھن کي شايد ويساھہ ئي نٿي آيو تہ ڪو اهڙو جابر ۽ ظالم وڏيرو بہ سندن اڳيان ائين بيوس ٿي بيھي سگهي ٿو ۽ هو اڄ کيس خود پنھنجي هٿن سان پورو ڪندا، ما، ميڙ مان نڪري اڳيان آيو ۽ هن گجندڙ آواز ۾ اعلان ڪيو تہ ”اڄ اسان جي بدلي وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي. آءٌ توهان کي ٻڌايان ٿو تہ اسين ڪيئن بدلو وٺنداسين. اسين هن کي ماري سندس ڪيل ڪرتوتن جي سزا ڏينداسين.“ ائين چئي هو تڪڙو مُڙيو ۽ وڏيري وانگ جي منھن تي هڪ زورائتو ٿڦڙ وهائي ڪڍيائين. ٿڦڙ جو ڦھڪو ايڏو تہ زور سان ٿيو، جھڙو پستول جو ٺڪاءُ! ماڻھن جو ميڙ شينھن وانگر گجندو اڳتي وڌڻ لڳو. وڏيري وانگ ڪنڌ مٿي کڻي ميڙ ڏانھن نھاريو ۽ آهستي آهستي چوڻ لڳو ”منھنجون فقط ٻہ ڳالھيون ٻڌو، مھرباني ڪري رڳو ٻہ ڳالھيون ٻڌو.“ پر هڪڙي ڳوٺاڻي رڙ ڪري چيو، ”ڪير بہ هن جي ڳالھہ نہ ٻڌي.“ پوءِ هڪ ڪوڏر مٿي ٿي. ماڻھن وڏيري وانگ جا ڪپڙا ڦاڙي ليڙون ليڙون ڪري، کيس اگهاڙو ڪري ڇڏيو. وڏيري هڪ دل ڏاريندڙ دانھن ڪئي ۽ پوءِ لاچار ۽ بيوس ٿي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو. ماڻھن جو ولر مٿس اُلر ڪري آيو. هڪ سگهاري جوان هاريءَ هڪ ئي ڌڪ سان ڪاتي وڏيري جي ڇاتيءَ ۾ ٽنبي ڇڏي، جيستائين سندس بدلي جي باھہ ٿڌي نہ ٿي، تيستائين ڇري اندر ۽ ٻاهر ٿيندي رهي. سڄو ماحول ماڻھن جي وحشتناڪ رڙين سان ٻُري رهيو هو.
وحشي ۽ ظالم کي ماري ڇڏڻ سان بہ ماڻھن جي دلين جي باھہ ڪانہ وسائي. هنن نہ رڳو کيس ماريو، پر سندس لاش کي ٽن ڏينھن تائين پورڻ جي موڪل نٿي ڏني تہ جيئن ڀلي بي غيرت ۽ غدار وڏيري جو لاش وڻ ۾ ٽنگيو پيو هجي ۽ سندس ماس ڪُتا ۽ ڪانگ پٽين.
پر اهڙا خوفناڪ جذبا گهڻو جٽاءُ ڪونہ ٿا ڪن. سگهوئي ٿڌا ٿيو وڃن. ٿوري دير کان پوءِ ماڻھن جي ڪاوڙ ماٺي ٿي ويئي. هنن سوچيو تہ لاش کليل فضا ۾ سڙي خراب ٿي ڌپ ڪندو، تنھنڪري چڱو ٿئي جو لاش سندن وارثن جي حوالي ڪيو وڃي.
ان ڏينھن سج لٿي مھل، جڏهن سج ٽُٻ ٽُٻان ۾ هو، تڏهن وڏيري جي زال ۽ ڌيءَ ماٺ مٺيءَ ۾ هڪ گڏھہ گاڏي وٺي آيون ۽ ان ۾ لاش وجهي کڻي ويون. سندن اکين ۾ لڙڪ بہ ڪونہ هو.
ڪن ماڻھن انھن کي ايندي ۽ ويندي ڏٺو، پر ڪير هڪڙو اکر بہ ڪونہ ڪڇيو. ڳالھائڻ جي واٽ بہ ڪھڙي بچي هئي!
