سفرناما

مريم جي ديس ۾

هي ڪتاب يوسف سنڌيءَ جي چين ۾ گذاريل سُندر ۽ ساھ سڌير ساروڻين جي روئداد آهي. ڪتاب پنجن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پھريون حصو ”ڏٺم چين چاھ مان“ ۾ اسلام آباد کان گوانچو تائين روانگي ۽ ڪجهہ ٻين هنڌن جي سفر جون ساروڻيون آهن. ٻيو حصو، ”چين جا ڏينھن ۽ راتيون“ جي عنوان سان چين جي شھر نئننگ (Naning) ۾ گذاريل ڏينھن جي روزاني ڊائري آهي، ٽيون حصو ”چيني سياست ۽ سماج“ بابت آهي، چوٿون حصو ”چين ترقيءَ جي رستي تي“ جي عنوان سان ڏنو ويو آهي،  پنجون حصو ’چيني ادب‘ بابت ڏنو ويو آهي، جنھن ۾ چيني اديبن، شاعري ۽ ڪھاڻيءَ بابت مختصر حال احوال سان گڏ ڪجهہ چيني شاعري ۽ ٽن ڪھاڻين جا ترجما ڏنل آھن. 

  • 4.5/5.0
  • 15
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Maryam Jy Des Mein

چين جا ڏينھن ۽ راتيون

[نئننگ ڊائري]


[پھرين آڪٽوبر-2024ع]
اڄ پھرين آڪٽوبر، منھنجو جنم ڏينھن آهي، اصل جنم سال جي حساب سان اڄ آءٌ سٺ سالن جو ٿي چڪو آهيان، يعني منھنجي جنم جو سال پھرين آڪٽوبر 1964ع آهي. اسڪولي رڪارڊ ۾ اهو 02 جنوري 1967ع لکيل آهي.
رات سُتو پيو هوس، جو ميان سمير عليءَ اچي مون کي اٿاريو... ’اچ ڪيڪ ڪٽيون...‘آءٌ اکيون مھٽي اٿيس، منھن تي پاڻيءَ جا ڇنڊا هنيم ڏٺم تہ سڀ گهر ڀاتي، نسيم، پارس، ايشوريا، صنوبر، شھزاد، سمير ۽ ٻہ ٻارڙا پياري (ايشال) ۽ بابا (هيشم) موجود هئا. اُفق ۽ شفق سُمھي رهيون هيون. منظر اڃا گهر نہ آيو هو. بھرحال ڪيڪ ڪٽيو، تاڙيون وڳيون، فوٽو نڪتا ۽ ڪيڪ جو ذرو ذرو کائي، کل خوشيءَ مان وڃي سُتس.
گذريل ڪيترن ئي مھينن کان چين وڃڻ جي جيڪا تياري پي هلي، سا مڪمل ٿي ويئي آهي. هاڻ اٺين آڪٽوبر تي اول خير حيدرآباد مان ڪراچي اُسھبو، جتان هڪ بجي واري فلائيٽ ۾ اسلام آباد روانو ٿبو. جتان وري ساڍين نوين واري فلائيٽ ۾ گوانچو روانو ٿبو، جتي چيني وقت موجب صبح جو پنجين وڳي پھچبو. جتي وشال، سندس وني وانگ ين هونگ (کشين) ۽ مريم منھنجي پوٽي وٺڻ ايندا، جتان وري اسان ريل ۾ نئننگ وينداسون. جتي سندن رهائش آهي. منھنجي خواهش هئي تہ پھرين آڪٽوبر کان اڳ چين پھچان ۽ چيني انقلاب جي سالگرھہ جون تقريبون ڏسان، پر وشال جي ڪمن ڪارين ۽ ڪجهہ هتي جي مسئلن مامرن جي اُڪلاءُ سبب اهو پروگرام جُڙي نہ سگهيو. پھرين آڪٽوبر کان ستين آڪٽوبر تائين ست ڏينھن چين ۾ قومي ڏڻ طور ملھايا وڃن ٿا. جھازن ۽ ٽرينن ۾ رش هوندي آهي، ٽڪيٽون ملڻ مشڪل ٿيو پون. اهو ئي سبب آهي، جو وشال اٺين آڪٽوبر جون ٽڪيٽون بوڪ ڪرايون. چين ۾ اسان جو قيام مليل ويزا موجب هڪ مھينو هوندو ۽ انشاءَ ﷲ اٺين نومبر تي واپسي ٿيندي.
چين جي سفر تي اُسھڻ کان اڳ، چين بابت وڌ ۾ وڌ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ پوين ڏينھن ۾ ڪافي ڪتابن جو مطالعو ڪيو اٿم. رات کان قيوم نظامي جو مرتب ڪيل ڪتاب ”چین کے 100 سال‘‘ پڙهڻ شروع ڪيو اٿم، جيڪو ڪالھہ عوامي تحريڪ جي دوست ايڊوڪيٽ اسماعيل خاصخيليءَ کان کڻي آيس. جنھن منھنجي گهرڻ تي وڏي فراخدليءَ سان اهو ڪتاب ڏنو.
مون جنھن ڳالھہ کي وڌيڪ سمجهڻ پي گهريو، اهو هي تہ مائوزيتنگ جي وفات کان پوءِ چين جي قيادت ڊينگ زيائو پينگ سنڀالي، تنھن چين ۾ ڪھڙيون تبديليون آنديون ۽ چين ۾ ٻاهرين سيڙپڪاريءَ جي اجازت ڏني ۽ نجي ملڪيت رکڻ جي آزادي ڏيڻ سان گڏ سرمائيداريت ڏانھن بہ رخ رکيو، جنھن سبب چين بدلجڻ ۽ دنيا جي معاشي طاقت طور اُڀرڻ شروع ٿيو. پاڻ وٽ ڪامريڊيءَ واري دور ۾ ’ڊينگ زيائو پنگ‘ تي مائوازم جي نظريي تان هٽڻ ۽ ترميم پسند هئڻ ۽ سوشلزم جي واٽ ڇڏي سرمائيداريت واري واٽ اختيار ڪرڻ جا الزام هنيا ويندا هئا. ڪجهہ ڏينھن اڳ مون ’ڊينگ زيائو پنگ‘ تي يوٽيوب تي هڪ ڊاڪيومينٽري بہ ڏٺي، جنھن ۾ ڊينگ کي چين کي ’ڪميونسٽ پئراڊائز‘ [ڪميونسٽ بھشت] اڏڻ وارو چيو ويو هو.
پاڻ وٽ عام طور تي مائو ۽ چو اين لاءِ کان پوءِ چين جي ٻين اڳواڻن بابت ايڏي ڪا وڏي ڄاڻ ڪونھي. وڌ ۾ وڌ لِن پيائو ۽ لي شائوچي جا نالا ورتا وڃن ٿا، پر چين جي اڏاوت ۾ تمام گهڻا ڪردار شامل آهن. هن ڪتاب ۾ انھن جو سرسري، پر جامع ذڪر موجود آهي. ڪتاب پڙهي مڪمل ڪجي تہ وڌيڪ پوءِ ئي ڪا راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي.
مائوزيتنگ تي ڪجهہ ڪتاب پڙهيل اٿم. جيڪو پھريون ڪتاب پڙهيم، اهو محترم رسول بخش پليجي جو لکيل ’مائوزيتنگ‘ هو، جيڪو چيئرمن مائو جي زندگيءَ ۾ ئي لکيو ويو هو. پليجو صاحب مائوزي تنگ کان گهڻو متاثر هو ۽ ’سنڌي عوامي تحريڪ‘ جو بنياد ئي ’فڪر مائوزيتنگ‘ تي رکيو ويو هو. پليجي صاحب جو اهو ڪتاب مون کي هڪ قلمي دوست نثار ٻرڙي موڪليو هو، جيڪو پاڪيٽ سائيز ۾ هو. مون اهو ڏاڍي دلچسپيءَ سان پڙهيو ۽ گهڻو وڻيم. مائوزي تنگ تي پوءِ ڪجهہ ٻيا ڪتاب بہ مطالعو ڪيم، پر پليجي صاحب جنھن دلچسپ ۽ جامع نموني اهو ڪتاب لکيو آهي، ان کان پوءِ جيڪڏهن مائو تي ڪي ٻيا ڪتاب نہ بہ پڙهجن، تڏهن بہ فرق محسوس نہ ٿو ٿئي. ان وقت پليجي جي مٿين ڪتاب کان سواءِ سنڌي عوامي تحريڪ پاران مائوزي تنگ جي ڪجهہ لکڻين/ ڪتابن جا بہ سنڌي ۾ ترجما ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپرايا ويا. جن ۾ ’قومي انقلابي جدوجھد ۾ ادب ۽ فن جي اهميت‘ پليجي صاحب پاڻ ترجمو ڪيو. ’هارين جي بغاوت‘ ملڪ آگاڻي ترجمو ڪيو، ۽ ’مائوءَ جا قول‘ لکاني بھراڻي ترجمو ڪيو. ’ادب ۽ فن جي اهميت‘ جو ٻيو ڇاپو مون پنھنجي اداري ’سچائي اشاعت گهر دڙو‘ پاران 1987ع ڌاري ڇپرايو. ’هارين جي بغاوت‘ کان سواءِ مٿيان ٽيئي ڪتاب هاڻ روشني پبليڪيشن سھڻي نموني ڇپرايا آهن. مائو جي هڪ ڪتاب ’تضاد بابت‘ جو ترجمو رشيد ڀٽي ڪيو ۽ ان کان سواءِ ’مائوزيتنگ جا مضمون‘ جي نالي سان بہ هڪ ڪتاب ترجمو ٿي ڇپيو، جنھن جي مترجم جو نالو ياد نہ پيو اچي. نظرياتي ادب ۾ ليو شائوچي جو ڪتاب ’سٺو ڪميونسٽ ڪيئن ٿجي؟‘ سائين عطا محمد ڀنڀري ترجمو ڪيو آهي. ڀنڀري صاحب هڪ ٻيو ڪتاب ’سن زو‘ جو جنگ جو فن‘ بہ سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي.
[2- آڪٽوبر (اربع) 2024ع.]
ڪالھہ جيئن ئي شھر (گاڏي کاتي) وڃڻ لاءِ تيار ٿي بيٺس تہ مور ساگر فون ڪري پھرين جنم ڏينھن جون مبارڪون ڏنيون ۽ پُڇيو تہ چين بابت ڪيترا ڪتاب پڙهيا اٿئي، چيومانس اڄ ڪلھہ پڙهان ئي چين بابت ڪتاب ۽ سفرناما پيو. ’ڀلا ’چين ۽ چيني‘ پڙهيو اٿئي؟‘ پُڇيائين. مون سمجهيو تہ مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب ’چين ۽ چيني ماڻھو‘ بابت پيو پُڇي. چيومانس ’اهو نہ پڙهيو اٿم‘. ’اچ تہ اهو ڪتاب ڏيان.‘ مور ساگر وراڻيو. هيٺ لھي رڪشا ڪري حيدر چوڪ پھتس ۽ سڌو ’ساحل پرنٽرس‘ تي ويس. هٿ ملائي ويٺس، حال احوال کان پوءِ مون کي ’دلبر سائين‘ جو سفر نامو ’چين ۽ چيني‘ ڏنائين، جنھن تي لکيائين ’سنڌ جي ساڃاھہ وند ليکڪ ۽ پياري دوست، وڏي ڀاءُ برابر يوسف سنڌيءَ لاءِ چين وڃڻ جي خوشيءَ ۾ کيس چين جو هي سفر نامو شال قبول پوي.‘
اڄ شھدادپور ويس تہ اهو پاڻ سان کڻيو ويس ۽ ايندي ويندي ڏيڍ سؤ صفحا پڙهيم. گهڻو معلوماتي سفرنامو آهي. هڪ هنڌ لکيو اٿائين ”اڪثر چيني ماڻھو پنھنجي چيني ٻوليءَ بنا ٻي ڪا ٻڙڪ ٻڌڻ لاءِ تيار نہ آهن، اهڙي صورتحال ۾ توهان اتي وڃي ڪنھن کي ڪيئن سمجهائي سگهندا تہ توهان کي ڪھڙي جاءِ تي وڃڻو آهي؟ ان ڪري سڀني گهمڻ وارين جاين جا نالا ۽ ايڊريسون انگريزي ۽ چيني ٻوليءَ ۾ لکي پاڻ وٽ محفوظ ڪري ڇڏيو تہ جيئن ضرورت وقت ڪنھن بہ ماڻھوءَ کان آساني سان مدد وٺي سگهو يا هن وري هي ڪجهہ ضروري سافٽ ويئر آهن، جيڪي پاڪستان مان ئي پاڻ سان ڊائون لوڊ ڪري پاڻ وٽ انسٽال ڪري وڃو، اهي اوهان لاءِ نھايت ڪارآمد ٿيندا.“ (ص-16)
اهي سافٽ ويئر هي لکيا اٿائين. (1) We chat, (2) Zero VPN, (3) Baidu translation .
پير محمد اڪرم ﷲ عرف دلبر سائين جا ٻيا بہ ڪافي ڪتاب ۽ سفرناما آهن، سندس لکيل ڪتابن جو انگ چار سئو کن آهي. گهمڻ ڦرڻ جو وڏو شوقين آهي ۽ ڪافي ملڪ گهميا اٿائين ۽ اتان جا سفر ناما لکيا اٿائين، جيڪي گهڻا معلوماتي آهن.
سنڌي ۾ ٻيا جيڪي سفرناما ڇپيا آهن، انھن ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو ’مائو جي ملڪ ۾‘، ڊاڪٽر سليمان شيخ جو ’پيڪنگ پچارون‘، علي احمد رند جو ’چار گهڙيون چين ۾‘، الطاف شيخ جو، ’جنھن چين ڪيو بي چين‘ ۽ قربان منگي جو ’چوڏهن ڏينھن چين ۾‘ پڙهيل اٿم. پير علي محمد راشدي چين ۾ سفير هئڻ دوران جيڪا ڊائري لکي، اها ’چين جي ڊائري‘ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپي. دودي چانڊئي بہ چين جو هڪ مضمون ٽائپ سفر نامو لکيو آهي، جيڪو سندس ڪالمن ۽ مضمونن جي ڪتاب ۾ ڇپيل آهي. شاهنواز مھيسر جو ’چين جي ياترا‘ ۽ آفتاب سومري جو ’بيجنگ کان بينڪاڪ جي بازارن تائين‘ بہ ڇپيل ۽ پڙهيل آهن. ٿي سگهي ٿو ڪيو ٻيو سفرنامو بہ هجي پر مون کي ياد نہ ٿو پوي.
اهي تہ ڪجهہ سفرناما آهن. البت ڪافي چيني ادب بہ سنڌي ۾ ترجمو ٿي ڇپيو آهي. جيڪو گهڻو ڪري انقلابي ادب آهي. انھن ۾ ڪھاڻين جو چڱو موچارو تعداد شامل آهي، ڪجهہ تہ ننڍن ڪتابڙن جي صورت ۾ پڻ ڇپيون. جھڙوڪ پرويز جي ترجمو ڪيل ڪھاڻي ’ پراڻو ڳوٺ، نئون ڳوٺ‘ اياز لطيف پليجي جي ترجمو ڪيل ڪھاڻي ’چمڪندڙ تارو‘. اهي ٻيئي چيني انقلابي جدوجھد تي لکيل آهن. اهي ٻيئي ۽ ٽي ٻيون ڪھاڻيون جيڪي نجم عباسي ۽ ٻين ترجمو ڪيون آهن. مون سھيڙي 1987ع ۾ ’چيني انقلاب جون ڪھاڻيون‘ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپرايون. چيني ڪھاڻين جي ترجمي جي سلسلي ۾ چيني ليکڪ زوشيءَ جي ٻن ڪھاڻين جو مون ترجمو ڪيو، جيڪي منھنجي ڪتاب ’مسواڙي زال‘ ۾ شامل آهن، پرويز بہ ڪجهہ ڪھاڻين جا ترجما ڪيا، جيڪي سندس پھرين ڪتاب ’سُڻي تنھنجو سڏ‘ ۾ شامل آهن.
ان کان سواءِ نجم عباسي ’ڳاڙهو لالٽين‘ جي نالي سان هڪ ڊرامون ترجمو ڪيو. ان وقت ان ڪتاب کي سٺي موٽ ملي هئي. چيني ليکڪہ ’يانگ مو‘ جو شاندار ناول Song of youth جيڪو اردو ۾ ’نوجوانون ڪا گيت‘ جي نالي سان چين مان ئي اردو ۾ ترجمو ٿي هِتي پھتو هو، ان جو اختصاريل ترجمو مرحوم جعفر ميمڻ ’نوجوانن جو گيت‘ جي نالي سان ڪيو هو ۽ ڪاوش گروپ وارن ڇپرايو هو. منھنجي سدائين خواهش رهي آهي تہ اهو ناول مڪمل سنڌي ۾ ترجمو ٿي ڇپجي. مشھور نوبيل يافتہ ليکڪہ پرل ايس بڪ جيڪا ويھارو کن سال چين ۾ رهي تنھن جو چيني پس منظر ۾ لکيل ناول ‘Good Arth’ جا سنڌي ۾ ٻہ ترجما، هڪ ڊاڪٽر عمر ميمڻ ’سون ورني ڌرتي‘ جي نالي سان ڪيو، ٻيو ترجمو ’سُھڻي ڌرتي‘ جي نالي سان رشيد ڀٽي ۽ لکا ڏني ڪلال گڏيل طور ڪيو، جيڪو سنڌالاجي پاران ڇپيو. مٿين ڪتابن کان سواءِ چيني انقلابي شخصيتن تي پڻ ڪجهہ ڪتابن جا سنڌي ۾ ترجما ٿيا آهن. نجم عباسي، ’چو اين لائي‘ جي ننڍپڻ تي هڪ چيني ليکڪ ’هو هُئا‘ جو لکيل ڪتاب ’هڪ انقلابي جو ننڍپڻ‘ جي نالي سان ترجمو ڪيو. وفا منصور ٻرڙي، مائوزيتنگ جي هڪ خاص خدمتگار ’ڪئان يانچي‘ جو سندس ذاتي زندگيءَ ۽ ساروڻين تي ٻڌل ڪتاب ’مائوزي تنگ‘ جي نالي سان ترجمو ڪيو. الطاف ملڪاڻي چو اين لائي جي بايوگرافيءَ جو اختصاريل ترجمو ڪيو، جيڪو ’چو اين لائي جي سوانح‘ جي نالي سان ڇپيو. ڊاڪٽر نواز علي شوق ’چين جون مشھور شخصيتون‘ جي نالي سان ڪتاب ترجمو ڪيو. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي تہ چيني انقلاب تي ايڊگر سنو جي مشھور ڪتاب Red star over China جو سنڌي ترجمو ’چين مٿان ڳاڙهو تارو‘، جي نالي سان ڪيو، جيڪي سڀ ڇپيل آهن. چيني انقلاب تي هڪ ٻيو ڪتاب ’چين جو انقلاب‘ جي نالي سان عزيز ڏاهري جو لکيل پڻ ڇپيل آهي.
جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ-
[7 آڪٽوبر 2024ع ڪراچي]
گذريل ڪيترن مھينن جي هڻ وٺ، ڪاغذي ڪاروائي ۽ ڪراچي جي چڪرن کان پوءِ 24 آگسٽ تي هڪ مھيني جي لاءِ چين جي ويزا ملي، اسان وري سمير جي ويزا جي ڪوشش ڪئي، پر ايمبسيءَ انٽرويوءَ ۾ کيس فيل ڪري ڇڏيو، اهو منھنجي لاءِ ۽ ماڻھنس لاءِ وڏو شاڪ هو. اسان چاهيو پي تہ هو اسان سان گڏ هلي ۽ کيس اتي ڊاڪٽر وشال وٽ ڇڏي اچون. سندس ورڪنگ ويزا اپلائي ڪئي هئيسين. سمير جون ارڏايون پنھنجي جاءِ تي، پر ننڍو پُٽ هئڻ سبب اسان ٻنھي جي اک جو تارو آهي.
هينئر آءٌ ۽ نسيم جناح انٽر نيشنل ايئرپورٽ تي اسلام آباد وڃڻ لاءِ جھاز ۾ چڙهڻ جي بورڊنگ ڪرائي هاڻ اڏام جي اوسيئڙي ۾ ويٺا آهيون. فلائيٽ نمبر 308 جيڪا پھرين چئين بجي هئي، سا ڪلاڪ ليٽ ٿيڻ سبب پنجين بجي اُڏام ڪندي، هونئن اسان کي سڀاڻي اسلام آباد هڪ بجي واري فلائيٽ ۾ وڃڻو هو. پر هڪ واري فلائيٽ ڪئنسل ٿي چئين بجي ٿي تہ وشال چيو، رسڪ نہ ٿا کڻون، اوهان هڪ ڏينھن اڳ اسلام آباد وڃو، جو سڀاڻي ساڍي نوين بجي اسلام آباد کان ’سائودرن چائينز ايئر لائين‘ جي فلائيٽ نمبر 8070 CZ گوانچو ويندي، جتان اسان کي وشال ۽ سندس وني کشين وٺڻ ايندا.
حيدرآباد مان يارهين بجي نڪتاسين. گاڏي ڪيم، جيئن سڀ گهر وارا بہ ڪراچي ايئرپورٽ جو چڪر هڻي اچن، پارس، شھزاد، منظر، صنوبر ۽ ايشوريا گڏ آيا. ٻار بہ سڀ گڏ اُفق، شفق، ايشال ۽ بابا (هشيم) بہ گڏ، جن کان مھينو جدا رهڻ البت ڏکيو پيو لڳي. ڪالھہ ارباز بہ شھدادپور مان آيو تہ ايئرپورٽ ۽ جھاز ڏسندس. افق، شفق ۽ ارباز تہ ايئرپورٽ تي ڏاڍو انجواءِ ڪيو، اصل ڊوڙ ڊوڙان، باقي هيشم بابا تہ روئڻ ۾ پورو هو.
اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر منظور ويسريي کي چيم جنھن اڪادمي ادبيات جي رائٽرس گيسٽ هائوس ۾ بوڪنگ ڪرائي ڇڏي آهي، رات اتي رهبو.
هوائي مشين يعني جھاز ۾ ويٺا آهيون، ﷲ تعاليٰ انسان کي جيڪو عقل ڏنو آهي، ان کان ڪم وٺي انسان جيڪي سائنسي ايجادون ڪيون آهن، جھاز ان جو بس هڪڙو مثال آهي، ڏينھن جا فاصلا ڪلاڪن ۾، قرآن ۾ چيو ويو آهي تہ سمنڊ جي مٿاڇري تي جيڪي جھاز هلن ٿا، اهي خدا جي حڪم سان هلن ٿا، قرآن ۾ ﷲ پاڪ ڪيترن ئي شين جا نالا ڏنا آهن ۽ انسان کي عقل کان ڪم وٺڻ ۽ بار بار سوچڻ جو حڪم فرمايو آهي.
جھاز جي دريءَ مان لھندڙ سج جي لالاڻ جي لڪير ڏاڍي خوبصورت نظر اچي رهي هئي.
هنن سٽن لکڻ کان اڳ مون لڇمڻ ڪومل جي آتم ڪھاڻي ’وهي کاتي جا پنا‘ پڙهڻ شروع ڪئي ۽ ان جا پندرهن کن صفحا پڙهيم.
[رائٽرس گيسٽ هائوس- اسلام آباد]
هينئر اڪادمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد جي رائٽرس گيسٽ هائوس ۾ ويٺا آهيون، ايئرپورٽ تي ٽئڪسين وارا اصل چُنبڙي پيا. نيٺ گهڻي بارگيننگ کان پوءِ پندرهن سئو روپين ۾ ٻولي اچي هِتي پھتاسين. جتي زاهد نالي همراھہ سان مليس، ڪمرو مليو، جيڪو اي. سي آهي. ماني بہ هئي، دال ۽ ڦلڪا کائي هي سٽون لکڻ شروع ڪيون اٿم. اسلام آباد عمران خان جي پي ٽي آءِ جي ٻہ ڏينھن اڳ واري جلسي جي ڪري ٽينشن ۾ پي لڳو. ڊرائيور اسان کي فتح جنگ روڊکان ڦيري ڪلاڪ کن ۾ اچي ڇڏيو. ڊاڪٽر منظور ويسريو رابطي ۾ هو. هن ماني گڏجي کائڻ لاءِ زور ڀريو، پر مون کيس چيو تہ تون گهڻو پري آهين، رڳو ماني لاءِ اچين، گهر وٺي وڃين ۽ وري ڇڏي وڃين، بھتر آهي تہ سڀاڻي ملجي. زوري اُن ڳالھہ تي راضي ڪيومانس. فيس بوڪ تي اسلام آباد هئڻ جو اسٽيٽس رکيم تہ دلدار خاصخيلي ۽ اويس جوڻي فون ڪئي، دلدار اڄڪلھہ اسلام آباد ۾ ٿو رهي، ٻن سالن کان ڪا نوڪري ٿو ڪري، ٻنھي کي سڀاڻي ملڻ جو چيم.
ان سڄي عرصي دوران وشال رابطي ۾ رهيو. مون کي هر ننڍي ننڍي ڳالھہ ائين پيو سمجهائي، ڄڻ آءٌ صفا ٻار هُجان ۽ مون کي ڪا خبر ئي ڪونھي، جنھن تي کل بہ ٿي آيم تہ خوشي بہ تہ وشال ڪيترو نہ خيال ٿو رکي. منھنجو سڌورو پٽ اِهو بہ چيائين تہ جي رهائش جو بندوبست نہ ٿئي تہ هوٽل بوڪ ڪرائي ڏيانوَ. چيومانس نہ نہ... اسان رائٽرس گيسٽ هائوس ۾ بھتر رهنداسين. ٻي پاسي ٿورو اندر خالي بہ اٿم تہ ڪاش منھنجو سمير بہ هينئر گڏ هجي ها.
ڪراچي ايئرپورٽ تي وشال کي فون ڪري چيم تہ ڪجهہ يو آن وٺان تہ چيائين، ڇو تہ چيم متان ضرورت پوي... تہ چيائين فلائيٽ ڊائريڪٽ گوانچو جي آهي، وچ ۾ گهرج نہ پوندي، باقي هتي آءٌ آهيان.. پر سچي ڳالھہ اها آهي تہ مون اڳ ۾ ئي 22500 جا 500 يوآن وٺي ڇڏيا تہ ڀلي مون وٽ بہ ڪجهہ هجن. اها ڳالھہ کيس نہ ٻڌايم، ايئرپورٽ تي آر. ايم. بي (يوان) جا مختلف ريٽ هئا. 45 کان وٺي 48 تائين، مون 45 روپين ۾ ورتا.
[8 آڪٽوبر 2024ع، اسلام آباد]
رات ماني کائي جلدي سمھڻ جي ڪئيسين، نسيم تہ سمھي رهي، پر مون کي ننڊ نہ آئي، پوءِ اُٿي ننڊ جي گوري کاڌم. هاڻ ائين ئي ٿيندو آهي، گهر بہ ڪڏهن ڪڏهن ننڊ جي گوري کائيندو آهيان. اڳ ائين نہ هو، ويٺي ويٺي ننڊ اچي ويندي هئي تہ سڀ دوست پيا کلندا هئا. هاڻ خيال آيم تہ ڪوشش ڪري پاڻ کي گوري جو عادي نہ ڪندس.
رات ڪيترن ئي دوستن فونون ڪيون، شبير سيال، گل حسن درس ۽ محبوب سنڌي، سڀني چين وڃڻ تي خوشي ۽ نيڪ تمنائن جو اظھار ڪيو.
-
سوير جاڳ ٿي تہ پھريون ڪم اهو ڪيم تہ پارس کي فون ڪيم خبر چار وٺڻ کان پوءِ پُڇيومانس تہ ٻار جاڳيا آهن. چيائين شفق ۽ ايشال سُتيون پيون آهن، باقي ارباز، افق ۽ بابا جاڳيا آهن، مون ۽ نسيم کين وڊيو ڪال تي ڏٺو ۽ ساڻن ڳالھايو. گهر هوندا آهيون تہ اُفق ۽ شفق سوير اٿي اچي مون سان ملنديون آهن ۽ پوءِ جيترو وقت گهر هوندو آهيان تہ ٻنھي جي ’دادا- دادا‘ پئي پوندي آهي. ٻار ڪيڏي نہ ڪمزوري بنجي ٿا وڃن.
[اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ]
ڏهين بجي ڌاري تيار ٿي، ناشتو ڪري ٻاهر نڪتس، جيئن مير نواز سولنگيءَ سان بہ ملان ۽ اڪادمي جي بوڪ شاپ جو بہ چڪر لڳائي وٺان ۽ جيڪڏهن چيني ادب جو ڪو ڪتاب ملي تہ اهو بہ وٺان. پھرين بوڪ شاپ تي ويس. ڪتابن کي هيٺ مٿي ڪيم ۽ ٻہ ڪتاب هڪ چيني ادب ۽ ٻيو چيني ليکڪہ شائو هونگ جو ناول ”دريائي هولن کي ڪھانيان“ جو ناول ورتم، جنھن جو اردو ترجمو انعام نديم ڪيو آهي. بوڪ شاپ واري کان ڪنفيوشس بابت ڪتاب جو پُڇيم، چيائين ختم ٿي ويو آهي. اسان 25 ڪتابن جي فھرست ٺاهي انتظاميہ کي ڏني آهي، پر فنڊن جي کوٽ سبب في الحال انھن جو جلد ڇپجڻ ممڪن ڪونھي. اڪادمي مان اها بہ خبر پئي تہ اڪادمي جي وفاقي حڪومت بجيٽ ڇھن ڪروڙن مان گهٽائي ٽي ڪروڙ ڪري ڇڏي آهي. دل ۾ آيم تہ حڪومت ايترا تہ فضول خرچ ٿي ڪري، انھن کي گهٽائڻ بدران ڪاتي علمي ادبي ادارن تي ٿي ڦيرائي. اڪادمي جا هيستائين ٽي سنڌي چيئرمن رهيا آهن. غلام رباني آگرو، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو ۽ ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ. ربانيءَ جي دور ۾ ڇا ٿيو، ان بابت تہ خبر نہ اٿم، باقي ڊاڪٽر قاسم ٻگهئي ۽ ڊاڪٽر يوسف خشڪ جي ڪارڪردگي ۽ سرگرمين جي هرڪو واکاڻ ٿو ڪري. ڊاڪٽر خشڪ جي دور ۾ عالمي ادب جا گهڻا ڪتاب اردو ۾ ترجمو ٿي ڇپيا. ٻولين جو ميوزيم ٺاهيائين. سندس ئي دور ۾ منھنجو پينڊنگ ۾ پيل ڪتاب ’نجم عباسي: شخصيت اور فن‘ پڻ ڇپيو.
بوڪ اسٽال تان ٿي، سنڌو مير نواز وٽ ويس، جتي اختر رضا سليمي بہ ويٺو هو، ٻنھي سان اڌ ڪلاڪ کن ڪچھري ڪري، چانھه جو ڪوپ پي، موڪلائي سڌو ڪمري تي آيس، پھرين ليٽي ’وهي کاتي جا پنا‘ پڙهڻ شروع ڪيم. ڏهاڪو کن صفحا پڙهڻ کان پوءِ ’ڦو اي‘ جي آتم ڪھاڻي ’شھنشاھہ کان شھري تائين‘ جا چار صفحا ترجمو ڪيم. اهو ڪتاب پاڻ سان کڻي آيو آهيان، جيئن چين جي آخري شھنشاھہ جي آتم ڪھاڻي چين ۾ رهڻ دوران ترجمو ڪريان.
ان وچ ۾ ڊاڪٽر منظور ويسريي فون ڪري چيو تہ سائين ٿوري دير ۾ پھچان ٿو. ان وچ ۾ آءٌ ٻاهران برياني وٺي آيس، جيڪا اسان ٻنھي کائي پيٽ پوڄا ڪئي. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ڊاڪٽر منظور آيو ۽ اچڻ شرط پڇيائين تہ ’ماني تہ نہ کاڌي اٿوَ‘. ٻڌايومانس تہ اسان تہ کائي ڇڏي آهي. گهڙي کن ويھي هِتان هُتان جي ڪري، چيائين تہ هلو تہ ڪٿي چڪر هڻي چانھه چُڪو پي اچون. پھرين تہ مون نھڪار ڪئي جو ڏٺم تہ منظور ٿڪل ٿڪل لڳي رهيو هو ۽ اوٻاسيون بہ ڏيئي رهيو هو. پر هن جو خلوص جو چيائين، ”نہ ايئن ڪيئن ٿيندو؟“ بھرحال پوءِ اُٿياسين ۽ ڪار ۾ چڙهي ويجهو ئي هڪ هنڌ وياسين. جتي منظور ڪافي پيتي ۽ مون اسٽرا بيري ذائقي واري آئس ڪريم کاڌي. اتي هڪ اڌ فوٽو بہ ڪڍيوسين، پر اڃا تائين فيس بوڪ تي اپلوڊ ڪري نہ سگهيو آهيان. جو هتي اسلام آباد ۾ نيٽ سڪرات ۾ آهي، کٽَ تي پيو آهي. ڪافي پي ۽ آئسڪريم کائي ڪچھري ڪندا واپس گيسٽ هائوس پھتاسين. منظور چيو تہ سائين تيار ٿيو تہ اوهان کي ايئرپورٽ ڇڏي اچان. مون انڪار ڪيو ۽ کيس تڪليف ڏيڻ مناسب نہ سمجهيم. پوءِ هن گيسٽ هائوس جي انچارج کي پئسا ڪڍي ڏنا تہ ”سر يوسف منھنجو مھمان آهي.“ مون گهڻو ئي روڪيس، پر همراھہ نہ مڃيو، اڪادمي وارا غير اديبن کان اڍائي هزار ۽ اديبن کان پندرهن سئو وٺندا آهن، چوويھه ڪلاڪن جا پنجويھه ۽ پندرهن سئو مناسب آهن. اسلام آباد جھڙي شھر ۾ جتي ٽيڪسي وارو ئي هزارن ۾ ڀاڙو ٿو وٺي، اتي اهي پئسا نھايت مناسب آهن.
ڊاڪٽر منظور ويو تہ آءٌ ڪمري ۾ آيس تہ مون نسيم جي ٽھڪن جا آواز ٻڌا، چئي رهي هئي، ”آءٌ جھاز ۾ ايئن ويٺي هُيس، جھڙي شھدادپور جي وين ۾.“
جنھن تي مون کان بہ ٽھڪ نڪري ويو.
نسيم ڳالھائيندي رهي ۽ مون سامان سھيڙڻ شروع ڪيو، ان مھل ساڍا چار ٿيا هئا، پارس جي فون آئي تہ وشال چوي ٿو تہ ”هاڻ ايئرپورٽ ڏانھن نڪرڻ جي تياري ڪريو.“
”يار، وشوءَ کي وڏي تڪڙ آهي.“ مون کلندي چيس ۽ پوءِ نسيم کي اشارو ڪندي چيم تہ هاڻ ڳالھائڻ بند ڪر پُٽھين جي توسان ملڻ لاءِ تڪڙ لڳي پئي آهي.
اهو ٻڌي نسيم چيو، ”چڱو تھمينہ... وري پوءِ ٿا ڳالھايون.“
مون ٻاهر وڃي گيسٽ هائوس جي مئنيجر زاهدکي ايئرپورٽ تائين ڪا ٽئڪسي گهرائي ڏيڻ جي لاءِ چيو. هن هاڪار ڪئي، جيسين ٽئڪسي اچي تيسين اسان تيار ٿي وياسين.
ٽئڪسي آئي تہ گيسٽ هائوس جي مئنيجر زاهد ۽ سندس ساٿيءَ سامان ٽئڪسي ۾ رکرايو. مون سندن ٿورا مڃي کانئن موڪلايو.
اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ شھرکان 29 ڪلوميٽر پري آهي ۽ ڪافي سٺو ۽ وڏو ڪري ٺاهيو اٿن. نہ تہ اڳ جيڪو ايئرپورٽ هو، اهو ڪو ايڏو وڏو نہ هو. هي ايئرپورٽ ڏسي لڳي نہ ٿو تہ هڪ اهڙي ملڪ جو ايئرپورٽ آهي، جنھن جو عوام مھانگائي ۽ بنيادي سھولتون نہ هئڻ سبب ڏينھن رات پيو لوڙي. چين جي سھڪار سان ٺھيل هن انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي مستقل ۾ ’پاڪستان جو نئون گيٽ وي‘ چئي سگهجي ٿو، جيڪو چيني ڪمپني ’چائنا اسٽيٽ ڪنسٽرڪشن ڪارپوريشن‘ تعمير ڪيو. پھرين مئي 2018ع تي هن ايئرپورٽ جو افتتاح ٿيو ۽ 3 مئي تي سرڪاري طور تي اڏامن جي لاءِ کوليو ويو. ايئرپورٽ جي ڪل پکيڙ لڳ ڀڳ ٻہ لک مربع ميٽر آهي. مستقل ۾ هي ايئرپورٽ ’سي پيڪ‘ رٿا ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
ڇھين بجي ڌاري ايئرپورٽ پھچي وياسين. سامان لاهي ٽرالي ۾ رکيم، جنھن ۾ ڊرائيور بہ مدد ڪئي. ڪرايو 1890 روپيا ٻڌايائين کيس ٻہ هزار ڏنم ۽ ٽرالي ڌڪيندو اندر هلڻ لڳس، پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽون ڪڍي هٿ ۾ جهليم. انفارميشن بورڊ تي ڏنم تہ اسان واري فلائيٽ جي ’چيڪ ان‘ شروع ٿي چڪي هئي. اسان ٻيئي اندر گهڙندڙ قطار ۾ لڳي وياسين. اندر گهڙي ٽرالي ڌڪيندا، سڌو اچي چين ويندڙ فلائيٽ جي ڪائونٽر تي بيٺاسين، جتي هڪئي وقت ڪيترائي ڪائونٽر ڪم ڪري رهيا هئا. واري اچڻ تي ڪائونٽر واري ڇوڪريءَ کي پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽون ڏنم. مون واري پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ سان گڏ ايڪس سروس پاڪستان ليو ۽ اين او سي وارو ليٽر بہ ڏنم، پر ڪائونٽر تي ويٺل نياڻي سڳوريءَ ان کي ورائي بہ نہ ڏنو ۽ هڪدم ٻہ بورڊنگ ڪارڊ اسان جي حوالي ڪيائين. سامان جون ٻہ بئگون بہ اتي ئي جمع ٿيون. ياد آيم تہ جڏهن اندر گهڙياسين تہ اسان کان ٻنھي بيگن جا تالا کولي سامان چيڪ ڪيائون. اسان جي ٻنھي بيگن ۾ ڇھه ڇھه ڪلو مسالا بہ هئا، جيڪي وشال پنھنجي هوٽل جي لاءِ وٺي اچڻ جي لاءِ چيو هو. ايترا مسالا ڏسي همراھہ پڇيو، ”سر سڄو سال رهندا ڇا؟“ جنھن تي کلندي چيومانس ”في الحال تہ مھيني جي ويزا آهي. باقي پھچڻ کان پوءِ ڏسبو تہ ڪھڙو ٿو ارادو بيھي.“ چيائين ”اوڪي“ تہ اسان بہ سڀ سامان ٻيھر کڻي بيگن ۾ وڌو، جنھن جي سڄي ترتيب هيٺ مٿي ٿي ويئي.
بورڊنگ ڪارڊ وٺي ٽرالي ڌڪيندا اندر وڃڻ لڳاسين. ان مھل سوچيم هيڏي ڊوڙ ڊڪ ڪري ۽ پئسا خرچ ڪري اين او سي ۽ موڪل ورتم، سا ڄڻ اجائي ويئي. هتي تہ نياڻي سڳوريءَ اهو پنو رڳو اُٿلائي بہ نہ ڏٺو.
ڪراچي ايئرپورٽ تان جڏهن اسلام آباد لاءِ بورڊنگ ڪارڊ پي ورتم تہ ڪائونٽر تي ويٺل همراھہ کي چيم، جيڪو سنڌي هو، تہ اسان کي ڪا ونڊو سيٽ ڏي. ها چئي، ٿوري دير کان پوءِ چيائين نہ ونڊو سيٽ لاءِ اوهان کي پندرهن سئو ڏيڻا پوندا. ڇا؟ پُڇيم... ها سائين ها سائين... پندرهن سئو روپيا. حيرت تہ ٿي، پر چيم، ابا ڇڏ کڻي جيڪي کپئي سي سيٽون ڏي. پوءِ جڏهن سامان بوڪ ڪرايوسين تہ چيائين، ”سامان تہ وڌيڪ آهي.“ چيم، ”آهن تہ پورا چاليھه ڪلو.“ ڇاڪاڻ تہ مون حيدرآباد کان نڪرڻ مھل ٻئي بئگون تورايون هيون. ”پر هتي تہ وزن وڌيڪ پيو نظر اچي.“ چيائين، ”پوءِ ڇا ڪجي.“ چيم، ”پندرهن سؤ روپيا لڳندا.“ وراڻيائين- ”اهي تہ الاهي آهن.“ چيم، ”ڪجهہ تہ ڏيو ڀلا..“ چيائين تہ، سمجهي ويس تہ همراھہ مھذب نموني سان خرچي پيو گهري. ماٺڙي ڪري پنج سؤ ڪڍي کيس ڏنم ۽ باقي هلڪو ڦلڪو هٿ وارو سامان کڻي اڳتي وڌي وياسين.
اها ڳالھہ جڏهن وشال کي ٻڌايم تہ هن کلي ٻڌايو، ”ابو، 2018ع ۾ جڏهن آءٌ چين پي آيس تہ مون سان بہ ائين ٿيو، ڪائونٽر وارو سامان تي اَڙي ڪري بيھي رهيو ۽ خرچي گهريائين، چيائين اوهان 5 سئو يوان ڏيو. مون چيس تہ ٺيڪ مون وٽ آهن، تہ چيائين، اوهان ويٽنگ ۾ هلي ويھو، آءٌ اچان ٿو. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ هو آيو تہ مون وٽ جيڪي چار پنج ڏهين ڏهين وارا نوٽ هئا، سي ويڙهي سندس هٿ ۾ ڏنم ۽ هن بہ ڏسڻ کان سواءِ کڻي کيسي ۾ وڌا ۽ هليو ويو.“ جنھن تي مون کان ٽھڪ نڪري ويو. ”معنيٰ ڏاڍي ٿيس.“
سو اهي آهن اسان جي ڪراچي ايئرپورٽ وارن جا حال.
ٽرالي ڇڪي وري ٻئي ڪائونٽر تي پھتاسين، جتي پاسپورٽ ۽ بورڊنگ ڪارڊ ڏنوسين.
”اوهان چائنا ڇو پيا وڃون؟“ پاسپورٽ وٺندي همراھہ پڇيو، ”اُتي اسان جو پُٽ ٿو رهي. ان سان ملڻ.“ جواب ڏنم. هن هڪدم ٻنھي پاسپورٽن تي آئوٽ جو ٺپو هڻي، پاسپورٽ اسڪين ڪري اسان جي حوالي ڪيا ۽ اسان اڳتي وڌي وياسين. هاڻ آفيشلي طور تي اسان پاڪستان مان نڪري چڪا هئاسين.
اسان اچي گيٽ نمبر A-1 تي ويٺاسيون. جتي ٻيا بہ ڪافي ماڻھو ويٺا هئا. اتي ويھي مون شھزاد، منظر، پارس ۽ ڪجهہ دوستن کي فونون ڪيون ۽ پوءِ فون نسيم جي حوالي ڪيم ۽ آءٌ هي سٽون لکي رهيو آهيان.
[9- آڪٽوبر 2024ع نئننگ، چين]
چين، جنھن کي انگريزيءَ ۾ ’چائنا‘ ۽ چيني زبان ۾ ’چونگو‘ چيو وڃي ٿو، ان جي پکيڙ 9596961 مربع (3،700،000) ڪلوميٽر آهي، جنھن جي بنياد تي اهو ڪل زميني پکيڙ جي لحاظ کان دنيا جو ٽيون نمبر وڏو ملڪ آهي ۽ آبادي 2024ع جي تخميني موجب 278، 32،419،1 آهي. چين جو سرڪاري نالو ’عوامي جمھوريه چين‘ آهي. چين جا 23 صوبا ۽ پنج خودمختيار علائقا، چار ميونسپلٽيز ۽ ٻہ مخصوص علائقا هانگ ڪانگ ۽ مڪائو آهن. اهي خودمختيار علائقا چين جو اٽوٽ انگ آهن. هونئن چين جي حڪمراني ۾ ٻاويھه صوبا آهن. تائيوان کي هو پنھنجو ٽيويھون صوبو ٿو قرار ڏي، ۽ نقشي ۾ بہ شامل اٿس. پر في الحال تائيوان تي سندس اٿارٽي قائم ڪونھي. هو ڌار ملڪ طور وجود رکي ٿو. تبت ۽ سنڪيانگ ۾ عليحدگي پسند تحريڪن کان پوءِ مقامي اختيار محدود ڪيا ويا آهن. صوبن جي ماتحت شھر، ڪائونٽيز ڊسٽرڪٽ ۽ ٽائون پنھنجو ڪاروهنوار هلائين ٿيون. آئين موجب چين جون سڀ قوميتون برابر آهن ۽ ننڍين وڏين قوميتن جي عصبيت جي حوصلي شڪني ڪئي ويندي آهي. سڀني قوميتن کي پنھنجي زبان ۽ مقامي ڪاروهنوار ۾ خودمختياري ڏنل آهي. چين ۾ هن وقت 56 زبانون ڳالھايون وڃن ٿيون. چيني انھن مان سڀ کان وڏي زبان آهي. نہ رڳو اهو پر چيني دنيا جي سڀ کان وڏي زبان آهي. اڪثر چيني چوندا آهن تہ ’اسان جي چيني زبان دنيا جي سڀ کان وڏي زبان آهي، پر دنيا تي راڄ انگريزي پئي ڪري.‘
چين جو قومي ترانو، جنھن کي عام طور تي نيڪ ۽ بھادر فوج جي مارچ جو گيت [March of the Volunteers] چيو ويندو آهي. مشھور چيني شاعر ۽ ڊرامه نويس ’ٿيان هان‘ (Tain Han) لکيو هو. اهو ترانو ’رضاڪارن جو مارچ‘ پھريون ڀيرو شنگهائي ۾ 1934ع ۾ هڪ ٿئٽر جي دوران وڄايو ويو هو ۽ 2004ع‘ عوامي جمھوريه چين جي آئين جي فقري 136 ۾ ان تراني کي قومي ترانو تسليم ڪيو ويو. اهو ترانو عوامي جمھوريه چين، هانگ ڪانگ (1- جولاءِ 1997ع) ۽ مڪائو (20 ڊسمبر 1997ع) جو بہ قومي ترانو آهي.
ترجمي جي صورت ۾ هن ريت آهي:

