نوجوانن جو گيت
محترم نجم عباسي پنھنجي ڪتاب ’ڪھاڻيءَ جو قافلو‘ ۾ لکي ٿو: ”جڏهن ڳالھائيندڙ ڄاڻ سُڃاڻ ڪرائيندي چيو تہ هيءَ يانگ مو (Yang Mo) آهي تہ عزت ۽ عقيدت منديءَ کان منھنجون اکيون آليون ٿي ويون، کوڙ سال اڳ تاج بلوچ مون کي هڪ چيني ناول Song Of Youth پڙهڻ لاءِ ڏنو هو، هي چيني قومي ۽ طبقاتي تحريڪ جو انقلابي ناول آهي، منھنجي ذهن ۾ ايترو تہ ڄمي ويو هو، جو ان کي وڌيڪ کان وڌيڪ سمجهڻ جي لاءِ ٽي ڀيرا پڙهي چڪو هوس، ان جي لکندڙ جو نالو هو يانگ مو... ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ چيني ساهتڪارن جو هڪ ٽولو هتي آيو هو، مھراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۾ هنن کي آجياڻو ڏنو ويو هو، مان بہ ڪوٺ تي ويو هوس، ان چيني ٽولي جي اڳواڻ جي سڃاڻپ ڪرائيندي جڏهن رسول بخش پليجي چيو تہ ”هيءَ جڳ مشھور ناول Song Of Youth جي ليکڪا آهي تہ حيرت ۽ خوشيءَ کان منھنجون نظرون هن ۾ کُپي ويون. حيرت ان ڪري بہ لڳم جو نالي مان مون سمجهيو هو تہ ”يانگ مو“ مرد هوندو، پر هيءَ تہ عورت هئي، منھنجي ڪاٿي موجب هن جي عمر ستر سالن کان سَرس هئي، پنھنجي تقرير ۾ رسول بخش پليجي هن ناول جي ڳچ واکاڻ ڪئي، پوءِ جڏهن ان وقت جو سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري تقرير ڪرڻ آيو تہ هن اعلان ڪيو تہ ’يانگ مو‘ جي ناول ’نوجوانن جو گيت‘ جو بورڊ طرفان سنڌي ترجمو ڪرائي ڇپايو ويندو، ان تي ميڙ ۾ ويٺلن ساهتڪارن ۽ ٻين ڏاڍيون تاڙيون وڄايون، پر انھيءَ وقت ئي ويٺي ويٺي ويچاريو هوم تہ سرڪاري يا نيم سرڪاري ادارن جي ذميوار آفيسرن جي جذباتي ۽ غير ذميداراڻي اعلانن جو توڙ ڇا ٿيندو آهي؟ (صفحو 47-46)“
سنڌي ادبي بورڊ تہ ان وقت ان ناول جو سنڌي ترجمو ڪري نہ ڇپرايو، پر گهڻو پوءِ جڏهن ان ناول جو اردوءَ ۾ ترجمو ”نوجوانون ڪا گيت“ جي نالي سان ٿيو، جيڪو ’غير ملڪي زبانن جي اشاعت گهر بيجنگ‘ مان ڇپجي هتي پھتو ۽ نوي واري ڏهاڪي ۾ محترم جعفر ميمڻ ان جو انتھائي اختصاريل سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ ڪنھن رسالي ۾ قسطوار ڇپجڻ کان پوءِ ڪتابي صورت ۾ پڻ ڇپيو، پر اهو سنڌي پڙهندڙن وٽ ڪا پذيرائي حاصل نہ ڪري سگهيو.