وڏيري جي مرڻ کان پوءِ وڏيري جي خلاف وٺ پڪڙ ختم ٿي چڪي هئي ۽ ڳوٺ ۾ انقلاب اچي پير کوڙيا هئا.
*
جڏهن پٿرائين ڀت واري ڳوٺ ۾ وڏيرن خلاف جدوجھد ختم ٿي، تڏهن هڪدم حساب ڪتاب شروع ڪيو ويو. حساب ڪتاب جي معنيٰ تہ وڏيرن خلاف هلايل جدوجھد دوران هٿ آيل ملڪيت جي ورهاست- پوءِ هڪڙي اهڙي ماڻھوءَ کي ڳولي هٿ ڪيو ويو جيڪو پڙهيل هو ۽ ان کي هڪ غار ۾ ويھاري چيائونس تہ سامان جي لسٽ تيار ڪر. ورهاست ڪرڻ وارين شين ۾ گهرو سامان، اناج جا ڍڳ، ٻيون کاڌي جون شيون ۽ ڪپڙا شامل هئا، سڀني کان ڳرو ۽ بنيادي مسئلو هٿ آيل زمين جي ورهاست جو هو.
زمين جي معاملي ۾ هر ڪنھن کي خوش ڪرڻ پھريائين تہ ڏکيو ٿي پيو، پر پوءِ لڳاتار صلاح مصلحت ۽ گڏجاڻين ڪرڻ بعد وڏيري وانگ کان هٿ آيل زمين اهڙي نموني ورهائي ويئي جو هر ڪو ماڻھو خوش ٿي ويو. جڏهن سڀ زمين ورهائجي ويئي، تڏهن اٽڪل ڏيڍ ايڪڙ نھري زمين هر ڪنھن ماڻھو جي حصي ۾ آئي. جيتوڻيڪ هي زمين گهڻي ڪانہ هئي، پر تنھن هوندي بہ پھرئين جي مقابلي ۾ تمام گهڻي هئي. سامان جي ورهائڻ جي ڪٿي هڪ جيتريون پتيون نٿي ٿي سگهيون تہ پوءِ وڏو حصو انھن غريبن کي ڏنو ويو، جن تي اڳ ۾ گهڻا ظلم ڪيا ويا هئا. چئن خون ٿي ويل هارين جي وارثن کي ٻين کان اڌ ايڪڙ وڌيڪ زمين ڏني وئي. ماچپوري مسڪين هاريءَ وٽ پھريائين ايڪڙ جو فقط ڇھون حصو زمين هوندي هئي، تنھن وٽ هاڻي سندس زال جي پتيءَ سان گڏ ڪل ٽي ايڪڙ زمين ٿي ويئي هئي. هو ڏاڍو خوش هو ۽ ان خوشيءَ ۾ پنھنجي مائٽن، زمين ورهائڻ وارن، انقلابي ڪارڪنن ۽ جدوجھد ۾ حصو وٺندڙ سڀني ماڻھن جي مان ۾ رات جي دعوت ڪئي.
هو روزانو پنھنجي ٻنيءَ مان ور واندو ڪرڻ ويندو هو. سرءُ جي موسم ۾ هن سڄو ڏينھن محنت ڪري ڍٻون ڊاکون ڪڍي، ڊڀ ڍاڙي پٽي، زمين کي کيڙي سڌو ڪري پوکڻ لائق بنايو هو.