اُٿو اُٿو
جيڪڏهن اوهان کي ڌارين جي غلاميءَ کان انڪار آهي،
پگهر جي پورهئيءَ مان جوڙيل جيڪڏهن نئين ديوار آهي،
اڄ چيني قوم تي سڀ کان وڏو آيل امتحان آهي،
ڄاڻي وٺو، اها هر ماڻھوءَ لاءِ آخري للڪار آهي.
اُٿو اُٿو
اُٿو.... اُٿو.... اُٿو.... اُٿو

چين دل آهي ۽ اسان آهيون ان جا اربين ذرڙا
سَھي وار سڀ دشمن جا هاڻ اڳتي وڌو،
سَھي وار سڀ دشمن جا هاڻ اڳتي وڌو.
وڌندا هلو، وڌنڌا هلو، وڌنڌا هلو.
China is Hearts and were the heart lings
Braving the enemy meleught, march on,
Braing the enemy one laaght march on
March on!
March on!
March on!

I told up
Those who refuse to be slaves, after all
With sweet and blood, pledge to make creat wall
Chonese poople face the greatest challenge,
Each one must let out a full- throted call
Stand up! Stand up! Stand up!
نئننگ، جنھن کي پنھنجي ساوڪَ ۽ وڻڪاري جي ڪري ’گرين سٽي‘ بہ چيو ويندو آهي. چين جي صوبي ’گوانگسي خودمختيار ريجن‘ جي گاڌيءَ جو هنڌ آهي.
وشال پڙهيو بہ هتي تہ شادي بہ هتي ڪيائين، هڪ ٻارڙيءَ مريم جو پيءَ بہ هتي ٿيو ۽ هتي ’ذائقہ پاڪستان اسٽائيل ريسٽورينٽ‘ کولي ڪاروبار شروع ڪيو اٿس. گوانچو مان جڏهن نئننگ پي آياسون تہ وشال چيو، ”ڀلي ڪھڙي بہ شھر ۾ رهان، پر مون کي نئننگ جي ڏاڍي سڪ ٿيندي آهي ۽ جلد اوڏانھن وڃڻ چاهيندو آهيان.“
کلندي چيومانس، ”مون دڙي ۾ پنجيتاليھه سال گذاريا آهن. حيدرآباد ۾ ٻہ هزار يارهن ۾ پاڻ آياسين. منھنجي دڙي لاءِ ڪيڏي سڪَ هوندي، اندازو اٿئي ۽ جڏهن بہ دڙي هلڻ جو ذڪر ڪندو آهيان تہ تو سميت سڀ گهر وارا چوندا آهن تہ دڙي ۾ ڇا رکيو آهي؟“
پر دڙو منھنجي لاءِ ايئن آهي، جيئن حبيب جالب چيو آهي:
اک حسین گاؤ ‏ں تھا کنار آب
کتنا شاداب تھا دریا آب
کیا عجیب بے نیاز بستی تھی
مفلسی میں بھی اک مستی تھی
کتنے دلدار تھے ہمارے دوست
وہ بے چارے وہ بے سہارے دوست۔
نئننگ پھچي وشال جي فليٽ تي پھتاسين. جيڪو ٽي ماڙ تي هو. وشال کي چيم ’چائنا پھچي هڪ ماڙ تہ گهٽيو‘. حيدرآباد ۾ اسان جو فليٽ چوٿين ماڙ تي آهي ۽ هتي وري ٽين ماڙ تي. هوڏانھن بہ لفٽ ڪونھي تہ هتي بہ لفٽ ڪونھي. لفٽ ڄڻ اسان سان ٺھي ئي ڪونہ.
وشال جو فليٽ خلاصو ۽ ٽن ڪمرن، رڌڻي، ٻن واش رومن ۽ لائونج تي مشتمل آهي. جنھن جو ڪرايو پندرهن سؤ يوان آهي. وشال ٻڌايو تہ هتي جيڪي گهر مسواڙ تي ملندا آهن. فرنيچر بہ گڏ ان ئي مسواڙ ۾. تنھنڪري سامان جي شفٽنگ کان بچيو وڃجي.
فليٽ تي پھچي وشال چيو تہ ٿڪل هوندؤ، سو آرام ڪري وٺو، ڇھين ڌاري تيار ٿي سڀ گڏجي دوست جي شادي تي هلنداسين.
ساڍي پنجين ڌاري وشال اُٿيو، مون کي تيار ٿيڻ لاءِ چيائين، ان دوران پاڻ بہ تيار ٿي ويو، کشين کي چيائين تہ اميءَ کي تون وٺي اچج، اسان بائيڪ تي وشال جي هوٽل تي پھتاسين، جيڪا پنجن منٽن جي پنڌ تي هئي. وشال ٻڌايو تہ ”فريڊم فيسٽيول“ جا ست ڏينھن هوٽل تي وڏي رش رهي هئي، سو ڇوڪرن چيو تہ اڄ موڪل ٿا ڪريون، تنھنڪري اڄ هوٽل سڄو وقت وقت بند رکي اٿئون. البت دوست عادي جي دعوت جي ماني جو اسان کي آرڊر مليل آهي، جيڪا ڇوڪرن تيار ڪري ڇڏي هوندي، اها پاڻ کڻي ٿا هلون. اسان هوٽل پھتاسين، جنھن جي اندر ڏاڍي خوبصورت آرائش ٿيل هئي. دروازي وٽ پاڪستان ۽ چين جي جهنڊي جون جهالرون لڳل هيون. فريڊم فيسٽيول جي مناسبت سان، ٻيئي شيف ڇوڪرا رضوان ۽ شھزاد اڳ ۾ ماني تيار ڪريو اوسيئڙي ۾ هئا. تيسين ابوذر اقبال ۽ عمران بہ اچي ويا. وشال، ابوذر اقبال سان منھنجي واقفيت ڪرائي، ابوذر سان جڏهن هو پاڪستان هو تہ هڪ ٻہ ڀيرا وشال جي حوالي سان فون تي ڳالھہ ٻولھہ ٿي هئي، عمران بہ هتي پڙهندو آهي ۽ پارٽ ٽائم طور ’ذائقہ‘ تي ڪم ڪندو آهي. وشال ٽئڪسي ڪرائي ۽ ان جي ڊگيءَ ۾ ماني رکرائي. هتي ٻن قسمن جون ٽئڪسيون هلن، هڪ ايپ تي گهرائبي آهي، جيئن هينئر وشال گهرائي، جن جو ڪرايو اٺن ڏهن يوانن تائين ٿئي يا ڪجهہ وڌيڪ- ٻيون ميٽر تي هلن، جن جو ميٽر ئي ٻارهن يوانن کان شروع ٿئي. اهي ٽئڪسي ڊرائيور وڏا حرامي هوندا آهن، هِتان هُتان ٽئڪسي ڦيرائي ميٽر هلائي مسافر کان وڌيڪ ڪرايو وٺن. وشال ٻڌايو تہ شروع ۾ ايپ وارين ٽئڪسين جي خبر نہ هئي، تنھنڪري اسان ميٽر وارين ٽئڪسين وارن هٿان ڏاڍو ڦرياسين.
ٽئڪسي مقرر هنڌ تي پھتي، ڏاڍو خوبصورت هنڌ هو، ان جي هڪ حصي ۾ عادي جي شاديءَ جو وليمو هو. اسان اندر هلندا هڪ هال وٽ پھتاسين. جنھن جي ٻاهران ڪافي نوجوان بيٺا هئا. ڪجهہ چيني ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي هٿن ۾ ٽري هئا، جن ۾ ٽافيون، سگريٽ ۽ ٻيون شيون رکيل هيون. جيڪي ايندڙ دعوتي کڻي رهيا هئا ۽ سگريٽ دکائي ڪَش هڻي رهيا هئا. هال جو چڪر هنيوسين، جنھن ۾ سٺ کن ماڻھن جي ويھن جي گنجائش هئي ۽ ماني بہ ايترن جي ٺھرائي وئي هئي. ٽيبلن تي جوسن، ڪولڊڊرنڪس سان گڏ وائين جون بوتلون بہ رکيل هيون. آءٌ هال مان ٻاهر نڪتس ۽ چيني ٽريڊيشنل لباس ۾ بيٺل ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي هٿن ۾ جهليل ٽرين مان هڪ ٽري مان هڪ سگريٽ کنيم ۽ ڇوڪري لائيٽر سان اهو دکايو، اڃا ٻہ ڦوڪون ئي مس ڀريم، تيسين وشال، کشين ۽ نسيم کي وٺي آيو. نسيم مون کي سگريٽ پيئندي ڏسي حيرت مان چيو تہ، ”آ تون بہ سگريٽ پيو پيئنءَ؟“ وشال بہ ڏٺو تہ کلندي سگريٽ منھنجي هٿ مان ورتو، جنھن تي مون کلندي چيو تہ، ”اڳ هيئن ٿيندو هو تہ مائٽ سدائين اولاد کي سگريٽ پيئڻ کان منع ڪندو هو، پر هتي اُبتي ڳالھہ ٿي آهي. اولاد پيو مائٽ کي سگريٽ پيئڻ کان روڪي تہ متان ابو کَري نہ وڃي.“ جنھن تي ڏاڍو کلياسين.
سڀ اچي اندر ويٺاسين. عاديءَ مون کي وٺي اچي پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ سان گڏ ويھاريو، پاڪستان مان خاص هن تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ عادي جو پيءُ، سندس ماءُ ۽ ڀيڻ آيا هئا. عادي جي پيءُ سان واقفيت ٿي، هو مظفر ڳڙھہ جي ڀرسان هڪ ڳوٺ جا رهندڙ هئا ۽ عادي جو پيءُ رٽائرڊ استاد هو. عادي جي امڙ ۽ ڀيڻ چُپ چُپ ويٺيون هيون، ٻھراڙيءَ جون هُيون. منھن تي مُرڪ بہ نہ هئُن. ايئن پي لڳو تہ هو ان شاديءَ ۾ خوش نہ هيون. ڳالھين دوران عادي جي پيءُ چيو تہ، ”هم اپني بچون ڪو يھان ايڪ ڪام ڪيلئي بھيجتي هين، يھان آڪر وه دوسرا ڪام ڪرتي هين.“ انھن لفظن ۾ هو وڏي ڳالھہ چئي ويو.
خبر پئي تہ جنھن ڇوڪريءَ سان عادي شادي ڪئي آهي، اها اڳ ۾ طلاقيل آهي، کيس ٻہ ڌيئرون آهن، جيڪي جوان آهن. عادي ڪوبہ ڪم نہ ٿو ڪري، بس سُتو پيو هوندو آهي ۽ مائي گهڻي پئسي واري آهي، ان جي خرچ تي هلندو آهي. بھرحال ٻيا بہ گهڻا احوال ٻُڌم. چين ۾ اها روايت آهي تہ ڇوڪرو جنھن ڇوڪريءَ سان شادي ڪندو آهي، ان ڇوڪريءَ جي ماءُ کي پئسا ڏيندو آهي، جيڪي پئسا ماءُ جو حق هوندو آهي.
ٿوري دير کان پوءِ عادي ۽ سندس ڪنوار شادي جي ڊريس ۾ مٿي اسٽيج تي آيا. پھرين عادي چيني ٻوليءَ ۾ هٻڪي هٻڪي ڪجهہ پڙهيو ۽ پوءِ عاديءَ جي ڪنوار ساڳيا لفظ چيا. ايئن ٻنھي جي شادي جو اعلان ٿي ويو. پوءِ سڀئي کائڻ پيئڻ ۾ شروع ٿي ويا. عادي بہ هٿ ۾ وسڪيءَ جو گلاس ۽ چپن ۾ سگريٽ دکائي زال سميت هڪ هڪ مھمان وٽ وڃي سندن ٿورا مڃڻ لڳو. اها اُتان جي رسم آهي. مھمانن ۾ ڪافي چيني بہ هئا، هو اسان جي ٽيبل تي بہ آيا. ٿوري دير کان پوءِ اسان اٿياسين، گهوٽ ڪنوار سان گڏ فوٽو ڪڍايوسين ۽ سڀني کان موڪلائي سڌو گهر هليا آياسين.
اهو آهي اسان جو چين ۾ گذاريل پھرين ڏينھن جو احوال.
[10 آڪٽوبر 2024ع
نئننگ- چين]
نيٺ آءٌ ڪامريڊ مائوزي تنگ جي ملڪ چين پھچي ويس. مائو جي هينئر چينين وٽ حيثيت اها آهي، جيڪا پاڻ وٽ جناح صاحب جي. بس ڪرنسي نوٽن تي کيس هر وقت پيا ڏسندا آهيون، باقي سوچيندا ئي نہ آهيون تہ جناح صاحب ڪير هو، سندس ڪم ۽ ڪارناما ڪھڙا هئا؟ ڪنھن دور ۾ تہ سنڌ جو قومپرست لڏو جناح کي عجيب و غريب لقبن سان ياد ڪندو هو.
مون کي اها تہ خبر ڪونھي تہ چيني مائوءَ کي اسان قومپرست سنڌين وانگر جناح کي ڏنل لقبن جھڙا ڪي لقب القاب ڏين ٿا يا نہ. البت مائو جي ثقافتي انقلاب کي مائو جي وڏي غلطي چيو وڃي ٿو. چيني هاڻ مائوءَ جي باري ۾ نيو ٽرل آهن. سندس بابت ڪنھن خاص راءِ جو اظھار نہ ٿا ڪن. مون کي تہ نٿو لڳي تہ ڪو چينين جي گهڻائي کي مائوءَ بابت ان کان وڌيڪ خبر بہ هوندي تہ هو ڪرنسي نوٽن تي ڇپيل آهي ۽ چيني انقلاب جو باني آهي. چيني معاشرو غير سياسي معاشرو آهي. تنھنڪري هو سياست ۽ سياسي معاملن جي باري ۾ يا تہ صفا سوچين ئي نہ ٿا يا صفا گهٽ ٿا ان پاسي ڌيان ڏين.
نئنگ شھر، جتي وشال رهي ٿو ۽ آءٌ ويٺو هي سٽون لکي رهيو آهيان. اهو چين جي ڏکڻ ۾ گوانگسي صوبي جو شھر آهي. گوانگسي خودمختيار ريجن آهي. هتان کان ويٽنام ويجهو آهي ۽ تائيوان بہ هن ئي پاسي، چيني سرحد کان سمنڊ ۾ سؤ ميل کن اندر هڪ ٻيٽ آهي، جنھن کي چين پنھنجو حصو ٿو قرار ڏي. 1949ع ۾ جڏهن انقلاب ڪامياب ٿيو ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي مائو جي اڳواڻيءَ ۾ حڪومت قائم ٿي تہ شڪست کاڌل ڪومنتانگ سرڪار جي اڳواڻ چيانگ ڪائي شيڪ ڀڄي وڃي تائيوان ۾ حڪومت قائم ڪئي ۽ آمريڪا جي مدد سان تائيوان کي ڌار حيثيت ڏني. چيانگ ڪائي شيڪ تہ 1975ع ۾ مرڻ تائين تائيوان جو صدر رهيو، پر تائيوان اڃا تائين هانگ ڪانگ ۽ مڪائو وانگر چين جو حصو بنجي نہ سگهيو آهي. چين جي ڪوشش آهي تہ 2040ع تائين تائيوان چين جو حصو بنجي وڃي، پر في الحال اهڙا آثار گهٽ ٿا نظر اچن، جو جيستائين آمريڪا جي تائيوان کي سپورٽ آهي، تيستائين اهو مسئلو، ڪشمير جي مسئلي وانگر حل ٿيندي نظر نہ ٿو اچي. البت جنھن ڏينھن آمريڪا تائيوان مان هٿ ڪڍيا تہ پوءِ تائيوان پاڻ کي ڌار حيثيت سان برقرار رکي نہ سگهندو.
ٽم مارشل پنھنجي ڪتاب ’جاگرافي جا قيدي‘ ۾ تائيوان بابت هنن خيالن جو اظھار ڪيو آهي:
تائيوان جو سرڪاري نالو جمھوريه چين (ROC) ’ريپبلڪ آف چائنا‘ آهي. جيڪو کيس ’عوامي جمھوريه چين کان ڌار ڪري ٿو. جيتوڻيڪ ٻيئي ڌريون ٻنھي علائقن تي اختيار رکڻ جو عقيدو رکن ٿيون. هي اهو نالو آهي، جنھن سان بيجنگ گڏ رهي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ تہ اهو نہ ٿو ٻڌائي تہ تائيوان هڪ ڌار رياست آهي. آمريڪي 1979ع جي ’تائيوان لاڳاپن واري قانون‘ تحت چيني والار خلاف تائيوان جو دفاع ڪرڻ لاءِ مخلص آهن. ان هوندي بہ جي تائيوان چين کان مڪمل آزادي جو اعلان ٿو ڪري تہ آمريڪا ان جو بچاءُ ڪرڻ لاءِ اچڻ جو پابند ڪونھي. ڇاڪاڻ تہ اهڙو اعلان چڙ ڏياريندڙ هوندو ۽ چين ان کي جنگي قدم چوندو.
ٻيئي حڪومتون برابري سان پنھنجو پاڻ کي تسليم ڪرائڻ ۽ دنيا جي هر ملڪ ٻي جي سڃاڻپ نہ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪن ٿيون. اڪثر حالتن ۾ بيجنگ کٽي وڃي ٿو. جڏهن اوهان هڪ ارب چاليھه ڪروڙ ماڻھن جي اهم مارڪيٽ ٻہ ڪروڙ ٽيويھه لک ماڻھن جي ڀيٽ ۾ آڇيو ٿا تہ گهڻا ملڪ سوچڻ ۾ دير ئي نہ ٿا ڪن. تنھن هوندي بہ ٻاويھن ملڪ (جن ۾ اڪثر ترقي پذير آهن: جھڙوڪ: سواري لينڊ، برڪنا فاسو، سائو نوم جا ٻيٽ ۽ پرنسپ شامل آهن). اهڙا آهن جن تائيوان کي ڌار ملڪ طور تسليم ڪيو آهي ۽ (تائيوان ياون) انھن کي گهڻو نوازيو ويو آهي. (ص-80)“
*
سوير ڇھين بجي ڌاري جاڳ ٿي، ٻاهر نڪري اچي صوفي تي ويٺو آهيان... اڃا ڌُنڌلڪو آهي. پاڪستان ۾ هينئر رات جا ٽي ٿيا هوندا ۽ هتي چين ۾ صبح جا ڇھه. چين جو وقت پاڪستان کان ٽي ڪلاڪ اڳيان آهي.پر ڏسجي تہ چين پاڪستان کان ٽي صديون اڳتي آهي. پراچين دور ۾ بہ چيني تھذيب ٻين تھذيبن کان گهڻو اڳتي هئي، چيني واپاري عربستان تائين وڃي واپار وڙو ڪندا هئا.
پاڻ سڳورن جي حديث آهي تہ، ’اطلبو العلم ولو کان بالسين [علم حاصل ڪريو، پوءِ ڀلي چين وڃڻو ڇو نہ پوي]. جيتوڻيڪ ڪن ماڻھن جو خيال آهي تہ اها حديث غلط ۽ وضعي آهي، پر ڇو؟ ڇاڪاڻ تہ ان ۾ چين جو لفظ آهي ۽ جنھن کي ٻُڌي هروڀرو گهڻن ماڻھن جو سُک ۽ چين ختم ٿيو وڃي.
مولانا ڪوثر نيازي جي لفظن ۾ ”ان ارشاد جي روشنيءَ ۾ خود منھنجي سوچ موجب جيڪڏهن ان جو مطلب ديني علم ورتا وڃن تہ ان جو مرڪز تہ ”مدينة الرسول“ هو. تنھنڪري ٻاهروڃڻ جي ڪھڙي ضرورت هئي. البت سائنسي علمن جي حوالي سان چين ان زماني ۾ منفرد ۽ ممتاز هو. چقمق اُتي ايجاد ٿي چڪي هئي، جهنگلي ٻوٽن جي تندن مان ڪاغذ ٺاهيو ويو هو،پريس جي ايجاد سان ڪتاب ڇپجڻ شروع ٿي ويا هئا. ريشم جي ڪيڙن پالڻ جو رواج بہ پئجي چڪو هو. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ چيني رهاڪو انھن ايجادن کي ترقي وٺرائي نہ سگهيا. پر ان حقيقت کان انڪار ڪونھي تہ انھن ايجادن جو سھرو چينين تي آهي. مغرب جي رهاڪن چينين کان گهڻو ڪجهہ سکيو ۽ انھن جي ايجادن کي ترقي ڏيئي اها شڪل ڏني، جيڪا اسان جي سامھون آهي. چينين جو ڪمال اهو آهي تہ انھن نہ رڳو انھن ايجادن کي معراج تي رسايو، جن ۾ لڳاتار محنت، استقلال ۽ دستڪارانہ مھارت جي گهرج هئي، پر اڄ تہ اها ٽين زبردست سگهہ بنجي سامھون آئي آهي، ان حوالي سان حديث رسول جو حوالو اڃا بہ ٻي واکاڻ جوڳي معنيٰ ۾ وٺي سگهجي ٿو.“ (مولانا ڪوثر نيازي- سفر شرط هي، جنگ پبلشرز 1997ع ص، 35-34).
چيني تھذيب جو ٻين تھذيبن جي ڀيٽ ۾ گهڻين خاصيتن جي ڪري هڪ ڌار مقام رهيو آهي. ان تھذيب ڪيترائي لاها چاڙها ڏٺا، پوءِ بہ پنھنجي انفراديت کي برقرار رکيو. ’شانگ خاندان‘ جيڪا رسم الخط پھريون ڀيرو ايجاد ڪئي، اها ئي رسم الخط اڄ سوڌي هلندي پئي اچي. ان تھذيب جي ٻين همعصر تھذيبن ۾ مصر ۽ ميسو پوٽاميه هيون، جن جي رسم الخط پنھنجي اصلي حالتن ۾ نہ ٿي ملي ۽ نہ ئي وري اهي تھذيبون پنھنجي اصليت برقرار رکي سگهيون. چيني تھذيب ۾ بادشاھہ جي سامھون بيھڻ جي لاءِ درٻارين کي آداب سيکاريا ويندا هئا. ان تھذيب جا ماڻھو پاڻ کي برتر سمجهندا هئا. تنھنڪري انھن نہ ڪنھن ٻي تھذيب مان اخذ ڪيو ۽ نہ انھن کان سکيو. هتي نيون ايجادون بہ پنھنجون گهُرجون پوريون ڪرڻ جي لاءِ ڪيون وينديون هيون ۽ انھن جو استعمال فقط پنھنجي علائقي جي حد تائين ڪيو ويندو هو. اهي ماڻھو پنھنجي تھذيب کي پڪو ۽ ترقي يافتہ سمجهندا هئا.
چين ۾ جيڪڏهن گهرو لڙايون شروع ٿينديون هُيون تہ انھن کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا ويندا هئا. حملو ڪندڙن جي حملن کي روڪڻ لاءِ کين کاڌ خوراڪ مھيا ڪئي ويندي هئي تہ جيئن حملو ڪندڙ ذهني ۽ جسماني اطمينان حاصل ڪري سگهن. يا وري کين رشوت ڏني ويندي هئي. حملي آور قبيلن جي سردارن جون شاديون چيني شھزادين سان ڪرايون وينديون هيون تہ جيئن امن قائم ڪري سگهجي. پر پوءِ بہ جيڪڏهن حملي آوار نہ مُڙندا هئا تہ ٻن ’باربيرين ‘جي وچ ۾ لڙائي ڪرائي ويندي هئي. جڏهن يورپي قومن چين جو رخ ڪيو تہ چينين يورپين ۽ فرانسيسن کي پاڻ ۾ ويڙهائي ڇڏيو. چين ۾ جڏهن انقلابي حڪومت آئي تہ چين ٻن مخالف قوتن (باربيريز) روس ۽ آمريڪا کي پاڻ ۾ ويڙهائي پنھنجو تحفظ برقرار رکيو. چين نہ ڪنھن ملڪ تي حملو ڪيو ۽ نہ وري ڪنھن ملڪ تي غاصباڻو قبضو ڪري ڪالوني بنايو. ان حد تائين جو جيڪڏهن ٻين ملڪن جي حڪمرانن جا ماڻھو هتان جي بادشاهن ۽ حڪمرانن لاءِ تحفا آڻيندا هئا تہ اهي گهٽ سمجهي واپس ڪيا ويندا هئا.
يورپي لوڪَ جڏهن واپار وڙي لاءِ آيا تہ چينين يورپين جو حدون مقرر ڪيو ۽ پنھنجي عوام کي حڪم جاري ڪيا تہ مقامي ماڻھو نہ تہ ٻين ملڪن جون زبانون سکن ۽ نہ وري ٻين کي سيکارين ۽ نہ وري ٻين قومن جون عادتون ۽ ريتون رسمون پنھنجي تھذيب جو حصو بنائين، جڏهن يورپي قومن چين ۾ هڪ سفارتخانو کولڻ جي موڪل گهري تہ چيني بادشاهن صفا منع ڪري ڇڏي. پنھنجن انھن قدمن جي ڪري چيني تھذيب دنيا ۾ بلڪل اڪيلي رهجي ويئي. چين جي پنھنجي انا ئي کيس دنيا کان ڌار ڪري ڇڏيو، جنھن جو اثر اهو ٿيو تہ جڏهن يورپي لوڪَ فوج سان گڏ چين آيا تہ هِتان جي درٻارين اڳيان انھن جو مرتبو مٿانھون هوندو هو. جنھن ڳالھہ جو چينين کي شديد احساس ٿيو. جڏهن چينين پنھنجن بندرگاهن کي يورپين جي حوالي ڪيو تہ يورپين مٿن ٿاڦجڻ ٿيڻ شروع ڪيو ۽ چينين تي حملا ڪري کين پنھنجو مطيع بنائي ورتو ۽ قديم تھذيب شڪست کائي دم ٽوڙي ويئي.
چيني تھذيب مان ٻين ملڪن تہ گهڻو ئي سکيو، پر خود چين ان مان سبق حاصل نہ ڪيو، جڏهن 1911ع ۾ چين ۾ بادشاهت جو خاتمو ٿيو ۽ ’ڊاڪٽر سن يات سين‘ جي اڳواڻيءَ ۾ عوامي حڪومت قائم ٿي تہ ان حڪومت قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي گهڻيون ئي سياسي ۽ سماجي تبديليون ڪيون. چين ۽ جاپان جي وچ ۾ جنگيون بہ ٿيون. جڏهن قومپرست (ڪو منتانگ) ۽ ڪميونسٽن جي وچ ۾ جنگ ٿي تہ ڪميونسٽ پارٽيءَ مائوزيتنگ جي سربراهيءَ ۾ عوامي جمھوريه جو بنياد رکيو ۽ ائين زواليل چيني تھذيب ماضيءَ مان سبق سکندي ترقي جي راھہ تي اڳتي وڌي ۽ ان جي جديد شڪل اڄ ڏسي سگهجي ٿي.
*
يارهين بجي ڌاري وشال سان گڏجي وشال جي ’ذائقہ پاڪستاني اسٽائيل ريسٽورنٽ‘ تي وڃي بيدي، پراٺي ۽ چانھه سان ناشتو ڪيوسين، ڳچ دير اتي ويٺو رهيس ۽ پوءِ ٻاهر نڪري ڊگهو چڪر هڻي آيس، موٽي آيس تہ وشال چيو ”ابو وڃائجي نہ وڃين.“ جنھن تي وڏو ٽھڪ ڏيندي چيم، ”پوءِ پيو ڳولھج“، جنھن تي وري گڏجي ٽھڪ ڏنوسين.
ٿوري دير کان پوءِ وشال چيو تہ ابو هل تہ ’والمٽ مال‘ جو چڪر بہ هڻي اچون، کير ۽ ٻيو سامان بہ وٺي اچون.
ٻاهر نڪري وشال بائيڪ اسٽارٽ ڪئي ۽ آءٌ سندس پويان ٿي ويٺس. وشال جي اها بائيڪ بيٽريءَ تي آهي. هتي ٻن قسمن جون گاڏيون هلن ٿيون. هڪڙيون بيٽري تي، ٻيون پئٽرول تي، بئٽري تي هلندڙ گاڏين جي نمبر پليٽ سائي ۽ پئٽرول تي هلندڙن جي نمبر پليٽ بليو رنگ جي آهي. اسان جي بائيڪ رستن تان ٿيندي ’والمٽ مال‘ ڏانھن هلڻ لڳي. هتي گاڏين جي رفتار مقرر آهي. ان موجب ئي هلائڻيون پون ٿيون. ان کان ٿوري بہ تيز ٿي تہ فائين لڳي ويندو ۽ فائين پاڻمرادو اوهان جي ’وي چيٽ‘ اڪائونٽ مان ڪٽجي ويندو. جن کي لائسنس ڏيندا آهن. انھن کي ٻارهن پوائنٽون مليل هونديون آهن. جي مقرر رفتار کان تيز هلائي ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي تہ هڪدم ڇھه پوائنٽون ڪٽجيو وڃن ۽ وري جي ٻيو ڀيرو قانون جي ڀڃڪڙي ٿي تہ باقي ڇھه پوائنٽون بہ ڪٽجي وينديون، پوءِ نہ رڳو فائين پوندو، پر ليسن بہ رد ۽ همراھہ گاڏي هلائڻ کان ويو. پر هِتان جي همراهن ان جو بہ حل ڪڍي ورتو آهي. جي پھريون ڇھه پوائنٽون ڪٽجي وڃن ٿيون، تہ هو پنھنجي ڪنھن دوست کي ڪجهہ پئسا ڏيئي، ان کان ڇھه پوائنٽون خريد ڪندا آهن، پر ان لاءِ بہ پوليس جو تعاون ضروري آهي ۽ اهي پوليس وارا وري لڪ ڇُپ ۾ ’ڏنو پٽ ڇٽي جو‘ تي هلن ٿا. وشال ٻڌايو تہ سندس زال تيز رفتار گاڏي هلائي تہ سندس ڇھه پوائنٽون ڪٽجي ويون، سو اچي پريشان ٿي، نيٺ پنھنجي هڪ دوست کان ڇھه پوائنٽون ڪجهہ ڏوڪڙن جي عيوض خريد ڪري، پنھنجون ٻارهن پوائنٽون مڪمل ڪيائين. ان عيوض پوليس کانئس لڪ ڇپ ۾ ٻہ سئو آر ايم بي ورتا. معنيٰ چين ۾ بہ اهڙا صدورا پوليس وارا آهن، پر سڀ ڪم لڪ ڇپ ۽ رازداري ۾، جي ڳالھہ ڦاٽي پئي تہ وٺندڙ جو سرئي ويو.
اسان مختلف رستن تان ٿيندا نيٺ ’والمٽ مال‘ اچي پھتاسين. رستا صاف سٿرا هئا ۽ رستن جي ٻنھي پاسن وڻ لڳل هئا ۽ ننڍا ننڍا پارڪ جام هئا، جنھن سبب رستن جي خوبصورتيءَ ۾ اضافو ٿي رهيو هو. بائيڪ بيھاري اسان ٻئي اليڪٽرڪ ڏاڪڻ تي چڙهي هيٺ لٿاسين. هت تہ وڏو جھان هو. وشال هڪ دڪان ڏانھن اشارو ڪري ٻڌايو تہ هتي ٻليون وڪامن ٿيون، مون چيس تہ پوءِ ڏسون، دڪان ۾ گهڙياسين تہ ننڍيون توڙي وڏيون ٻليون نھايت صاف سُٿريون، شيشي جي شوڪيس ۾ ويٺيون هيون ۽ انھن جي ٻاهران انھن جي قيمت بہ لکيل هئي. خير اسان کي تہ ڪا ٻلي يا ٻلو وٺڻون نہ هو، سو سرسري طور ڏسي ٻاهر نڪري آياسين ۽ ٿورو اڳتي وڌي هڪ دڪان ۾ گهڙياسين. دڪان ڇا هو، بس سپر مارڪيٽ هئي، هر شئي موجود هئي، وشال ٽرالي کنئي ۽ گهربل سامان اُن ۾ وڌو. مون ڏٺو تہ هڪ هنڌ شرابن طھورا نھايت خوبصورت بوتلن ۽ پيڪنگ ۾ سجايو رکيو هو. خبر هوندي بہ وشال کان پڇيم، ”وشو هي ڇا آهي؟“ شراب آهي، جواب ڏنائين تہ چيومانس يار منھنجو هتي هڪ فوٽو ڪڍ تہ يارن کي موڪليان ۽ سندن گِگَ ڳاڙهيان، جنھن تي کلندي وشال منھنجو فوٽو ڪڍيو ۽ اسان ورتل سامان جي ادائيگي ڪري مال مان ٻاهر نڪري آياسين ۽ بائيڪ تي چڙهي ڪچھري ڪندا واپس اچي پنھنجي ماڳ پھتاسين.
شام جو وري وشال، نسيم، کشين ۽ سندس وڏي ڀيڻ وانگ ين ڇنگ سڀ گڏجي ڇائو يانگ اسڪوائر وياسين. ڇائو يانگ اسڪوائر نئننگ جو مرڪزي هنڌ آهي، جتي اڪثر ماڻھو تفريح لاءِ ايندا آهن. فيصلو ڪيوسين تہ سب وي ۾ هلجي، جنھن جي اسٽيشن وشال واري رهائش کان مُنو ميل کن پري هئي. اسان چارئي ڄڻا پنڌ ئي پنڌ سب وي اسٽيشن پھتاسين، جيڪا زمين جي هيٺ سمجهو تہ ٽه ماڙ هئي. ان جو پنج لائينون هيون سب وي چين ۾ نھايت سستو ۽ تيز رفتار سفر جو ذريعو آهي. ٽڪيٽ وٺي اليڪٽرڪ ڏاڪڻين تان هيٺ لھي، ٻيو نمبر لائين تي پھتاسين تہ اسان جي اڳيان ويندڙ هڪ چيني جهوني چيو تہ ’اوهان سڀ خوبصورت آهيو.‘ اڳتي وڃي وري هن ٻي چينيءَ کي چيو ’تون خوبصورت آهين.‘ جنھن جو ترجمو ڪري وشال ٻڌايو. اسان اچي کلياسين تہ صفا ڪو چريو آهي. جو هر ڪنھن کي چوندو وتي تہ تون سھڻو آهين. لائين نمبر 2 جي گيٽ وٽ بيٺاسين، ٿوري دير ۾ سب وي اچي ويئي لھڻ وارا لٿا ۽ اسان چڙهياسين، اسٽيشن توڙي سب وي سڀ اي. سي هئڻ سبب ماحول پُرسڪون هو. اسان مان هر ڪنھن سيٽون سنڀاليون ۽ سب وي رواني ٿي اتي مريم جي کل کل جاري هئي. وڏي شرارتي آهي. اڄ ٻيو ڏينھن آهي، پر اڃا تائين اسان ڏانھن نہ ٿي اچي. سب وي توڙي هر هنڌ ماڻھن جو منھن موبائيل ۾، ويندا پيا تڏهن بہ اک موبائيل ۾، مون سمجهيو تہ اهو مرض رڳو اسان وٽ آهي، پر هتي تہ ڳالھہ ئي ٻي آهي. موبائيل ۾ منھن هئڻ سبب آسپاس ڪا سڌ ئي ڪانہ هُين. البت پاڻ وٽ ائين موبائيل ڪڍي رستي ويندي ڏسندا وڃون تہ اوچتو يا تہ ڪو ڦورو اچي يا وري موٽرسائيڪل وارا ڇورا جهپو هنيو هٿ مان اُڏايو وڃن، پر هتي اهڙو ڪو خطرو ڪونھي.
چين ۾ سب وي جي شروعات 1969ع ۾ بيجنگ کان ٿي. هاڻ تہ هر شھر ۾ انڊر گرائونڊ سب ويز جو ڄار وڇايل آهي. يعني زمين جي هيٺان هڪ نئون جھان.
اسان ٻن ٽن اسٽيشن گذرڻ کان پوءِ ’ڇائويانگ اسڪوائر‘ اسٽيشن تي لٿاسين. ٽڪيٽون ٽچ ڪري اليڪٽرڪ ڏاڪڻين جي ذريعي مٿي چڙهي آياسين، ڇائويانگ اسڪوائر جي روشنين اسان جو استقبال ڪيو. اتي وڏا وڏا مال ۽ هر شئي جون مارڪيٽون آهن. سڀني جا سائين بورڊ چينيءَ ۾ هئا، البت ڪٿي ڪٿي گڏ انگريزي ۾ بہ لکيل هئا. اسان اتي وڙڪڻ ۽ فوٽو گرافي شروع ڪئي. هڪ هنڌ کشين اسان کي بيھڻ جو اشارو ڪيو. اسان اتي پيل بئنچن تي ويٺاسين ۽ تيسين کشين ۽ سندس ڀيڻ ليمن جوس جا وڏا وڏا گلاس وٺي آيون. گڏوگڏ مريم لاءِ آئسڪريم، جوس، پيئڻ لاءِ اسٽڪ کوليسين تہ ان جي هڪ پني اسان کان هيٺ ڪري پئي، جيڪا اڏي پريان هلي ويئي، ٿوري دير ۾ ئي هڪ صفائي ڪندڙ مائي آئي ۽ اسان کي عجيب نظرن سان ڏسي اها ٻھاري هلي ويئي. صفائي جو هر هنڌ ايڏو تہ بندوبست جو ڪٿي بہ هڪ پنو بہ نظر نہ ٿو اچي ۽ روڊ رستا ائين پيا چمڪن ڄڻ انھن جي مٿان مک پئي ترڪي. صفائي ڪندڙ عملو هر وقت ڦڙت نظر ٿو اچي، ڪٿي ڪو ڪاڳر يا ڪا ٻي شئي پيل ڏسي ٿو تہ هڪدم صاف ڪريو ڇڏي.
جوس پي ۽ آئسڪريم کائي، اسان اڳتي وڌياسين تہ سامھون روڊ تي ڊگهي قطار نظر آئي، چينين جي ويٺل. هنن جي اڳيان ننڍن ننڍن پڃرن ۾ مختلف نسلن جا ڪتا، ٻلا، ڪئا، طوطا ۽ جهرڪيون وغيرہ رکيون هيون، جيڪي سڀ وڪري لاءِ هيون. چيني جانورن، خاص ڪري ڪتن ۽ ٻلين پالڻ جا شوقين آهن. ڪئا بہ سانڍين ٿا، ڪئا بہ پاڻ وارن ڪوئن کان ٿورا مختلف هئا اڇي رنگ جا. سڀني جي اڳيان قيمتن جي چٽڪي لڳل هئي. انھن وڪرو ڪندڙ همراهن ۾ مايون، نوجوان ۽ پوڙها بہ هئا، پر منھن سڀني جو موبائيلن ۾. نہ هوڪو نہ ريڙھہ پيڙھہ، نہ گوڙ نہ گهمسان. مريم جو اهي ڏٺا تہ ماڻھنس جي ڪڇ مان لھي، انھن کي ڏسندي هلڻ لڳي ۽ اسان بہ کلندا سندس پويان پويان هلڻ لڳاسين. ائين هلندا اچي ٻي مارڪيٽ ۾ پھتاسين، جتي هر قسم جي شين خاص ڪپڙن، بوٽن ۽ سون جا دڪان هئا. ان مارڪيٽ ۾ ٽريفڪ جي اچڻ جي بندش هئي. دڪانن جي ٻاهران نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هٿن ۾ ڊسڪائونٽ وارا بينر جهلي گراهڪن کي متوجھہ ڪري رهيا هئا. سڄي مارڪيٽ ۾ هر دڪان جي اڳيان چيني جهنڊو لڳل هو. چين ۾ پھرين آڪٽوبر کان وٺي ستين آڪٽوبر تائين ’آزادي جو هفتو‘ ملھايو ويندو آهي. اهي ست ئي ڏينھن عام موڪل هوندي آهي. اهو ڄڻ سندن قومي عيد جو هفتو هوندو آهي، جيڪو چيني ڀرپور نموني ملھائيندا ۽ انجواءِ ڪندا آهن. گهرن ۽ دڪانن کي سينگاريندا آهن. قومي جهنڊا جهولائيندا آهن. ائين ڪنھن بہ چيني اڳواڻ جي تصوير يا ڪو پينافليڪس لڳل نہ آيو. جيئن پاڻ وٽ اهڙن موقعن تي حشر هوندو آهي. اسان اتي ڪافي دير هلندا رهياسين، پوءِ هڪ شوز هائوس ۾ گهڙياسين. جتي سيل لڳل هئي، کشين، نسيم کي ٻہ نرم سينڊل وٺي ڏنا. وشال مون کي بہ ڪو بوٽ وٺڻ جي لاءِ چيو، پر مون نہ ورتو ۽ چيومانس هڪ بوٽ ۽ سئنڊل پاڪستان مان کڻي آيو آهيان، ٻيو بوٽ تو اچڻ شرط مون کي ڏنو آهي، سو هيترن بوٽن کي ڇا ڪندس. سندس ڪافي زور ڀرڻ جي باوجود بہ مون نہ ورتو.
زيور هر عورت جي ڪمزوري هوندا آهن. سو بوٽن جي دڪان تان لھي مايون پاسي ۾ سون جي دڪان تي چڙهيون ۽ چوڙيون، جهومر، جهومڪ وغيرہ ڏسڻ لڳيون. وشال وري ڇا ڪيو جو ڪارن سھڻن ياقوتي بلورن وارو هڪ چوڙو وٺي منھنجي ٻانھن ۾ وڌو، چيائين تہ ابو هي پٿرلڪي آهي. مون چيومانس ’مون کي پٿرن ۾ لڪَ ٻڪَ تي اعتبار ڪونھي.‘ پر بھرحال کيس خوش ڪرڻ لاءِ ٻانھن ۾ وڌم.
اسان کي اتي گهمندي رات جا ٻارهن ٿي چڪا هئا، هاڻ دڪان بہ بند ٿيڻ شروع ٿيا. چين ۾ رات جو ٻارهين بجي سب ڪاروبار ۽ مارڪيٽون بند ٿيڻ شروع ٿي وينديون آهن. سب وي بہ ٻارهين بجي بند ٿي ويندي آهي، سو اسان بہ ٽئڪسيون ڪري گهر پھتاسين. هڪ ۾ آءٌ، وشال ۽ ماڻھنس ۽ ٻي ۾ کشين ۽ ڀيڻس. وشال تہ مريم کي کڻي اسان سان گڏ پويان ويٺو، کيس اڳيان ويھڻ لاءِ چيم تہ چيائين هتي چين ۾ ننڍي ٻار کي کڻي اڳينءَ سيٽ تي ويھڻ جي پابندي آهي ۽ ساڳئي نموني ٽئڪسي ۾ ڊرائيور کان سواءِ باقي ٽي ماڻھو ئي ويھي سگهن ٿا. جي هجي ها پاڪستان تہ اسان پنجئي هڪئي ٽئڪسي ۾ سوڙها سنگهڙا ٿي ويھون ها، پر هي تہ سائين چين آهي، جتي هر ننڍي توڙي وڏي ڳالھہ ۾ قانون جي پاسداري ڪرڻي ٿي پوي، جي ڀڃڪڙي ٿي تہ ڏنڊ ۽ ٻي سزا. البت ذاتي گاڏيءَ ۾ چئن ڄڻن جي ويھڻ جي اجازت آهي.
[11- آڪٽوبر-2024ع]
جاڳ ٿي، پر سڄي جسم ۽ ٻانھن ۾ سور ۽ سخت ٿڪاوٽ جو احساس ٿيو، جنھن ڪري ٻاهر صوفي تي اچي ليٽي پيس. پيٽ بہ ڀريل لڳو. اصل ۾ جڏهن کان هتي آيا آهيون تہ وشال کارائڻ سان حد ڪري ڇڏي آهي. مختلف قسم جا فروٽ، قسمين قسمين جوس، اکروٽ، بسڪوٽ، روٽيون. چيومانس پشو هيترو سارو ڪير کائيندو تہ چيائين ”ابو اوهان ٻيئي پنھنجي حالت تہ ڏسو، صفا ڪمزور ٿي ويا آهيو.“ جنھن تي کلي پيس. سو انھن مان چڱو چَٻڙاٽو ڪرڻ سبب پيٽ صفا ڀرجيو وڃي، معدي جي اڳ ۾ ئي ٿوري گهڻي تڪليف اٿم. سو صفا وٺجي ويو آهيان. ٻيو تہ ڪالھہ ڇائويانگ اسڪوائر تي هل هلان بہ گهڻي ڪئيسين، سو ٽنگن ۾ سور پيو محسوس ٿئي. تنھنڪري اڄ سڄو ڏينھن نہ بک محسوس ٿي، نہ وري ڪجهہ کاڌم. ٻارهين بجي وشال ۽ آءٌ گڏجي هوٽل تي وياسين تہ ڇوڪرن پھرين اچي گرم پاڻيءَ جو گلاس اڳيان رکيو، جيڪو پيتم. چين ۾ ماڻھو ٿڌو پاڻي نہ پيئندا آهن. يا تہ گرم پيئندا يا وري نارمل. سندن چواڻي تہ ٿڌو پاڻي ماڻھوءَ کي سست ۽ بيمار ٿو ڪري، گرم پاڻي پيئڻ سان نہ رڳو چرٻي ڳري ٿي وڃي، پر ماڻھو ڦڙت بہ ٿو رهي. سندن اها ڳالھہ درست بہ آهي. جو مون هتي اڃا تائين ڪنھن بہ چينيءَ جا پيٽ وڌيل نہ ڏٺا آهن. ماڻھو وهنجن بہ گرم پاڻيءَ سان. هر گهر ۾ گرم پاڻي جي لائين لڳل آهي، جتان هر وقت گرم پاڻي ايندو آهي. ڪالھہ آءٌ گرم پاڻي سان وهنتس ۽ اڄ بہ گرم پاڻي سان وهنتس، جنھن سبب ڪنھن حد تائين ٿڪاوٽ دور ٿي ويئي.
انقلاب کان پوءِ مائوزيتنگ چين جي هيلٿ جي ماهرن جي گڏجاڻي سڏائي ۽ کين چيو تہ چيني ماڻھن جي صحت بھتر بنائڻ ۽ بيمارين جي خاتمي لاءِ ڪو پلان جوڙيو. ماهرن وڏي محنت ڪري اربين ڊالرن جو هڪ پروگرام جوڙيو. ان وقت چين وٽ پئسو ڪونہ هو، ۽ نہ وري ٻاهريان ملڪ چين جي انقلابي حڪومت جي مدد ڪرڻ لاءِ قرض ڏيڻ جي لاءِ تيار هئا. سو مائوزيتنگ ، ماهرن کان پُڇيو تہ بيمارين جو بنيادي سبب ڪھڙو آهي. ماهرن جواب ڏنو، پاڻي...اهو صاف نہ هئڻ جي ڪري بيماريون ٿين ٿيون، جنھن تي مائوزيتنگ حڪم جاري ڪيو تہ ’اڄ کان چيني ماڻھو پاڻي اوٻاري گرم ڪري پيئن.‘ ان حڪم تي عمل ڪرڻ سان ڪافي بھتر نتيجا نڪتا.