”نوجوانن جو گيت“ يانگ مو، 1930ع واري ڏهاڪي ۾ پيڪنگ جي شاگردن جي مُحب وطن تحريڪ جي پسمنظر ۾ لکيو، جڏهن 1931ع ڌاري جپانين اُترينءَ چين تي قبضو ڪيو هو ۽ چين جي اڳوڻي شھنشاھہ ’ڦو اي‘ جي اڳواڻي ۾ ’مانچوڪو‘ جي نالي سان ڪٺ پتلي حڪومت قائم ڪئي هئي. 1935ع ۾ جاپان جي قبضي جي خلاف مزاحمتي جنگ شروع ٿي وئي هئي ۽ هي ناول ان ئي دور جي ڪھاڻي آهي، جنھن جو پسمنظر بيان ڪندي ناول جي ليکڪا يانگ مو لکي ٿي، ”جن سالن جي هيءَ ڪھاڻي آهي، انھن ڏينھن ۾ آءٌ خود شاگردياڻي هُيس، پر تعليم جاري رکي نہ سگهيس ۽ گذر سفر جي ڳولا ۾ بہ ناڪام رهيس، اهو منھنجو ذاتي تجربو آهي تہ انھن ڏينھن چين جا دانشور سخت تڪليفن کي مُنھن ڏيئي رهيا هئا ۽ نوجوانن جي لاءِ ان کان سواءِ ٻي ڪابہ واھہ ئي نہ هئي تہ هو ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ساٿ ڏين ۽ انقلاب ۾ شريڪ ٿين، اها ڳالھہ ذهن ۾ رکي مون ”لين تائو چنگ“ جو ڪردار تخليق ڪيو، هيءَ ڪھاڻي پراڻي سماج جي خلاف هڪ نوجوان دانشور جي احتجاج جو آواز آهي.“
ناول جو هيرو، ’لين تائو چنگ‘ نہ رڳو يونيورسٽيءَ ۾ دانشوراڻن بحثن ۾ حصو ٿو وٺي، پر شاگرد جدوجھد جي قيادت بہ ڪري ٿو، هو پنھنجي ساٿين سان گڏ ڪومنتانگ جي ظلمن جي خلاف احتجاجي مظاهرا منظم بہ ڪري ٿو ۽ تحريڪ ۾ گهڙي ايندڙ موقعي پرستن ۽ جاسوسن جي چالن ۽ بدمعاشين کي پڻ مُنھن ٽوڙ جواب ڏي ٿو، حڪومت شاگرد سياست کي هائيجيڪ ڪرڻ ۽ ناڪام ڪرڻ لاءِ ڪھڙا حربا ٿي هلائي ۽ شاگرد قيادت انھن کي ڪيئن ٿي منھن ڏي، ليکڪا ’يانگ مو‘ اهو سڀ ڪجهہ اهڙي تہ سُھڻي نموني لکيو آهي جو ناول هڪ ڀيرو هٿ ۾ کڻڻ کانپوءِ ڇڏڻ تي دل ئي نٿي چوي. ويجهڙ ۾ جڏهن مون اهو ناول جڏهن ٻيھر پنھنجي لائبريري مان کڻي پڙهيو تہ مون کي خيال آيو تہ اهڙيون جدوجھدون تہ سُنڌ ۾ بہ هليون آهن، پر افسوس جو انھن کي فڪشن واري انداز ۾ نہ لکيو ويو آهي، چوٿين مارچ جي تحريڪ جي حوالي سان ڪجهہ ڪھاڻيون تہ لکيل آهن، پر ڪو ناول ڪونھي.
”نوجوانن جو گيت“ جي ليکڪا ’يانگ مو‘ 25 آگسٽ 1914ع ۾ پيڪنگ ۾ ڄائي، مڊل پاس ڪرڻ کان پوءِ پرائمري اسڪول ۾ ماسترياڻي بہ ٿي رهي ۽ پيڪنگ يونيورسٽيءَ مان ’آف ڪئمپس شاگردياڻي‘ جي حيثيت سان تعليم حاصل ڪيائين، جاپان جي خلاف مزاحمتي جنگ شروع ٿي تہ ان ۾ حصو ورتائين. هوءَ ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن جي ايڊيٽر ۽ ڪيترن ئي سرڪاري عھدن تي پڻ رهي. يانگ مو 1934ع ۾ لکڻ شروع ڪيو، ’نوجوانن جو گيت‘ سندس پھريون ناول هو، جيڪو 1958ع ۾ ڇپيو ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيو ۽ گهڻي مقبوليت ماڻيائين.
يانگ مو جي ان ناول تي 1959ع ۾ پھريون ڀيرو فلم ٺھي، جنھن کان پوءِ اهو ناول ڪيترائي ڀيرا فلمائجي چڪو آهي.
يانگ مو جا ٻيا ڪتاب هن ريت آهن.
1. My Physicin (1969)
2. Temant (1963)
3. The Red Morning star lily (1964)
4. The Best song in Her prime (1986)
يانگ مو، 11 ڊسمبر 1995ع ۾ بيجنگ ۾ وفات ڪئي.