لي ڪوانگ کي هاڻي کوھہ ۾ اُبتو ٽنگجڻ جو ڊپ ڪونہ هو. کيس هڪ نئون گهر ورهاست ۾ مليو هو. سندس گهر واري روزانو سويرو اٿي اڱڻ مان ٻھاري ڏيندي هئي ۽ هوءَ ڏاڍو خوش ٿيندي هئي، جو کيس غار بدران هڪ سٺو گهر مليو هو. انقلاب کان پوءِ اهڙا اهڙا عجيب واقعا ٿيا، جو ڳالھہ وسھڻ کان ٻاهر هئي. مثال طور ان ڳوٺ ۾ هڪڙو پوڙهو رهندو هو، جيڪو ڪيتري وقت کان هڪ ڪن کان ٻوڙو هو. ڇا ٿيو جو ان مسڪين پوڙهي هڪ دفعي وڏيري کان اٺ آنا اڌارا ورتا هئا، پر هو واپس ڏيئي نہ سگهيو، ڇو تہ هن وٽ پائي بہ ڪانہ هئي، تنھنڪري هڪ ڏينھن وڏيري ڪاوڙ ۾ اچي مسڪين پوڙهي کي ڪن واري اهڙي تہ زورائتي مُڪ هنئي جو هو غريب ان ڪن کان بنھه ٻوڙو ٿي ويو. ورهاست مھل هن کي بہ ڏيڍ ايڪڙ زمين ملي هئي. هو ڏاڍو خوش ٿيو هو. هڪ ڏينھن پنھنجي پُٽ کي چيائين ”اڳي آءٌ ان لاءِ ٻوڙو هوس جو مون تي وڏيرو ظلم ڪندو هو، پر هاڻي آءٌ ايترو تہ خوش آهيان جو ٻوڙي ڪن سان بہ ٻڌي سگهان ٿو.“
جڏهن وڏيرن خلاف جدوجھد پوري ٿي، تڏهن انقلابي ڪارڪنن هارين کي صلاح ڏني تہ هارين جي هڪ جماعت ٺاهيو، ۽ جڏهن هارين جماعت ٺاهي تہ ان جا 155 ميمبر ٿيا جن ۾ 30 زائفائون پڻ هيون. پوءِ هارين انقلابي ڪارڪنن جي راءِ سان گڏجي پنھنجا نمائدا چونڊيا.
چونڊن واري ڏينھن ڳوٺ ۾ ميلي جھڙو چھچٽو لڳو پيو هو. ڳوٺ جي ڀر وارن جبلن هن کان اڳ ڪڏهن بہ اهڙو لقاءُ ڪونہ ڏٺو هو. آس پاس جي ڳوٺن جا ماڻھو بہ اچي ڪٺا ٿيا هئا. چونڊن بابت ڪيترن ڏينھن کان ڳوٺ ۾ بحث مباحثا پئي ٿيا. ڇو تہ هن کان اڳ ڪڏهن بہ ڪنھن ووٽ ڪونہ ڏنو هو. ڳوٺ ۾ گهڻي ڀاڱي اڻ پڙهيل هئا. تنھنڪري مسئلو ڏکيرڙو ٿي پيو هو. جي پھرئين چونڊ ۾ هٿ مٿي کڻي راءِ ڏني وڃي ها، تہ هڪ تہ رازداري ڪانہ رهندي، ٻيو تہ چونڊ جو وقار ڪري پوندو. نيٺ فيصلو ڪيو ويو تہ هڪ پيالي ۾ ڪُڻا وجهي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪيو وڃي. اهڙي طرح پنج عھديدار چونڊيا ويا جن ۾ پاؤ، ما ۽ ليوڪوانگ بہ شامل هئا. شھيد لي کان سواءِ ٻيا چارئي همراھہ چونڊجي ويا، جيڪي پھرين لڪل گڏجاڻيءَ ۾ شامل ٿيا هئا.
ڪجهہ وقت کان پوءِ ’ين سي شان‘ نالي هڪڙي جنگي سردار جي فوج تائي يوئي جبلن ۾ پنھنجو بدلو وٺڻ جي مھم تيز ڪري ڇڏي. پٿرائين ڀت واري ڳوٺ جي ماڻھن کي خبر هئي تہ ان فوج ۾ گهڻو ڪري بيدخل ٿيل وڏيرن جا دلال، چمچا ۽ ڀاڙيتو غنڊا آهن، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن سرڪاري فوجين کي بہ لالچ ڏيئي وٺي ايندا آهن. ڪجهہ ڏينھن بعد ڀاڙيتو فوج پاسي واري ڳوٺ تي حملو ڪري ڏنو.