جمع جي ڏينھن هئڻ ڪري وشال چيو تہ نماز مسجد ۾ هلي پڙهنداسين. هڪ بجي ڌاري ٽئڪسي ڪري ’نئنگ اسلامڪ سينٽر‘ پھتاسين. جيڪو تمام وڏو ۽ پنج ماڙ هو، سينٽر جي ٻاهران حلال گوشت ۽ ٻين شين کي وڪرو ڪندڙ بيٺا هئا. اندر گهڙياسين تہ وڏي هال ۾ ڪيفي ٺھيل هو، جيڪو حلال کاڌي پيتي جو هو ۽ مايون ۽ مرد اتي کائي پي رهيا هئا. ڪيفي جي هڪ ڪنڊ ۾ لڳل شيلف ۾ ڪتاب رکيا هئا، جيڪي ڏاڍا خوبصورت ڇپيل ۽ سڀ چيني ٻولي ۾ هئا. مون کڻي اٿلائي پٿلائي ڏٺا، اهي ڪتاب اتي ان ڪري رکيا ويا هئا تہ ڪير بہ کڻي پڙهي سگهيو ٿي، مون نظر ڦيرائي تہ سڀ کائڻ پيئڻ ۾ لڳا پيا هئا. ڪنھن جو بہ ڪتاب کڻي پڙهڻ ڏانھن ڌيان نہ هو ۽ نہ پڙهي رهيو هو. اسان مٿي چڙهياسين، ٻي ماڙ تي چيني زبان ۾ مسجد جي هسٽري لکيل هئي. ٽي ماڙ تي وضو خانو ۽ نماز جو هال هو. اسان وضو ڪري، وڃي مسجد هال ۾ ويٺاسين. جتي ڪيترائي چيني، افغاني، آفريقي، پاڪستاني وغيرہ نمازي موجود هئا. پوڙهن سان گڏ ڪافي نوجوان چيني بہ هئا، اتي وشال پنھنجي دوست ناصر سان تعارف ڪرايو، جنھن سان ڪچھري ڪندي مون پڇيو تہ ’هي چيني مسلمان باءِ برٿ آهن، يا نوان.‘ تہ چيائين هي سڀ باءِ برٿ مسلمان آهن. نوان چيني تمام گهٽ مسلمان ٿين ٿا. هن اهو بہ ٻڌايو تہ نماز کان پوءِ فوري طور تي هتان سڀ هليا ويندا آهن ۽ مسجد بند ڪئي ويندي آهي. عيد جي موقعن تي عيد نماز کان پوءِ پيش امام اعلان ڪندو آهي تہ نماز پڙهي هٿ ملائي سڀ هليا وڃو. هتي هر سرگرمي تي نظر رکي وڃي ٿي ۽ چيني ظاهر ظھور نماز پڙهڻ يا ٻي عبادت کي پسند نہ ٿا ڪن. وشال ٻڌايو تہ ڪجهہ وقت اڳ هڪ دڪان ۾ ڪير نماز پڙهي رهيو هو تہ هڪ چيني ان جو فوٽو ڪڍي پوليس کي روانو ڪري ڇڏيو ۽ پوليس هڪدم پھچي ويئي ۽ ان کي ظاهر ظھور نماز پڙهڻ کان منع ڪيائون. البت گهرن ۾ پڙهڻ جي ڪابہ جهل پل ڪونھي. مسجد ۾ مردن کان سواءِ عورتن جي نماز پڙهڻ جو پورشن بہ هو، جتي ڪيتريون ئي عورتون نماز پڙهڻ جي لاءِ آيون هيون. وشال ٻڌايو تہ هو اڳ کشين کي نماز پڙهڻ جي لاءِ وٺي ايندو هو، پر نوڪري تان موڪل نہ ملڻ سبب هاڻ هوءَ نہ ايندي آهي. مسجد ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت هلي رهي هئي. خطبي کان اڳ ٻانگ آئي، پوءِ جن سنت نہ پڙهي هئي، انھن سنت پڙهي ۽ مولوي خطبو ڏنو پوءِ امام نماز پڙهائي. امام چيني هو، کيس ننڍو پٽڪو ٻڌل هو ۽ پھراڻ ۽ پاجامون پاتل هئس. البت ڏاڙهي ۽ مڇيون نہ هئس. مولويءَ جي قرات ڏاڍي چٽي هئي. نماز پوري ٿي تہ امام دعا نہ گهري. ۽ پوءِ هر ڪو باقي سنتون ۽ نفل پڙهڻ لڳو. چين ۾ سرڪاري طور تي پڌرائي موجب مسلمانن جو تعداد 25 ملين آهي، پر ذريعن جي دعويٰ آهي تہ ان کان وڌيڪ آهن. جو اڪثر نون ٿيندڙ مسلمانن کي رجسٽريشن ڪرائڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي، يا هو لھرائين ٿا، جو کين حڪومت جو ڊپ هوندو آهي، خود منھنجي چينائڻ ننھن کشين مسلمان ٿي، پر هن مٿين خدشن سبب مسلمان جي حيثيت سان رجسٽريشن نہ ڪرائي آهي. منھنجي پوٽي مريم فاطمہ جي بہ مسلمان جي حيثيت سان رجسٽريشن ٿي نہ سگهي آهي.
[12آڪٽوبر 2024ع]
چين واقعي بہ پنھنجي منفرد حيثيت، تيز رفتار ترقي ڪرڻ جي حوالي سان هڪ حيرت جو جھان آهي. چين جي سياسي نظام جي حوالي سان پڙهندي جڏهن اهو معلوم ٿيو تہ چين ۾ جيتوڻيڪ آئين موجب هڪ سياسي پارٽي ڪميونسٽ پارٽي حڪمراني ڪري ٿي، پر چين ۾ ٻيون سياسي پارٽيون بہ آهن، جيڪي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اپوزيشن ڪرڻ جي بدران ان سان مشاورت ۽ مدد ڪن ٿيون. انھن ۾ هڪ پارٽي ’ريوولوشنري ڪميٽي آف چائنيز ڪومن تانگ ‘ آهي، جنھن جي ميمبرن جو تعداد 81000 هزارن جي لڳ ڀڳ آهي، ان کان سواءِ چين جي شھر ’چونگ چنگ‘ ۾ چاليھه واري ڏاڪي ۾ قائم ٿيندڙ ’چائنہ ڊيمو ڪريٽڪ ليگ‘ آهي، ان پارٽيءَ ۾ گهڻو تڻو ادب، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ سان لاڳاپيل ماڻھو شامل آهن. ان جي ميمبرن جو تعداد 1،81000 هزار آهي. ’جيوسن سوسائٽي‘ بہ سياسي نوعيت جون سرگرميون سرانجام ڏي ٿي، هن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل نمايان ۽ مشھور ماڻھو شامل آهن. هن جي ميمبرن جو تعداد 105000 کان وڌيڪ آهي. 1945ع ۾ قائم ٿيندڙ ’چائنا ڊيموڪريٽڪ ڪنسٽرڪشن ايسوسيئيشن‘ جو شمار بہ پراڻي سياسي پارٽي ۾ ٿئي ٿو. هن ۾ گهڻو ڪري ڪاروباري ماڻھو شامل آهن. هن جي ميمبرن جو تعداد 108000 آهي. شنگهائي ۾ قائم ٿيل ’چائنا ايسوسيئيشن فار پروموٽنگ ڊيموڪريسي‘ بہ هڪ ڌار سياسي سڃاڻپ رکي ٿي. هن جي ميمبرن جو تعداد 130000 آهي، جيڪي گهڻو ڪري ثقافت، تعليم ۽ اشاعت جي شعبن سان لاڳاپيل سينيئر ماڻھو شامل آهن. ’چائنيز روپرنٽس اينڊ ورڪر ڊيموڪريٽڪ پارٽي‘ بہ پنھنجو سياسي وجود برقرار رکيو اچي. هن پارٽي ۾ چين جي طب جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻھو شامل آهن. هن جي ميمبرن جو تعداد 9900 هزارن کان بہ وڌيڪ آهي. پر ڏيھي ملڪن مان واپس ايندڙ چين جي وچينءَ ۽ مٿين طبقي جي پسند جي سياسي پارٽي ’چي گانگ پارٽي‘ آهي، جنھن جي ميمبرن جو تعداد اٺاويھن هزارن کان وڌيڪ آهي. ان کان سواءِ ’تائيوان ڊيموڪريٽڪ سيلف گورنمنٽ ليگ‘ نالي سياسي پارٽي بہ سياسي منظرنامي تي موجود آهي، جنھن جي ميمبرن جو تعداد ٻہ هزار کن آهي. ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا انھن سڀني محب وطن سياسي پارٽين سان بھترين جمھوري تعلقات قائم رکيو اچي. چين جي آئين ۾ لکيل حقن موجب انھن پارٽين کي پنھنجون سياسي سرگرميون جاري رکڻ جي اجازت آهي. اهي پارٽيون سياسي سرگرمين سان گڏوگڏ چين جي سوشلسٽ اڏاوت ۾ بہ پنھنجو ڪردار ادا ڪن ٿيون، چين جي مختلف سطح جي عوامي ڪانگريسن ۾ انھن جا نمائندا چونڊجندا آهن. ان کان سواءِ انھن جا ڪيترائي ميمبر مختلف رياستي ادارن ۾ بہ اهم عھدن تي مقرر آهن.
چين جي ڪميونسٽ پارٽي 1921ع ۾ شنگهائي ۾ قائم ٿي. ان وقت پارٽي جي ميمبرن جو تعداد 58 هو ۽ هاڻ ان جي ميمبرن جو تعداد 90 ملين کان بہ وڌيڪ آهي. پارٽي جو اهم عھديدار سيڪريٽري جنرل هوندو آهي. اڄڪلھہ ’شي چن پنگ‘ سيڪريٽري جنرل آهي. جيڪو چين جو صدر ۽ سينٽرل ملٽري ڪميشن جو چيئرمن بہ آهي. چين ۾ اظھار جي ۽ ميڙاڪن جي آزادي ڪونھي. اڳواڻن جو خيال آهي تہ انسانن جو بنيادي حق باعزت زندگي گذارڻ جو آهي، جيڪو سندس بنيادي گهُرجون پوريون ڪري ئي ڏيئي سگهجي ٿو. هر شھريءَ کي کائڻ پيئڻ، ڪٽنب جي پالنا ڪرڻ جو حق ملڻ گهرجي. جيڪڏهن ماڻھو غريب ۽ پيٽ بکيا هجن تہ کين رڳو ڳالھائڻ جو حق ڏيڻ سان سندن زندگين تي ڪوبہ فرق نٿو پوي.
ڪميونسٽ پارٽي جي ميمبرشپ اوپن ڪونھي، پر مشروط آهي، ميمبر بنجڻ واري جي خيالن ۽ مزاج ۽ ڪردار جو جائزو ورتو وڃي ٿو، ميمبر لاءِ ضروري آهي تہ هو ڪميونسٽ پارٽيءَ جي منشور، قاعدن ۽ ضابطن ۽ بنيادي اصولن سان سھمت هجي. پارٽي جو ميمبر باقاعدگي سان ميمبر شپ في ڏي ٿو. ميمبر بنجندڙ شخص کي اهليت جي ٽيسٽ ڏيڻي پوندي آهي. پارٽي جو سينيئر ميمبر، نئين ميمبر جي تصديق ڪندو آهي، پروبيشن پيرڊ هڪ سال جو هوندو آهي، جنھن دوران ان جي تربيت ڪئي ويندي آهي، جيڪڏهن سندس ڪارڪردگي تسلي جوڳي هوندي آهي تہ ان جي ميمبرشپ ڪنفرم ڪئي ويندي آهي. پارٽي جي هر ميمبر لاءِ ترقي جا موقعا موجود هوندا آهن ۽ پنھنجي ڪارڪردگي ۽ قربانيءَ جي روشني ۾ پارٽي جي اعليٰ عھدن تي پھچن ٿا.
[13 آڪٽوبر 2024ع]
ڪالھہ ننڊ مان اٿي ٻاهر صوفي تي اچي ويٺس تہ وشال بہ ننڊ مان اٿي آيو ۽ چيائين تہ ابو اميءَ کي اُٿار ۽ تون بہ تيار ٿي تہ تنگچي ڪرائي اچون، تنگچي رجسٽريشن کي چئبو آهي، چين ۾ هر ٻاهران ايندڙ ماڻھوءَ کي پوليس وٽ تنگچي يعني پنھنجي اچڻ جي رجسٽريشن ڪرائڻي پوندي آهي، آن لائين تنگچي تہ وشال اسان جي ٻي ڏينھن ئي فوٽو ڪڍي ڪرائي ڇڏي هئي، پر تصديق جو پنو کڻڻ لاءِ پوليس اسٽيشن وڃڻ ضروري هو. سو اسان ٽئي هٿ منھن ڌوئي، برش ڪري تيار ٿي هيٺ لھي اچي روڊ تي بيٺاسين، ٻي گهڙيءَ ٽئڪسي بہ اچي اسان اڳيان بيٺي، جيڪا وشال آن لائين لوڪيشن ڏئي گهرائي هئي. ان ٽئڪسي جا ڪرايا مقرر آهن. پنج کان پندرهن يوآن تائين، جيڪي پڻ وي. بيٽ اڪائونٽ ذريعي ادا ڪجن ٿا. اسان ٽئڪسي ۾ ويٺاسين ۽ پنجن ستن منٽن ۾ اچي پوليس اسٽيشن پھتاسين ۽ اندر گهڙياسين تہ اتي ڪيترائي پوليس وارا پنھنجي ڊريسن ۾ ڪمپيوٽر جي اڳيان ويٺا هئا. اسان ٻيئي سامھون ڪرسين تي ٿي ويٺاسين. وشال ساڻن ڳالھايو ۽ ٻي گهڙي، هنن ڪمپيوٽر مان ٻہ پرنٽون ڪڍي وشال جي حوالي ڪيون ۽ وشال اسان کي واپس هلڻ جو چيو، ان سڄي عمل ۾ پنج منٽ بہ ڪونہ لڳا ۽ اسان جي تنگچي يعني رجسٽريشن ٿي ويئي. هت تہ بيٺي پير ڪم ٿي ويو. ان تنگچي جي پني تي اسان جي سڄي بايو ڊيٽا لکيل هئي. وشال وري بہ آن لائين ٽئڪسي گهرائي ۽ گهر موٽي آياسين.
منھنجي هاڻ عادت ٿي ويئي آهي تہ معمول موجب ڇھين بجي جاڳ ٿيندي اٿم تہ اُٿي اچي ٻاهر صوفي تي ليٽي پوندو آهيان، يا تہ ڪو ڪتاب پڙهندو آهيان، يا وري نوٽس لکندو آهيان. ڪلھہ کان ’ڦو اي‘ جي آتم ڪھاڻي جي ترجمي کي وري بہ هٿ ڳنڍيا اٿم. ان دوران وشال جي گهر واري کشين اٿي تيار ٿي پنھنجي جاب تي هلي ويندي آهي ۽ شام جو ڇھين تائين اتي هوندي آهي. هتي نجي طور نوڪري ڪندڙن وٽ موڪل جو تصور بہ نہ آهي، هِتي هفتي جا ست ئي ڏينھن ڪم، سندن پگهارون بہ ايتريون گهڻيون ڪونھن، ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ کشين جي وڏي ڀيڻ ’وانگ ين ڇنگ‘ بہ اٿندي آهي، جيڪا ساڻن گڏ رهندي آهي ۽ مريم کي سنڀاليندي آهي، ڇو تہ يارهين ڌاري وشال بہ هوٽل تي هليو ويندو آهي. وشال ٻڌايو تہ کشين پنھنجي ڀيڻ کي مريم جي سنڀالڻ جا ٽي هزار يوان معاوضو ڏيندي آهي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي تہ رشتي ناتي جي ڪابہ اهميت ڪونھي. پاڻ ۾ مٽ مائٽ هوندي بہ هڪٻئي کان معاوضو وٺندا آهن.
چين ۾ مرد توڙي عورتون ڪم ڪن ۽ سخت هارڊ ورڪر آهن. مون ڏٺو تہ شام جو پنجين کان پوءِ مرد توڙي عورتون ۽ نوجوان ڇوڪرا گاڏي توڙي لوڊر ٽائپ گاڏين تي ڪوبہ وکر کڻي اچي فوٽ پاٿ تي وڪرو ڪرڻ لاءِ بيھندا آهن. دڪانن ۽ ٻين هنڌن تي بہ عورتن جو وڏو انگ ڪم ڪندي نظر اچي ٿو، ان حد تائين جو شام جو پوڙها ۽ پوڙهيون بہ پڙي لڳائي ويٺل نظر اينديون آهن. کين وانڌو ويھڻ ۽ اولاد تي چٽي ٿيڻ پسند ڪونھي.
صبح جو اٿي ڏسندو آهيان تہ سڄي ميز فروٽ، جوسن ۽ ڊبل روٽين سان ڀري پئي هوندي آهي. فروٽ ۾ وڏا انگور، سردو، صوف، ڪيلا، ڏاڙهون ۽ ٻہ چار ائٽم اهڙن چائنيز فروٽن جا، جن جا نالا ئي ياد نہ ٿا بيھن. سڀ وشال ۽ سندس وني وٺيو اچن. چوندو آهيانس ابا هيترو ڪير کائيندو تہ کلي چوندو آهي، اوهان ٻيئي ٻيو وري ڪير؟ سچي ڳالھہ اها آهي تہ انھن مان هڪ هڪ داڻو يا ذرو ذرو کائجي تہ بہ سڄو ڏينھن پيٽ ڀرجيو وڃي، وري جي شام جو هوٽل تي وڃي ويھان تہ وشال هر هر ڪانہ ڪا شئي، شوارمو، ڪباب، ٻوٽيون يا بوتل کڻيو اچي. بس هي وشال تہ ڄڻ اسان کي کارائي کارائي مم ڪندو. پاڪستان مان سوچي آيو هئس تہ هتي کاڌي پيتي ۾ ڪنٽرول ڪري ۽ واڪ ڪري وزن گهٽائيندس، پر وشال جيڪو هٿ ورتو آهي، ان مان لڳي ٿو تہ مرڳو پنج ست ڪلو وزن وڌي نہ وڃي.
چيني مٺاڻ ڪونہ کائين. جو سندن چوڻ آهي تہ مٺاڻ بيماريون ٿو پيدا ڪري ۽ وزن ٿو وڌائي. باقي کائڻ جا صفا کرا آهن. سڄو ڏينھن چرچران. وشال جي هوٽل جا گهڻا گراهڪ چيني آهن، سو ڏسندو آهيان تہ کائڻ تي ٿا. ويھن تہ پوءِ ڄڻ دشمن جي در تي ٻڌڻ جھڙا آهن. تڏهن تہ چوڻي مشھور آهي تہ چيني چارپائيءَ کان سواءِ باقي هر شئي چٽ ڪريو وڃن. پر هڪ ڳالھہ مڃبي تہ کائڻ جا کرا ضرور آهن، پر ڪم لاءِ اصل ٻرَو نہ ٿو چڙهين. نھايت محنتي، ڪم جا سَچلا آهن، جيڪو ڪم حوالي ڪرين، اصل منٽ ڪريو ڇڏين. چين جي هيڏي وڏي ترقي جو راز اها ”محنت“ ئي تہ آهي.
چيني مايون بہ سگهاريون ۽ جڙد مرد آهن. مردن وانگر ڪم ڪن ۽ هر ڪم ۾ اڳڀريون، ٽئڪسي ڊرائيور، پارڪنگ، دوڪانن تي سيلز مين کان صفائي سٿرائي جي ڪمن تائين، ٻارهن ٻارهن ڪلاڪ ڪم ڪن. ائين چين جي ترقي ۾ مردن سان گڏ عورتن جو بہ حصو آهي. باقي اها ڳالھہ ضرور آهي تہ چيني مرد توڙي عورتون گهڻيون جذباتي آهن. شادي شدہ جوڙا جي گس هلندي ڪنھن ڳالھہ تان اٽڪيا تہ مڙس لت هڻي زال کي اُتي ئي ڇڏي روانو ٿي ويندو تہ زال بہ. ۽ جي ٻار هوندن تہ اتي پيو روئندو. چين ۾ ٻارن جي چوري بہ جام آهي. اڪثر مايون ٻارن کي چورايو وڃيو ٻي هنڌ وڪڻن، تنھنڪري مائٽ اڪثر ٻارن جي معاملي ۾ الرٽ هوندا آهن.
چين ۾ ارڙهن سالن کان پوءِ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پنھنجن معاملن ۾ آزاد آهن. اڪثر ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گرل فرينڊ يا بواءِ فرينڊ رکن ۽ هڪٻئي سان هٿ ۾ هٿ ڏيو، پيا هلندا آهن ۽ هوٽلنگ ڪندا آهن. هٿ ۾ هٿ بہ ٻانھن ۾ ٻانھن، چيلھہ ۾ هٿ، همراھہ دنيا جھان کان بي خبر.
چين ايندڙ اڪثر ٻين ملڪن جا شاگرد هتي اچيو چيني ڇوڪرين سان دوستيون رکن. هتي عام تاثر اهو آهي تہ چيني سکڻي آهي تہ چيني ڇوڪرين سان دوستي رکو، باقي چيني ڇوڪري گهڻي جذباتي آهي، پنھنجي بواءِ فرينڊ کي تحفا ڏينديون ۽ سندن خرچ بہ ڀرينديون آهن، پر جي ڇوڪرو ڪنھن ٻي ڇوڪريءَ سان ملندي ۽ ڳالھائيندي ڏٺائين تہ پوءِ اُن ڇوري جو سر ويو، ساڻس اهڙو حشر ڪنديون آهن، جھڙو ٻُرڙي ڪيو ٻارن سان. ڇوري کي ڏنل سڀ تحفا کانئس ڳڻي وٺنديون ۽ ٻاهر ڦٽو ڪري در بند ڪري روئندي هليون وڃن ۽ اهو سامان ڦٻيو ٻين کي، جي ڇوڪرو، ڇوڪري سان گڏ ٿو رهي تہ سندس سامان ٻاهر اڇلي کيس ڌڪا ڏيئي ڪڍيو ڇڏين، پوءِ پيو ڇورو ڌڪا جهلي، جي ٺھي ويا تہ وري ڪجهہ ڏينھن ۾ اهڙي جا اهڙا، ڄڻ ڪجهہ ٿيو ئي نہ هو. اهڙا ڪيترا ئي قصا هتي ٻڌڻ ۾ آيا.
*
مٿيون سٽون لکي بس ڪيم تہ وشال چيو تہ، ”ابو هلو تہ يورپين ٽائون جو چڪر هڻي اچون.‘
يورپين ٽائون، يورپ جي گوٿڪ طرز تي اڏيل هڪ پڪنڪ پوائنٽ آهي، جنھن ۾ ڪيترين ئي ڪمپنين جو آفيسون، ڪافي شاپس، ٽڪ شاپس وغيرہ آهن. اسان ٽئڪسي ڪري اتي پھتاسين. ڏاڍو خوبصورت هنڌ هو. ايتري رش بہ نہ هئي. وچ ۾ ننڍي ندي ٺھيل هئي. جنھن جي مٿان خوبصورت پل اڏيل هئي. چوڌاري وڻڪار هئي. چيني ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون بہ هٿ ۾ هٿ ڏيو گهمي رهيا هئا. وشال جا دوست ابوذر اقبال ۽ ڊاڪٽر فيصل محمود بہ وشال جي چوڻ تي آيا هئا، سو ڳچ دير اتي چڪر هڻندا ۽ فوٽو گرافي ڪندا رهياسين. مريم بہ وشال جي ڪلھي تي هئي. هاڻ مريم اسان سان هري ويئي آهي. اڄ صبح جو کيس گهران کڻي هوٽل تي آيس تہ ماٺ هئي، گهر ۾ بہ ڏاڍو کلايومانس. سندس ٽھڪ جهرڻن جھڙا آهن. اتي ڪيترن ئي چينين مُرڪي اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ هٿ ملايو، ڪن فوٽو بہ گڏجي ڪڍرايا. جڏهن پاڪستان جو نالو ٿي ٻڌائون تہ ”پاچيستان“ چئي خوش ٿي ٿيا. هر علائقي جي ماڻھن جو پنھنجو پنھنجو مزاج آهي. نئننگ جا ماڻھو ملڻا، کلڻا ۽ ملنسار آهن.
اتان موٽي واپس هوٽل آياسين، نسيم ۽ مريم کي وشال گهر ڇڏڻ ويو ۽ آءٌ اڌڙي چانھہ جي پي اُٿيس. ڪلھہ شام وشال جي دوست ڊاڪٽر فيصل محمود کان پُڇيو هئم تہ هتي آسپاس ڪو بوڪ شاپ آهي تہ ٻڌايائين تہ اڳتي جيڪو موڙ اچي ٿو. ان کان کاٻي پاسي لڳ ڀڳ ٻہ ڪتاب گهر آهن، پر ڪتاب سڀ چيني ٻولي ۾ آهن. چيم خير آهي. مڙيئي دل پشوري ڪرڻي اٿم. سو هوريان هوريان واڪ ڪندو موڙ تائين ويس ۽ پوءِ کاٻي پاسي مُڙيس. روڊ جي ٻنھي پاسي هوٽلون ۽ کاڌي پيتي جي شين جا شاپ هئا. ڏسندو اڳتي وڌيس تہ ٻہ بوڪ شاپ نظر آيا، وڌي وڃي ان تي چڙهيس. اندر ڪافي ڪتاب هئا، پر سڀني جي ٻولي منھنجي لاءِ ڄڻ ماڪوڙن جون ٽنگون يعني چيني ٻولي ۾. وري ٻي دڪان تي چڙهيس ۽ ’ني هائو‘ چئي سيلز گرل کان انگلش لفظ چئي اشارن ۾ پڇيم تہ هتي انگريزي ۾ ڪتاب آهن. مُرڪي اُٿي ۽ اندر وٺي ويئي ۽ هڪ هنڌ بيھي هڪ انگريزي ڪتاب کڻي مون کي ڏنائين. کل اچي ويم... بس هڪ ڪتاب سو بہ منھنجي ڪم جو نہ هو، پوءِ بوڪ شاپ ۾ ڦرندو ڪتاب ڏسندو رهيس. اوچتو هڪ ٻي انگريزي ڪتاب تي نظر پئي، کڻي ڏٺم، اهو چيني صدر ’شي چن پنگ‘ جي تقريرن جو مجموعو هو، جنھن جو اردو ۾ ترجمو: ”چين ڪي طرز حڪمراني“ جي نالي سان پاڪستان ۾ ڇپجي چڪو آهي ۽ مون وٽ آهي. ڪتاب رکي بوڪ شاپ مان نڪري آيس، ايئن منھنجو بوڪ شاپ ڏسڻ جو شوق پورو ٿيو.
[14 آڪٽوبر 2024ع]
چين هن وقت آمريڪا کان پوءِ ٻي وڏي معاشي سگهہ آهي. انقلاب کان اڳ چين نيم بيٺڪي ۽ نيم جاگيرداراڻو ملڪ هو. سامراجي طاقتون چين جي ڪسٽم، پرڏيھي واپار ۽ ٽرانسپورٽ کي ڪنٽرول ڪنديون هيون. چار پراڻا سرمائيدار گهراڻا پيداواري وسيلن جا مالڪ هئا. ٻہ ڏهائي صنعتي پيداوار تي انھن جي اُجاري داري هئي. معاشي طور تي چين پٺتي پيل ملڪ هو. هارين ۽ مزدورن جي حالت خراب هوندي هئي. انقلاب کان پوءِ چين جو معاشي نظام سوشلسٽ معيشت جي اصولن تي رکيو ويو. سامراجي مداخلت ختم ڪئي ويئي. جاگيرداري ختم ڪري، زمينون هارين ۾ ورهايون ويون. ٺيڪيداري سسٽم ختم ڪيو ويو. معاشي نظام ۾ انقلابي نوعيت جي تبديلين جي ڪري صنعتي ۽ زرعي پيداوار ۾ واڌارو ٿيو. هاري ۽ مزدور ترقيءَ ۾ شامل ٿي خوشحال ٿي ويا. استحصال، ذخيري اندوزي ۽ ناجائز منافع خوري جي خلاف سخت قدم کنيا ويا.
مائوزي تنگ جي وفات کان پوءِ چين جي ٻي عظيم اڳواڻ ’ڊينگ زيائو پنگ‘ بدلجندڙ عالمي حالتن ۽ چين جي مقامي تجربن جي روشنيءَ ۾ چين جي معاشي نظام ۾ جوهري تبديليون ڪيون ويون. پرڏيھي سيڙپڪاريءَ لاءِ چين جا دروازا کوليا ويا، سوشلزم سان عوام جي وابستگي کي ختم ٿيڻ نہ ڏنو. ڊينگ جي نئين معاشي پاليسي جي نتيجي ۾ چين دنيا جي اهم معاشي سگهہ بنجي ويو ۽ چين جي مڪسڊ اڪاناميءَ جي ذريعي 80 ملين غريب عوام کي غربت مان ٻاهر ڪڍي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. چين دنيا جي سامھون سوشلسٽ معاشيات جو ڪامياب ماڊل پيش ڪيو. سيڙپڪاري جي اجازت ڏني ويئي، پر اجارا داري قائم ٿيڻ نہ ڏني. پبلڪ ۽ نجي سيڪٽر ٻنھي سيڪٽرن ۾ صنعت سازي کي پروموٽ ڪيو ويو، جنھن جي ڪري معيشيت متوازن رهي ۽ معاشي مافيائون پيدا ٿي نہ سگهيون. چين جو معاشي نظام دنيا جو ڪامياب ترين ماڊل ثابت ٿيو.
چيني اڳواڻ پنھنجي معاشي نظام کي مارڪيٽ سوشلسٽ اڪانامي قرار ٿا ڏين، جڏهن تہ ڪن معاشي ماهرن موجب چين جو معاشي نظام ”اسٽيٽ ڪيپيٽلزم“ آهي. چين جي صدر شي چن پنگ جو چوڻ آهي تہ ”چين هاڻ ٻاهرين دنيا جي لاءِ پنھنجا دروازا ڪڏهن بہ بند نہ ڪندو.“
مائوزيتنگ عوامي جمھوريه چين جو بنياد رکيو. ڊينگ زيائو پنگ چين جا دروازا پرڏيھي سيڙپڪاريءَ جي لاءِ کولي ڇڏيا ۽ شي چن پنگ چين کي دنيا جي معاشي سپر پاور بنائي ڇڏيو.
*
چئين بجي ڌاري وشال جو دوست ابوذر اقبال آيو تہ اسان ٽيئي گڏجي ٻن بائيڪن تي موبائيل مارڪيٽ وياسين. وشال مون وٽ جيڪا موبائيل آهي، اها ڏسي پھرين ئي ڏينھن چيو تہ ’ابو موبائيل بدلائبي‘ پر مون لنوايو تہ ڪم هلي پيو، اجايو خرچ ڇو ڪجي. پر وشال صفا نہ ڇڏ ٿي لڳو ۽ اڄ نيٺ مون کي راضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. چين ۾ سائيڪلن ۽ موٽر سائيڪلن جا رستا ڌار ٺھيل آهن. مکيہ روڊ جي ٻنھي پاسن اهڙا روڊ ٺھيل آهن، جتان رڳو سائيڪلون ۽ موٽرسائيڪلون هلن ٿيون. جنھن ڪري وڌيڪ آساني ٿئي ٿي. اڳ چين ۾ سائيڪلون تمام گهڻيون هونديون هيون. هاڻ انھن جي جاءِ اليڪٽرانڪ موٽرسائيڪلن اچي والاري آهي. جيڪي بجليءَ تي چارج ٿين. هاڻ تہ اهي پاڪستان ۾ بہ اچي ويون آهن. ماڻھن وٽ اڃا تائين سائيڪلون بہ آهن، پر گهٽ ٿيون نظر اچن. مون ڏٺو تہ رستن جي مختلف هنڌن تي هئڊي ڪلر جون ڪيتريون ئي بائيڪ ٽائپ سائيڪلون پڻ بيٺيون هيون، پُڇڻ تي خبر پئي تہ حڪومت پاران عوام جي سھولت لاءِ اهي رکيون ويون آهن. جيڏي مھل بہ دل چوي کڻو ۽ پنجن يوانن ۾ سڄو ڏينھن پيا هلايو.
اسان موبائيل مارڪيٽ پھتاسين. جيڪو وڏو مال هو ۽ الائجي ڪيترا ماڙ هو. اُتي سڀ موبائيل شاپ هئا. سھڻيون سھڻيون چيني گُڏيون پنھنجي ڪاروباري مُرڪ سان گراهڪن کي پنھنجي ڄار ۾ ڦاسائڻ لاءِ بيٺيون هيون. انھن جي ڪافر ادائن کان چيني تہ بچي ٿي ويا، پر ڪو پرڏيھي بچي تہ ڄڻ ان لک کٽيو. اسان ٻن ٽن ماڙن جو اليڪٽرڪ ڏاڪڻين جي ذريعي لھي ۽ چڙهي جائزو ورتو ۽ پوءِ هيٺ لھي آياسين ۽ هڪ چينائڻ جي ڪافر ادا نيٺ اسان کي ڦاسائي وڌو. اگهہ تہ هر موبائيل تي فڪس لکيل هئا. پر پوءِ بہ بارگينگ هلي ٿي ۽ هڪ موبائيل پسند ڪئيسين، جنھن جي قيمت 2699 يوان هئي. مون وشال کي چيو تہ ڪا هڪ هزار يوان تائين خريد ٿا ڪريون، پر همراھہ ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي ۽ اها پسند ڪيائين. هڪ سؤ يوان چينائڻ رعايت ڪئي. ائين اها 2599 يوان يعني هڪ لک ڇھن هزارن ۾ پئي. مون فقير جا تہ پگهر ئي نڪري پيا. پر وشال کلندي موبائيل منھنجي هٿ ۾ ڏيندي چيو، ”ابو، سدائين ڪنجوسپئي بہ نہ ٿي ٺھي، تو وٽ سٺي موبائيل هئڻ گهرجي.“
”پر پاڪستان وڃڻ کان پوءِ خدا ڪري اها ڀاڻھين سمير کان بچي.“ چيومانس جنھن اڳ ۾ ئي فرمائش ڪئي هئي تہ منھنجي لاءِ چين مان موبائيل وٺي اچجو.
”ڪوشش ڪج تہ بچي...“ وشال مرڪندي چيو.
”زور تہ گهڻا ڏبا تہ سمير کان بچي، باقي منھنجو نصيب.“ وراڻيم.
وشال علي پي ذريعي ادائيگي ڪئي ۽ اسان مال مان ٻاهر نڪري آياسين. دل ۾ خوش هئس تہ هاڻ مون وٽ بہ هڪ سٺي موبائيل آهي. ائين ٿوري دير اتي ڀرپاسي رلندا موٽي وشال جي ’ذائقہ پاڪستاني اسٽائل ريسٽورينٽ‘ آياسين.
ريسٽورينٽ تي چانھہ جي ادڙي پي بس ڪيم، تيسين کشين ۽ سندس ڀيڻ سان گڏجي اچي نسيم بہ پھتي. کشين نسيم کي تمام گهڻو ٿي ڀانئين. ڊيوٽي تان ايندي آهي تہ ٿڪل هئڻ جي باوجود، نسيم کي اشارن سان چوندي آهي، ”مما.... تيار ٿي تہ وشوءَ ڏانھن هلئون.“ نسيم ۽ منھنجي لاءِ ’زبان يار چيني، من چيني نمي دانم‘ واري ڪار آهي. باقي وشال تہ صفا چينائي بنجي ويو آهي. چيني ائين ٿو ڳالھائي، ڄڻ سندس مادري زبان هُجي. نيٺ بہ تہ اٺ سال چين ۾ رهڻ جو اثر تہ ٿئي ٿو. اسان مريم سان سنڌي ۾ ڳالھائيندا آهيون تہ هوءَ بہ چوندي آهي بابا... دادا... کشين بہ ڪنھن ڪنھن مھل چوندي آهي، ”پاپا...مما... ماني کاڌي...“ سندس چوڻ جو ٽون بہ عجيب هوندو آهي ۽ وري کلڻي بہ اهڙي جو ڳالھہ ڳالھہ تي پئي کلندي آهي. وشال چوندو آهي تہ کشين ڪاوڙ جي بہ تکي. سو دعا ڪندو آهيان تہ منھنجي سامھون ڪڏهن نہ ڪاوڙجي، جيئن منھنجي ذهن ۾ سندس ڪاوڙيل بدران مُرڪڻون چھرو محفوظ هجي.
ان مھل ابوذر، عمران ۽ شھزاد شيشو کڻي اچي هوٽل جي هڪ ميز تي ويٺا. ابوذر وشال جو دوست آهي، باقي ٽيئي سندس هوٽل تي ڪم ڪن ٿا. ٻہ پٺاڻ ۽ هڪ پنجابي آهي. مون کي چيائون تہ ’سر پيئندا؟‘ پھرين تہ مون انڪار ڪيو، پر پوءِ سوچيم تہ ڀلا ان فليور کي بہ چکي ڏسجي. سو اُٿي وڃي سندن ڀر ۾ ويٺس. هنن شيشي جو نڙ منھنجي حوالي ڪيو ۽ مون ٻہ ٽي ڦوڪون ڀري دونھون نڪ ۽ وات مان ڪڍيو، پر اندر نہ ڇڪيم، جو ڊپ ٿيم تہ متان کنگهہ نہ ٿئي ۽ ٿئي پرائي ملڪ ۾ خواري. بھرحال ٽيسٽ سُٺي هيس. مون کي ائين پيئندي ڏسي وشال، نسيم ۽ کشين کلڻ لڳيون ۽ وشال تصوير ڪڍي ورتي. جيڪا پوءِ فيس بوڪ تي ان عنوان سان رکي تہ ”چين اچي آءٌ بہ کري ويو آهيان.“ جنھن تي دوستن ڏاڍا مزيدار ريمارڪ ڏنا.
ڦوڪون ڀري واندو ٿيس تہ کشين چيو،... ”ابو وو.... چه.... لين....“ مون بہ کلندي وراڻيومانس ”چلين جي....“
اسان سڀ هوٽل مان ٻاهر نڪتاسين، جو مون کشين کان پڇيو... ”مريم؟“ کشين هڪدم هيڏانھن هوڏانھن ڏٺو، پر مريم اُتي نہ هئي. کشين هڪدم پريشان ٿي ويئي ۽ هڪدم ”ماليا... ماليا....“ چئي هيڏانھن هوڏانھن ڏسڻ لڳي تہ آءٌ بہ پريشان ٿي ويس. تيسين وشال بہ هوٽل مان نڪري آيو. کشين کيس چيو، ”ماليا...“ اسان سڀ هيڏانھن هوڏانھن واجهائڻ لڳاسين. کشين روئڻھارڪي ٿي ويئي. پوءِ آءٌ دڪانن ۾ ڳولھڻ لڳس. تيسين ڏٺم تہ وشال ۽ کشين مريم کي وٺي پيا اچن، مريم وشال جي ڪلھي تي ويٺل هئي. کشين جي ڀيڻ بہ انھن سان گڏ هئي. اصل ۾ ٿيو هيئن هو تہ کشين جي ڀيڻ مريم کي کڻي ٿورو پرتي هلي ويئي هئي. اسان ان جي سار لھڻ بدران پريشان ٿي وياسين. انھن ٿورن لمحن جنھن تڪليف مان گذاريو، اهو هرڪو اولاد وارو سمجهي سگهي ٿو.
پوءِ سڀئي رستو ڏيئي سب وي واري پاسي وڃڻ لڳاسين. کشين کي ڪو سامان وٺڻون هو. هلندي کشين مون کان پڇيو. ”پاپا.... چين اوهان کي وڻيو...؟“ ”بلڪل وڻيو... آءٌ تہ اڳ ۾ چين جي عظمت ۽ ترقيءَ جو معترف آهيان.... هتي اچي چين جي عظمت کان گهڻو متاثر ٿيو آهيان. آءٌ هونئن بہ عظيم مائوزي تنگ جو مداح آهيان...“ مون وراڻيو.
اسان جي وچ ۾ وشال ترجماني جا فرائض ادا ڪري رهيو هو.
”مائو... مائو... ييس... اهو بيجنگ ۾ آهي.... پر ان جو فوٽو ڪڍڻ نہ ٿا ڏين.“ کشين وراڻيو.
”منھنجي خواهش آهي تہ بيجنگ هلجي ۽ عظيم مائو جو ديدار ڪجي.“ مون جواب ڏنو.
”وشو! بيجنگ هلنداسين ۽ پاپا جي اها خواهش پوري ڪنداسين.“ کشين وراڻيو ”شي... شي... (يعني مھرباني)“ مون وراڻيو.
ان دوران اسان هلندا سب وي جي اسٽاپ کان ٿورو پرتي هڪ لفٽ وٽ اچي پھتاسين. ڀر ۾ شايد ڪو ڪلب هو. جو ٻہ ڇوڪريون، ٻاهر دروازي وٽ ڊانس ڪري رهيون هيون. اسان لفٽ ۾ چڙهياسين ۽ کشين بٽڻ دٻايو تہ لفٽ مٿي وڃڻ بدران هيٺ وڃڻ لڳي. جڏهن لفٽ مان ٻاهر نڪتاسين تہ سب وي جو ٽڪيٽ گهر نظر آيو. جتان ٽيون ڏينھن ٽڪيٽ وٺي اسان سب وي ۾ چڙهي ’ڇائويانگ اسڪوائر‘ ويا هئاسين. کشين اڳيان ۽ اسان پويان ٿورو اڳيان وڌياسين تہ زمين جي اندر جھان ئي ٻيو نظر آيو. هيٺ تہ وڏو شاپنگ سينٽر هو. جنھن ۾ سوين دڪان، ڪافي شاپس ۽ ٻيو گهڻو ڪجهہ هو ۽ الائجي ڪيتري ڊگهي هئي. ميل سوا تہ اسان بہ هلياسين پوءِ واپس ورياسين، اڃا تہ ڪو ڇيڙو سِرو نظر نہ پي آيو. اتي دڪانن تي مختلف شين جي سيل بہ لڳل هئي. عورت سنڌي هجي يا چيني بازار وڃي ۽ ڪنھن دڪان ۾ نہ گهڙي ۽ ڪجهہ نہ ڪجهہ نہ وٺي، تيسين ڄڻ کيس مزو ئي نہ اچي. سو ٽيئي ڄڻيون ڪنھن نہ ڪنھن دوڪان ۾ گهڙي ٿي ويون ۽ ڪانہ ڪا شئي ورتائون ٿي. کشين جي ڀيڻ هڪ شاپ تان ڪا کائڻ جي ڪيڪ نما شئي وٺي آئي هئي تہ ڏاڍي ٽيسٽي، سو هڪ اڌ ڪيڪ آءٌ رڙڪي تہ ويس، پر بار بار خيال پي آيو تہ منجهس الائجي ڇا وڌل آهي؟ ائين هڪ دڪان تي سيل ۾ هڪ خوبصورت جيڪٽ نظر آيو تہ اهو سمير لاءِ ورتم. مون کي بہ هڪ شرٽ وڻي هٿ لائي ڏٺم تہ وشال پڇيو ابو وڻي ٿي، وراڻيم هائو تہ هڪدم کڻي ڏنائين تہ پائي ڏس. مون پاتي تہ اهڙي تہ فٽ آئي جو ڄڻ ٺھي ئي مون لاءِ هئي. سيل لڳل هئي، سو مون سمجهيو تہ ستر اسي يوان جي هوندي، ڇو تہ جيڪٽ بہ ستر يوان ۾ پئي هئي. شرٽ جو بل وشال ڏنو، جنھن اڃا سوڌي مون کي هڪ يوآن بہ خرچ ڪرڻ نہ ڏنو آهي. پوءِ جو گهر اچي بل چيڪ ڪيم تہ اصل وڄي ويس. اصل قيمت 480 يوان هيس، ۽ رعايت ۾ هاف پرائس تي 240 يوان يعني لڳ ڀڳ نوَ هزار پاڪستاني روپين ۾ پئي. وشال کي چيم تہ هيءَ تہ مھانگي ورتي اٿئون. تہ مُرڪندي چيائين ’ابو يوان کي پاڪستاني روپين ۾ ڪنورٽ نہ ڪندو وڃ... نہ ڪجهہ وٺي سگهندين نہ کائي سگهندين.“
اسان گهمندا ڦرندا اليڪٽرڪ ڏاڪڻين جي ذريعي مٿي چڙهي آياسين. ٻاهر برسات وسي رهي هئي ۽ موسم ٺنڊا ٺار ٿي ويئي هئي. نئننگ جي موسم هونئن بہ نارمل هئي، پر هاڻ تہ وڻندڙ بنجي ويئي هئي. برسات جي بند ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ اسان اتي هڪ جوس شاپ تي ويھي رهياسين. کشين ليمن جوس وٺي آئي، جيڪو هٿ ۾ کڻي سپ سپ پيئندو اچي روڊ جي ريلنگ وٽ بيٺس ۽ وسندڙ برسات ۾ روڊ تان لنگهندڙ گاڏين کي ڏسڻ سان گڏ سامھون وڏن وڏن اپارٽمينٽس کي بہ ڏسڻ لڳس، جيڪي وسندڙ مينھن ۾ روشنين ۾ جَرڪي رهيا هئا.
جنھن مھل کشين جوس وٺي آئي تہ نسيم وشال کان پڇيو، ”وشو! هتي مينھن وسندو آهي تہ بجلي ويندي آهي؟“
”نہ امي! هتي بجلي وڃڻ جو تصور ئي ڪونھي، جي ٿوري دير لاءِ بہ بجلي وڃي تہ هتي جو سڄو نظام درهم برهم ٿي وڃي.“
جنھن تي نسيم حيرت جو اظھار ڪيو ۽ چيو، ”پاڻ وٽ پاڪستان ۾ مينھن جي ڦڙي بہ وٺي تہ بجلي گم. يعني ٺونٺ لڳي، ساهيڙي ڀڳي.“
[15 آڪٽوبر 2024ع]
سڄي رات وقفي وقفي سان برسات پي وٺي، اڄ سڄو ڏينھن جُهڙ رهيو، اُس نہ نڪتي، موسم نارمل هئي. عادت موجب ننڊ مان اُٿي هٿ منھن ڌوئي ٻاهر صوفي تي اچي ويٺس ۽ ڪتاب پڙهي رهيو هئس، جو وشال ڪمري مان نڪري چيائين ”ابو تيار ٿي تہ هوٽل تي هلي ناشتو بہ ڪريون ۽ پوءِ مارڪيٽ بہ هلئون سامان وٺڻ.“ آءٌ بہ ڪتاب ٺپي رکي تيار ٿي بيھي رهيس ۽ انھن ئي ڪپڙن ۾ وشال سان بائيڪ تي چڙهي مارڪيٽ روانو ٿيس. وچ وچ ۾ وشال ڪن خاص خاص عمارتن ڏانھن اشارو ڪري انھن بابت ٻڌائڻ ٿي لڳو. هڪ تمام وڏي بلڊنگ جيڪا تمام گهڻ ماڙ هئي، ٻڌايائين تہ پندرهن مھينن ۾ ٺھي راس ٿي آهي. ڏينھن رات ڪم چالو هو، ڪم کي اصل ماڪوڙين وانگر چھٽي ٿا وڃن. هڪ ٻي وڏي عمارت جيڪا صفا نئين پي لڳي، ان بابت ٻڌايائين تہ اها ان ڪري ڊاٺي پئي وڃي، جو اُن جي اڏات کي ستر سال ٿي ويا آهن، هتي جي قانون موجب جنھن عمارت کي ستر سال ٿي ويندا آهن، اها ڊاٺي ويندي آهي ۽ ان عمارت جي مالڪن کي اڌ پئسا حڪومت ڀري ڏيندي آهي. وچ ۾ وشال هڪ وڏي گيٽ جي اڳيان بيٺو، جنھن جي مٿان لکيل هو. ’گوانگسي يونيورسٽي آف ميڊيسائين.‘
”هي منھنجو اسڪول آهي، جتي مون ايم. بي. بي. ايس ڪئي.“ وشال چيو.
”اسڪول يا يونيورسٽي؟“ مون چيو.
”هتي يونيورسٽي کي بہ اسڪول چون.“ وشال چيو.
نئننگ ۾ ڪيتريون ئي يونيورسٽيون ۽ ٻين يونيورسٽين جا ڪئمپس آهن، جتي ڏيھي توڙي پرڏيھي هزارين شاگرد پڙهن ٿا، جن مان ڪيترن کي تہ چيني گورنمينٽ اسڪالرشپون بہ ڏي ٿي.
”سڀاڻي هتي اچي فوٽو ڪڍنداسين.“ وشال چيو ۽ بائيڪ اڳتي وڌايائين. هاڻ اسان جي منزل مارڪيٽ هئي. وشال رستن جو ايئن واقف هو، ڄڻ ڄائو ۽ نپنو ئي هتي هجي.
مارڪيٽ پھچي وشال بائيڪ پارڪ ڪئي ۽ مون کي چيائين تہ هن مارڪيٽ جو نالو تہ ٻيو آهي، پر پاڪستاني هن کي ’ڪُتا مارڪيٽ‘ چوندا آهن. جنھن تي مون کي کل اچي ويئي.
اندر گهڙياسين تہ ڇا کڻي ڏسون، قسمين قسمين ميون ۽ ڀاڄين جا دڪان هئا. ”ابو، اچ توکي هڪڙي نئين شئي ڏيکاريان.“
پوءِ تہ سائين منھنجا جيڪو ڏٺم، سو اڳ ۾ رڳو ٻُڌو ۽ پڙهيو هئم تہ چيني هر شئي کائي وڃن ٿا، تازا ڪُٺل سوئر، انھن جا ڇليل ۽ صاف ڪيل ڪن ۽ مُنڍيون، سڄا سارا کل لٿل ڪُتا، جن جا وات پٽيل، ڄڻ کلن پيا، ڪميون، ڏيڏر، نانگ، سي فوڊ جا قسم ۽ قسمين قسمين مڇيون، جن مان ڪن جا چھرا ئي ايترا ڀوائتا هئا، جو ڏسڻ سان ئي ڊپ وٺي ٿي ويو. سڀ وڪري لاءِ موجود هئا ۽ ماڻھو خريد ڪري رهيا هئا. اڪثر اهو ڪاسائڪو ڪم مايون ڪري رهيون هيون. جن هر گراهڪ جو مُرڪي آڌر ڀاءُ ٿي ڪيو. صفائي بہ اهڙي جو مک نہ ماڪوڙي، نہ وري ڪو پاڻي هاريل، بس ڪٿان ڪٿان ڪنھن جانور جي بدبو پي آئي. ان ’ڪُتا مارڪيٽ‘ ۾ ايتري صفائي ڏسي آءٌ حيران ٿي ويس. پاڻ وٽ تہ مڇي ۽ گوشت مارڪيٽ ۾ اهڙو تہ گند ۽ بدبو هوندي آهي، جو ساھہ پيو گهُٽبو آهي. انھن دڪانن تي مايون توڙي مرد گڏجي ڪم ڪري رهيا هئا. کين صاف سٿرا ڪپڙا ۽ هٿن تي دستانا پھريل هئا. اسان ٿوري دير ان ’ڪُتا مارڪيٽ‘ جو چڪر هنيو، ڪجهہ فوٽو ڪڍيا. پوءِ گهربل ڀاڄي ۽ فروٽ وٺي ٻاهر نڪري آياسين.
ان سڄي سفر ۾ مريم اسان سان گڏ هئي، مريم جو سڄو نالو مريم فاطمہ آهي ۽ چيني نالو ’وانگ ماليا‘. سندس امڙ جو نالو ’وانگ ين هوانگ‘ آهي، جنھن کي پيار مان مائٽ کشين چوندا آهن تہ وشال ۽ اسان بہ کشين ئي چئونس. ’وانگ‘ ذات آهي، جنھن جي چينيءَ ۾ معنيٰ آهي ’بادشاھہ.‘ چيني اڪثر ذات اڳيان لڳائين، جيئن ’ميمڻ وشال يوسف‘ تيئن ’وانگ ماليا‘ يا ’وانگ ين هوانگ‘.
مريم سڄي مارڪيٽ ۾ وشال جي ڪلھي تي ويٺل هئي ۽ سندس ٽھڪ پي پيا، جنھن تي سڀ ماڻھو خوش ٿي رهيا هئا ۽ کيس ’کھه آئي‘ چئي رهيا هئا. جنھن جي معنيٰ ٿي Cute. مريم پنھنجي طبيعت جي حوالي سان کلڻي ملڻي آهي، پاڙي ۾ سڀ کيس سڃاڻن، وشال جي هوٽل جي ٻاهران پئي ڦرندي آهي تہ هرڪو پيو کيس سڏيندو آهي، ”مريم.... مريم... ماليا ماليا...“
مريم ڄائي تہ ماڻھنس جي پيٽان آهي، پر سانڍي ڄڻ وشال آهي، ماڻھنس سوير ستين بجي نوڪريءَ تي هلي وڃي ۽ وري ڇھين بجي موٽي، تيسين اڪثر مريم گهر هجي يا هوٽل تي وشال جي حوالي يا وري ٿورو وقت کشين جي ڀيڻ وانگ ين ڇنگ جي حوالي.
*
شام جو هوٽل ۾ ويٺو هئس تہ وشال مون کي سڏ ڪيو تہ، ”ابو... اڄ تہ هڪ شئي ڏيکاريانوَ.“
ٻاهر نڪتس تہ وشال روڊ تي بيٺل پوليس جي گاڏين ۽ پوليس وارن ڏانھن اشارو ڪري چيو، ”اڄ ڪنھن پوليس کي اطلاع ڏنو هوندو تہ هتي روڊ جي ٻنھي پاسن گاڏين وارا ۽ مختلف شيون وڪڻندڙ گهوريئڙا ۽ سامان ڪندڙ مرد ۽ زائفائون بيٺيون آهن، سو پوليس هنن تي ريڊ ڪيو آهي. قانوني طور تي فوٽ پاٿ تي يا روڊ جي ڀر ۾ ائين ڪرڻ ڏوھہ آهي.“
”پر هي تہ روز بيٺا هوندا آهن، اها ڳالھہ پوليس کان لڪل تہ ڪونھي؟“ چيم.
”اڄ ڪنھن ڪمپلين ڪئي هوندي، سو پوليس ائڪشن کنيو آهي... باقي نہ تہ انھن پوليس وارن مان بہ ڪيترائي ڊيوٽي کان پوءِ پاڻ بہ اچي ريڙهيون هڻندا آهن.“ وشال وراڻيو. جنھن تي مون کي حيرت ٿي.
مون ڏٺو تہ اڌ ڪلاڪ اڳ جتي گاڏين ۽ گهوريئڙن جي رش لڳي پئي هئي، اتي ميدان صاف هو، ڪي تہ پوليس کي ايندو ڏسي ٽپڙ کڻي ڀڄي ويا هئا، ڪي وري سامان ٻڌي رهيا. هڪ يا ٻن جو سامان پوليس کڻي گاڏيءَ ۾ وڌو هو. جنھن بابت وشال ٻڌايو تہ هن کان ڏنڊ وٺي، پوءِ کيس سامان واپس ڪندا. باقي نہ ڪا پوليس جي وٺ پڪڙ، نہ لٺ بازي، نہ گارگند، نہ سامان کي اڇلائڻ، بس هڪ مھذب طريقو هو. فوٽ پاٿ ۽ رستو صاف ڪرائڻ جو-پوليس وارن ۾ پوليس واريون بہ هيون. ائين نئننگ ۾ اڪثر روڊ جي ٻنھي پاسن، گاڏن وارا ۽ گهوريئڙا، سامان رکيو پيا وڪڻندا آهن. خاص ڪري شام ۽ رات جو، ڪلاڪ ٻن کان پوءِ اسان هڪ هنڌان چڪر هڻي موٽياسون تہ ڏٺم، ساڳيا لاٽون، ساڳيا چگهہ. پوليس پنھنجي ڪاروائي ڪري رواني ٿي تہ همراهن وري موٽي اچي گاڏا ۽ پڙيون لڳايون هيون ۽ پنھنجي ڪرت ۾ لڳي ويا هئا. اهي گاڏا لوڊرن تي ٺھيل هئا.
پوليس جي ڳالھہ تان هڪ ڳالھہ ياد آئي تہ وشال واري فليٽ جي ڀر ۾ ئي پوليس اسٽيشن آهي، ٽه ماڙ عمارت ڏاڍي خوبصورت ٺھيل. صاف سُٿري، جنھن جا دروازا مون سدائين بند ڏٺا. ڪڏهن بہ ڪو پوليس وارو ٻاهر نہ ڏٺم، نہ ايندي ويندي، نہ ڪو گوڙ گهمسان، نہ هُل هنگامون. ڄڻ پوليس اسٽيشن هئي ئي ڪانہ ۽ نہ ئي وري ڪو مجرم ٻڌجندي ايندي ڏٺم. باقي گهٽي گهٽيءَ ۾ لڳل ڪئميرائن جي ذريعي هر شئي ۽ سرگرمي تي نظر رکندا آهن.
[16 آڪٽوبر 2024ع]
چين ۾ اڄ منھنجو اٺون ڏينھن آهي. في الحال تہ رڳو نئننگ ۾ رولاڪيون ڪندو وتان، روز شام جو وشال جي وني کشين نوڪريءَ تان موٽي، فريش ٿي، ڪار کڻي ايندي آهي ۽ اسان ڪنھن نہ ڪنھن پاسي نڪري ويندا آهيون. ڪار تہ وشال بہ هلائي ڄاڻي، پر ڊرائيونگ ليسن نہ هئڻ سبب هتي جي قانون موجب هلائي نہ ٿو سگهي. اڄ بہ نئننگ جي هڪ قديم ۽ تاريخي جاءِ Xiangs Lakes Town وياسين. جتي ڪافي دير وڙڪي ۽ فوٽوگرافي ڪئيسين. عمارتون ڏاڍيون لاجواب ۽ قديم طرز جون هيون. اتي ڪيتريون ئي مايون قديم ٽريڊيشنل لباس پھري ۽ مٿي تي تاج رکي وڙڪي رهيون هيون، جن سان گڏ ڪيترائي ماڻھو فوٽو ڪڍرائي ۽ مووي ڀرائي رهيا هئا. پر انھن ماين پاڻ سان گڏ فوٽو ڪڍرائڻ جا بہ پئسا ٿي ورتا. پاپي پيٽ لاءِ انسان کي ڇا ڇا نہ ٿو ڪرڻو پوي.
ڪار هلائيندي کشين ڪا ميوزڪ رکي آءٌ ساڻس اڳينءَ سيٽ تي ويٺس. وشال ۽ ماڻھنس مريم سان گڏ پويان ويٺا. ميوزڪ ڏاڍي خوبصورت هئي ۽ کشين بہ هلندڙ گاني سان گڏ ڳائيندي هلي، سندس آواز ڏاڍو سٺو هو ۽ گاني جي لئہ سان لئہ ملائيندي پي هلي، مون کيس غور سان ٻڌڻ شروع ڪيو. جڏهن گهر پھتاسين تہ مون کشين جي ڳائڻ ۽ آواز جي تعريف ڪئي، جنھن جو وشال ترجمو ڪري کيس ٻڌايو تہ خوشيءَ مان ٽڙي پئي ۽ چيائين تہ، ”پاپا توکي بہ ميوزڪ سان دلچسپي آهي.“ جواب ۾ ”هائو“ چيم تہ وٺي ٽھڪ ڏنائين ۽ چيائين، ”پاپا اچ تہ گڏجي ڳايون.“ خير اسان گڏجي تہ ڪونہ ڳايو، باقي جڏهن مون قلندر لال شھباز جي ڌمال ۾ هنيل پنھنجي ڌمال جي مووي ڏيکاريمانس تہ.... خوشي مان آڱوٺو مٿي ڪري ٽھڪ ڏيڻ لڳي.
ان دوران نسيم، وشال کان پڇيو. ”کشين جھڙي گُڏي ڪيئن هٿ ڪيئي.“ جنھن تي وشال مرڪندي کشين کي اها ڳالھہ ٻڌائي، جنھن وڏو ٽھڪ ڏيئي وشال جي گوڏي کي ڌڪ هنيو. وشال وراڻيو، ”اها وڏي ڪھاڻي آهي.“ جنھن تي مون چيو، ”پوءِ اها ڪھاڻي ڪڏهن ٻُڌبي.“
*
چين اچي چيني انقلاب ۽ حڪومتي نظام بابت ڳالھہ ٻولھہ نہ ڪجي تہ ڄڻ سفر مان ڪجهہ سکيو ئي ڪونہ.
1949ع ۾ جڏهن عوامي جمھوريه چين جو قيام عمل ۾ آيو تہ ڪميونسٽ پارٽيءَ ملڪ جو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ اشتراڪي فلسفي کي بنيادي اهميت ڏني. چين جي قيام وقت ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اڳواڻن جو مقصد هڪ جديد، سگهاري ۽ اثرائتي سوشلسٽ قوم بنائڻ هو. تنھنڪري چين جي آزاديءَ کان پھرين موجود سڀني سرمائيدار ڪمپنين ۽ ادارن کي قومي ملڪيت ۾ ورتو ويو. 1950ع کان وٺي 1978ع تائين چين جو معاشي نظام هڪ بئنڪ ’پيپلز بئنڪ آف چائنا‘ تائين ئي محدود رهيو. اها ئي بئنڪ مرڪزي حڪومت تحت ۽ خزاني واري وزارت جي نگرانيءَ ۾ ڪم ڪندي هئي. اها ئي بئنڪ سينٽرل بئنڪ ۽ ڪمرشل بئنڪ طور ڪم ڪندي هئي ۽ سڀئي معاملا اها ئي بئنڪ سرانجام ڏيندي هئي. جيستائين مائوزيتنگ جيئرو هو، ان وقت تائين چين روايتي اشتراڪي فلسفي جي سختيءَ سان پيروي ڪندو رهيو. ذاتي ملڪيت جو ڪو تصور نہ هو. معاشي سرگرمين ۽ زرعي پيداوار تي مڪمل طور حڪومت جو ڪنٽرول هو. شھرين کي هڪ رٿابنديءَ تحت کاڌي پيتي ۽ ضرورت جون ٻيون شيون ملنديون هيون. معيشت جي ان اشتراڪي بندوبست سبب چين کي زرعي پيداوار ۾ ڪمي ۽ ڏڪار کي منھن ڏيڻون پيو.
پر هاڻ صورتحال بدلجي چڪي آهي. اهو دور تہ ماڻھن کي هاڻ ڄڻ ياد ئي ڪونھي، جڏهن شھرين تي خوراڪ ۽ لباس جي معاملي ۾ راشن بندي يا ڪوٽا جي پابندي هئي (مرد توڙي عورتون هڪ ئي رنگ جا ڪپڙا پھريندا هئا) ۽ هاڻ ڳالھہ اتي اچي بيٺي آهي جو هوٽلن جون قطارون، غير ملڪي فوڊ آئوٽ ليٽس ۽ ڪپڙن جون نت نيون ڊزائيون ۽ نمونا، چيني مرد توڙي عورتون جديد فيشن وارا ڪپڙا پايو پيا هلن. اها تبديلي ڪيئن آئي.؟
1978ع ۾ چين ۾ سُڌارن جو عمل شروع ٿيو، انھن سڌارن جي عمل جو اڳواڻ ڊينگ زبائوپنگ (Deng Xiaoping ) هو. جنھن ان وقت چين جي اشتراڪي مارڪيٽ ۾ مارڪيٽ پرنسپل (Market principle) متعارف ڪرايو. سڌارن جو اهو عمل مختلف دورن ۾ ٿيو. 1970ع ۽ آخر ۽ اسي واري ڏاڪي جي شروع ۾ ان جو پھريون مرحلو شروع ٿيو. ان مرحلي ۾ زرعي شعبي، پر ڏيھي سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار شروع ڪرڻ جي لاءِ گهربل اجازت جي حوالي سان سڌارن جو عمل شروع ڪيو ويو. پر ان پھرينءَ مرحلي ۾ گهڻي تڻي صنعت حڪومت جي هٿ ۾ رهي. ٻيو مرحلو 1980ع جي آخر ۽ 1990ع جي شروعات ۾ ٿيو. ان دوران نجڪاري جو واڌارو، رياستي ملڪيتي ادارن کي ٺيڪن تي ڏيڻ ۽ پرائس ڪنٽرول ختم ڪيو ويو ۽ نيون پاليسيون ۽ قانون جوڙيا ويا ۽ نجي سيڪٽر ۾ واڌارو ٿيو. جنھن سان غربت ۾ ڪمي ۽ آمدني ۾ واڌارو ٿيو. زرعي شعبي ۾ سڌارن جو عمل 1978ع کان 1984ع تائين ٿيو. جنھن ۾ سڀ کان پھرين ’هائوس هولڊ ريسپانسلٽي سسٽم‘ جي شروعات ڪئي ويئي. ان سسٽم جي شروعات جو سلسلو بہ دلچسپ آهي. چين ۾ زمين جي نجي ملڪيت جو ڪو تصور ڪونھي. اهو نظام زراعت ۾ بہ لاڳو هو. جتي هاري گڏيل پوکي راهي ڪندا هئا. نامناسب زرعي پاليسين ۽ حڪومتي بي ڌيانيءَ سبب چين کي 1950ع جي آخر ۾ ۽ 1960ع جي شروعات ۾ سخت ڏکاين ۽ ڏڪار کي منھن ڏيڻون پيو. اهڙي صورتحال ۾ چين جي علائقي Chengdu (چينگ ڊو) جي هڪ ڳوٺ جي رهاڪن 1960ع جي شروع ۾ وقت جي حڪومت جي پاليسيءَ جي خلاف وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هنن ”عوامي ڪميون‘ جي بدران ’هائوس هولڊ فارمنگ‘ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڪميون جي زمين کي هرڪٽنب ۾ هڪ جيترو ورهايو ويو ۽ هر ڪٽنب پنھنجي حصي ۾ ايندڙ زمين تي پوکي ڪرڻ جو ذميوار هو ۽ جڏهن فصل تيار ٿي ويندو هو تہ هر ڪٽنب پنھنجي حصي جي رياستي ڪوٽا ڏيڻ جو پابند هو. ان سسٽم ۾ اهو فائدو هو تہ رياستي ڪوٽا ڏيڻ کان پوءِ جيڪو فصل بچندو هو، اهو اُن ڪُٽنب جو هوندو، جيڪو اهو مارڪيٽ ۾ وڪڻي وڌيڪ ناڻو ڪمائي ٿي سگهيو. ان سسٽم جو اطلاع 1962ع ۾ بيجنگ جي مرڪزي حڪومت تائين پھتو. حڪومت فوري طور تي اهو ختم ڪرڻ جون بہ هدايتون ڏنيون ۽ پراڻو سسٽم جاري رکڻ جو چيو. ڳوٺاڻن حڪومتي فيصلي کي مڃي ورتو. اڳتي هلي 1970ع ۾ اهو نظام ٻيھر اُڀريو. جڏهن ان ’هائوس هولڊ فارمنگ‘ سسٽم جو اطلاع ’ڊينگ زيائوپنگ‘ تائين پھتو تہ هن ان ۾ وڏي دلچسپي ورتي. ڊينگ زيائوپنگ جي ساٿين انھوئي (Anhui) ۽ سيچوان (Sichuan) ۾ ’هائوس هولڊ فارمنگ‘ جا آزمائشي تجربا ڪيا. جڏهن ڊينگ زيائوپنگ سُڌارن جو عمل شروع ڪيو تہ هن 1979ع ۾ ڪجهہ پارٽي اڳواڻن جي مخالفت جي باوجود ان ’هائوس هولڊ فارمنگ‘ کي سڄي چين ۾ لاڳو ڪري ڇڏيو ۽ صوبائي اڳواڻن کي پنھنجن حدن ۾ ان سسٽم کي جاري ڪرڻ جون هدايتون بہ ڪيون. جيتوڻيڪ زمين اڃا بہ رياست جي ئي ملڪيت هئي، پر ڪُٽنبن کي پندرهن سالن جي ليز تي پوکيءَ لاءِ ڏني ويئي. کين رياستي ڪوٽا پوري ڪرڻي هئي، واڌو فصل سندن ٿيڻون هو. اڳتي هلي ان ليز جي مدت ۾ واڌارو ڪيو ويو. 1993ع ۾ ان جي مدت پندرهن سالن مان وڌائي ويھه سال ڪئي ويئي ۽ 2003ع ۾ اها وڌائي ٽيھه سال ڪئي ويئي. ’هائوس هولڊ ريسپانسيبلٽي سسٽم‘ ڏاڍي تيزي سان وڌيو. 1984ع تائين چوويھه ملين گهراڻا ان سسٽم ۾ شامل ٿيا. هڪ ڏاڪي جي اندر ئي هارين جي آمدني 47 ڊالرن مان وڌي 105 ڊالرن تائين پھچي ويئي. اسي واري ڏاڪي ۾ زرعي پيداوار ۾ ساليانو پنج سيڪڙو واڌارو ٿيو. ان سان گڏوگڏ مخصوص زرعي پيداوار جي بہ شروعات ٿي. ڪئشن ڪراپ ۽ لائيو اسٽاڪ بہ ان ڏهاڪي ۾ شروع ٿي. ان سسٽم هارين جي مالي حالت کي بدلائي کين وڌيڪ سُکيو ستابو ڪيو. اهو سسٽم سخت اشتراڪي نظريي جي بدران وڌيڪ آزاد هو. جيڪو اختيار ڪرڻ سان چين جي ترقي جي دور جي شروعات ٿي، هينئر چين ۾ ’ڪميون سسٽم‘ بدران ’هائوس هولڊ سسٽم‘ لاڳو آهي.
اهي ئي قومون ترقي ڪري اڳتي وڌن ٿيون، جيڪي حالتن جي تقاضائن موجب پنھنجي سسٽم کي بدلائين ٿيون ۽ ان ۾ سُڌارا ڪن ٿيون، ۽ چين ان جو روشن مثال آهي.
[17 آڪٽوبر 2024ع]
رات جيئن ئي Minsheng wharf پڪنڪ پوائنٽ تان موٽندي گهرجي ويجهو پھتاسين، تہ مينھن وسڻ لڳو ۽ ٿوري دير کان پوءِ تيز ٿي ويو. ان مھل منھنجي ذهن ۾ ڳالھہ آئي ’جي هھڙو مينھن حيدرآباد ۾ وسي تہ بجلي موڪل ڪندي دير ئي نہ ڪري.‘ پاڪستان ۾ بجلي جي بحران سبب نہ رڳو ملڪي معيشيت ۽ ماڻھن جا ڪاروبار تباھہ ٿي ويا آهن، پر ماڻھن جي زندگي بہ عذاب بنجي ويئي آهي. مٿان وري بجلي جا ڳاٽي ڀڳا بل، جن ماڻھن کي ذهني ۽ نفسياتي مريض بنائي ڇڏيو آهي.
برسات ڪلاڪ سوا وسندي رهي. ڏينھن جو ڪافي جُھڙ هو. رات ٿوري ٿڌ ٿي، پر ڏينھن جو گرمي محسوس ٿي. وشال ٻڌايو تہ نئننگ ۾ اڪثر برسات وسندي رهندي آهي. معمول موجب صبح جو سوير جاڳ ٿي، وشال بہ سوير اُٿيو، جو کيس سندس هڪ هوٽل جي شيف رضوان جي ويزا وڌرائڻ لاءِ واسطيدار آفيس وڃڻون هو. ان کان اڳ پاڻ چانھه ڪاڙهي وڏو پيالو مون کي ڀري ڏنائين، ٻيو پاڻ پيتائين. ڊبل روٽيون سوير وٺي آيو هو. جيڪي کاڌم، ڏاڍيون لذيذ هيون. پھرين ڏينھن بہ وٺي آيو تہ ٻي ڏينھن مون خاص فرمائش ڪئي مانس تہ سڄو اڌ ڊزن وٺي آيو، جيڪي سڀ مون رُکيون ئي چٽ ڪري ڇڏيون.
رات Minshen wharf پڪنڪ پوائنٽ تي وياسين، جيڪا نئننگ مان وهندڙ ندي جي ڪناري تي ٺھيل آهي. نديءَ ۾ بوٽ بہ هلي رهيا هئا. ماڻھن جي رش گهٽ هئي، جو هتي هر پڪنڪ پوائنٽ تي پنجين بجي کان پوءِ رش گهٽجي ويندي آهي. يا ڪي وري بند ٿي وينديون آهن. اندر گهڙياسين تہ مختلف هنڌن تي ڪيتريون ئي مايون ٽولين جي صورت ۾ ايڪو سائونڊ لڳائي موسيقيءَ جي ڌُن تي ڊانس ڪري رهيون هيون. معلوم ٿيو تہ اهي سٺ سال يا ان کان وڏي عمر جون آهن. ۽ روزانو هتي اچي ڪلاڪ ڏيڍ ڊانس ڪنديون آهن. جيئن پاڻ کي جسماني طور تي فٽ رکي سگهن. هونئن بہ چينين جي عمرين جو اندازو مشڪل سان لڳائي ٿو سگهجي، جو هو سڻڀ، کنڊ وغيرہ تہ کائين ئي ڪونہ. اڪثر کاڌا اوٻاري کائين ۽ سُمھن ڀلي ڪيڏي مھل بہ، پر ماني ڇھين بجي کائي ڇڏيندا آهن ۽ لنچ ٻارهين بجي ڪندا آهن. باقي چٽو تہ سڄو ڏينھن پيا ڪندا آهن. ان ڪري سندن صحت سٺي هوندي آهي.
آسپاس وڏيون وڏيون عمارتون هيون جيڪي روشنين سان جڳمڳائي رهيون هيون، بوٽس ۽ پُليون بہ روشني سان ٻري رهيون هيون. آسپاس ڏاڍا خوبصورت ۽ دل لڀائيندڙ منظر هئا. ڪافي دير اتي وڙڪندا رهيا، پوءِ موٽي آياسين.
اڄ مريم اڳوڻن سڀني ڏينھن جون ڪسرون ڪڍيون ۽ مون کي واھہ جو ڊوڙايو، جنھن سبب ٿڪجي پيس. سچي ڳالھہ اها آهي تہ مريم کان هڪ گهڙي بہ ڌار ٿيڻ تي دل نہ ٿي چوي، سڄو ڏينھن پئي ٽھه ٽھه ڪندي، کلندي ۽ ڊوڙندي آهي.
وشال ٻڌايو تہ هڪ سنڌي دوست علي زين جيھجو آهي، جيڪو توسان ملڻ ٿو گهري. تنھنڪري شام جو تيار ٿي وشال جي هوٽل تي پھتس. ڏهن منٽن اندر علي بہ اچي پھتو، وڏي حُب مان ملياسين ۽ ڪلاڪ سوا ڪچھري ڪندا رهياسين. علي اصل ٽنڊي ڄام جو آهي. وٽرنري ڊاڪٽر آهي ۽ هتي ڪنھن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي رهيو آهي. جيترا بہ ڏينھن نئننگ ۾ رهيو آهيان، علي پھريون سنڌي آهي، جنھن سان ملاقات ٿي آهي. علي ٻڌايو تہ گوانگسي يونيورسٽي ۾ سئو کن پاڪستاني شاگرد آهن، جن مان فقط ٽي سنڌي آهن. هتان جون يونيورسٽيون داخلائون بہ آسانيءَ سان ڏين ٿيون تہ اسڪالرشپ بہ ڏين ٿيون. مون ۽ وشال ڪوشش ڪئي تہ سنڌي ڇوڪرا اچن، پر سنڌي ڇوڪرا ريسپانس گهٽ ٿا ڏين. علي سان ڪلاڪ کن ڪچھري ٿيندي رهي، پوءِ وري ٻيھر ملڻ جو چئي موڪلائي ويو. عليءَ زندھہ دل ۽ کلمک همراھہ هو.
جڏهن چين آياسين تہ ان جي ٻي ڏينھن وشال چيو تہ کشين جي اميءَ فون ڪري چيو آهي تہ ابو ۽ اميءَ کي ڳوٺ وٺي اچج. ٽيون ڏينھن چيائين تہ: سڀاڻي نہ پرينھنءَ کشين جي ماءُ اوهان سان ملڻ جي لاءِ ايندي. علي موڪلائي ويو تہ ٿوري ئي دير ۾ وشال ٻڌايو تہ کشين جي ماءُ اچي ويئي آهي. اچ تہ ساڻس ملون. آءٌ اٿي ٻاهر نڪتس، ڏسان تہ هڪ اڇي رنگ جي ڪار بيٺي هئي، جنھن مان هڪ چيني نوجوان ۽ ٽي جهونيون چينياڻيون لھي هيٺ بيٺيون هيون. ٽيئي هڪ جھڙيون ۽ جھڙوڪر هم عمر. آءٌ ٿورو مُنجهيس تہ هنن مان وشال جي سس ڪھڙي آهي؟ تيسين وشال اچي هڪ جهونيءَ ڏانھن اشارو ڪري مون کي چيو، ”ابو هيءَ کشين جي امي آهي.“ ان جهوني کي چيائين، ”مما... هي منھنجو پپا آهي.“ جنھن تي هن کلي مون سان هٿ ملايو، پوءِ نوجوان ۽ ٻنھي جهونين بہ کلندي کلندي مون سان هٿ ملايو. وشال ٻڌايو تہ هي ٽيئي پاڻ ۾ ڀينرون آهن. هي کشين جو ڪزن ۽ هي ٻيئي ماسيون اٿس. جن بہ کلندي ۽ ٽھڪ ڏيندي هٿ ملايو. کشين جي ماءَ کي ڪلھي ۾ موبائيل پئي هئي ۽ پاڻ سان تمام گهڻو سامان کڻي آئي هئي، جنھن ۾ ڪُٺل ديسي ڪڪڙيون، بدڪون، اکروٽ، ونگا، مڪئي جا سنگ، سلاد جا پنا ۽ ٻيو گهڻو ڪجهہ ۽ ان سان گڏ رنگا رنگي رڌيل چانور بہ. جيڪو سڀ سامان وشال کڻائي اندر رکرايو. کشين جي ماءُ جون ڀيڻيون ٻاهران ئي موڪلائي کلندي هليون ويون. وڃڻ مھل ماسين دعوت ڏني تہ سڀاڻي اسان جي گهر اچجو.
کشين جي ماءُ يعني مريم جي ناني ۽ نسيم يعني مريم جي ڏاڏي اندر اچي گڏ ويٺيون ۽ هوءَ نسيم ۽ مون سان چائينز ۾ ڳالھائڻ لڳي، پر ’زبان من چيني، نمي دانم‘ واري ڪار هئي، [آءٌ سنڌيءَ ۾ سعيو ڪيان، هو پٺاڻڪيون پُڇن] سو رڳو کلندا رهياسين. ان مھل کشين ۽ سندس ڀيڻ سندس آندل ونگا وڍي ڇلي کائڻ لڳيون، ڪجهہ ٽڪرا اسان بہ کاڌا تہ اهي ونگا اسان وارن ونگن کان گهڻا ٿلھا ۽ ڊگها هئا. هڪ هڪ ونگو اڌ اڌ مُني مُني ڪلي جو. هن پاڻ سان آندل رنگارنگي چانور بہ اسان کي کائڻ لاءِ چيو، جيڪي هو آڪٽوبر فيسٽيول جي موقعي تي پڻ ٺاهينديون آهن. سندن دل رکڻ لاءِ ٻہ ٽي گروھہ وڌاسين، پر صفا ٿڌا ۽ ڦڪا هئا. چيني هونئن بہ ڦڪا کاڌا کائين ۽ چانورن جا تہ وڏا شوقين. پر نہ وڻيا، سو ”شي- شي“ (مھرباني) چئي کڻي هٿ ڪڍيوسين. ٿوري دير کان پوءِ ماءَ ۽ ٻيئي ڌيئرون ماني کائڻ لاءِ ٻي هوٽل روانيون ٿيون، اسان کي بہ صلاح هنيائون، پر اسان اڳ ۾ ئي ماني کائي ڇڏي هئي، سومعذرت ڪئيسين.
اڄ مون پھريون ڀيرو بازار ۾ چيني ڪرنسيءَ ۾ لين دين ٿيندي ڏٺي، نہ تہ هيستائين ٽئڪسيءَ جي ڪرائي کان وٺي هڪ يوان جي شئي جي ڏيتي ليتي ’وي...چيٽ‘ ايپ ذريعي ٿيندي ڏٺي. هيستائين مون کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ چين ۾ ڪرنسي نوٽن ۽ سڪن جو وجود ئي ڪونھي، پر هڪ دڪان تي بيٺا هئاسين تہ هڪ چيني ڪرنسي نوٽ ڪڍي دڪاندار کي ڏنا. جيتوڻيڪ مون پنج سؤ آر. ايم. بي ڪراچي مان ورتا هئا ۽ ايترائي يوان جا مختلف نوٽ هڪ يوان کان وٺي سؤ يوان تائين مون کي وشال ڏنا تہ رک متان ڪٿي کپن، پر انھن مان هڪ يوان بہ ڪٿي خرچ ڪرڻ جو موقعو نہ ڏنو اٿئين.
رات جو ڀرواري مارڪيٽ جو چڪر هنيوسين، جيڪا سڄي ماڻھن سان ڀري پئي هئي. اتي اگهہ هر شئي تي چٽڪين جي صورت ۾ لڳل هئا، ۽ ان سان گڏ دڪان جي ٻاهران اهو بہ لڳل هو تہ هيتري ڊسڪائونٽ ڏني ويندي. هتي بہ اڪثريت عورتن جي ڪم ڪندي نظر آئي. جنھن تي مون وشال کان پڇيو تہ ”ڀلا چين جا مرد ڪم نہ ڪندا آهن ڇا، جو هر هنڌ ماين جو وڏو تعداد ڪم ڪندو پيو نظر اچي.“
جواب ڏنائين تہ، ”مرد صبح جو نوڪرين تي وڃن ۽ ٻيا ڌنڌا ڪن، هتي ساڍي ستين کان وٺي ڇھين تائين آفيس ٽائم آهي. ٻيو تہ هنن جو پگهار ايتري تہ گهٽ آهي. يعني ٽي يا چار هزار يوان، جن مان سندن گهر هلڻ مشڪل ٿيو پوي، تنھنڪري عورتون بہ ڪم ڪن. هو اسان کي چوندا آهن تہ اوهان غير ملڪين جا ٺٺ آهن. جن کي حڪومت وڏيون پگهارون ٿي ڏي. ان ڪري چيني بہ ٻاهر وڃي ڪمائڻ يا نوڪريون ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ٻيو سبب اهو آهي تہ هتي هر ڪو ڪمائي، ڪير واندو ڪونہ ويھي. ان ڪري عورتون ڪم ڪري ۽ نوڪريون ڪري گهر هلائڻ ۾ حصو پتي وٺن.“ اهي ڳالھيون ٻڌي منھنجي ڄاڻ ۾ واڌارو ٿيو، چيني عورت هونئن بہ بھادر ۽ سيلف ميڊ آهي، زندگي جي هر شعبي ۾ اهي وڏي تعداد ۾ نظر اچن ٿيون. فوج ۾ پڻ انھن جو وڏو تعداد آهي. آزاديءَ جي جنگ ۾ بہ انھن ڀرپور حصو ورتو. ’مائوزيتنگ‘ چين جي اهڙين سمورين عورتن کي پنھنجي هڪ شعر ۾ هن ريت خراج تحسين پيش ڪيو آهي.
صبح جا پھريان ڪرڻا
سکيا جي ميدانن کي سُھائون ڪن ٿا
۽
هي سُھڻيون بھادر ڇوڪريون
هوا ۾ دليريءَ سان
پنج فوٽ ڊگهين رائفلن سان
سکيا جي ميدان ۾ موجود آهن
چين جون ڌيئرون
هڪ وڏي اٽل ارادي واريون
اوهان سخت فوجي لباس کي
نرم ريشمي لباس تي
ترجيح ٿيون ڏيو.
مائوزيتنگ جي دور ۾ عورتن کي برابري جا حق ڏيڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا. 1950ع ۾ قانون منظور ڪري جبري شادي جي رسم ختم ڪئي ويئي. عورتن جا پير ٻڌڻ جي رسم بہ ختم ڪئي وئي. ڊينگ زيائوپنگ جي دور ۾ عورتن ۽ مردن جي وچ ۾ معاشي اڻ برابري ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي فيصلا ڪيا ويا.
مائوزيتنگ جي مشھور چوڻي آهي تہ ’عورتون اڌ آسمان جهلين ٿيون.‘ جديد چين ۾ جيتوڻيڪ عورتن کي برابريءَ جا حق حاصل آهن، پر سياست جي ميدان ۾ مردن کي بالادستي حاصل آهي. شھري ۽ ملڪي سطح تي اعليٰ عھدن تي عورتن جو حصو ڏھہ سيڪڙو آهي. ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اعليٰ سطحي ادارن ۾ عورتن جي نمائندگي گهٽ آهي. اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ ۾ ڪابہ عورت شامل ڪونھي. تنھنڪري پاڻ اهو چئي سگهون ٿا تہ سياست ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن جي نمائندگي گهٽ آهي.
هڪ سروي موجب مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن جي تعليم جو تناسب گهٽ آهي. عورتن کي صحت جا هڪجھڙا حق حاصل آهي. چين ۾ آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ’ون چائلڊ‘ پاليسي لاڳو ڪئي ويئي. جڏهن گهربل هدف حاصل ٿي ويو تہ ڪٽنبن کي ٽي ٻار پيدا ڪرڻ جي موڪل ڏني ويئي. 2021ع ۾ پاپوليشن ڪنٽرول جي سلسلي ۾ سڀئي پابنديون ختم ڪيون ويون. عورتن کي ملڪيت جو حق ڏنو ويو تہ جيئن هو معاشي طور تي سگهاريون ٿي سگهن. 1991ع ۾ نوڪرين جي سلسلي ۾ هر صنفي متڀيد کي ختم ڪيو ويو ۽ مردن ۽ عورتن کي نوڪريون حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪجھڙا موقعا ڏنا ويا آهن.
[18 آڪٽوبر 2024ع]
جاڳ ٿي تہ وشال جيڪو جوگر ڏنو هو، اهو پاتم ۽ ٻاهر واڪ تي نڪري ويس. ميل سوا پري چوڪ تائين ويس، ٽريفڪ اڃا گهٽ هئي. ماڻھو بائيڪن تي پنھنجي نوڪرين تي وڃي رهيا هئا، ڪي پنھنجي ٻارن کي پويان ويھاري اسڪول ڇڏڻ پي ويا. روڊن کي سئيپر صاف ڪري رهيا هئا. واڪ ڪندي ڏاڍي فرحت محسوس ٿي. گهر موٽيس تہ وشال جاڳي چڪو هو ۽ ٻاهر ويٺو هو. آءٌ جوگر لاهي صوفي تي ليٽي پيس، ۽ ننڊ کڻي ويم. رات جو ڪيترائي ڀيرا ٻانھن جي سور جي ڪري جاڳ ٿئي ٿي ۽ ڪلھہ کان وٺي ٽنگن ۾ بہ سور ٿو پوي. جڏهن کان هتي آيو آهيان تہ بھتر ۽ ٺيڪ هئس. هاڻ ٻن ڏينھن کان اهي سور وري بہ چُريا آهن. دوائون بہ کاوان پيو... شايد اي سي ۾ سمھڻ جي ڪري جو اها عادت نہ اٿم. ڪمري ۾ پکو لڳل ڪونھي، گهر جي ٽنھي ڪمرن ۽ ٻاهر اي سيون لڳل آهن. سڄي فليٽ ۾ فقط هڪ پکو ٻاهر لائونچ ۾ لڳل آهي، نئننگ جي موسم ٿوري گرم هئڻ سبب ايئر ڪنڊيشن جو واهپو وڌيڪ آهي، ٻيو نہ ڪو بجلي جو بحران نہ وري ڪو ڳاٺي ڀڳا بل. بجلي جا اگهہ مناسب آهن.
ٿوري دير کان پوءِ اک کلي تہ وشال کي چيم ”پشو! چانھہ تہ ٺاهي وٺ.“ شاگردي واري زماني ۾ پاڻ ئي رڌ پچاءُ ڪرڻ ۽ ماني ٺاهڻ سبب وشال ڏاڍي سٺي رڌ پچاءَ بہ ڪري ويندو آهي. انھن ڏينھن مون کي ياد آهي تہ جڏهن ڪا ٻوڙ وغيرہ ٺاهيندو هو تہ ماڻھنس کي فون ڪري پُڇندو هو ۽ ماڻھنس رهنمائي ڪندي هيس. وشال چانھه ٺاهڻ ويو تہ مون کي وري ننڊ اچي ويئي. الائي ڇو ٿڪاوٽ پي محسوس ٿي.
وشال چانھه ٺاهي کڻي آيو ۽ مون کي چانھه ڏيندي چيائين، ”ابو! چانھه پي پوءِ تيار ٿي وٺ تہ زو zoo هلئون. پوءِ وري جمع نماز پڙهڻ هلنداسين.“
اڄ جمع جو ڏينھن هو ۽ کشين کي بہ ڪم تان موڪل هئي. سو اها بہ اسان سان گڏ هلڻي هئي.
جڏهن هتي آيو هئس تہ مون وشال کي چيو هو تہ مون کي زو zoo ضرور وٺي هلج جو مون کي ’پانڊا‘ ڏسڻا آهن. پانڊا جو نسل فقط چين ۾ ملي ٿو ۽ نھايت ئي دلچسپ جانور آهي. منھنجي خيال ۾ تہ چين جو قومي جانور بہ آهي، هو بانس جي ٻيلن ۾ رهي ٿو ۽ سندس کاڌو بہ بانس جا پتا ۽ لٺيون آهن. بس الائجي ڇو مون کي پانڊا ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هو. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ پاڪستان ۾ پانڊا صابڻ تي آءٌ پانڊا جي تصوير ڏسندو رهندو آهيان.
طبيعت ۾ مزو نہ هئڻ سبب پھرين مون سوچيو تہ وشال کي چوان تہ اڄ نہ ٿا هلون، پر کشين ۽ سندس ماءُ تيار ٿي رهيون هيون ۽ سندس راتوڪيون ٻئي ماسيون بہ اتي اچڻيون هيون. سو نہ چاهيندي بہ اٿي تيار ٿيڻ لڳس.
تيار ٿي پنج ئي ڄڻا آءٌ وشال ماڻھنس، کشين جي ماءُ ۽ کشين اچي ڪار ۾ ويٺاسين. مريم تہ هونئن بہ اسان کان ڌار نہ هئي. کشين ڪار جو اسٽيرنگ سنڀاليو ۽ ڪار نئننگ جي رستن تي ڊوڙڻ لڳي. زو zoo ايترو پري نہ هو، پندرهن منٽن جي ڊرائيونگ کان پوءِ اتي پھچي وياسين. کشين جون ٻئي ماسيون اڳ ۾ ئي اتي پھچي چڪيون هيون.
Nanningپارڪنگ ۾ ڪار پارڪ ڪري اسان هيٺ لٿاسين ۽ ٿورو هلي زو جي گيٽ تي پھتاسين. جتي مٿي چيني ۽ انگريزي ۾ لکيل هو. zoo ان دوران کشين ٽڪيٽون وٺي آئي، جيڪي خود ڪار مشين سان ٽچ ڪري اسان اندر گهڙياسين. سامھون ئي کشين جون ٻيئي ماسيون، ٺھيون جُڙيون، روايتي چيني لباس ۾ ٽوپلا پايو بيٺيون هيون. هو موبائيل سان فوٽوگرافي بہ ڪري رهيون هيون. ساڻن ٽي ڀيڻ کشين جي ماءُ گڏي تہ سندن خوشي ڏسڻ وٽان هئي. اسان ٿورو اڳيان وڌي هڪ هنڌ بيٺاسين تہ ٽيئي ڄڻيون، سامھون ٺھيل هڪ ڪمري ۾ گهڙي ويون. ٿوري دير کان بہ اهي ۽ هڪ ٻي مائي سندن ئي جھڙي ڊريس ۾ اچي اسان جي اڳيان بيٺيون، جنھن تي مون وشال کان پڇيو تہ، ”کشين جي ماءُ ڪيڏانھن ويئي.“ جنھن تي وشال وراڻيو، ”هيءَ تہ تنھنجي ڀر ۾ بيٺي آهي.“ مون کيس غور سان ڏسي وٺي ٽھڪ ڏنو. اصل ۾ هوءَ ڪمري ۾ وڃي ڀيڻن جھڙو لباس ۽ مٿي تي ٽوپلو پائي آئي هئي، تنھنڪري مون نہ سُڃاتي مون کي ٽھڪ ڏيندي ڏسي وشال ۽ ماڻھنس سميت هو ٽيئي بہ کلڻ لڳيون. البت کين اهو نہ ٻڌايوسين تہ اسان ڇو کليا آهيون.
انھن ٽنھي ڀيڻن جي پاڻ ۾ وڏي پريت هئي. اسان ٿورو اڳتي وڌي وياسين، پر هي ٽئي پاڻ ۾ کلنديون، کجڪا ڪنديون، فوٽوگرافي ڪنديون ڄڻ ڪي الھڙ ڇوڪريون هجن، پنھنجي منھن گهمڻ لڳيون. اسان جڏهن ڪافي اڳتي هلي پانڊا ڏسي، ٿڪي ٻاهر اچي پھتاسين تہ هي ٽيئي پري کان کلنديون، ٽوپلا پايو اچي پھتيون. منھنجي مٿي تي پگهر جا ڦڙا ڏسي کشين جي ماءُ پھرين پنھنجي نرڙ ڏانھن پوءِ منھنجي نرڙ ڏانھن اشارو ڪندي چيو، ”ڏس تون پگهريو پيو آهين، پر منھنجي مٿي تي پگهر جو ڦڙو بہ ڪونھي.“
دل ۾ چيم مايون سڳوريون اوهان آهيو بنا ملاوٽي ۽ سچن گيھن ۽ سخت محنت ۽ ڊسيپلين ۾ پليل نپيل ۽ اسان آهيون اسلامي ڀائيچاري واري ملڪ ۾ ملاوتي کاڌن تي پليل، سو اسان جي ايمان جي سلامتي آهي، باقي اسان جا ٽپڙ پورا آهن. سو اوهان سان ڪير پُڄي.
ان مھل مون ٽنھي ماين سان گڏجي فوٽو ڪڍايو، جيڪو پوءِ فيس بوڪ تي ’پنھنجي چيني مائٽياڻين سان گڏ‘ جي عنوان سان رکيم تہ دوستن ڏاڍا دلچسپ ۽ مزيدار تبصرا ڪيا. ’مسافر هاليپوٽي‘ تہ مرڳي ان تي بيت جوڙي ورتو:
دڙي جون دانھون، ويون توکان وسري
ڪيئن چوان آءٌ تہ چاھہ نہ رکو چينين سان.
انھن ٽنھي جي پاڻ ۾ اهڙي پريت ڏسي منھنجي گهر واريءَ چيو، ”هنن ڀيڻن ۾ ڪيتري نہ محبت آهي، هڪ اسان جون ڀيڻيون آهن، جيڪي ڳالھہ ڳالھہ تي ڇتيون ٿيو پون.“
جنھن تي مون کان وڏو ٽھڪ نڪري ويو ۽ چيومانس، ”هي مايون وانديون ويھن ڪونہ، سڄو ڏينھن ڪم ڪار ۾ رڌل ۽ جڏهن ملن ٿيون تہ وڙهڻ بدران خوب انجواءِ ڪن ٿيون. ڏٺئي ڪونہ تہ ڪھڙيون نہ بود ۾ ڀريل آهن.“