پٿرائين ڀت واري ڳوٺ کان ٻن ميلن تي ’چائو پائيٽ سن‘ نالي هڪ ڳوٺ هو. ان ڳوٺ جا ٻہ ڀائر وڏيرا، ٽانگ چي ۽ ڀاڻس بہ ڀڄي وڃي ’ين سي شان‘ جي فوج ۾ شامل ٿيا هئا، ڇو جو هارين سندن زمينون پاڻ ۾ ورهائي کنيون هيون. ٽانگ جي زال اڃا ڳوٺ ۾ رهيل هئي. هڪڙي ڏينھن مائيءَ کي خبر پئي تہ ڍل جي باري ۾ صلاح مصلحت ڪرڻ لاءِ ڳوٺ جي رهنما هاري جماعت جو صدر ۽ مقامي مليشا جو اڳواڻ آفيس ۾ اجلاس ڪري رهيا آهن. مائي مُٺيون ڀيڙي ڀڳي ۽ وڃي مڙسھنس کي ڄاڻ ڪيائين.
جيئن تہ اجلاس تمام گهڻي دير تائين هليو هو، تنھنڪري اهي همراھہ اتي آفيس ۾ ئي سمھي رهيا. آڌي رات جو وڏيرو ٽانگ چي ۽ سندس ڀاءُ پنجاھہ ڄڻن جو ٽولو وٺي اچي ڳوٺ تي ڪڙڪيا. ٽن انقلابي ڪارڪنن کي انھن وحشي دلالن سنگينون هڻي ماري ڇڏيو ۽ اَن جو گودام ڦري فجر کان اڳ ۾ ئي ڀڄي ويا.
اها خبر جڏهن پٿرائين ڀت واري ڳوٺ ۾ پھتي تہ اتي جي هارين هڪدم صورتحال تي غور ڪرڻ لاءِ هڪ ڪچھري سڏائي.
ڳوٺ جي هڪڙي انقلابي ڪارڪن چيو تہ ”دشمن اسان جي تمام ويجهڙائي ۾ آهي، تنھنڪري اسان کي ڳوٺ خالي ڪري ڪيڏانھن نہ وڃڻ گهرجي. هن کان اڳ اسان جا جيڪي ساٿي قتل ٿيا آهن، سو بہ ان ڪري جو انھن ڳوٺ تي پھرو ڪونہ بيھاريو هو. اسان کي ڳوٺ تي پھريدار مقرر ڪرڻ کپن، انقلابي ڪارڪنن کي ڪنھن محفوظ جاءِ تي رکيو وڃي.“ سڄي ڳوٺ ۾ فقط هڪڙي بندوق هئي، تنھنڪري هاري جماعت فيصلو ڪيو تہ ويجهي ٿيار ٺاهيندڙ ڪارخاني مان 9 بندوقون ۽ ڪجهہ دستي بم گولا ورتا وڃن، انھن جي قيمت ۾ ڪڻڪ ڏني وڃي. اهو اڳواٽ بچاءُ جو بندوبست ڪرڻ تمام ضروري هو. ڇو تہ اڃا وڏيري وانگ جو پٽ بہ پڻس جو بدلو وٺڻ لاءِ، ڪنھن مھل بہ اچي سگهيو ٿي. هو وجهہ ڳولڻ لاءِ روزانو ڳوٺ جي آس پاس پيو نوس نوس ڪندو هو. ڳوٺ جي سڀني ماڻھن کي پڪ هئي تہ هو ڪنھن نہ ڪنھن ڏينھن ضرور حملو ڪندو. هارين ۽ غريب ڳوٺاڻن کي اها خبر هئي تہ جيڪا واٽ هنن ورتي آهي، ان جي ڪري وڏيرا ڇتا ٿي پوندا ۽ ضرور انتقامي ڪاروايون ڪندا. ڪن هيسيل ماڻھن جو خيال هو تہ جن هارين ۾ وڏيري وانگ جي ملڪيت ورهائي ويئي آهي، انھن سان وڏيري جو پٽ ملھه ڪندو.