انھن ماين کي پويان ڇڏي اسان اڳتي هلڻ لڳاسين. ڀولڙا، بدڪون ۽ ٻيا جانور ڏسندا پنڌ ئي پنڌ... زو zoo تمام وڏو ۽ تمام سھڻو ۽ صاف سٿرو آهي، هنڌ هنڌ تي ٽوائليٽ، ٽڪ شاپ، ويھڻ لاءِ بئنچون رکيل ۽ سھڻيون عمارتون ٺھيل آهن ۽ وري وڻن ۽ گلن جو جھان ئي الڳ. صفائي سُٿرائي تہ ڄڻ هنن جو سڄو ايمان هجي. اهڙي وڻندڙ ماحول ۾ سچ پچ تہ ماڻھو مست ٿيو پوي. اسان رستو ڏيئي اڳتي وڌياسين، پر هاڻ هلڻ نہ پي پُڄيو. زو ۾ گهمندڙن کي وزيٽر گاڏيون بہ کڻي گهمائي رهيون هيون. هو هڪ ايندڙ گاڏي کي هٿ ڏنوسين. بيٺي تہ ڊرائيور مائي کان پُڇيوسين تہ کڻي هلندينءَ. هن هائوڪار ڪئي. ٽڪيٽ جا پئسا ورتائين ۽ اسان چئني جي ڪرائين ۾ هڪ پٽو ٻڌائين. جيئن سڃاڻپ ٿي سگهي تہ هنن ٽڪيٽ ورتي آهي. گاڏي ٿورو اڳيان هلي ۽ هڪ هنڌ بيٺي تہ ڊرائيور مائيءَ اشارو ڪيو تہ سامھون ڏسي اچو. اسان ۽ ڪجهہ ٻيا ماڻھو لٿا. زو zoo جو اهو پورشن ڏيڏرن، ڪڇن ۽ نانگن جو هو. اسان اهو ڏسي موٽياسين تہ گاڏي نہ هئي، جنھن تي پريشان ٿي وياسين. وشال چيو تہ گاڏي کڻڻ ايندي، اسان ان آسري ۾ اتي بيھي رهياسين. ان وچ ۾ ٽي چار گاڏيون آيون ۽ لنگهي ويون، پندرهن ويھه منٽ گذري ويا، پر اسان واري گاڏي نہ آئي. تيسين هڪ ٻي گاڏي آئي. ان مان ڪجهہ ماڻھو لٿا تہ ڊرائيور مائيءَ اسان کي اشارو ڪندي چيو تہ هلو ٿا. اسان چيو ها تہ ڪرائي مٿي ڪيائين تہ پٽو ڏيکاريو. پٽو ڏيکاريوسين تہ چيائين اچو ويھو. اسان وڃي گاڏيءَ ۾ ويٺاسين، وشال چيني ۾ ڪجهہ پڇيس تہ چيائين ”اوهان ٽڪيٽ جا پئسا ادا ڪري چڪا آهيو، هاڻ ڪنھن بہ گاڏي ۾ چڙهي سگهو ٿا.“ جنھن تي اسان ”شي شي“ چئي سندس مھرباني مڃي.
”واھہ واھہ چڱو ٿيو جو محترمہ تو اسان جي رهنمائي ڪئي نہ تہ اسان بيھي بيھي ڪاٺ ٿي وڃون ها.“
رستي تي ڪيترائي ماڻھو، مرد، عورتون ۽ ٻار پنڌ بہ وڃي رهيا هئا ۽ ڪيترن ئي اسڪولن جا ٻار بہ پنھنجي پنھنجي اسڪولن جي ڌار ڌار ڊريسن ۾ پنھنجن استادن ۽ استادياڻين سان گڏ زو گهمي رهيا هئا. ٻارڙا نھايت ڊسيپلين ۾ ۽ قطارن ۾ پي هليا، نہ ڪو هُل نہ هلڙ بازي. ڪٿي ڪٿي تہ استاد ٻارن کي ڪسرت بہ ڪرائي رهيا هئا. چيني ٻارن کي ڏسي سچ تہ خوشي ٿي، مِنا، چُونچا، ڄڻ سڀ هڪ ئي سانچي مان نڪتا هجن.
اسان هڪ هنڌ لٿاسين، جتي زرافه ۽ زيبرا هئا. زرافه کي اڳ ۾ رڳو جاگرافي چينل تي ڏٺو هئم، سندن ڪنڌ ڊگها ۽ ٽنگون سگهاريون، رنگ پٽا پٽي. ڏاڍو خوبصورت جانور هو. اتي ڪيترائي ننڍا وڏا زرافه هئا، جن کي سندن قدرتي ماحول ٺاهي رکيو ويو. ٿورو اڳيان وڌياسين تہ مسٽر زيبرا تي نظر پئي، اهو گڏھہ جيڏو جانور بہ خوبصورت هو. پٽاپٽي. ائين اسان پوءِ ڪافي هنڌ ڏسندا اڳتي وڌڻ لڳاسين. سڄو زو ڏسڻ لاءِ سڄو ڏينھن کپي. سو مون وشال کي چيو تہ ’هاڻ گرمي ٿيندي پئي وڃي. هل تہ پانڊا ڏسون، پوءِ گهر هلئون، جو جمع جي نماز تي بہ هلڻون آهي.‘
پوءِ اسان مسٽر پانڊا وٽ پھتاسين. جتي ٻاهر پانڊا جا پشم جا گڏا وڪجي رهيا، اندر گهڙياسين تہ هڪ وڏي هال نما جاءِ ۾، جنھن جي ڏسڻ واري پاسي شيشا لڳل هئا ۽ اندر بلڪل پانڊن جي رهڻ جھڙو ماحول ٺاهيو ويو هو، هڪ وڏو پانڊو وڻ تي چڙهيو آرام فرمائي رهيو هو ۽ اڳيان وري ٻيو وڏو پانڊو ويٺو بانس چٻاڙي رهيو هو.سندس اکيون تمام ننڍيون هيون، انھن جي چوڌاري وڏا ڪارا گول هئا. سندس اکيون نظر نہ پي آيون. بھرحال چين جو اهو عجوبو جانور ڏسي خوشي ٿي. فوٽو بہ ڪڍياسين ۽ مووي بہ ڀريسين. انھن جي پاسي ۾ هڪ بانسن جو ننڍو ٻيلو ۽ ان جي وچ ۾ ڍنڍ ٺاهي ويئي هئي. ٿي سگهي ٿو تہ ان ۾ بہ پانڊا هجن، پر ان مھل نظر نہ آيا.
هاڻ اسان جي واپسي هئي. اسان سڀ هوريان هوريان ٻاهر نڪرڻ لاءِ هلڻ لڳاسين. ٻاهر نڪري کشين جي ماسين موڪلايو، کشين جي ماءُ بہ انھن سان رواني ٿي ۽ اسان گهر روانا ٿياسين. واپسي ۾ آءٌ چينين کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نہ سگهيس تہ هنن پنھنجي عوام جي وندر ۽ ورونھن لاءِ ڪھڙو نہ سٺو زو Zoo ۽ پارڪ ٺاهيو آهي. اسان وقت جي تنگيءَ سبب زو جو فقط ڪجهہ حصو ڏسي سگهياسين، پر اهو يقين اٿم تہ دنيا مان ڪٿان بہ ڪو جانور يا پکي هٿ چڙهيو هوندو، اهو هن زو ۾ ضرور موجود هوندو.
واپس اچي هوٽل وٽ لٿاسين ۽ وشال مون کي چيو تہ هتي ويھه تہ گهران ڪپڙا بدلائي اچان تہ نماز تي هلئون. آءٌ اتي ئي ويھي رهيس. اڌ ڪلاڪ اندر وشال موٽي آيو ۽ ٽئڪسي گهرايائين ۽ اسان نماز لاءِ مسجد روانا ٿياسين. ان مھل سوا هڪ ٿي رهيو هو ۽ نماز پوڻين ٻين بجي ٿيڻي هئي، وقت تي نظر رکندي وشال چيو، ”نماز تي مشڪل پھچون.“ پر ٽئڪسي واري کي تيز هلڻ جي لاءِ بہ چئي نہ ٿي سگهياسين، جو ٽئڪسي مقرر رفتار کان تيز هلي ها تہ مٿس ڏنڊ پئجي وڃي ها. بھرحال، جماعت سان نماز اسان جي نصيب ۾ هئي، مسجد پھتاسين تہ خطبو پي پڙهجيو، اسان وضو ڪري اندر گهڙياسين تہ نماز بہ شروع ٿي وئي. مون ﷲ جو شڪر ادا ڪيو، جنھن پنھنجي وسيع ڪائنات جي هڪ ٽٻڪي زمين تي پنھنجي ملڪ کان هزارين ميل پري نئننگ ۾ مون کي اڄ ٻيو ڀيرو جمع جي نماز پڙهڻ جي توفيق عطا فرمائي.
نماز پڙهي ٻاهر نڪتاسين تہ ڏٺم هڪ آفريقي ۽ ٻہ ٽي ٻيا همراھہ پنھنجي موبائيل جهليو بيٺا هئا. وشال منھنجو انھن ڏانھن ڌيان ڇڪرايو تہ ”ابو هي خيرات پيا وٺن.“ مون هنن ڏانھن ڏٺو، پر ڳالھہ نہ سمجهيم، تيسين هڪ همراھہ آفريقن سان پنھنجي موبائيل سامھون ڪري ڪنيڪٽ ڪئي ۽ هليو ويو. ”ابو، چين ۾ پنڻ تي سخت پابندي آهي. تنھنڪري هنن يارن پنڻ جو اهو جديد طريقو اختيار ڪيو آهي تہ موبائيل جهلي بيٺا هوندا آهن، پوءِ جنھن کي خيرات ڏيڻي هوندي آهي، اهو سندس موبائيل سان ڪنيڪٽ ڪندو آهي ۽ کيس ٻہ چار يوآن خيرات طور ڊجيٽل ذريعي ڏياري موڪليندو آهي.“
”واھہ! خيرات وٺڻ جو جديد ۽ سائنسي طريقو.“ مون چيو، ”تڏهن تہ چوندا آهن، ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي.“
[19 آڪٽوبر 2024ع]
رات وشال چيو تہ ”ابو هوٽل بند ڪري، پوءِ منھنجي هڪ بنگالي دوست بار کولي آهي، ڪجهہ ڏينھن اڳ ان بار جي افتتاح جي مون کي دعوت ڏني هئائين، پر وڃي نہ سگهيو هوس. هلو تہ چڪر هڻي اچون.... ابوذر بہ اچي ٿو.“
چيومانس تہ، ”جيڏانھن بہ وٺي هلندين هلندس...“
ائين اسان تيار ٿي ٻاهرنڪري اچي بائيڪ تي ويٺاسين ۽ بائيڪ نئننگ جي رستن تي روان دوان هئي. ان وقت رات جا ٻارهن ٿيا هئا. روڊن تي گاڏين جي رش هئي. هينئر چين ۾ طرح طرح جون ڪاريون وغيرہ آهن. مھنگي کان مھنگيون. هوٽلون ۽ بارون کليل هيون. دڪان بہ کليل هئا. مون اڪثر سفرنامن ۾ پڙهيو هو تہ چيني ڇھين بجي ماني کائي نوين بجي تائين سمھي رهندا آهن ۽ ڪڪڙو ڪو ٿي ويندي آهي. ٿي سگهي ٿو تہ 1978ع کان اڳ ۾ جڏهن چين اڃا ٻاهرين ماڻھن لاءِ دروازا نہ کوليا هئا، ائين هجي، پر هاڻ تہ چين ڄڻ مغرب جو ٻيو روپ بنجي ويو آهي. ڪي. ايف. سي، ميڪڊونلڊ، ماني جون هوٽلون، بارون، سڄي رات کليون پيون آهن ۽ اهو بہ تہ ٿي سگهي ٿو تہ چين جي ٻھراڙين ۾ ماڻھو نوين بجي تائين سمھي رهندا هجن ۽ ڪڪڙو ڪو ٿي ويندي هجي. مون کي ٻين شھرن جي تہ خبر ڪونھي، پر نئننگ منھنجي اکين اڳيان آهي، سو منھنجو هي مشاهدو فقط نئننگ شھر جو آهي. اڃا ٻين شھرن ۾ نہ ويو آهيان. جڏهن ويس تہ اتي جيڪو مشاهدو ٿيو يا جيڪو ڏٺم اهو لکندس.
وشال، بائيڪ مختلف رستن تان ڦيرائيندو، هڪ هنڌ اچي بيٺو، ابوذر اڳ ۾ ئي اتي بيٺو هو. ٻنھي ڄڻن بائيڪون هڪ هنڌ پارڪ ڪيون ۽ ٿورو اڳيان وڌياسين تہ هڪ شاپ جي اڳيان ڪجهہ ٽيبلون ۽ ڪرسيون رکيون هيون، جن تي ڪافي نوجوان ويٺا هئا. ائين محسوس ٿيم تہ حيدرآباد ۾ علي سي. اين جي ڪيفي ارسلان تي پھچي ويو هجان، جتي بہ شام جو ائين ئي ٽيبلون ۽ ڪرسيون رکيل هونديون آهن. اسان کي ڏسي هڪ ننڍي قد جو نوجوان، جنھن کي ڪارو پھراڻ ۽ اڇو پاجامو پاتل هو، مرڪندو اچي اسان سان مليو. ”هي ياسين آهي ۽ هن جو واسطو بنگلاديش سان آهي ۽ تازو ئي هيءَ بار کولي اٿائين.“ وشال هن جو مون سان تعارف ڪرايو ۽ پوءِ چيائين، ”هي منھنجو ابو آهي.“
”ويلڪم! انڪل! ڪيئن آهيو؟“ چيائين هو اردو ڳالھائي رهيو هو، پر سندس لھجو ڏاڍو مزيدار هو. پوءِ اتي ويٺل ٻيا نوجوان بہ اٿي اچي اسان سان مليا. سڀ بنگالي نوجوان هئا، رنگ جا سانورا ۽ قد جا ننڍا، پر ياسين رنگ جو ڳورو هو. سڀني سان ملي خوش خيرعافيت ڪري، اسان ياسين سان گڏ اندر اچي ويٺاسين. بار ڇا هئي، هڪ دڪان هو، جنھن ۾ هڪ پاسي دخل هو، دخل جي پويان ڀت ۾ لڳل شيلف ۾ قسمين قسمين شراب رکيا هئا. پريان هڪ ننڍو ڪچن هو، باقي بار ۾ ڪرسيون ۽ ٽيبلون رکيون ويون هيون. انھن مان هڪ ٽيبل جي چوڌاري ڪجهہ چيني ۽ بنگالي ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا ويٺا پي رهيا هئا. سگريٽ جي بہ ڌم لڳي پئي هئي. خوب انجواءِ ڪري رهيا هئا. ڪرسين تي ويھندي ئي ياسين پڇيو، ”انڪل! ڇا هلندو... وائين، بيئر يا ڪولڊرنگ.... کائيندا ڇا؟“
”ماني تہ اسان کائي آيا آهيون، باقي ڪولڊرنڪ بھتر رهندو.“ وشال چيو.
”آءٌ بيئر پيئندس.“ ابوذر چيو.
ٿوري دير کان پوءِ ياسين ويو ۽ ڪچن مان هڪ پليٽ چانورن جي کڻي آيو، جيڪا اسان ٿوري ٿوري ڪري کاڌي ۽ بنگالي طريقي سان ٺھيل اهي چانور بي حد لذيذ هئا.
هتي مون اچي ڏٺو تہ چين ۾ ڪاروبار جا تمام وڏا موقعا آهن، هتي جيڪي شاگرد پڙهڻ اچن ٿا، انھن مان پوءِ ڪيترائي هتي ٽِڪيو پون ۽ ورڪ ويزا تي پنھنجا ڪاروبار ٿا ڪن يا شاگرديءَ جي دوران ئي هو ننڍا وڏا ڪم ڪريو پنھنجو پيٽ ڇڏايو ويٺا آهن. چيني کاڌي پيتي جا بہ تمام گهڻا شوقين آهن، تنھن ڪري تمام گهڻيون کاڌي جون هوٽلون، فوڊ شاپس کلي ويا آهن، انھن ۾ هڪڙا چيني عام کاڌن جا آهن ۽ ٻيا پاڪستاني ۽ بنگالي، جنھن شاهراھہ ’هوچو لو‘ تي وشال جي هوٽل آهي، ان تي ٻہ تہ رڳو پاڪستاني اسٽائيل ريسٽورينٽ آهن ۽ ڪيتريون ئي چيني ريسٽورينٽ پڻ.
چين ۾ ارڙهن سالن جي عمر کان پوءِ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري آزاد هوندا آهن ۽ هو پنھنجي مرضيءَ جي زندگي گذارڻ جو حق رکن ٿا. مون ڏٺو تہ اڪثر چيني نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا بواءِ ۽ گرل فرينڊ آهن. هو شام جو هٿ هٿ ۾ ۽ چيلھه ۾ هٿ ڏيو پيا ٽيلارا ڪندا آهن. شراب ۽ سگريٽ تہ هنن جي زندگي جو حصو هوندو آهي.
هتي جيڪي پرڏيھي شاگرد اچن ٿا، اهي بہ جلد ڪانہ ڪا چيني ڇوڪري گرل فرينڊ ٺاهيو وٺن، هتي گرل يا بواء فرينڊ ٺاهڻ ڪو مسئلو ڪونھي، پرڏيھي ڇوڪرا جيڪي گرل فرينڊس ٺاهيندا آهن، ان جو هڪ سبب چيني ٻولي سکڻ بہ آهي. ڪلھہ وشال هڪ پنجابي نوجوان عمر سان ملايو، جيڪو ٽيون ڏينھن منھنجي موجودگي ۾ پنھنجي چيني گرل فرينڊ کي پاڻ سان وٺي آيو. عمر وشال جي هوٽل تي پارٽ ٽائيم ڪم ڪندو آهي. وشال چيو تہ، ”هن نوجوان چئن مھينن ۾ چيني سکي آهي.“ مون پڇيومانس ”عمر... ڪيئن؟“ تہ چيائين تہ، ”آءٌ چيني ٻوليءَ جا ڪلاس بہ وٺندو هوس، پر مون گهڻي پنھنجي گرل فرينڊ کان سِکي. آءٌ ڳالھائيندو هوس تہ هوءَ منھنجو تلفظ ۽ جملا درست ڪندي هئي.“
گهڻا ڇوڪرا جيڪي چين ۾ رهي ڪونہ ڪو ڪاروبار يا ٻيو ڪم ڪار ڪرڻ گهرندا آهن تہ هو چيني ڇوڪرين سان شاديون ڪندا آهن ۽ پوءِ کين ان بنياد تي فئملي ويزا ملي ويندي آهي. جنھن ڏينھن اسان نئننگ آياسون، ان ڏينھن وشال پنھنجي هڪ دوست عادي جي شاديءَ ۾ وٺي هليو، جنھن پڻ هڪ چيني ڇوڪري سان شادي ڪئي، جيڪا طلاق يافتہ هئي ۽ ٻن ڇوڪرين جي ماءُ هئي. وشال ٻڌايو تہ عادي هتي ڪوبہ ڪم ڪار نہ ٿو ڪري، ڇوڪري ڪافي امير آهي، ۽ ڪافي بيوٽي پارلر اٿس. عادي ان جي ئي خرچ تي هلي ٿو. اتي ئي هڪ ٻي پنجابي نوجوان عليءَ سان ملاقات ٿي، جيڪي اڳ ۾ ٽي شاديون ڪري چڪو هو ۽ ٽنھي کي طلاق ڏيئي ڇڏيائين. هاڻ چوٿين شادي جي تيارين ۾ آهي. اهڙيون ڪجهہ ٻيون بہ ڳالھيون معلوم ٿيون. نہ فقط اهو، پر ڪيترين ئي پاڪستاني ڇوڪرين جون چينين سان پڻ شاديون ٿيل آهن. وشال وٽ هوٽل تي پنجاب جو هڪ نوجوان شھزاد مسيح بورچي طور ڪم ڪري ٿو، ان جي ڀيڻ جي هڪ چيني نوجوان سان شادي ٿيل آهي.
اسان ياسين سان ڪچھري ڪري رهيا هئاسين، جو ياسين ابوذر کي ڪن ۾ ڪجهہ چيو، جنھن تي ابوذر کليو ۽ وري وشال جي ڪن ۾ چيائين، جنھن تي وشال کليو ۽ مون کي چيائين، ”ياسين چوي ٿو تہ انڪل سگريٽ پيئندو آهي؟“ جنھن تي مون ياسين کي چيو تہ ”نہ باقي اوهان پيئو تہ اجازت اٿوَ.“
جنھن مھل ابوذر چيو تہ ”آءٌ بيئر پيئندس.“ تہ وشال مون کان پڇيو، ”ابو بيئر پيئندين؟“ مون نھڪار ڪندي چيو تہ ”نہ، باقي اوهان پيئو تہ ڀلي پيئو.“ جنھن تي وشال چيو تہ، ”مون نہ ڪڏهن شراب پيتو آهي نہ بيئر.“
اسان ڪلاڪ کن ياسين وٽ ويٺا رهياسين. پوءِ کانئس موڪلائي، ساڻس گڏ فوٽو ڪڍي روانا ٿي وياسين، ابوذر پنھنجي ماڳ ۽ اسان فليٽ تي.
اڄ وشال۽ کشين جي شاديءَ جي ٽين سالگرا هئي. شام جو کشين هڪ خوبصورت ڪيڪ وٺي آئي، جيڪو اسان تاڙين جي گونج ۾ ڪٽيو کاڌو. ان مھل هوٽل ۾ جيڪي گراهڪ ويٺل هئا، تن کي ڪيڪ کارايوسين. کشين جي امڙ کشين کي ٻہ سو يوان تحفي طور ڏنا. اسان اڳ ۾ ئي پاڪستان مان آندل سون جو سيٽ کشين کي تحفي طور ڏيئي چڪا هئاسين. ڪيڪ ڪٽڻ دوران مريم بار بار ذرو ذرو ڪيڪ جو کائيندي ۽ وري ٽشو پيپر سان وات اگهندي ”شي شا“ ڪندي رهي. جنھن تي اسان سڀ کلڻ ٿي لڳاسين.
*
[20 آڪٽوبر 2024ع]
وشال جي سس يعني کشين جي ماءُ ڏاڍي دلچسپ زندہ دل ۽ محنتي خاتون آهي، هر وقت کلندي ٿي رهي. ناني هئڻ جي ناتي مريم سان وڏي دل اٿس. هر وقت سندن خيال پئي رکندي آهي ۽ پٽَ تي ڪو ڇلڪو بہ ڏسندي آهي تہ کڻي ڊسٽبين ۾ اڇليندي آهي. ڏاڍي صفائي پسند آهي. هر وقت مون کي ۽ پنھنجي سيڻ يعني نسيم کي ڪانہ ڪا شئي کڻي ڏيندي آهي تہ کاءُ، جنھن تي آءٌ ’شي شي‘ چئي سندس ٿورو مڃيندو آهيان.
ڪلھہ مون وشال کان چيني ٻوليءَ جا ٻہ ٽي جملا سکيا تہ اڄ انھن جو واھہ جو استعمال ڪيم. بک لڳي اٿئي کي چيني ۾ چئبو آهي. ”وو آ لا“، ۽ جي نہ لڳي هوندي آهي تہ جواب ڏبو آهي. ”وو پائو لا“يعني ”مون کي ڍؤ ٿيو پيو آهي.“
اڄ بہ صبح جو جيئن اٿي منھن ڌوئي ٻاهر صوفي تي اچي ويٺس تہ هڪ پيالو چانورن يعني ڀت جو ڀري اچي مون کي ڏنائين، ان جي مٿان ڪا شئي ٻُرڪيل هئي، چانور اوٻاريل هئا. آءٌ سندس دل رکڻ خاطر ڪنھن بہ شئي کان انڪار نہ ڪندو آهيان، سو ورتم ۽ ٻہ ٽي چمچا کاڌم، صفا ڦڪا، لوڻ بہ نہ هو. چيني اڪثر اوٻاريل ۽ ڦڪا کاڌا کائين. باقي ذائقي مٽائڻ خاطر ڪڏهن ڪڏهن هوٽلن تي مصالحي دار کاڌا بہ وڃي کائيندا آهن. پر اهڙن چينين جو تعداد ٿورو آهي.
منھنجي گهر واري جيڪي بہ ڪپڙا پائيندي آهي، تنھن جي هوءَ وڏي واکاڻ ڪندي ۽ خوش ٿيندي آهي، اسان پاڪستان مان کشين، سندس ڀيڻ ۽ ماءُ لاءِ سلوار ۽ گهاگهريون ٺھرائي کڻي آيا هئاسين، سو اهي سڀ کشين ۽ سندس ڀيڻ کي ڏناسين. ان مان ڪالھہ هڪ وڳو کشين پاتو تہ کيس ڏاڍو پي ٺھيو. مون سندس واکاڻ ڪئي ۽ فوٽو ڪڍيو تہ گهڻي خوش ٿي. ٻہ ڏينھن گذري وڃڻ جي باوجود بہ کشين ماڻھنس لاءِ آندل وڳو کيس نہ ڏنو تہ اڄ جڏهن نسيم جي ڪپڙن جي واکاڻ ڪيائين تہ مون نسيم کي چيو تہ،”کشين کان ڪپڙا وٺي هن کي ڏي.“ پوءِ جڏهن کيس ڪپڙا ڏناسين تہ ان ئي وقت کڻي پاتائين ۽ ڏاڍي خوش ٿي، ان کان سواءِ هڪ پر س بہ کيس ڏنوسين، جنھن تي موتي جُڙيل هئا، سو بہ کڻي ڪلھي ۾ وڌائين ۽ مائي خوشيءَ مان اصل ٽڙي پئي. مون انھن ڪپڙن ۾ سندس فوٽو ڪڍيو ۽ پوءِ مڙسھنس لاءِ کيس هڪ لُنگي پڻ ڏنيم. جنھن تي پاڻ ۽ کشين ”شي شي“ چئي ٿورا مڃيا ۽ اسان کي بار بار چوندي رهي تہ ”منھنجي ڳوٺ اچو، اوهان کي ڏاڍو مزو ايندو.“ جنھن تي وشال کي چيم تہ ”يار هن جي ڳوٺ وٺي هل تہ چين جي ٻھراڙي بہ ڏسان.“
بھرحال ايندڙ هفتي اسان سندس ڳوٺ وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو، سندس ڳوٺ نئننگ کان چئن ڪلاڪن جي مفاصلي تي آهي.
صبح مھل کشين جي ماءُ جنھن جو نالو ’وانگ هي ڪو‘ آهي، ۽ سندس ٻي ڌيءَ يعني وشال جي سالي، جنھن کي وشال ’جي جي‘ (يعني ڀيڻ) چوندو آهي، سندس نالو وانگ ين ڇنگ آهي، پاڻ ۾ ويٺيون ڳالھائي رهيون هيون تہ وشال مون کي چيو تہ،”هي پنھنجي ڳوٺاڻي ٻولي ۾ ڳالھائي رهيون آهن.“
”تون سمجهين ٿو؟“ پڇيومانس.
”ٿوري ٿوري....“ وشال وراڻيو.
مون ڌيان سان انھن جي ڳالھہ ٻولھہ ٻڌڻ شروع ڪئي. پر مون کي ڪوبہ فرق ان ڪري محسوس نہ ٿيو تہ منھنجي لاءِ چيني بہ دٻي ۾ ٺڪري مثل آهي. ٻنھي جا ٽونز/ آواز سمجهڻ کان سواءِ انھن ۾ فرق ڪرڻ مشڪل هو. مون نيٺ وشال کي چيو تہ پُڇينس تہ اها ڪھڙي ٻولي آهي؟ وشال کانئن پُڇيو. هنن وراڻيو تہ ”چنگ چائو.“ يعني اها چينيءَ کان ڌار ٻولي هئي، چيني سرڪاري انگن اکرن موجب چين ۾ 56 ٻوليون ڳالھيون وڃن ٿيون، ٿي سگهي ٿو تہ اها ”چنگ چائو“ ٻولي بہ انھن مان هڪ هجي، ڪجهہ ٻوليون اهڙيون بہ آهن، جيڪي خاتمي جي قريب آهن ۽ چيني ٻولي انھن کي ڄڻ کائيندي پئي وڃي.
چيني زبان جي نمايان ۽ امتيازي خاصيت سندس چار ٽونز (آواز Tones) آهن، جن جا نالا هن ريت آهن. هڪ: فيلٽ (Flate)، ٻيو: رائزنگ (Rising)، ٽيون: فالنگ ۽ رائزنگ (Falling and Rising) ۽ چوٿون: فالنگ (Falling). هڪ چيني شھري ئي ٻي چيني شھريءَ جي لفظن جي لاھہ چاڙھہ سان بدلجندڙ مفھوم سمجهي سگهي ٿو.
ان کان سواءِ چيني زبان جي ڪئريڪٽرز ۾ اسٽروڪس (Strokes) بنيادي اهميت رکن ٿا. بنيادي اسٽروڪس اٺ آهن. دراصل ٻہ يا ان کان وڌيڪ اسٽروڪس جيڪي پاڻ ۾ جڙيل هوندا آهن ۽ هڪ مجموعي يا سيٽ جي صورت ۾ هوندا آهن، انھن جو ڪل تعداد 29 آهي ۽ 39 قسم جي مختلف اسٽروڪن سان چيني ڪئريڪٽرز جُڙن ٿا. چيني ڪئريڪٽر لکڻ جا ڪجهہ متفق اصول آهن. انھن اسٽروڪس کي صدين کان چين ۾ اختيار ڪيو ويندو رهيو آهي ۽ انھن ۾ اسٽروڪس جي ترتيب ڏاڍي نمايان ۽ چٽي آهي. چيني ڪئريڪٽرز کي چئن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پھريون قسم شيانگ سنگ (Xiang xings) آهي، جنھن جو مطلب شڪلين جي ذريعي چيني ڪئريڪٽرز جو اظھار آهي. ان قسم جون علامتون انھن شين جي خصوصيتن سان ميلاپ رکن ٿيون يا ائين بہ چئي سگهجي ٿو، اهي دنيا ۾ موجود شين جو عڪس هونديون آهن، جھڙوڪ: ٻني، سج ۽ جبل جي چيني زبان جي علامت. شيانگ تنگ اصولن جي بنياد تي چيني علامتن يا ڪئريڪٽرز جا پھريان يا شروعاتي سيٽ ترتيب ڏنا ويا آهن. ٻيو قسم ذي شي (Zhishi) علامتن/ نشانين جي پاڻمرادو وضاحت هوندي آهي. تصويري نشانين يا ڪئريڪٽرز جي ابتڙ اهي ڪنھن بہ شئي جي جسماني ساخت سان هڪجھڙائي نہ ٿيون رکن. البت انھن ۾ ڪجهہ اشارا هوندا آهن. جھڙوڪ: مٿينءَ يا هيٺين طرف اشارو يا نشاني. ٽيون قسم هوئي اي (Huiyi) نشانين يا ڪئريڪٽرن ۾ باهمي ربط/ ڳانڍاپو قائم ڪندڙ مجموعا هوندا آهن. اهي گهڻو ڪري ٻہ يا ٻن کان وڌيڪ ڪئريڪٽرز گڏي ڪنھن شئي جو مطلب سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. چوٿون قسم شنگ شينگ (Xing sheng) ڪئريڪٽرز آهن، جن کي تصويري يا موت وارا ڪئريڪٽر بہ چيو ويندو آهي. ان قسم جي ڪئريڪٽرز ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻہ نشانيون جڙيل هونديون آهن. هڪ نشاني جو مطلب اظھار هوندو آهي ۽ ٻئي جو مطلب آواز هوندو آهي. چيني زبان جا گهڻا تڻا ڪئريڪٽرز شنگ شينگ (Xing sheng) آهن.
چيني دنيا جي واحد زبان آهي، جنھن ۾ مٿي ڇڪي ڳالھائڻ، ڌيمو ڳالھائڻ ۽ تيز ڳالھائڻ سان مفھوم بدلجي ٿو وڃي.
اڄ ئي شام جو جڏهن هڪ رستي تان لنگهي رهيا هئاسين تہ ٻہ مايون پاڻ ۾ ڳالھائي رهيون هيون، تہ وشال مون کي چيو، ”هي مايون مقامي زبان ڳالھائي رهيون آهن.“
”اها ساڳئي جيڪا کشين جي ماءُ ۽ ڀيڻ ڳالھائي رهيون هيون... چنگ چائو.“
”نہ، هيءَ ٻي ٻولي آهي.“ وشال وراڻيو.
[21 آڪٽوبر 2024ع]
گذريل ٻن ٽن ڏينھن کان طبيعت ۾ مزو ڪونھي. ٻانھن جي سور سبب بي چيني رهي ٿي، ٽنگن ۾ پڻ سور ٿئي ٿو. ڪالھہ صبح جو هوٽل تي ناشتو ڪرڻ وياسين تہ وشال جو دوست ڊاڪٽر فيصل محمود ويٺو هو، فيصل پي. ايڇ. ڊي ڊاڪٽر آهي ۽ هتي گوانگسو مينزو يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائي ٿو. ان سان ذڪر ٿيو تہ هن چيو تہ مون کي بہ پُٺن ۾ سور پوندو هو، مساج ڪرايم تہ بھتر ٿي ويو، نسن جو مسئلو هو. مون بہ ٻڌايو مانس تہ حيدرآباد ۾ ڊاڪٽرن مون کي بہ ائين ئي چيو هو. وشال چيو تہ پوءِ ڪو مساج وارو ڳولھيون ٿا، جنھن کان ابوءَ جي ٻانھن جو مساج ڪرائجي. ٿوري دير کان پوءِ ابوذر بہ آيو، جنھن سان بہ ذڪر ٿيو تہ چيائين هتي مساج وارا جام آهن. هلو تہ ڪو ڳولھيون. ائين اسان ٽيئي ٻن بائيڪن تي نڪري پياسين ۽ گهمندا ڦرندا نيٺ هڪ هنڌ اچي هڪ دڪان جي اڳيان بيٺاسين، جنھن ۾ هڪ ٻاڏو چيني موبائيل ۾ مُنھن وجهيو ويٺو هو.
وشال ان سان ڳالھايو، ان مساج جا ستر يوآن چيا. مون وشال کي چيو تہ ستر يوان تمام گهڻا آهن، تہ وشال چيو، ”ابو پئسن کي ڪونہ ڏسبو، جيءَ خوش تہ جھان خوش.“
ان مھل مون کي هڪ پھاڪو ياد آيو. ”پھرين صحت سرير جي، پوءِ پرينءَ جو پاڇو.“
آءٌ ڪرسيءَ تي ويٺس، پوءِ چيني ڄڻ مون تي چڙهي ويو. ڪلھن کي ٻانھن کي اهڙو تہ اچي ورتائين جو بُت مان ٺڪاءَ ڪڍائي ڇڏيائين. وشال مون کي چيو تہ جي سور ٿئي تہ چئجنيس ”ٿونگ- ٿونگ“ معنيٰ ’مون کي سور پيو ٿئي.‘ اها مالش مُني ڪلاڪ جي هئي، سو وشال ۽ ابوذر چيو تہ ڀرسان ٿورو ڪم آهي، سو لاهي ٿا اچون. اڌ ڪلاڪ مھٽ سھٽ کان پوءِ مون کي چيائين تہ ”شرٽ لاهي“ شرٽ لاٿم تہ هڪ پلاسٽڪ جي ننڍي وٽي کڻي ڪلھي تي ان هنڌ فٽ ڪيائين تہ سور جي سٽ اُڀري تہ چيومانس ”نڀاڳا ٿونگ ٿونگ“ جنھن تي کليو، پوءِ الائجي ڪھڙا تيل کڻي اچي ٻانھن ۽ ڪنڌ کي مالش ڪيائين. سور ٿيو تہ چيومانس، ”نڀاڳا ٿونگ ٿونگ.“ جنھن تي هٿ جهليائين ۽ مون ڏانھن ڏسي چيائين، ”نہ پانا.“ جنھن تي کل اچي ويم ۽ چيومانس ”اڙي چنڊا... ٿونگ ٿونگ.“ مون کي کلندو ڏسي پاڻ بہ کلڻ لڳو ۽ وري ڪم تي چڙهي ويو. نيٺ وقت پورو ٿيو تہ هٿ ڪڍيائين ۽ ڪلھي مان دٻلي بہ ڪڍيائين. جتي ڏٺم تہ رت مِڙي آيو هو ۽ وڏو نشان ٿي ويو هو. چيائين تہ صحي ٿي ويندو. پوءِ هڪ ٻہ ورزش ڏسيائين ۽ اسان واپس موٽي آياسين. مون ٻانھن ۾ ڪافي بھتري محسوس ڪئي، پر وشال چيو تہ سڀاڻي اسپتال هلي ڊاڪٽر کي بہ ڏيکاريون ٿا. سڀاڻي اٺين بجي هلنداسين. پر اڄ اٺين بجي وشال جي سالي ’وانگ ين ڇنگ‘ تہ جاڳي تيار ٿي ويئي، جيڪا اسان کي اسپتال وٺي وڃڻي هئي، پر وشال دير سان نوين بجي جاڳيو، سو پروگرام ڪئنسل ڪري سڀاڻي جو رکيوسين. پر اڄ ٽين بجي چيائين ابو هل تہ ڊاڪٽر ڏانھن هلئون. وشال ايپ ذريعي ٽئڪسي گهرائي ۽ اسان چار ئي ڄڻا يعني ’وانگ ين ڇنگ‘، وشال، ابوذر ۽ آءٌ چارئي ’گوانگسي مينزو هاسپيٽل‘ پھتاسين. پھرين ڪائونٽر تي پھچي هڪ سلپ ڀريسين، جنھن ۾ منھنجو نالو، پاسپورٽ نمبر ۽ جنم جي تاريخ لکي، پوءِ اها سلپ ڪائونٽر واري کي ڏنيسين. جنھن هڪ ٻي پرچي ڪمپيوٽر تان ڪڍي ڏني ۽ پندرهن يوان في ورتي. جنھن تي مون وشال کي چيو تہ في تہ مناسب آهي. ”هائو، باقي اها ڪسر دوائون لکي ڏيڻ ۾ ڪڍندا.“ وشال جواب ڏنو. هيءَ خانگي ۽ تمام وڏي اسپتال هئي. جيڪا انڊر گرائونڊ بہ هئي تہ مٿي بہ ڪيترائي ماڙ هئس. چين جو صحت پبلڪ ۽ پرائيويٽ ٻنھي سطح تي هلايو پيو وڃي، ثقافتي انقلاب کان پوءِ چين جي هيلٿ سسٽم کي هڪ حد تائين پرائيويٽ ڪيو ويو هو.
حڪومت ماڻھن کي اها سھوليت ڏي ٿي تہ هو ’هيلٿ انشورنس‘ ڪرائين ۽ ڏھہ هزار آر. ايم. بي تائين ايندڙ خرچ جو نوي سيڪڙو حڪومت ڏيندي آهي. چين ۾ لڳ ڀڳ هر ماڻھو انشورنس ٿيل آهي، ان کان سواءِ چين ۾ رهندڙ پرڏيھي ماڻھو بہ جيڪي نوڪريون ڪن ٿا ۽ پڙهن ٿا، پاڻ کي انشورنس ڪرائين ٿا.
پرچي وٺي اسان اليڪٽرڪ ڏاڪڻيون چڙهي ٻي ماڙ تي آرٿو پيڊڪ ڊاڪٽر وٽ پھتاسين. ٻاهر انتظار گاھہ ۾ آرامدہ ڪرسيون رکيون هيون جن تي ڪافي ٻيا ماڻھو بہ ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ لاءِ ويٺل هئا، ماحول ڏاڍو سٺو هو، لڳي ئي ڪانہ پئي تہ ڪا اسپتال آهي. ڄڻ ڪنھن ايئرپورٽ تي يا ڪنھن آفيس جي انتظار گاھہ ۾ ويٺل هجون. سامھون لڳل اسڪرين تي مريض جو نالو اچي رهيو هو ۽ نالي جي انائوسمينٽ بہ ٿي رهي هئي. ’وانگ ين ڇنگ‘ پرچي کڻي وڃي ڊاڪٽر جي ڪمري جي ٻاهران بيھي رهي. اسپتال جي ڊوڙ ڊوڙان ۾ وانگ ين ڇنگ اسان جي ڏاڍي رهنمائي ۽ مدد ڪئي. ٿوري ئي دير ۾ وارو اچڻ تي مون کي اندر سڏيو ويو، جتي هڪ چيني ڊاڪٽر ڊاڪٽرن وارو اڇو ايپران پايو اڳ ۾ ويٺل چينائڻ مريض کي ليٽائي گوڏن ۾ انجيڪشن هڻي رهيو هو. اتان واندو ٿيو تہ مون کي ڏٺائين. اتي منھنجي ٻانھن چيڪ ڪري هلائي، اٿلائي پٿلائي ڏٺائين. مون ٻڌايومانس تہ 5 جنوري 2023ع تي منھنجو ايڪسيڊنٽ ٿيو هو، پوءِ اهو مسئلو ٿيو. بھرحال سڄا تفصيل ڏنامانس، جيڪي وشال کيس ترجمو ڪري ٻڌايا. پوءِ مون کان شرٽ لھرائي اهو هنڌ چيڪ ڪيائين، پوءِ موبائيل کولي، جسم جي ان حصي جو ذرو پرزو ڏيکاريائين ۽ چيائين تہ مون کي شڪ آهي تہ هتي انجري آهي. ايم. آر. آءِ ڪرايون ٿا، جيئن خبر پوي تہ دوائن ذريعي ٺيڪ ٿيندي يا آپريشن ڪجي. بھرحال هن ڪابہ دوا وغيرہ لکي نہ ڏني. ٻاهر نڪري وشال چيو جي پاڪستان ۾ هجو هان تہ ’ايم. آءِ آر‘ کان اڳ ئي دوائن جي وڏي پرچي لکجي ملي ها، پر هتي بہ اڪثر ٽيسٽن کان سواءِ هڪ گوري بہ نہ ٿا ڏين.
اسان وري ڏاڪڻيون لھندا ۽ چڙهندا ٻي ڪائونٽر تي پھتاسين، جتي ايم. آءِ. آر ڪرائڻ جي فيس ڏني سين، جيڪا چار سئو يوان هئي. اتان پرچي وٺي مذڪوره هنڌ تي پھتاسين، جتي ويٺل مائيءَ پرچي وٺي ڪمپيوٽر ۾ نوٽ ڪري، پوءِ ٻي پرچي ڪڍي ڏنائين تہ سڀاڻي شام جو ستين بجي اچجو. يعني ايم. آءِ. آر سڀاڻي ٿيندي. ٻاهر نڪرندي وشال مون کي چيو، ”ابو، آپريشن بہ هتي ڪرائينداسين. هتي علاج جي گارنٽي آهي.“
جنھن تي کلندي چيومانس، ”ٺيڪ ٿيڻ، مرڻ ۽ جيئڻ جي گارنٽي تہ فقط ﷲ وٽ آهي. باقي ايم. آءِ. آر ٿئي تہ پوءِ فيصلو ڪنداسين.“
ٻاهر ديدي لاءِ بيٺاسين (چينيءَ ۾ ٽئڪسي کي ديدي چوندا آهن، وري زير ڏيڻ يعني ٻي آواز ۾ ديدي چوڻ سان ان جي معنيٰ ننڍوڀاءُ ٿيو وڃي). اتي ڪجهہ پاڪستاني نوجوان اڳ ۾ بيٺا هئا. جن مان هڪ کي وشال اڳ ۾ سڃاڻندو هو. وشال انھن سان وڃي مليو. جڏهن ان وشال جو ٻين سان تعارف ڪرايو تہ انھن چيو تہ ”اسان وشال جو نالو ٻڌو آهي.“ مون وشال کي چيو هتي توکي تہ سڀ سُڃاڻن، ان ڏينھن ياسين سان ملاقات ٿي تہ ان بہ مون کي چيو، ”انڪل يھان وسال بڙا پاپولر هي.“ [هتي انڊين ۽ بنگالي همراھہ وشال کي وسال چون. هو-ش- بدران س جو استعمال ڪن] منھنجي ان ڳالھہ تي وشال ڏاڍو کليو.
اڄ شام جو ڇھين بجي کشين جي ٻن چاچين هڪ هوٽل ۾ ”بوفي ڊنر“ جي دعوت ڏني آهي. ٿوري دير ۾ اوڏانھن روانا ٿينداسين.
[22 آڪٽوبر 2024ع]
رات پارڪسن چوڪ جيڪو ڇائو يانگ وانگر ئي نئننگ جو مشھور ۽ مصروف هنڌ آهي، ان جي هڪ هوٽل De. Sheet ۾ کشين جي هڪ ماسي ’وانگ ڦان‘ جنھن لاءِ وشال ٻڌايو تہ تمام گهڻي امير ۽ بزنيس وومين آهي ۽ سندس ڪيتريون ئي ڪمپنيون آهن. سندس هڪ پٽ آمريڪا ۾ آهي، اسان جي رات جي ڊنر رکي ڊنر بوفي هئي. ان ڊنر ۾ وشال، کشين، وانگ ين ڇنگ، وانگ هي ڪؤ (وشال جي سس) کشين جي ٻن ماسين (هڪ اها امير مائي ۽ هڪ ٻي جيڪا ان ڏينھن زو (Zoo) ۾ اسان سان گڏ هئي) کشين جي هڪ ڪزن، مون، نسيم ۽ وشال شرڪت ڪئي. اسان ٻہ ٽيبلون والاريون. بوفي جو سسٽم هن ريت هو تہ ٻنھي ميزن تي گوشت پچائڻ ۽ اوٻارڻ لاءِ هيٽر لڳل هئا، جن تي بوفي ۾ رکيل مختلف قسم جي گوشت جا ٽڪرا ۽ سبزيون کڻي اوٻاري يا پچائي کائي ٿي سگهجيون. مون وشال کي چيو تہ هتي رهنمائي ڪج تہ ڪھڙي شئي کائون. ڇو تہ جتي بوفي جا طعام رکيا هئا، اتي قسمين قسمين مختلف کاڌا، جن ۾ سي فوڊ، سبزيون، گوشت، مرغيون، مڇيون، فروٽ، مٺايون، جوس، وائين، آئسڪريم ۽ ٻيو الائجي ڇا ڇا رکيو هو. سڄي جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ڪنھن شئي کڻڻ تي دل ئي نہ پي چيو. نيٺ هڪ ٻہ مٺائي جا ٽڪرا، ٽي چار اوٻاريل ڀينڊيون، مٽر ۽ بيھه جو هڪ اڌ ڪچو، اڌ پڪو اوٻاريل ٽڪر کنيم، نسيم ۽ وشال بہ اهي ئي شيون کنيون. باقي چينائي ميزبانڻين تہ ٻيو تہ گهڻو ڪجهہ کنيو، پر گوشت جا ڪچا ٽڪرا ۽ سبزيون بہ کنيون، جن ۾ کُنڀيون بہ هيون، پوءِ هنن اهي اوٻاري ۽ پچائي کاڌيون. اهو بوفي ڊنر ٻن ڪلاڪن جو هوندو آهي، جنھن ۾ في فرد اسي يوان ورتا وڃن ٿا ۽ پوءِ انھن ٻن ڪلاڪن ۾ جيترو ۽ جيڪو کائي سگهو، اهو کائو ۽ موج ڪريو. جڏهن اسان هٿ ٿي روڪيو تہ وري کائڻ لاءِ زورٿي ڀريائون.
ميزبان ’ماسي وانگ ڦان‘ ڏاڍي گريس فل ۽ کل مک ليڊي هئي، ڪجهہ وشال جي مدد سان ۽ ڪجهہ انڌي منڊي انگريزي ۾ گهڻا سارا حال احوال ٿيا. وشال جي واکاڻ ڪيائين ۽ چيائين تہ ”پاڪستان ۾ ڪاروبار جا ڪافي امڪان آهن، اوهان هِتان سامان گهرائي، اتي ڪاروبار ڪريو، آءٌ اوهان جي رهنمائي ڪنديس.“
ماني کائيندي وشال ڪو گهانگهٽ يا ڪا ڪڪڙ جي پڪل ٻوٽي ٿي کنئي تہ مون ماڻھنس کي ٺونٺ هڻندي ٿي چيو، ”ڏس، پُٽھين چينين سان گڏجي صفا کري ويو آهي. الائجي ڇا پيو کائي.“ تہ ماڻھنس ڪرڙين اکين سان کيس ٿي ڏٺو ۽ مون ۽ وشال وٺي ٽھڪ ٿي ڏنا تہ نسيم چوڻ ٿي لڳي، ”نيس ﷲ... ڪيئن نہ پيا کائين“ ۽ پوءِ گهر اچي ڌيئرن ۽ ڀيڻين کي فون تي مزي مزي سان ان دعوت جون ڳالھيون ٻڌايائين.
ٻہ ڪلاڪ ڏاڍي مزي ۽ کل خوشيءَ ۾ گذريا. پوءِ ٻاهر نڪري گروپ فوٽو ڪڍرايوسين، موڪلائڻ مھل وانگ ڦان، انگريزي ۾ مون کي چيو، ”اميد تہ وري هڪٻئي سان ملنداسين.“
واپسيءَ ۾ ڪار تائين ايندي مون ٻہ عجيب لقاءُ ڏٺا. هڪ ڪُنڊ ۾ ڏٺم تہ هڪ پوڙهو ۽ پوڙهي چينائڻ ڪستو رکي ويٺا پني رهيا هئا. ڪستي ۾ ماڻھن طرفان وڌل يوان پيا هئا. مون بيھي کين ڏٺو ۽ فوٽو ڪڍيو تہ ٻئي وات پٽي کلڻ لڳا، سندن منھن پوپلا هئا يعني ڏندن ڏاڙهن کان خالي. مون کي سندن ائين پنڻ تي حيرت بہ ٿي ۽ عجب بہ ٿيو. ٿورو اڳيان وڌيس تہ هڪ ٻي چينيءَ کي پٽ تي ويٺي ڪستو اڳيان رکي پنندي ڏٺم. گهڙي کن بيھي رهيس، سندس ڪنڌ جهڪيل هو. ان وقت مون کي سقراط جو قول ياد آيو، ”هر شھر ۾ ٻہ شھر وسن ٿا، هڪ اميرن جو ۽ ٻيو غريبن جو.“ چين جھڙي ملڪ ۾ جتي غربت جي خاتمي لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون پيون وڃن ۽ حڪومتي رپورٽن موجب هنن وڏي انگ ۾ غربت ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آهن. اتي هنن فقيرن کي ائين پنندو ڏسي خيال آيو هيڏي وڏي ترقي ۽ دنيا جي ٻي وڏي معاشي طاقت بنجڻ جي باوجود بہ چين جو هڪڙو روپ اهو بہ آهي، جيڪو هينئر مون ڏٺو.
فرلانگ کن اڳتي وڌياسين تہ فوٽ پاٿ تي سامان وڪڻندڙن ۾ هڪ پوڙهو ۽ پوڙهي ڏٺم، جيڪي هڪ ننڍي ٽپائيءَ تي چين جو جهنڊو لڳائي، ڪجهہ شيون وڪڻي رهيا هئا. سندن وهي اسي سال کن هوندي. مون کين ’ني هائو‘ چئي سلام ڪيو تہ هو ٻيئي مُرڪيا ۽ مون سندن فوٽو ڪڍيو تہ ٻنھي مرڪي پوز هنيو. جنھن تي مون کان کل ڇڏائجي ويئي. مون کي سندن اها ڳالھہ وڻي تہ هو اٽي تي چٽي ٿيڻ بدران هيئن شيون وڪڻي رهيا هئا. ايئن هو بہ چار ڏوڪڙ ڪمائي بہ وٺندا هوندا ۽ بازار ۾ وندريو بہ ويٺا هوندا. اڳيان ڪٿي لکي آيو آهيان تہ چيني پوڙها هجن يا جوان ڪونہ ڪو ڪم ڪار ۽ ڌنڌو ڌاڙي پيا ڪندا آهن.
صبح جو اٿي ٻاهر ويٺس تہ خبر پئي تہ وانگ هي ڪؤ (وشال جي سس) سوير اٿي ڳوٺ هلي ويئي آهي. هوءَ ڪالھہ صبح جو موڪلائي ويئي هئي، ڌيڻس وان ين ڇنگ کيس ڇڏڻ ويئي، پر ڪلاڪ کان پوءِ وري موٽي آيون ۽ چيائين تہ منھنجي ڀيڻ مون کي فون تي چيو تہ ”اڄ نہ وڃ.“ تنھنڪري موٽي آيس. رات دعوت ۾ پڻ موجود هئي. ڪلھہ رات جڏهن مون کيس سندس مڙس لاءِ لُنگي ڏني هئي تہ ان مھل آءٌ اندران ”سرها ڏٺم سي“ ڪتاب کڻي آيس ۽ وشال کي ان جي پويان منھنجي ۽ امان جي ڇپيل تصوير ڏيکاريم، وشال وري کيس ڏيکاري تہ هوءَ ڏاڍي خوش ٿي ۽ وري ڪتاب جي ڪوَر تي منھنجو فوٽو ڇپيل ڏٺائين تہ آڱوٺو ڏيکاري خوشيءَ جو اظھار ڪيائين ۽ وشال جڏهن کيس ٻڌايو تہ ابو ليکڪ بہ آهي تہ هٿ جي اشاري سان چيائين تہ واھہ، پوءِ نوٽ بوڪ ۾ سنڌي ۾ منھنجا ورتل نوٽس کڻي ڏٺائين ۽ دلچسپيءَ جو اظھار ڪيائين. وشال جڏهن کيس چيو تہ آءٌ مائوزي تنگ کي پسند ڪندو آهيان تہ خوشي مان چيائين، ”مائوزي تنگ جو مڙھہ بيجنگ ۾ رکيو آهي. بيجنگ وڃو تہ ضرور ڏسجو.“ اڄ جو ائين هلي ويئي تہ بي حد ڏک ٿيم ۽ وشال کي چيم تہ سندس ڳوٺ ضرور هلبو، سندس ڳوٺ نئننگ کان چئن ڪلاڪن جي مفاصلي تي آهي.
اڄ صبح جو تيار ٿي ڊاڪٽر فيصل محمود جي ڏنل دعوت تي ’گوانگزو مينزو يونيورسٽي‘ وياسين. ڊاڪٽر فيصل اصل پنجاب جو آهي، بيجنگ مان پي. ايڇ. ڊي. ڪري اتي ئي اڍائي سال استاد ٿي، پڙهايائين، پوءِ پاڪستان هليو ويو، جتي سندس چواڻي تہ روزگار لاءِ ڏاڍو ’رليس ۽ خوار ٿيس‘. نيٺ چين موٽي آيس ۽ گوانگزو مينزو يونيورسٽي ۾ اٺن سالن جي ڪانٽريڪٽ تي آهي، پگهار ماهوار ڇھه هزار يوان اٿس، جيڪو ايترو ڪو گهڻو ڪونھي، رهائش ۽ بجلي وغيرہ پڻ يونيورسٽيءَ پاران ڏنل اٿس. ڊاڪٽر فيصل وشال جو دوست آهي ۽ شام جو روز وشال جي هوٽل تي ماني کائڻ ايندو آهي. اسان کي ڪافي ڏينھن کان چيائين پئي تہ مون وٽ اچو، نيٺ ڪالھہ کيس ٻڌايوسين ۽ اڄ وڃي نڪتاسين.
’گوانگزو مينزو يونيورسٽي‘ تمام وڏي آهي، نئننگ ۾ ئي ڪيترا ڪئمپس اٿس شھر اندر هڪ شھر آهي، منھنجي ورتل ڄاڻ موجب رڳو نئننگ ۾ ئي پندرهن کن يونيورسٽيون ۽ انھن جا ڪئمپس آهن. جن ۾ ڏيھي توڙي پرڏيھي شاگرد پڙهن ٿا. يونيورسٽين جون عمارتون شاندار ۽ ميلن ۾ پکڙيل آهن ۽ هر قسم جي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس. چيني حڪومت جو تعليم ڏانھن وڏو ڌيان آهي. چين عالمي ريڪنگ ۾ تعليم جي اعتبار کان 22 هين نمبر تي آهي. تعليم رياست جي ڪنٽرول ۾ آهي. البت پرائيويٽ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي بہ اجازت آهي، پرائيويٽ اسڪول چين جي تعليمي نظام ۽ سليبس جي پابندي ڪن ٿا. چين ۾ ٻارن کي 9 سالن تائين مفت ۽ لازمي تعليم ڏني ويندي آهي. تعليم جو ميڊيم چيني زبان آهي. گريڊ فور کان انگريزي زبان سيکاري ويندي آهي.
يونيورسٽيءَ جي ڏسيل گيٽ وٽ لٿاسين، جتي ڊاڪٽر فيصل اسان جي اوسيئڙي ۾ بيٺو هو ۽ اسان کي وٺي پنھنجي ڊارميٽري آيو، جيڪا سڏ پنڌ تي هئي. اسان هلندا سندس رهائش واري ڊارميٽري آياسين. جتي ڊاڪٽر فيصل سميت ڪيترن ئي استادن کي رهائش ڏنل آهي. سڄي يونيورسٽيءَ ۾ استادن ۽ يونيورسٽي جي عملي جي رهائش لاءِ اهڙيون ڪيتريون ئي ڊارميٽريون ٺھيل آهن. اسان لفٽ ۾ چڙهي ٻي ماڙ تي آياسين، ڊاڪٽر فيصل پنھنجي رهائش گاھہ جو دروازو کوليو ۽ اسان اندر گهرياسين، اها فليٽ ٽائپ ٺھيل رهائش گاھہ هڪ بيڊ روم، خُلاصي ٽي وي لائونج، ڪچن، ننڍي اسٽور روم ۽ واش روم تي مشتمل هئي ۽ سڄي ايئرڪنڊيشنڊ ۽ صاف سٿري هئي. ڊاڪٽر فيصل هتي فيملي سان رهي ٿو، سندس گهر واري ۽ پُٽ پاڪستان ويل هئا. ڊاڪٽر فيصل الائي ڪيترين شين جو بندوبست ڪيو هو. اسان کائيندا بہ رهياسين ۽ ڪچھري بہ ڪندا رهياسين. مون ڊاڪٽر فيصل کان پُڇيو تہ، ”مون اڪثر چين جي سفرنامن ۽ ڪتابن ۾ پڙهيو آهي تہ چيني ماڻھو شام جو ڇھين بجي ماني کائي ڇڏيندا آهن ۽ نوين تائين ڪڪڙوڪو لڳي ويندي آهي. پر هتي نئننگ ۾ اچي مون تہ معاملو ان جي اُبتڙ ڏٺو آهي. نئننگ تہ سڄي رات کلي پئي هوندي آهي ۽ چيني ماڻھو تہ ڇھين کان پوءِ بہ کائڻ پيئڻ لاءِ هوٽلن تي وڏي تعداد ۾ نظر ايندا آهن؟“
”مون بيجنگ ۾ اڍائي سال نوڪري ڪئي آهي، اُتي سردي تمام گهڻي ٿئي ٿي، اڪثر مائنس کان بہ هيٺ هلي ٿي وڃي. ان ڪري ڏينھن جو ٻارهين بجي ڪاروبار کلي ٿو ۽ پنجين بجي تائين بند ٿيو وڃي ۽ ماڻھو سرديءَ سبب گهرن ۾ واڙجيو وڃن ۽ سواءِ ڪنھن ضروري ڪم جي ٻاهر نہ ٿا نڪرن. آءٌ جڏهن نئننگ آيس تہ هتي مون صورتحال بيجنگ جي ابتڙ ڏٺي، هتي موسم معتدل آهي، نہ ايتري سردي نہ گرمي، ان ڪري ڪاروبار بہ رات جو دير تائين کليل رهي ٿو تہ ماڻھو بہ هلندا وتن. جن دوستن سفرنامن ۾ اها ڳالھہ لکي آهي، اها بيجنگ جي ماحول ۽ موسم کي نظر ۾ رکندي لکي آهي...“ ڊاڪٽر فيصل جواب ڏنو.
ڪلاڪ سوا ويٺا ڪچھري ڪندا رهياسين، پوءِ موڪلائڻ لاءِ اٿياسين ۽ ڊاڪٽر جو زور هو تہ نہ وڃو، پر وشال کي ڪم هئا ۽ منھنجي طبيعت ۾ بہ مزو نہ هو. سو هيٺ لھي آياسين ۽ پنڌ ئي پنڌ يونيورسٽي ڏسندا هلڻ لڳاسين ۽ ڊاڪٽر ٻڌايو تہ يونيورسٽي جي هي ڪئمپس ننڍي آهي. ٿورو پرتي هڪ ٻي ڪئمپس بہ آهي. ڊاڪٽر اسان کي اتي هڪ ننڍي مصنوعي ڍنڍ بہ ڏيکاري، ڀرسان ئي يونيورسٽي جو هڪ وڏو ڪنسرٽ هال بہ هو. اسان وري اڳتي وڌياسين ۽ ’چائنا- ايشين لا اسڪول‘ تائين پھتاسين. جيڪو پڻ يونيورسٽيءَ جو حصو هو. اندرينءَ گيٽ وٽ چيني ۽ انگريزي ۾ نالي لکيل هئڻ سان گڏ ڪيترن ئي ملڪن جا جهنڊا پڻ پينٽ ٿيل هئا، پر انھن ۾ پاڪستاني جهنڊو نہ هو. اتي هڪ ننڍي لئبريري بہ هئي، جنھن ۾ بہ ڪتاب چيني ٻولي ۾ رکيل هئا، البت ٽي چار ڪتاب ڊويلپ مينٽ تي انگريزي ۾ بہ هئا. ان کان سواءِ چيني صدر شي چن پنگ جي ڪتاب ”چين جي طرز حڪمراني“ جا پڻ چيني ۽ انگريزي ۾ ڪجهہ جلد رکيا هئا. اتي چيني ۾ ڪجهہ اخبارون پڻ رکيل هيون. آءٌ گذريل ڪيترن ئي ڏينھن کان ڪنھن اخباري اسٽال جي ڳولا ۾ هئس، وشال مون کي هڪ اسٽال ڏيکاريو، جيڪو بند هو ۽ مون کي سدائين بند ئي نظر آيو. اڄ ڏينھن سوڌي مون نہ ڪنھن جي هٿ ۾ اخبار ڏٺي آهي ۽ نہ ڪو ڪتاب. بھرحال اسڪول ڏسي اسان ٻاهر نڪتاسين تہ هڪ شٽل اچي لنگهي، ڊاڪٽر فيصل چيو، ”ڇو نہ شٽل ۾ چڙهي يونيورسٽيءَ جو چڪر هڻون.“ اسان ها ڪئي تہ ڊاڪٽر ٻي ايندڙ شٽل کي هٿ ڏنو، جيڪا بيٺي، اسان ان ۾ چڙهي ويٺاسين. في ماڻھو هڪ يوان ۾. يونيورسٽيءَ جي ان چڪر ڏاڍو مزو ڏنو. سڄي ڪئمپس خوبصورت عمارتن، وڻن ٽڻن، سُھڻن رستن جو هڪ نمونو هئي. چڪر پورو ڪري واپس اچي مکيہ گيٽ وٽ لٿاسين. وشال ايپ ذريعي ديدي (ٽئڪسي) گهرائي، تيستائين ڊاڪٽر فيصل بيٺو رهيو. سندس محبت ۽ ميزبانيءَ جي مھرباني مڃي اسان ٽئڪسي ۾ ويٺاسين تہ ڊاڪٽر فيصل بہ روانو ٿيو.
شام جو ساڍي ڇھين ڌاري وشال مون کي بائيڪ تي کڻي اسپتال ويو، جتي منھنجي ايم. آر. آءِ. ٿيڻي هئي. اسان اسپتال پھچي واسطيدار هنڌ پھتاسين. جتي هڪ چينائڻ ويٺي هئي. کيس رسيد ڏيکاريسين تہ هن مون کي اندر سڏيو، کيسن مان سڀ سامان ۽ پينٽ جو بيلٽ بہ لھرائي ورتائين ۽ پوءِ مون کي کڻي سمھاريائين ۽ چرڻ پرڻ کان منع ڪيائين ۽ منھنجي جسم جو اڌ مشين ۾ هليو ويو. مون لمس ڄامشوري مان ٻہ ڀيرا اڳ ۾ ايم. آر. آءِ ڪرائي هئي، تنھنڪري مون کي خبر هئي تہ مون کي پندرهن ويھه منٽ بي سڌ ٿي ليٽيو رهڻون آهي. مون اکيون ٻوٽي ذهن خالي ڇڏي ڏنو. پندرهن ويھن منٽن تائين مشين جا آواز ۽ ٺڪاٺوڪي ٿيندي رهي، پوءِ مون کي مشين مان ٻاهر ڪڍي اٿڻ جي لاءِ چيائين. وشال بہ اتي بيٺو هو. جنھن مون کي بيلٽ ڏنو ۽ اسان ٻاهر نڪري آياسين. وشال مون کي ٻڌايو تہ هو سڄو وقت ڪمپيوٽر وٽ مشين آپريٽ ڪندڙ خاتون وٽ ويٺو ساڻس ڪچھري ڪندو رهيو. وشال مون کي ٻڌايو تہ مائيءَ چيو، ”ڪلھي ۾ ڪو مسئلو ضرور آهي. باقي رپورٽ اچي تہ خبر پوي.“
”رپورٽ ڪڏهن ملندي؟“ مون پڇيو.
”سڀاڻي-“ وشال چيو، ”جي آپريشن جي ضرورت پئي تہ ڪرائي ڇڏينداسين.“
”پر هتي منھنجي تہ انشورنس بہ ٿيل ڪونھي، تنھنڪري تمام گهڻو خرچ ايندو، ايترا پئسا ڪٿان ايندا؟“
”ﷲ مالڪ آهي، ابو، پئسا اچڻا وڃڻا آهن.“ وشال چيو گهڙي کن ترسي وري چيائين، ”باقي ابو توکان مون کي شڪايت آهي، تہ تون پنھنجي صحت جو خيال نہ ٿو رکين.“ جنھن تي آءٌ کلي پيس ۽ چيم، ”پوءِ ماڻھو چوندا تہ يوسف بہ وڏن ماڻھن وانگر علاج ڪرائڻ جي لاءِ چين ويو هو.“
جنھن تي وشال ڏاڍو کليو.
[23 آڪٽوبر 2024ع]
جيئن ئي فيس بوڪ کوليم تہ رئوف نظاماڻي جي پوسٽ تي نظر پيئي، جنھن ۾ هن ڪالھہ راحت سعيد جي گذاري وڃڻ جي حوالي سان پنھنجن خيالن جو اظھار ڪندي راحت سعيد کي خراج تحسين پيش ڪيو هو. راحت سعيد جي گذاري وڃڻ جو پڙهي سخت صدمون رسيم. راحت منھنجو پيارو دوست هو، جنھن سان 2006ع کان وٺي دوستي رهي. راحت سعيد ئي مون کي انڊيا وٺي ويو. کيس ڦڦڙن جي ڪئنسر هئي. چين اچڻ کان اڳ تائين منھنجو ساڻس رابطو هو. اڪثر ٻي چوٿين ڏينھن فون تي ڳالھائيندو هومانس. پوين ڏينھن ۾ ٻہ ٽي ڀيرا چين لاءِ ويزا وٺڻ لاءِ جڏهن ’چئريز‘ ويندو هئس، تہ ساڻس وڃي ملندو هئس. آخري ڀيرو پنھنجي گهر واري نسيم ۽ نياڻي پارس کي بہ وٺي ويو هئس، جنھن تي هو گهڻو خوش ٿيو هو. هن نسيم کي ڪپڙن جو جوڙو ۽ پارس کي ڪتاب تحفي طور ڏنو هو.
راحت جي وفات جي خبر هِتي پرڏيھه ۾ منھنجي لاءِ سخت صدمي جو سبب بڻي. راحت پنھنجي زندگي ڀرپور گذاري. دنيا جھان ڏٺائين، پاڻ صحيح معنيٰ ۾ سنڌ دوست هو، سنڌ جي قومي مسئلن تي سدائين پنھنجو چٽو ۽ واضح موقف رکندو هو.
*
حيدرآباد ۾ هئس تہ ڏينھن گذرندو ئي نہ هو ۽ هتي نہ ڪو ڪم نہ ڪار، پر خبر ئي نہ ٿي پوي ۽ ڏينھن گذريو وڃي. اصل ۾ هتي ڏينھن ننڍا ٿا لڳن يا وقت جي تبديليءَ جي ڪري، سج جو ڦيرو گهٽ وڌ ٿئي ٿو ۽ ڏينھن ائين گذريو وڃي اصل گولي.
صبح جو ساڍي اٺين ڌاري وشال، ماڻھنس ۽ آءٌ گڏجي ويزا آفيس وياسين، جتي منھنجي ۽ نسيم جي وڌيڪ هڪ سال لاءِ ويزا اپلاءِ ڪئيسين. ويزا آفيس تمام وڏي ۽ ڪيترائي ماڙ هئي. اسان ٽي ماڙ تي پھچي، مذڪوره ڪائونٽر تي پھتاسين. جتي ويٺل ڇوڪريءَ جو رويو ڏاڍو سٺو هو، هن ڪافي رهنمائي ڪئي ۽ پوءِ چيائين تہ ’وانگ ين هونگ‘ (يعني کشين) پاڻ اچي، صحيح ڪري، ڇو تہ اسان جي ميزبان ”کشين“ ئي آهي، وشال فئملي ويزا تي رهي ٿو، في الحال وشال جو اهو اسٽيٽس ڪونھي تہ هو اسان کي گهرائي ۽ رهائي سگهي. وشال کي چين ۾ سٽيزن ڪارڊ 2027ع ۾ ملندو، جنھن کان پوءِ هو ڏھہ سالن تائين ان ڪارڊ جي بنياد تي چين ۾ رهي سگهي ٿو ۽ کيس ويزا جي ضرورت نہ پوندي. ڪوبہ ٻاهريون شھري ڪنھن چيني عورت سان پرڻجڻ کان پنج سال پوءِ، جيڪڏهن شادي قائم آهي تہ ان ڪارڊ لاءِ اپلا ڪري سگهي ٿو. اهو ڪارڊ ملڻ کان پوءِ وشال کي ڪيترائي ٻيا فائدا بہ گورنمينٽ قاعدن موجب ڏيندي، ان دوران چيني ڇوڪري سان شادي ڪندڙ فئملي ويزا تي رهي سگهي ٿو. چيني گورنمينٽ ڪنھن بہ ٻاهرين ماڻھو کي شھريت نہ ٿي ڏي، باقي اهو ڪارڊ ڏي ٿي.
ان دوران اسان ٻيون سڀ فارمليٽيز پوريون ڪري ڇڏيون. ڪلاڪ کن کان پوءِ جڏهن کشين آئي ۽ هن فارم تي صحيحون ڪيون تہ پراسيس مڪمل ٿيو ۽ في ماڻھو چار سؤ يوان في ادا ڪئيسين. وشال جو خيال آهي تہ آءٌ ۽ ماڻھنس هتي رهي پئون ۽ آءٌ پاڪستان وڃي رٽائرڊمينٽ وٺي اچان. مون کيس سمجهايو تہ في الحال منھنجي لاءِ ائين ڪرڻ ممڪن ڪونھي. البت وچ وچ ۾ اچي سگهجي ٿو ۽ مھينو ٻہ رهي سگهجي ٿو، پاڪستان مان ويزا پراسيس ٿورو ڏکيو آهي. تنھنڪري هتان ئي ويزا وڌرائي ڇڏڻ گهرجي. ان وچ ۾ ڪا رڪاوٽ نہ ٿي تہ انشاءَ ﷲ مارچ- اپريل 2025ع ۾ وري اچبو.
ويزا آفيس ۾ ويزا آفيسر جڏهن ايف آر سي چيڪ پئي ڪئي تہ اسان جا ڇھه ٻار داخل ڏسي چيائين، ”هل هيترا ٻار“. جنھن تي مون چيو تہ ”اسان تہ اڌ ڊزن ٻار ڄڻيا آهن، پر پاڪستان ۾ تہ ماڻھو ڊزن ٻار ڄڻي بہ چوندا آهن تہ اڃا بہ ٻار ٿين.“ تہ اچي کليو. چيني وڌ ۾ وڌ هڪ ٻار ڄڻين يا ٻہ. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ مون ٻھراڙين ۾ رهندڙ چينين جا چار چار ٻار بہ ڏٺا آهن. ٻہ مثال تہ منھنجي سامھون آهن. کشين واريون پاڻ ۾ ٽي ڀيڻيون ۽ هڪ ڀاءُ يعني چار ڄڻا آهن. کشين جي ماءُ کي بہ ٻہ ٻيون بہ ڀينرون آهن، ٿي سگهي ٿو تہ ڪو ڀاءُ بہ هجين. بھرحال جتي ڪٿي سڀ ڪام چلتا هي.
فليٽ تي پھچي نسيم چيو تہ ”هتي وشال پنھنجي ڪيڏي نہ خدمت پيو ڪري، زبان مان لفظ ڪڍ تہ پورو، سڄو ڏينھن سُتا پيا آهيون. واپس هلي وري پريشان ٿينداسين. دل چوي ٿي تہ نہ هلون.“
چيومانس، ”پريشانيون پاڻ پاڪين جي نصيب ۾ آهن. بجلي ڪونھي، پر بجلي جا بل ڏيڻ ۾ پريشان، گئس ڪونھي، پر گئس جي ميٽر جي هزار رپيا مسواڙ، گهر ۾ اٽو ڪونھي، بصر ڪونھي، پٽاٽو ڪونھي وغيرہ، اهي اهڙيون پريشانيون آهن ۽ حڪمرانن ان ڪري پيدا ڪيون آهن تہ جيئن اسان سڄو وقت ڳڻتين ۾ ڳري پريشانين ۾ پورا ٿي وڃون. هِتي تہ ويٺي ويٺي وقت ئي نہ ٿو گذري.“
جنھن تي کلي پيئي.
شام جو وشال، وانگ ين ڇنگ ۽ آءٌ ايم آر آءِ کڻڻ جي لاءِ اسپتال وياسين. اها رپورٽ کڻي ڊاڪٽر کي ڏيکاريسين. جنھن ڏٺي ۽ چيائين تہ ”في الحال دوائون لکي ٿو ڏيان، هفتي کن کان پوءِ ڪو فيصلو ڪنداسين.“
هن رپورٽ جي نمبر تي گول وجهي ڏنو ۽ اسان ٻاهر نڪري آياسين.
”وشو دوا تہ ڪونہ لکيائين.“ مون چيو.
”لکيون اٿس هلي وٺون ٿا.“ جواب مليو.
خاموش ٿي ويس تہ ڏسجي.
هيٺ لھي وشال هڪ ڪائونٽر تي ويو، جتي ان ٽيسٽ جو ڊاڪٽر پاران گول دائري وارو نمبر ڏيکاريائين. ان وري ڪمپيوٽر مان ٻہ ننڍيون پرچيون ڪڍي ڏنيون، جيڪي وري ٿورو اڳيان هڪ وڏي ميڊيڪل اسٽور تي ڏنائين، جنھن ڍڳ دوائن جا ڏنا، جيڪي سڀ ’چائنيز ميڊيسين‘ هيون. جيڪي سڀ کڻي ٻاهر نڪتاسين، مون کي وشال کان پُڇڻ جي همت ئي نہ ٿي تہ دوائون گهڻن پئسن جون ٿيون.
ٻاهر نڪري وشال چيو،”ابو تون پنھنجي صحت جو خيال نٿو ڪرينءَ، ان ڏينھن مساج واري ٻاڏي چينيءَ بہ ائين چيو تہ ايڪسر سائيز ڪر، ٽيون ڏينھن بہ ۽ اڄ بہ ڊاڪٽر ائين چيو... ڊاڪٽر جي چوڻ موجب اوهان نہ گهڻو پاڻي ٿا پيئو، نہ فروٽ ٿا کائو، نہ وري بھتر ڊائيٽ. ڊاڪٽر جو چوڻ آهي تہ گهڻي ڪمزوري اٿوَ.“
آءٌ دل ئي دل ۾ کلڻ لڳس.
گهر پھچي وشال پھريون ڪم اهو ڪيو جو مون کي گورين جو وزن کارايائين ۽ ’وانگ ين ڇنگ‘ منھنجي ڪلھي تي جتي سور هو، اتي پلاسٽر رکيو. جيڪو ڪلاڪ کان پوءِ لاهڻون هو. ڏهين بجي ڌاري وري ٻيو ڊوز کارايو ۽ سندس ونيءَ کشين ’ابو ابو‘ چئي منھنجي ڪلھي تي پلاسٽر هنيو. مون کي ٻنھي ڀيڻن پاران منھنجو اهڙو خيال رکڻ تي خوشي ٿي ۽ مون ’شي شي‘ چئي سندن مھرباني مڃي.
[24 آڪٽوبر 2024ع]
صبح جو سوير اٿي، وشال جيڪو جوگر ڏنو هئم، اهو پاتم ۽ واڪ تي نڪري ويس، هتي ڪي دڪان خاص ڪري، ڊبل روٽي ۽ جوسن وارا سوير ئي کليو وڃن، ڪي تہ وري سڄي رات بند ڪونہ ٿين. آءٌ سڌو رستو ڏيئي گوانگسي يونيورسٽي سب وي اسٽيشن تائين ويس ۽ پوءِ وري موٽي واپس پنڌ ڪندو روڊ جي ٻي ڇيڙي تائين ويس ۽ پوءِ واپس گهر ويندي ننڍي پارڪ ڏانھن لڙي ويس، جتي اُن ڏينھن مريم سان گڏ ويو هئس، جتي ڪجهہ جهولا ۽ ورزش لاءِ اوزار رکيا هئا، سو هٿن پيرن ۽ ٻانھن جي ورزش ڪيم ۽ گهر موٽي آيس.
ڊاڪٽر جيڪي دوائون ڏنيون آهن، اهي هر ٽن ڪلاڪن کان پوءِ کاوان پيو. ٿورو فرق محسوس ڪريان پيو.
ڪجهہ ڏينھن اڳ جڏهن ’ڪُتا مارڪيٽ‘ ويو هئس تہ وشال کان پڇيو هئم تہ چيني جانور ڪيئن ذبح ڪندا آهن. چيائين جانورن جي معاملي ۾ چيني وڏا ظالم آهن، هو پھرين جانور کي مٿي ۾ مُترڪو هڻندا آهن، جنھن سان جانور گهوماٽجي ڪري پوندو آهي. پوءِ ڳچيءَ ۾ سڌي ڪاتي هڻي رت ڪڍي ٿانوَ ۾ جمع ڪندا آهن ۽ پوءِ يا تہ ان کي گرم ۽ ٽھڪندڙ پاڻي ۾ اڇلائيندا آهن، ائين سندن کل لھي ويندي آهي. ڪڪڙين، بدڪن، نانگ ۽ ٻين جون پھرين ڳچيون مروڙيندا آهن. پوءِ کين ٽھڪندڙ گرم پاڻي ۾ اڇلائيندا آهن، ائين سندن کل لھي ويندي آهي.
اڄ ابوذر اقبال سان اهو ذڪر نڪتو تہ هن هڪ وڊيو ڏيکاري، جنھن ۾ ڪاسائي هڪ ڇيلي ۽ هڪ ٻي جانور کي ائين مترڪا هڻي ڪيرائي، پوءِ سندن ڳچين مان رت ڪڍي رهيا هئا. ابوذر کي چيم تہ ”چيني تہ وڏا ظالم آهن، جو ايئن ٿا جانورن تي ڪِيس ڪن.“
مون اڄ ڏينھن تائين هتي ڪابہ جهرڪي، ڪانگ، ڪٻر يا ڪو پکي، پکڻ نہ ڏٺو آهي. جتي وڻ هوندا آهن، اُتي پکي پکڻ تہ هوندو آهي. حيدرآباد ۾ جڏهن صبح جو واڪ تي نڪرندو آهيان تہ وڻن مان جهرڪين جي چھہ چھہ جا آواز ڪنن تي پوندا آهن ۽ شام جو بہ جنھن مھل هو آرام ڪرڻ لاءِ وڻن تي اچي ويھنديون آهن تہ اها ئي چھه چھه. قرآن پاڪ ۾ فرمايو ويو آهي تہ ’پکي پکڻ ۽ ساھہ وارا صبح ۽ شام پنھنجي رب جي ثنا ۽ ساراھہ ڪندا آهن‘ ۽ آءٌ انھن وڻن جي هيٺان اچي بيھي رهندو هئس ۽ جهرڪين جي اها چھه چھه ڏاڍو سڪون ڏيندي هئي، پر هتي وڻ پکين کان خالي آهن. مون وشال کان پڇيو تہ هتي تہ ڪو پر بہ نظر نٿو اچي تہ چيائين، ”اهي سڀ چينين کائي چٽ ڪري ڇڏيا.“
فليٽ ۾ اسان جنھن ڪمري ۾ سمھندا آهيون، اتي رات جو کڙ کڙ ٿيندي آهي، اسان سمجهيو تہ اهو آواز ڪٿان پاسي مان ٿو اچي، هڪ ڏينھن وشال پڇيو: ”ڪمري ۾ آواز اچن ٿا.“ اسان چيو ”هائو.“ جواب ۾ وشال چيو اهو ڪُئو اٿوَ. ڪلھہ وشال جي هوٽل ۾ ڪوئا ڪئميرا جي تار ڪُتري ويا، جيڪا پوءِ وشال ستر يوان ۾ ٻي ورتي. وشال چيو تہ هتي جام ڪوئا آهن، ۽ وڏو نقصان ٿا ڪن. وڏا حرامي آهن. جنھن تي ماڻھنس چيس تہ ”ڪوئن کي گهٽ وڌ ڳالھائيندي تہ اهي ججهو نقصان ڪندئي. چوين تہ اوهان گهر ڌڻي آهيو، گهر جي پارت اٿوَ.“ جنھن تي وشال کلندي چيو ”هي چيني ڪوئا آهن. سنڌي ڪونہ سمجهندا.“ جنھن تي کلي پياسين. هوٽل ۾ پاسي ۾ بوٽن جو هڪ دڪان آهي، اتي ڪو ڪوئو مري ويو آهي، سو دڪان ۾ ڏاڍي ڌپ آهي، جنھن ڪري دڪاندار مائي ڏاڍي پريشان آهي. مون چيومانس تہ ڪٿي پڙهيو هئم تہ چيني ڪئا بہ کائي ويندا آهن ۽ ڪنھن وقت چين ۾ ڪُئا مار مھم شروع ڪئي ويئي هئي ۽ في ڪُئو مارڻ تي حڪومت هڪ يوان انعام ڏيندي هئي.“ ”شايد اها پراڻي دور جي ڳالھہ آهي. ڪئا تہ چيني اڃا بہ کائيندا آهن، پر جيئن چينين جي آبادي وڌندي پئي وڃي، تيئن ڪوئا بہ پنھنجي آبادي وڌائيندا پيا وڃن.“ وشال کلندي چيو، تہ مون کان بہ ٽھڪ نڪري ويو.
[25 آڪٽوبر-2024]
رات پروگرام ٺاهيوسين تہ اڄ گلاس برج ڏسڻ هلنداسين، جيڪا نئننگ جي بھترين تفريح گاھہ آهي، ان جو سڄو نالو آهي. Long men water capital science
پر هتي آءٌ ان کي پنھنجي سھوليت خاطر ’ڊريگن واٽر پارڪ‘ لکندس. جو هن پارڪ ۾ هنڌ هنڌ تي ڊريگن جا ننڍا ننڍا نھايت خوبصورت سونھري رنگ سان پينٽ ٿيل مجسما نصب ٿيل هئا ۽ شروع ۾ ڊريگن جو هڪ وڏو نھايت خوبصورت مجسمو کتل هو، جنھن جي وات مان پاڻي ڦوهاري جي شڪل ۾ وهي هيٺ ڪري رهيو هو. اهو پاڻي سندس پويان پري کان نھايت خوبصورت ٺھيل ننڍي ڪسيءَ جي وسيلي اچي رهيو هو.
چين ۾ ڊريگن، خير، برڪت ۽ خوشحالي ۽ شينھن قوت ۽ اقتدار جون علامتون/ نشانيون آهن. ماڻھو اڪثر پنھنجي گاڏين جي پويان ۽ گهرن ۾ ڊريگن جون تصويرون ۽ اسٽيڪر هڻندا آهن.
اڄ جمع جو ڏينھن هئڻ ڪري کشين کي بہ موڪل هئي، سو وشال، نسيم، مريم، کشين ۽ آءٌ ڏهين بجي ڌاري ’ڊريگن واٽر پارڪ‘ روانا ٿياسين. گاڏي کشين هلائي رهي هئي ۽ جڏهن اسٽيرنگ تي ويھندي آهي تہ ڏاڍي جذباتي ٿي ويندي آهي، کيس تيز ڊرائيور ڪرڻ جو وڏو شوق آهي، پر مجبور آهي تہ پاڻ تي ضبط رکي، نہ تہ جي سندس پوائنٽس ڪٽجي ويون تہ پنجن سالن لاءِ لائسنس رد ٿي ويندس. وشال اڳيان ويٺو تہ چيومانس ”ابا، اسپيڊ تي ڪنٽرول رکرائجينس.“ ڪار پنھنجي رفتار سان هلندي رهي ۽ آءٌ ٻاهر ڏسڻ لڳس. هاڻ مريم اسان سان هِري ويئي آهي، سو اسان سان گڏ پويان مزو لايو ويٺي هئي، سندس کل بہ مزيدار آهي. منھنجي پوٽي شفق جھڙي. ماڻھنس وشال کي چيو تہ ”مريم جو نڪ تہ صفا آهي ئي ڪونہ....تنھنجي نڪ تي تہ ويو ئي ڪونھي.“
مون چيس، ”وشال ماڻھين تنھنجو نڪ ڇڪي ڪڍيو هو. جي ماڻھين هتي هجي ها تہ مريم جو نڪ بہ ڇڪي وڏو ڪري ها.“
جنھن تي وشال چيو، ”چينياڻيون منھنجي نڪ تي صفا چَريون آهن.“
جنھن تي کلندي چيم تہ، ”لڳي ٿو تہ کشين بہ تنھنجي نڪ تي چري ٿي هئي.“ جنھن تي وشال، مون ۽ ماڻھنس وٺي ٽھڪ ڏنو تہ کشين بہ کلڻ لڳي. وري وشال جڏهن چينيءَ ۾ ترجمو ڪري ٻڌايس تہ وري کلي. ان کي چئبو آهي، ٻوڙو کلي ٻہ دفعا.
نيٺ اسان ’ڊريگن پارڪ‘ وٽ پھچي وياسين. ٻاهريون Look نظارو ئي اهڙو سُھڻو هو، جو ڪيا بات هي. ڪار پارڪ ڪري اسان هوريان هوريان پارڪ ڏانھن وڌڻ لڳاسين. ڇا تہ وڻ گل ۽ ٻوٽا هئا، ساوڪ ئي ساوڪ، اکيون ان ساوڪ سبب ڄڻ وڌيڪ روشن ٿيڻ لڳيون. رستي جي ٻنھي پاسن ستن اٺن فوٽن جي فاصلي تي ٺھيل ٿنڀن ۾ ڊريگن جا خوبصورت سونھري مجسما لڳل هئا. جيڪي الائجي ڪيترا هئا- روڊ جي مٿان چين جا جهنڊا ۽ سينگار لڳل هو. ڪجهہ وقت اڳ جيڪو آزاديءَ جو هفتو ملھايو ويو هو. اها سجاوٽ ان موقعي تي ڪئي ويئي هئي. اسان هلندا اندرينءَ گيٽ وٽ ٽڪيٽ گهر وٽ پھتاسين. آسپاس ڪولڊ ڊرنڪس، ٽوپين ۽ سوينرس جا ننڍا ننڍا شاپس هئا، جيڪي مايون هلائي رهيون هيون. اتي کشين اندر ٽڪيٽ وٺڻ ويئي، في فرد 20 يوان جي ٽڪيٽ هئي. وشال وري اتان ٻہ ٽوپيون ورتيون، هڪ منھنجي لاءِ ٻي ماڻھنس لاءِ. ماڻھنس پاتي تہ چيومانس ”هاڻ تہ صفا منڊم ٿي لڳين، بس رڳو پينٽ پائي.“ جنھن تي کلي. پوءِ سڄي پارڪ جي سير جي دوران اسان کي اهي ٽوپيون پاتل رهيون. ٽڪيٽ ڏيکاري اندر گهڙياسين تہ شٽل بيٺي هئي، جنھن ۾ وڃي ويٺاسين. پنڌ هلون ها تہ اڌ ۾ ئي ويھي رهون ها. ڇاڪاڻ تہ پارڪ تمام وڏو آهي. سڄو ڏينھن گهُم، تڏهن بہ شايد کُٽي. پارڪ ۾ ماڻھو تمام گهٽ هئا. شايد پويون تاريخون هيون ان ڪري. اسان شٽل ۾ ويٺاسون تہ شٽل هلڻ لڳي. شٽل ۾ ٻيا بہ چيني ويٺا هئا. اتي شٽل گاڏي کان سواءِ ريل بہ شٽل جي صورت ۾ هلندي آهي. جيڪا پڻ اڳيان بيٺي هئي. شٽل هلڻ شروع ڪيو تہ اسان آسپاس ڏسڻ شروع ڪيو. جڏهن ٻاهريون ماحول خوبصورت هوندو آهي تہ اندر پاڻمرادو بُود ۾ اچي ويندو آهي. بس ڇا ڏسي ڇا ڏسجي، ايڏا تہ خوبصورت نظارا هئا، جو ڍؤ ئي نہ پي ٿيو.
شٽل پنھنجي آخري اسٽاپ تي بيٺي، جتي سامھون هڪ وڏو ڊريگن جو مجسمو ٺھيل هو، جنھن جي وات مان پاڻي نڪري رهيو هو، جيڪو ڦوهاري جي شڪل ۾ وهي هيٺ ٺھيل وڏي حوض ۾ پئي رهيو هو. جنھن ۾ وري ننڍيون ننڍيون مڇيون تري رهيون هيون. اهو پاڻي مٿي ٺھيل سمينٽ جي اڇي ڪنول جي گل مان ننڍين ننڍين ڪَسين جي صورت ۾ وهي اچي ڊريگن جي وات مان ٿي نڪتو. اسان کي پريان کان ئي گلاس برج نظر اچي رهي هئي، جنھن تي چين جو ڳاڙهو پنجن تارن وارو جهنڊو ڦڙڪي رهيو هو. ڪجهہ پريان هڪ ريسٽورينٽ ٺھيل هئي. اسان مٿي چڙهي ٿڪاسين تہ اتي ويھي پاڻ سان آندل پاڻي ۽ جوس پيتوسين، کشين ٿيلھيءَ مان اوٻاريل بيدا ڪڍي اسان جي اڳيان رکيا، جيڪي هوءَ گهران رڌي کڻي آئي هئي، اسان ٻہ ٻہ بيدا کاڌا تہ بہ بچي پيا. پھرينءَ ڏينھن ڇا ٿيو جو فليٽ تي صبح جو آءٌ اندران ڪمري مان نڪري ٻاهر صوفي تي اچي ليٽي پيس، جاڳ ٿيم تہ ڏٺم تہ منھنجي اڳيان ٽيبل تي ڇھه اوٻاريل بيدا ۽ گرم کير جنھن ۾ سويا بين پيل هو رکيا هئا. جيڪي صبح جو سوير کشين ڊيوٽي تي وڃڻ کان اڳ منھنجي اڳيان رکي ويئي هئي.چيني اوٻاريل بيدن جا بہ شوقين آهي. هڪئي مھل ڇھه ست بيدا کائڻ سان بہ سندن ڪُک سائي نہ ٿئي. اسان تہ هڪ کائون تہ ڄڻ لک کٽيوسين.
بيدا کائي، پاڻي ۽ جوس پيئڻ دوران آسپاس جا نظارا بہ ڪندا رهياسين. ٿڪ ڀڃي، تازا توانا ٿي وري پنڌ پياسين. وچ تہ هيٺ هڪ ننڍي ڍنڍ نظر آئي، جنھن ۾ ڪسيءَ جي صورت ۾ ڪٿان پاڻي اچي رهيو هو. اتي ئي هڪ پل ٺھيل هئي. جنھن جي ڀرسان هڪ حوض ٺھيل هو ۽ ان ۾ ڪيتريون ئي وڏيون هئڊيون مڇيون تري ۽ ٽپا ڏيئي رهيون هيون. مون سوچيو تہ جي اهڙيون مڇيون اسان وٽ ائين ترنديون نظر اچن ها تہ ڪڏهوڪيون کاڄي پيچي هضم ٿي وڃن ها. پر سائين چيني وڏا ذميوار قسم جا ماڻھو آهن. پنھنجي شين کي سنڀالين ٿا. اهو ڊريگن پارڪ جبلن جي وچ ۾ هو، جن تي ننڍيون ننڍيون ڏاڪڻيون ۽ هٽس ٺھيل هئا، روڊ جي ڪنارن تي ڪافي هنڌن تي ڪنفيوشس جا ننڍا ننڍا مجسما ڪي هٿ ٻڌيو تہ ڪي ٻين شڪلين ۾ ٺھيل هئا. ڪنفيوشس قديم چيني فلاسافر آهي، جنھن جي تعليم جا چينين تي وڏا اثر آهن. ويھين صديءَ جو هڪ اهم چيني مورخ ’ننگ يولان‘ چيني تاريخ تي ڪنفيوشس جي اثرن کي مغرب ۾ سقراط جي اثرن جھڙو قرار ٿو ڏي.
ڪٿي ڪٿي وري هلندڙ ڦيٿا ٺھيل هئا. مطلب تہ پارڪ کي سُھڻو بنائڻ ۾ ڪا ڪسر نہ ڇڏي هئائون. اتي هڪ هوٽل بہ ٺھيل آهي، جتي سياح رات رهي بہ سگهن ٿا. بھرحال ڪافي هلڻ ۽ ڏسڻ کان پوءِ هاڻ اسان گلاس برج تي وڃڻ جو فيصلو ڪيو. جيڪا مٿي اسان کي نظر اچي رهي هئي. اچڻ مھل مون سوچيو هو تہ هتي ضرور ڪي پکي، ڪانگ، ڪبوتر ۽ جهرڪيون وغيرہ نظر اينديون. انھن جي ڪان ڪان، ڳٽرڳون ۽ چھه چھه ٻڌڻ ۾ ايندي، پر هتي ڪاريءَ وارا ڪک هئا. هڪ هنڌ هڪ پڃري ۾ بند مور نظر آيو ۽ بس. حقيقت ۾ باغ ۽ بَستان پکين ۽ پکڻن کان سواءِ ائين ٻُسا ٻُسا لڳندا آهن، جيئن لوڻ کان سواءِ کاڌو بي سوادي هوندو آهي.
اسان هلندا مٿي چڙهڻ لڳاسين. ڪافي ور وڪڙ ۽ ڏاڪڻيون چڙهندا مٿي تہ پھتاسين پر گلاس برج جي ڊيگهہ ڏسي همت ئي نہ پي ٿي. کشين کي چيم ني ڇو (چڙھہ)، تہ هٽي پري ٿي دل تي هٿ رکي چيائين، ”ابو، ڦان.. ڦان...“ (ابو مون کي ڊپ ٿو ٿئي). پوءِ وري مون کي چيائين، ”ابو... ني ڇو....“ [ابو، تون چڙھہ] مون کان کل نڪري ويئي ۽ چيم ”ڦان.... ڦان..“ پوءِ تہ سڀ اچي کلياسين. ٿوري دير بيھي آسپاس ڏسي، روح تازو ڪري، هوريان هوريان هيٺ لھي آياسين. ’ڊريگن پارڪ‘ جي وزٽ گهڻو ٿڪائي ڇڏيو هو. گهر پھچي ڦان ٿي اچي ڪرياسين. ڊريگن پارڪ گهمڻ جي ڪري اڄ جمع نماز پڙهي نہ سگهياسين. اڄ نئننگ (چين) ۾ اسان جو ٽيون جمع آهي.
*
شام جو ابوذر اقبال آيو ۽ پاڻ سان ڪتاب Common knowledge about Chinese Culture کڻي آيو، جنھن جي هڪ پاسي چيني ۾ تہ ٻي پاسي انگريزي ۾ لکيل آهي، جنھن ۾ هڪ باب قديم چيني ادب بابت بہ آهي. ڪجهہ ڏينھن اڳ جڏهن مون کيس پنھنجو ڪتاب ’دلي جيسا مين ني ديکھا‘ ڏنو تہ چيائين، ’انڪل!‘، مون وٽ بہ هڪ ڪتاب پيو آهي، جيڪو اوهان کي ڏيندس پنھنجي ان اردو ڪتاب جي هڪ ڪاپي پاڻ سان کڻي آيو هئس. هيستائين ٻہ باب پڙهيا اٿس، جن کيس مزو ڏنو. مون ڪتاب ڏيڻ تي سندس مھرباني مڃي تہ کلندي چيائين، ”حساب برابر هوگيا.“
ابوذر هتي گوانگسي يونيورسٽي ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪري رهيو آهي. اصل صوابي، ڪي پي ڪي جو آهي. لڳ ڀڳ روز شام جو ايندو آهي. ڪلھہ چيائين تہ انڪل ڪلب چلين؟ چيومانس هل تہ اهو جھان بہ ڏسون. چيائين، هڪ ٻن ڏينھن ۾ بوڪنگ ٿو ڪرايان.
هاڻ ڏسان تہ ڪڏهن ٿو وٺي هلي.
اسان کي ڪلب جو پروگرام ٺاهيندي ڏسي رضوان ۽ شھزاد چيو تہ، ”ابوذر هم بھي چلينگي.”
[26 آڪٽوبر 2024ع]
هاڻ روز وشال کان ڪجهہ چيني ٻولي جا لفظ سکان ٿو ۽ نوٽ بوڪ تي انھن جا اُچار لکي ٿو ڇڏيان. ڪڏهن ڪڏهن آواز غلط سمجهندو آهيان، ڪالھہ هيٺيان جملا لکيم، ياد ڪيم ۽ پوءِ اهي انڌا منڊا ڳالھائڻ جي ڪوشش بہ ڪندو آهيان. وشال ڳالھائيندو آهي تہ ڌيان سان ٻڌندو آهيان، پر مسئلو اهو آهي تہ هر هر وسريو وڃن.