خوفناڪ ڪوڙيون خبرون ۽ دھشت پکيڙيندڙ افواھہ ڳوٺ ۾ هلي رهيا هئا. ڪن جو چوڻ هو تہ وڏيري جو پٽ آڌي رات جو ڳوٺ ۾ ايندو آهي ۽ ڳوٺ ۾ سندس دلالن ۽ چمچن سان صلاح مشورو ڪندو آهي.
هڪڙي رات هڪڙي هاريءَ هڪ گهر جي در وٽ هڪڙو همراھہ بيٺل ڏٺو. هن ڀانيو تہ وڏيري جو پُٽ آهي، سو وٺي رڙيون ڪيائين. رڙين تي ماڻھوڊوڙي آيا. در وٽ بيٺل همراھہ وٺي ڀڳو. ماڻھن بہ کڻي پُٺ ورتس. يڪا ٽي ميل ڊوڙڻ بعد همراھہ گُهت ڏيئي ڪيڏانھن لڪي ويو ۽ ڳوٺاڻا ڊپ وچان مايوس ٿي موٽي آيا.
ان واقعي کان پوءِ، ڪجهہ ڏينھن ترسي وڏيري وانگ جو پُٽ سچي پچي هڪ سؤ ڦوروئن جو ٽولو وٺي اچي ڳوٺ تي ڪڙڪيو. فصلن تي مقرر ڪيل پھريدارن وڏيري جي پٽ کي پري کان ڏسي ورتو هو تن ڊوڙي اچي ڳوٺ وارن کي هوشيار ڪيو. حملي جي خبر ٻڌي سڄي ڳوٺ ۾ ڀڄ ڊڪ مچي ويئي.
سڀني ڳوٺ وارن تڙ تڪڙ ۾ پنھنجو پنھنجو سامان کنيو ۽ جلدي جلدي ڀڄي وڃي جبلن جي غارن ۾ لڪا. جيئن تہ انقلابي ڪارڪنن وٽ مقابلي لاءِ هٿيار ڪونہ هئا. تنھنڪري اجائي نقصان کان بچڻ لاءِ هو بہ ٻين ڳوٺاڻن سان گڏجي پنھنجو مال وجهو ڪاهي اونداهيءَ ۾ لڪي ويا.
جڏهن وڏيري جو پٽ ڳوٺ ۾ پھتو تہ ڪوبہ ساھہ وارو ڪونہ ڏٺائين، جنھن مان ساڙ ڪڍي ۽ ڪابہ اهڙي شئي ڪانہ ڏٺائين جو هو کڻي وڃن. جبلن جي غارن کي تہ هو باھہ ڏيئي نٿي سگهيو، تنھنڪري بنھه ڇتو ٿي پيو، ڀتين مان درين جا چوڪ ڪڍي ڦٽا ڪيائين ۽ ٻيو گهرو سامان جيڪو هٿ چڙهيس، تنھن کي گڏ ڪري وٺي باھہ ڏنائين.
غريب هارين ڳوٺ مان باھہ جا شعلا نڪرندي ڏٺا پئي، پر هو ماٺ ۾ رهيا. ڪنھن ڪنھن مھل نفرت مان وڏيري جي پٽ کي هلڪي آواز ۾ گاريون پئي ڏنائون. گهڻن ائين پئي چيو تہ اسان ڀاڳ وارا آهيون جو اسان اڳواٽ پھريدار بيھاري ڇڏيا هئا، نہ تہ ڪر اسان مان هڪڙو بہ جيئرو ڪونہ بچي ها. فجر مھل وڏيري جو پٽ ۽ سندس دلال موٽي ويا. پويان ڳوٺاڻا غارن مان نڪري آيا ۽ اچي باھہ وسايائون. جن جا گهر صاف سڙي ختم ٿي ويا هئا سي وري ٻين جي گهرن ۾ وڃي رهيا. ان واقعي جو ڪنھن کي بہ ارمان ڪونہ ٿيو. هو دشمن جي نيتن ۽ چالن کان اڳي ئي واقف هئا.