اهي جملا هن ريت آهن:
- ني جائو شما منگز؟ [تنھنجو نالو ڇا آهي؟]
- وو جائو يوسف [منھنجو نالو يوسف آهي]
- ني ڇو نالي؟ [ڪيڏانھن پيو/ پئي وڃين؟]
- وئي مِن [ٻاهر پئي وڃان]
- شمان لا؟ [تو ماني کاڌي آهي؟]
- وو الا؟ [بک لڳي اٿئي؟]
- و پائو لا [ڍءُ اٿم]
- وو آئي ني [مون کي توسان پيار آهي]

ڪجهہ لفظ ۽ انھن جون معنائون:
- وو- منھنجو My
- ني- تون/ توهان You
- لو- شاهراھہ/ اسٽريٽ
- شُوشُو- چاچا
- لاچي- ڪچرو
- ڦنگيو- دوست
- مَيو- ڪونھي
- ڦان ڦان- ڊپ ٿو ٿئي
- که آئي- معصوم (Cute)
- چي هون ڪُنگ شي- شادي جون مبارڪون هجئي/ شادي مبارڪ

ان کان سواءِ هڪ کان وٺي ڏهن تائين ڳڻپ بہ ياد ڪيم.
- اِي هڪ One
- اَ ٻہ Two
- سن ٽي Three
- يسه چار Four
- اُو پنج Five
- ليو ڇھه Six
- ڇي ست Seven
- پا اٺ Eight
- چُو نوَ Nine
- شِه ڏھہ Ten
*
ويٺو هئس، جو وشال آيو. ”ابو، ڪتا مارڪيٽ سامان وٺڻ ٿو وڃان. هلين تہ هل.“ چيائين. مون تہ گهمڻ جو ڪوبہ موقعو گسائڻ نہ پي گهريو، چيم، ”دير ڇاجي؟“
ٻيئي بائيڪ تي چڙهي ڪتا مارڪيٽ روانا ٿياسين. اها ئي ڪتا مارڪيٽ جتي گوشت، مڇيون، نانگ بلائون، سوئر، بدڪون ۽ ڀاڄيون وڪري لاءِ موجود هونديون آهن. بائيڪ تي پويان ويٺي آءٌ وشال سان ڪچھري بہ ڪندو رهيس. ڪتا مارڪيٽ جي ويجهو پھچي وشال هڪ شاپ جي اڳيان بائيڪ بيھاري، ”ابو، سياري لاءِ جئڪٽ يا ڪوٽ وٺون، هن دڪان جي ڪوالٽي بہ سٺي آهي تہ اگهہ بہ مناسب آهن.“
”پر سيارو تہ اڃا پري آهي...پاڪستان ۾ تہ هاڻ سيارو ڄڻ موڪلائي ويو آهي.“ چيومانس.
”بيجنگ هلنداسين... اُتي سخت سردي هوندي. اتي بہ ڪم اچي ويندو...“ وشال چيو. سمجهي ويس تہ يار نہ ڇڏيندو. بس رڳو موقعو مليس، ”ابو هي وٺ، ابو هو وٺ....“ ڪجهہ ڏينھن اڳ بہ ”هو چولو (هو چو اسٽريٽ) جي آخر ۾ هڪ دڪان تي چڙهياسين. کيس هڪ شرٽ پسند اچي ويئي ۽ هڪ ٻي شرٽ کڻي مون کي ڏنائين. ”ابو پائي ڏس.“ چيومانس، ”يار مون کي ضرورت ڪونھي.“
”ٿورو پائي تہ ڏس...“ چيائين. نيٺ مون پاتي، مون کي فٽ آئي تہ لھرائي ڪائونٽر واري ڇوڪريءَ کي پيڪ ڪرڻ لاءِ چيائين ۽ منھن ٻي پاسي ڪري کلي پيو. آءٌ بہ مُرڪڻ لڳس.
دڪان ۾ گهڙياسين تہ ڪوٽ ۽ جيڪٽ تہ منھنجي ماپ ۽ پسند جي نہ ملي، پر سڄيون ساريون ٽي پينٽون پسند ڪيائين ۽ مون کي اندر وڃي پائڻ لاءِ چيائين، مون گهڻي ئي نہ نہ ڪئي تہ بابا آءٌ پاڪستان ۾ ڪونہ پايان، پر اصل نہ ٻڌائين ”ايندڙ سال مارچ ڌاري چين ايندين تہ ڪم اينديون.“
زور اڳيان زاري،سو چُپ ٿي ويس.
ٻاهر نڪرندي چيائين، ”ابو پئسا آهن تہ پوءِ ماڻھو پاڻ کي ڇو سِڪائي.“
”پر فضول خرچي بہ مناسب ڪونھي، تو هنن ٽن پينٽن جا جيترا پئسا ڏنا آهن، انھن مان تہ منھنجا پاڪستان ۾ ٽي زبردست جوڙا ٺھي وڃن.“ وراڻيم.
”اهي بہ وٺنداسين.“ وراڻيائين.
مون بہ اهو چئي کلندي کڻي چپ ڪئي تہ ”ميان پشو پاشا توسان پُڄڻ منھنجي وس ۾ ڪونھي“ تہ اچي کليو.
مائٽ تہ سدائين اولاد تان ٻلھار ٻلھار پيا ويندا آهن،پر جڏهن اولاد ماءُ ۽ پيءُ جو خيال رکي تہ ماءُ ۽ پيءُ ڪيڏو نہ خوش ٿو ٿئي، ان جو احساس آءٌ بيان ئي نہ ٿو ڪري سگهان. ماڻھنس کي بہ دل کولي، جيڪو چوندي آهي، اهو وٺي ڏيندو آهي.
ڪُتا مارڪيٽ مان سامان وٺي واپس پھتاسين تہ هوٽل ۾ ٽي افغاني نوجوان ويٺا هئا، انھن مان هڪ سان ڪجهہ ڏينھن اڳ سرسري ملاقات ٿي هئي. انھن جي ڀرسان تاجڪستان جا شاگرد ويٺا هئا. ڪالھہ منھنجي دوست ڊاڪٽر خالق ميمڻ سان ڳالھہ ٻولھہ ٿي هئي تہ مون تي فرمائش رکيائين تہ منھنجي لاءِ مختلف ملڪن جي ڪرنسي/ سڪا هٿ ڪري اچجئين، همراهن کي ڏٺم تہ اها يادگيري اچي ويئي. افغاني نوجوانن سان دعا سلام ٿي تہ مون کين چيو تہ جيڪڏهن اوهان وٽ افغانستان جي ڪرنسي ’افغاني‘ هجي تہ مون کي هڪ نوٽ يا سِڪو ڏيو، ان جي بدلي ۾ اوهان کي ’يوآن‘ ڏيندس. چيائون اسان وٽ آهن، ٻي ڀيري اينداسون تہ کڻي اينداسون. مون سندن مھرباني مڃي تہ انھن مان هڪ ڪلين شيو نوجوان پڇيو تہ اسان جڏهن بہ ايندا آهيون تہ اوهان نوٽ بوڪ تي ڇا لکي رهيا هوندا آهيو ۽ ڪھڙي ٻولي ۾. مون چيس: ”آءٌ پنھنجي چين جي سفر جا نوٽس لکي رهيو آهيان ۽ واپس وڃي سفرنامون لکندس“، جنھن تي پڇيائين تہ اوهان ليکڪ آهيو؟ چيم، هائو. تہ هڪدم چيائين، ”آءٌ بہ شاعر آهيان ۽ شاعري ڪندو آهيان.“
بس ٻيو ڇا کپي. سندس نالو حامد فضلي هو. اصل قندار جو هو. مادري زبان دري يعني فارسي هُيس (افغانستان ۾ فارسيءُ کي دري چوندا آهن). بس شروع ٿي وياسين ڪچھريءَ ۾. سندس عمر ارڙهن سال هئي، ڪچھري مان محسوس ڪيم تہ حافظ شيرازي، سعدي ۽ عمر خيام وغيرہ پڙهيل اٿس ۽ ٻيو جديد ادب بہ. سندس ننڍي وهي ڏسي ۽ مطالعو ڏسي حيرت ٿيم. اسان جڏهن عمر خيام جو نالو ورتو تہ سامھون ويٺل تاجڪ نوجوان مان هڪ ڄڻي چيو تہ، ”عمر خيام تاجڪستان جو آهي.“
چيومانس، ”خيام تہ ايران ڄائو آهي ۽ سندس قبر بہ نيشاپور ايران ۾ آهي ۽ آءٌ ڏسي آيو آهيان.“
وراڻيائين، ”ڀلي ايراني هجي، پر اسان تاجڪ کيس پنھنجو شاعر سمجهندا آهيون ۽ اسان وٽ بہ گهڻو مشھور آهي، تاجڪستان ۾ بہ فارسي ڳالھائي ۽ سمجهي ويندي آهي.“
مون سندس مھرباني مڃي تہ پاڻ منھنجي معلومات ۾ واڌارو ڪيائين.
ان موقعي تي حامد فضليءَ پنھنجا ٻہ ٽي فارسي ۾ غزل ٻڌايا، جن مان هڪ هن ريت آهي:
امشب ميخواهم چند سطر خطا بنويسم
ازهمان دوره اي وگذشتہ ها بنويسم