ان رات پنجن ئي انقلابي ڪارڪنن پنھنجي جدا ڪچھري ڪئي. گڏجي فيصلو ڪيائون تہ کين هڪ ڊگهي ۽ هٿياربند جدوجھد لاءِ تيار ٿيڻو پوندو. ڇو تہ هي رڳو ڪنھن جو تختو اونڌو ڪرڻ جي تحريڪ نہ پر هڪ مسلسل جنگ آهي.
ٻئي مھيني ۾ آس پاس جي ڳوٺن ۾ 11 ماڻھو ڌاڙيلن هٿان مارجي ويا. انھن ڌاڙيلن ۾ ڪي ڀاڙيتو فوجي هئا تہ ڪي ڳوٺن جا ڀڄي ويل ظالم وڏيرا هئا ۽ ڪي فوجي دستن جا سردار هئا. ضلعي انتظاميہ ڪمزور ٿي چڪي هئي. هوءَ ڏکڻ ۾ وڙهندڙ اٺين روٽ فوج ۽ گوريلن جي مدد بہ حاصل نٿي ڪري سگهي. تنھنڪري ضلعي انتظاميہ هر ڳوٺ کي هڪ کليل خط روانو ڪيو. جنھن ۾ ڳوٺن جي سنڀال لاءِ منظم دستا ٺاهڻ ۽ پھريدار بيھارڻ لاءِ هدايتون لکيل هيون. تنھن کان سواءِ ڳوٺاڻن پنھنجي ليکي اڳواٽ هڪ رضاڪارن جو دستو پڻ ٺاهيو هو، جيڪو سڄي معاملي جي اڳواڻي ڪري رهيو هو. آهستي آهستي ڳوٺن ۾ صلح سانت ٿي وئي. ان وچ ۾ پٿرائين ڀت واري ڳوٺ ۾ انقلاب جو ڪم جاري هو. ڍلن جو بار هلڪو ڪيو ويو. ماڻھن پاڻ ووٽن ذريعي ان ڳالھہ جو فيصلو ڪيو تہ ڍل لاءِ ڪيترو اَن ڏنو وڃي. ڳوٺ وارن هڪ چاليھن سالن جي همراھہ ’ماينگ هائي‘ هاريءَ کي پنھنجو نئون اڳواڻ چونڊيو. جنھن وٽ پھريائين زمين صفا ڪانہ هئي، پر ورهاست کان پوءِ کيس ڏيڍ ايڪڙ زمين ملي هئي. ڪوانگ، جنھن کي وڏيري کوھہ ۾ ابتو ٽنگيو هو تنھن کي مليشا جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو، سندس زال پڻ عورتن جي تنظيم ۾ شامل ٿي ويئي.
عورتن ۾ بہ هاڻي زبردست ڦيرو اچي ويو هو. اڳي هو ڏينھن يا رات واري ڪنھن بہ ڪچھريءَ ۾ شامل ڪونہ ٿي سگهنديون هيون. رات جو اونداهين ۾ گهر کان ٻاهر نڪرڻ ۾ کين ڊپ لڳندو هو. پر هاڻي هو سڀني ڪچھرين ۾ شامل ٿينديون هيون. ويساھہ جي وسوڙيل ماڻھن وهمن مان جند ڇڏائي ورتي هئي. ننڍا آبادگار جيڪي پھرين هارين جي ڊپ کان ڊڄي ڀڄي ويا هئا، سي موٽي آيا هئا. هنن هاڻ هارين سان گڏجي پئي ان ڪم ۾ حصو ورتو. ظالم وڏيري وانگ جي خوبصورت بنگلي کي ڳوٺ جي ٻارڙن لاءِ اسڪول بنايو ويو. وڏيري جي اٽي پيھڻ واري چڪي، هاڻي سڀني ڳوٺاڻن جي گڏيل ملڪيت هئي ۽ ڳوٺ وارن جو مفت ۾ اٽو پيھندي هئي ۽ ٻاهر جي ماڻھن کان تمام واجبي اگهہ ورتا ويندا هئا. اهڙي طرح ان مشين جي ڪمائيءَ مان هارين جي جماعت جو خرچ پکو هلايو ويندو هو.
[سنڌيڪار: پرويز]