از غم وشادي درهم آميختہ اي زندگي ما
از درد و تنھايي خويش بانجوا بنويسم

از دوست و دشمن، ازشب و روزِ درگذر
دل بہ دريا واز جدايي ها بنويسم

از حال خويش بہ سوي گذشتہ سفر کنم
دنيا رافر موش کردہ و از قديم ها بنويسم

از سوگواري مرگ، از وصال و شادي دونسان
از اشک و لبخنداز ناميدي واميدھا بنويسم

از نامردي روزگار که بر آرزو هار ماخط کشيد
از عشق وهجرا، ازشور و تلخ دنيا بنويسم.

از شيرين و فرهاد و استقامت در راه عشق
امشب از درد فرهاد وتيشه زون ها بنويسم

ازليلي و مجنون تاوحلت عشق هان امروز
امشب ميخو اهم چند سطر سادہ وزيبا بنوسيم

دلتنگي هاي غربت حالم راپريشان مي کُند
از پريشاني، پراکندہ بہ خطا چليپا بنويسم
[27 آڪٽوبر 2024ع]
اڄ موسم جُھڙالي ٿي ويئي آهي، ٿورو سيانڊڙو بہ محسوس پيو ٿئي. وقفي وقفي سان برسات بہ وسي رهي هئي. وشال جي سالي ’وانگ ين ٿنگ‘ ڳوٺ وڃڻ جون تياريون پئي ڪري، کشين جي وڏي ڀيڻ آهي. هتي نئننگ ۾ پنھنجو فليٽ ورتو اٿس، جنھن جي ڪجهہ ڏينھن اڳ ۾ وڊيو بہ ڏيکاري هئائين. سندس چواڻي تہ اهو پاڻ بوڪ ڪرايو هئائين ۽ قسطون ڪري پئسا جمع ڪرايا هئائين. هتي رهندي آهي ۽ وشال ۽ کشين جي غير موجودگيءَ ۾ مريم کي سنڀاليندي آهي. شادي ٿيل اٿس، ٻہ ٻار بہ اٿس، پر اهي سندس مڙس سان رهندا آهن. مڙس سان ٺاھہ نہ اٿس، وشال ٻڌايو تہ مڙسھنس ڏاڍيون گاريون ڏيندو اٿس. چين ڀلي ڪيڏو بہ ترقي ڪري ويو هجي، پر عورت تي اڃا بہ مار موچڙو ٿئي ٿو. مڙس عورت کي اڃا بہ دٻائي ٿو.
وانگ ين ٿنگ جي عمر 45 سال کن ٿيندي، پر لڳندي ٽيھن سالن جي آهي. چيني مرد توڙي مايون پاڻ کي فٽ رکن ٿيون ۽ صحت جو خيال رکن ٿيون. پُڇيومانس تہ ڇو پيئي وڃي تہ اشارن ۾ چيائين ”آپريشن ڪرائڻون اٿم.“ بھرحال سمجهي نہ سگهيس تہ ڇا جي آپريشن ڪرائڻ پيئي وڃي. بظاهر تہ ٺيڪ ۽ تندرست پئي لڳي. ٻارهين ڌاري ابوذر آيو، چيومانس تہ ”اڄ سج نہ اُڀريو آهي، تڏهن سوير اٿيو آهين.“ جنھن تي کليو. همراھہ فجر جو سمھين ۽ ٻي اڍائي بجي اُٿي.
چيائين، ”اڄ هلو تہ منھنجي يونيورسٽي اوهان کي گهمايان.“ چيم، ”پوءِ دير ڇا جي! اُٿ تہ هلئون.“
ايئن آءٌ، وشال ۽ ابوذر ٻن بائيڪن تي چڙهي گوانگسي يونيورسٽي روانا ٿياسين، جيڪا اتان ڏهن منٽن جي فاصلي تي هئي، مريم بہ اسان سان گڏ هئي. يونيورسٽيءَ جي گيٽ تي پھتاسين تہ پھرين ابوذر مون کي اندر داخل ڪري هڪ هنڌ لاهي بيھاريو. گيٽ تي پھچي ابوذر پنھنجو چھرو ڪئميرا جي اڳيان ڪيو تہ گيٽ کلي ويو. وشال کي بہ ائين ئي اندر وٺي آيو. اسان اندر گهڙياسين تہ هلڪي بوندا باندي شروع ٿي ويئي. اسان بيھڻ بدران هلڻ شروع ڪيو. هڪ عمارت ڏانھن اشارو ڪري ابوذر چيو تہ ”انڪل، هي يونيورسٽيءَ جي لائبريري آهي.“ ”پوءِ تہ ٻيا سڀ ڪم ڇڏي لئبريري ٿا هلون“، وراڻيم. لئبريري جو دروازو ٻي پاسي کان هو. اڳتي وڌياسين تہ يونيورسٽي جو ڪنسرٽ هال نظر آيو. نھايت شاندار، بلڪل گوانگزو مينزو يونيورسٽيءَ جي هال جھڙو. ان جي سامھون هڪ ميدان هو، جنھن ۾ سائي ڇٻر پوکيل هئي. ٿورو اڳيان جمنازيم هال هو. موٽر سائيڪلون بيھاري اسان اندر گهڙياسين. جتي شاگردن جي ورزش لاءِ طرح طرح جي ڪسرت جا اوزار رکيل هئا. عمارت بہ ڏسڻ وٽان هئي. ابوذر ٻڌايو تہ هتي جم تي ايندڙ شاگردن کان يونيورسٽي 1300 سؤ يوان في ڌار وٺندي آهي. جنھن تي اسان چيو تہ اها زيادتي چئبي، اسان مختلف روڊن تان ڦرندا اچي لئبريري جي عمارت جي سامھون بيٺاسين. اڳيان وڏو ميدان هو، جنھن ۾ نھايت خوبصورت ڇٻر پوکيل هئي. وڻ هئا، گل هئا، ٻوٽا هئا ۽ ان جي وچ ۾ اسٽيل جو هڪ نھايت خوبصورت ’مونومينٽ‘ ٺھيل هو. جنھن جي اڳيان لڳل پٿر تي ’ٽائم گيٽ‘ لکيل هو ۽ انگريزي ۾ زهو برا درس (Zhou Brothers) لکيل هو، جيڪو ڪنھن همراھہ جو نالو هو. شايد ان اهو ٺھرايو هو، يا ان جي ياد ۾ اهو ٺاهيو ويو هو. باقي چيني ۾ لکيل هو، جيڪو سمجهہ ۾ نہ آيو.
اتي بيھي فوٽوگرافي ڪري لئبريري ڏانھن وڌياسين. وشال اندر نہ هليو، جو مريم گڏ هئي. اندر ٻارن کي وٺي وڃڻ جي اجازت نہ هئي. وشال چيو ’اوهان چڪر هڻي اچو آءٌ هتي بيھان ٿو.‘ ان مھل زوردار برسات شروع ٿي ويئي.
آءٌ ۽ ابوذر اندر گهڙياسين تہ هڪ وڏو هال نظر آيو، جنھن ۾ سامھون ڪتابن جو هڪ رينڪ رکيل هو، صوفا پيل هئا، انھن تي ڪجهہ شاگرد ويٺا هئا. کاٻي پاسي ڏٺم تہ لکيل هو ”گوانگسي هسٽاريڪل ميوزيم“ شيشي جا دروازا کولي اندر گهڙياسين تہ ساڄي پاسي ڀت تي گوانگسي صوبي جو نقشو لڳل هو. کاٻي پاسي وري نقشي جي مدد سان ميوزيم جي هال بابت لکيل هو. سامھون ئي گوانگسي جي انقلابين جا نھايت خوبصورت اسٽيچو لڳل هئا. اسان سڄو ميوزيم گهمي ڏٺو، فوٽوگرافي ڪئيسين ۽ مووي بہ ڀريم. هال جي ڀتين تي انقلابين ۽ تعليمدانن جون تصويرون، اخبارن جا تراشا، لڳل هئا، جن جي هيٺيان چيني ٻولي ۾ تفصيل بہ لکيل هئا. هالن ۾ ٻيا بہ ڪيترائي نھايت خوبصورت اسٽيچو ٺھيل هئا، جن ۾ هارين ۽ مزدورن جا بہ هئا. هارين جي هٿن ۾ ڪوڏر ۽ مزدورن جي هٿن ۾ مُترڪا هئا.هيٺ شوڪيسن ۾ ڪيترائي پراڻا ڪتاب، مسودا ۽ هٿ اکر رکيل هئا. جن وٽ بہ چيني ۾ تفصيل لکيل هئا. سواءِ سال ۽ سن جي باقي احوال چيني ۾ هو. ميوزيم نھايت متاثر ڪندڙ هو. هن ميوزيم جو بنياد 2019ع ۾ رکيو ويو هو. اتي لڳل تصويرن ۾ مائوزيتنگ ۽ چو اين لائي جون تصويرون بہ هيون، جن ۾ هو ڪن ڪامريڊن سان ڪچھري ڪري رهيا هئا. تصويرون بليڪ اينڊ وائيٽ هيون. وشال ٻاهر بيٺو هو. سو سندس خيال ڪندي ٻاهر نڪري آياسين، اڃا اسان کي لئبريري بہ ڏسڻي هئي، پاڻ وٽ سنڌ يا پاڪستان جي يونيورسٽين ۾ ان قسم جا ميوزيم ٺاهڻ جو تصور بہ ڪونھي.
لفٽ ۾ چڙهي مٿي ٽي ماڙ تي وياسين. هي لئبريري ڇھن ماڙن تي مشتمل آهي. هڪ وڏي هال ۾ گهڙياسين تہ شاگرد نھايت خاموشيءَ سان مطالعي ۾ محو هئا. چوڌاري نھايت خوبصورت رينڪ رکيل هئا، جن ۾ نھايت خوبصورت ترتيب سان ڪتاب رکيل هئا، جن جي ڇپائي ۽ پنو نھايت خوبصورت هو. ڪتاب سڀ چيني ٻولي ۾ هئا. اتي ويٺل لئبررين ڇوڪريءَ کان پڇيوسين تہ هتي ڪو انگريزي ڪتابن جو سيڪشن بہ آهي، پر ڳالھہ نہ سمجهائين، نيٺ لفٽ ۾ چڙهي پنجين ماڙ تي وياسين. اتي بہ نوجوان خاموشيءَ سان پڙهي رهيا هئا. ڪن جي اڳيان ليپ ٽاپ رکيا هئا ۽ ڪتاب کليل هئا، جن مان هو نوٽس وٺي رهيا هئا. اتي بہ سڀ ڪتاب چيني ۾. لئبررين ڇوڪري کان انگريزي ڪتابن جو پڇيوسين، پر جواب نہ ۾ مليو. اتي سرسري جائزو وٺي واپس هيٺ لھي آياسين. منھنجي اندازي موجب لئبرري جي ڇھن ئي ماڙن تي جنھن ترتيب سان ڪتاب رکيل هئا، انھن جو تعداد هڪ لک کان بہ وڌيڪ هوندو. جيستائين يونيورسٽي لئبررين جو تعلق آهي، اهي تہ هر يونيورسٽي ۾ هونديون آهن. چين ۾ شھرن ۾ پبلڪ لئبرريون بہ آهن، جنھن مان چيني قوم جي مطالعي جي رجحان جي خبر پوي ٿي. چين جي ’اڪيڊمي آف پريس اينڊ پبليڪيشن‘ موجب 58.4 سيڪڙو چيني باقاعدہ ڪتاب پڙهن ٿا. بيجنگ ۾ قائم ’نيشنل لائبرري آف چائنا‘. نہ رڳو چين، پر ايشيا کنڊ جي سڀ کان وڏي لئبريري آهي، پر ان جو شمار دنيا جي وڏين لئبريرين ۾ ٿيندو آهي ۽ جنھن جو قيام 9 سيپٽمبر 1909ع ۾ ’ڇنگ سلطنت‘ جي دور ۾ پيو. شروع ۾ ان جو نالو ’امپيريل لئبريري آف پيڪنگ‘ هو. پوءِ ان جا نالا بدلبا رهيا ۽ 22 ڊسمبر 1988ع ۾ مٿس اهو نالو رکيو ويو. ان جي پکيڙ 2،80،0000 اسڪوائر ميٽر آهي. ان ۾ 35 ملين کان بہ وڌيڪ ڪتاب موجود آهن. هڪ سؤ پندرهن کان وڌيڪ ٻولين ۾ هتي ڪتاب موجود آهن. غير ملڪي زبانن ۾ موجود مواد جو تناسب لئبريري جي ذخيري جو چاليھه سيڪڙو ٿئي ٿو. البت اها خبر نہ اٿم تہ انھن هڪ سؤ پندرهن ٻولين ۾ سنڌي ٻولي آهي يا نہ؟
نئننگ ۾ گوانگسي يونيورسٽي سميت، يونيورسٽين جو تعداد پندرهن کان بہ وڌيڪ آهي. ان کان سواءِ ڪيترين ئي يونيورسٽين جا ڌار ڌار ڪئمپس بہ آهن. گوانگسي يونيورسٽي جو بنياد 1928ع ۾ رکيو ويو هو.
چين جو تعليمي نظام دنيا جو بھترين تعليمي نظام آهي. هايئر ايجوڪيشن جي لاءِ هر شھريءَ جي لاءِ ڪاليج ۽ يونيورسٽين جي سھولتون موجود آهن. چين جي تعليم واري وزارت چين جي تعليمي نظام کي ڪنٽرول ڪري ٿي. چين جو تعليمي نظام ترقي، خوشحالي ۽ غربت جي خاتمي ۾ مددگار ثابت ٿيو آهي. تعليمي معيار کي قائم رکڻ جي لاءِ استادن جي چونڊ ميرٽ ۽ قابليت جي بنياد تي ڪئي وڃي ٿي. چين جو تعليمي نصاب هڪجھڙو، چين جي نظريي ۽ عالمي اصولن موجب آهي. ماڊرن ايجوڪيشن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ٿو تہ جيئن دنيا جو مقابلو ڪري سگهجن. چين عالمي ريڪنگ ۾ تعليم جي لحاظ کان 22 هين نمبر تي آهي.
اڄ هڪ مزو ٿيو، جنھن تي ڏاڍو کليس.
ڪالھہ وشال وار ٺھرائي آيو تہ چيومانس مون کي بہ وار ٺھرائڻا ۽ ڪلر ڪرائڻو آهي، سو فليٽ جي هيٺ چيني حجام کان وقت ورتائين، جنھن چئين بجي جو ڏنو. چئين بجي ڌاري ويومانس، هڪ ننڍي قد جو نوجوان چيني حجام مون کي سلام عليڪم چئي اچي مليو. مون بہ وعليڪم سلام چئي هٿ ملايو. چيني اڪثر پاڪستانين سان سلام عليڪم چئي هٿ ملائيندا ۽ مُرڪندا آهن. دڪان صاف سٿرو ۽ ايئر ڪنڊيشنڊ هو. دڪان ۾ فرنيچر بہ صاف سٿرو ۽ سٺو رکيل هو. پاڻ بہ صاف سٿرا ۽ صاف سٿري ڊريس ۾ هئا. وشال کيس سمجهائي ويو هو تہ وار ٺھندا ۽ ڪلر ٿيندو. سو پھرين هن هلڪا ڦلڪا وار ٺاهيا ۽ پوءِ ڪلر ڪيائين. مون اشاري ۾ چيومانس تہ منھنجي مُڇين کي بہ ڪلر ڪر. پر هن سمجهيو تہ چوان پيو تہ منھنجون مُڇيون ڪوڙ. اشارو ڏسي پاڪي کڻي لڳو مُڇيون ڪوڙڻ، تہ مون هٿ جهليندي اشارن سان چيومانس، ”ڇورا ڇا پيون ڪرينءَ؟“ تہ اشارن ۾ چيائين ”تو چيو مڇيون ڪوڙ. سو ڪوڙيان پيو.“ جنھن تي اچي کليس مون کي کلندي ڏسي پاڻ بہ کلڻ لڳو. چيومانس ”ميان، مُڇ اسان سنڌين جي مُڙسي ۽ مَرڪ آهي، سو تون ڪوڙي مون کي راڄ ۾ بُڇڙو ڪندين ڇا؟“
جي حجام جو هٿ نہ روڪيان ها تہ هينئر ڪلين شيو هجان ها ۽ محترم عبدالحئي پليجي جي اها خواهش پوري ٿي وڃي ها، جيڪا هو منھنجون فيسڪ بوڪ تي پوسٽون ڏسي ڪمينٽ ڪندو آهي تہ، ”چين ۾ اسان يوسف سنڌي کي ڪلين شيو ڏسڻ ٿا گهرون.“
همراھہ جڏهن تيار ڪري ڪرسي تان اٿڻ لاءِ چيو ۽ آرسي ڏانھن اشارو ڪندي چيائين، ”ڪيئن؟“
جواب ڏنومانس، ”لَش پَش ڪري ڇڏيو اٿئي.“
”لش پش...“ پاڻ چيائين.
مون کيس سمجهايو تہ ’لش پش‘ معنيٰ ”بيوٽي فل“. جنھن تي اصل ٽڙي پيو.
[28 آڪٽوبر 2024ع]
حيدرآباد فون ڪري پُڇان ٿو تہ گهر وارن جي گهوڙا گهوڙا تہ گرميءَ ماري ڇڏيو آهي ۽ وري بجلي بہ ڪونھي. هِتي ڄڻ سيارو اچي ويو آهي. ٻن ڏينھن کان جُھڙ ۽ برسات سبب چيني ماڻھن ڪوٽ، جيڪٽ ۽ سوئيٽر پائڻ ۽ ڇٽيون کڻڻ شروع ڪيون آهن. ڇٽيون تہ هونئن بہ پاڻ سان کڻن، جو اُس ۾ مٿان کولي هلن، جيئن سندن رنگ ڪارو نہ ٿئي. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ يورپين جي نظر ۾ هي ايشيائي چيني بہ ڪارا آهن. پاڻ رنگن جا ڀورا ضرور آهن، پر يورپين ڳورن کان گهڻو متاثر ۽ مرعوب آهن. جي ڪنھن جي چمڙي ڳوري آهي ۽ هو وري زٽ هڻي، ڳورو نہ هوندي بہ يورپين سڏائي ٿو تہ پوءِ ان جي ڄڻ لئہ ٿي ويندي آهي.
اڄ صبح جو سوير چئين بجي ڌاري ’وانگ ين ڇنگ‘ کي کشين پنھنجي ڪار تي اسٽيشن ڇڏڻ ويئي ۽ پوءِ اتان ئي آفيس هلي ويئي. آءٌ سوير واڪ ۽ ڪسرت لاءِ اٿي لھي هيٺ آيس تہ ڪار بيٺل نہ هُيس، مون سمجهيو تہ مون کي اٿڻ ۾ دير ٿي ويئي آهي، پر ڪلاڪ کن کان پوءِ موٽيس ۽ ٽائيم ڏٺم تہ صبح جا ساڍا اٺ ٿيا هئا. مٿين ڳالھہ پوءِ وشال ٻڌائي. سندس ڳوٺ جو سفر هاءِ اسپيڊ ٽرين ۾ چئن ڪلاڪن جو آهي ۽ لوڪل ٽرين ۾ ارڙهن ڪلاڪن جو. وشال چيو تہ ”جي جي هزارا ’ايڪسپريس‘ ۾ ڳوٺ ويئي آهي ۽ ارڙهن ڪلاڪن کان پوءِ ڳوٺ پھچندي.“ جنھن تي مون ڪن کڙا ڪيا ۽ پڇيم، ”چين ۾ وري هزاره ايڪسپريس ڪيئن؟“ جنھن تي چيائين تہ لوڪل ٽرين معنيٰ هتي هتي بيھندي ويندي آهي، ’جي جي‘ پئسا بچائڻ لاءِ ان ٽرين ۾ ويئي آهي. لوڪل ٽرين جا ڪرايا صفا سستا آهن ۽ هاءِ اسپيڊ ٽرين جا مھنگا. پر نالو ڀلي لوڪل ٽرين هجيس، پر ماحول صفائي سٿرائي وغيرہ جي لحاظ کان هاءِ اسپيڊ ٽرين جھڙي ئي آهي. وانگ ين ڇنگ ٻن سالن کان پوءِ ڳوٺ ويئي آهي. مائٽن سان ڄڻ تہ ڪا اُنسيت ئي ڪونہ اٿن. جو مائٽ کين ڄڻي پوءِ ڄڻ گهر ۾ پاڻ ئي پلجڻ ۽ نپجڻ لاءِ ڇڏي ڏين ۽ پاڻ ڪمن ڪارين جي پويان، اولاد وري ارڙهن سالن جو ٿيو تہ پوءِ آپي خان... سو وٽن رشتن جو احساس ۽ قدر گهٽ آهي. هونئن بہ چوندا آهن تہ مائٽن اسان کي ڪھڙو پيار ڏنو ۽ پاليو جو سندن خيال رکون، پوءِ جي ڪنھن اولاد مائٽ جو خيال رکيو تہ غنيمت، نہ تہ هرڪو پنھنجو ڪمائي، پنھنجو کائي. وشال چيو تہ ”پاڻ بہ 2 نومبر تي هاءِ اسپيڊ ٽرين جي ذريعي کشين جي ڳوٺ هلنداسين. چار سؤ ڪلوميٽر جو مفاصلو آهي، يڪي ڊرائيونگ ڪندي کشين ٿڪي پوندي. مون کي هلائڻ تہ اچي ٿي، پر لائسنس نہ اٿم، تنھنڪري ڊرائيو نہ ٿو ڪري سگهان.“ چيومانس ٺيڪ.
ٻارهين ڌاري کشين آفيس مان موٽي تہ ڀڳل ٽٽل انگريزي ۽ اشارن ۾ چيائين ”ابو گهمڻ هلون.“
”هلو، دير ڇا جي.“ مون آڱوٺي جو اشارو ڪندي چيو. جيتوڻيڪ ٽنگن ۾ ڪافي سور هئم، پر انڪار ڪريان ها تہ وشال ۽ کشين جي وچ ۾ بدمزگي پيدا ٿيڻ جو انديشو هو، جو لکا تہ پوڻ نہ ڏنن، پر مون اندازو لڳايو تہ ٻئي هڪٻئي کان ڇڊا ڇڊا پي هليا. زال مڙس جون ناراضگيون تہ ٿينديون رهنديون آهن. جي انڪار ڪريان ها تہ نٿا هلون تہ متان کشين سمجهي ها تہ ابو ۽ امي وشال جي چوڻ تي مون سان نہ ٿا هلن. عورت جي پنھنجي نفسيات آهي.
ساڍي ٻارهين ڌاري کشين اسان کي هلڻ جو اشارو ڪيو، اسان ٻاهر نڪري اچي ڪار ۾ ويٺاسين. وشال کشين سان اڳيان ٿي ويٺو. آءٌ، نسيم ۽ مريم پويان ٿي ويٺاسين. سڀ کان پھرين ڊاڪٽر فيصل محمود کي اسپتال ڏسڻ وياسين، جتي هو ايڊمٽ هو ۽ سندس موڪن جو آپريشن ٿيو هو. رات وشال چيو هو تہ سڀاڻي ڊاڪٽر فيصل کي ڏسڻ هلنداسون. هو اسپتال داخل آهي تہ چيم، ڪلھہ رات تہ اڃا هتي آيو هو. جنھن تي وشال ٻڌايو تہ رات فون تي پاڪستان ۾ رهندڙ سندس زال سان سخت جهيڙو ٿيو هو، ٻڌايائين تہ هن پنھنجا زيور کيس ٻڌائڻ کان سواءِ وڪڻي ڇڏيا آهن. جنھن تي سندن وچ ۾ جهيڙو ٿيو ۽ رات جو دير سان کيس پيٽان رت اچڻ شروع ٿي ويو ۽ هو اسپتال داخل ٿي ويو.
ڊاڪٽر فيصل اسان کي ڏسي خوش ٿيو. وشال سندس لاءِ ڦڪي ماني ۽ فروٽ بہ آندو هو. مون محسوس ڪيو تہ ڊاڪٽر فيصل اڪيلائيءَ جو شڪار آهي. ڏاڍو سٺو ۽ سادو سودو ماڻھو آهي ۽ وشال جو سٺو دوست بہ. لڳ ڀڳ روزانو شام جو وشال سان ملڻ جي لاءِ ايندو آهي. وشال ٻڌايو تہ اوهان ٽنھي (سمير سميت) جو آن لائن ويزا فارم ڀرڻ جو سڄو ڪم ڊاڪٽر فيصل ئي ڪيو هو. هاڻ طبيعت بھتر هُيس. اسان ٿوري دير ويھي کانئس موڪلائي هيٺ آياسين.
اتان سڌو مختلف رستن تان ٿيندا نئننگ ۾ ٺھيل ’ميرٽ هوٽل مال‘ وٽ آياسين. جتي ان مھل بہ رونقون هيون، پر رات ڄڻ اُتي جاڳي پوندي آهي. اڌ ڪلاڪ کن اتي وڙڪي فوٽوگرافي ڪري وري ٻي هنڌ روانا ٿياسين. جيڪو بہ مال هو. اهو مال بہ ڪيترائي ماڙ هو ۽ دڪان سامان سان ڀريا پيا هئا. ايترا شاپنگ مال ۽ اگهہ ڏسي اندازو ٿيو تہ چيني ماڻھو وڏا خوشحال آهن. جو ايتريون مھانگيون شيون خريد ڪري سگهن ٿا. اهڙن شاپنگ مالس ۾ اسان جھڙن غريب غربن جي جاءِ ڪونھي.
شاپنگ مال ۾ ۽ ٻاهر روڊ جي ڀر ۾ ڏاڍا خوبصورت ۽ ڏسڻ جھڙا منظر هئا. ماڻھو اتي اچن، شاپنگ بہ ڪن تہ انھي منظرن مان لطف اندوز بہ ٿين.
منھنجي ٽنگن ۾ ڏاڍو سور پئجي رهيو هو ۽ پاڻ کي ڇڪي گهلي پي هليس، سو وشال کي چيم تہ، ”ٻيلي هاڻ هلون گهر، پاڻ کان هليو نٿو پُڄي.“
ائين آهستي آهستي هلندا واپس اچي ڪار ۾ ويٺاسين. هاڻ وشال ۽ کشين جا موڊ بہ ٺيڪ ٿي چڪا هئا. مون ڪلمون ڀري روح تي وڌو. کشين ۽ نسيم گهر هليا ويا ۽ آءٌ چانھه پيئڻ جي لاءِ وشال سان گڏ هوٽل وٽ لھي پيس.
اندر گهڙيس تہ ڏٺم ڊاڪٽر گوراف پاراشر ۽ ساڻس ٻيو دوست ويٺا ماني کائي رهيا هئا. مون کي ايندو ڏسي ڊاڪٽر گوراف پاراشر اٿي بيٺو ۽ مون کي پيرين پئي مليو. هو جڏهن بہ ملندو آهي تہ مون کي ۽ نسيم کي پيرين پئي ملندو آهي. چوندو آهي تہ اوهان منھنجي پتا ۽ ماتا سمان آهيو. سندس واسطو راجسٿان سان آهي ۽ وشال کان جونيئر آهي. ڪووڊ ۾ انڊيا ويا تہ موٽي نہ سگهيا. جنھن ڪري سندس ٻہ سال زيان ٿي ويا. هاڻ هتي ڊگري مڪمل ڪري، هائوس جاب پيو ڪري ۽ ايندڙ آگسٽ ۾ اهو مڪمل ڪري واپس انڊيا ويندا. هن پاڻ سان ويٺل ٻي نوجوان ڊاڪٽر جو تعارف ڪرايو ۽ ڊاڪٽر منيش سنگهہ، سندس واسطو ڪولڪتا (بنگال) سان هو سندس ڪھاڻي بہ ساڳئي هئي. ڊاڪٽر گوراف سان منھنجي ملاقات چين اچڻ جي ٽين ڏينھن ٿي، جڏهن انڊين شاگردن ’گيٽ ٽو گيدر پارٽي‘ ڪئي هئي ۽ هنن ماني جو آرڊر ”ذائقہ“ کي ڏنو هو ۽ اسان کين ماني پھچائڻ ويا هئاسين. اتي بہ هو ۽ ٻيا ڇوڪرا پيرين پئي مليا هئا. جڏهن کين خبر پئي تہ آءٌ ليکڪ آهيان تہ ڏاڍو خوش ٿيا ۽ چيائين تہ پھرين نومبر تي اسان ”ديوالي“ ملھائينداسين. اوهان کي دعوت ڏينداسين. ضرور اچجو. چيم مون کي اوهان سان شامل ٿي خوشي ٿيندي.
مون کين ٻڌايو تہ اسان جي شاعر شاھہ عبداللطيف ڀٽائي پڻ ديوالي کي ڳايو آهي ۽ اسان سنڌيءَ ۾ ’ديوالي‘ کي ’ڏياري‘ يعني ’ڏيئن واري عيد‘ چوندا آهيون. مون کين شاھہ سائين جا بيت بہ ٻڌايا:
ڏٺي ڏياري، سامونڊين سڙھہ سنباهيا
وجهيو ور ونجهہ کي، روئي وڻجاري
ماريندي ماري، پرھہ سور پرين جا.
ڊاڪٽر گوراف اڄ جو ائين اوچتو مليو تہ ڪچھري ۾ ويھي رهياسين. شعرو شاعري جو بہ ذڪر نڪتو تہ پاڻ چيائين تہ شاعر تہ ڪونہ آهيان، پر ڪجهہ شعر ياد اٿم جيڪي ٻڌايان ٿو. ائين پاڻ هڪ شعر ٻڌايائين، مون ۽ ڊاڪٽر منيش سنگهہ کيس خوب داد ڏنو. ڊاڪٽر گوراف چيو تہ انڪل اسان جو هڪ انڊين دوست گهڻي ڊرنڪ ڪرڻ جي سخت بيمار ٿي پيو آهي ۽ سيريس حالت ۾ اسپتال داخل آهي. سو اسان ديواليءَ جو پروگرام ڪئنسل ڪري ڇڏيو آهي. مون سندس دوست جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ٿوري دير کان پوءِ هو موڪلائي هليا ويا تہ آءٌ بہ فليٽ تي هليو آيس.
[29 آڪٽوبر 2024ع]
جڏهن نئننگ پھتو هئس تہ مون هتي اڳ ۾ موجود همراهن کان پڇيو تہ نئننگ ۾ گهمڻ جھڙا ڪھڙا هنڌ آهن؟ ٻين ڪيترن ئي جڳھين سان گڏ هنن چيو پي تہ، ”مائونٽين ضرور ڏسجو.“ دل ۾ چوندو هئس تہ سڄي وهي تہ جبل ڏٺا ۽ جهاڳيا اٿئون وري هتي بہ جبل ڏسان.
ڪجهہ ڏينھن گذريا تہ دوست پُڇڻ لڳا. ڇا ڇا گهميو اٿوَ تہ جيڪي جايون ان وقت تائين ڏسي چڪو هئس اهي ٻڌائيندو هئس تہ پڇندا هئا تہ، ”مائونٽين نہ ويا آهيو؟“
”اها مائونٽين وري ڪھڙي بلا آهي، جو سڀ ان جو پيا پُڇن.“ نيٺ هڪ ڏينھن وشال کي چيم، ”مائونٽين ڪھڙي بلا آهي؟“
”گهمڻ جو هنڌ آهي. جلد ئي پاڻ بہ هلنداسين.“ وشال وراڻيو.
رات وشال چيو تہ ”سڀاڻي چنگ چو مائونٽين هلنداسين.“
”چنگ چو مائونٽين.... ان مائونٽين کان ڌار هنڌ آهي، ڇا، جنھن بابت دوست پيا پُڇندا آهن.“ پڇيم.
”ساڳيو ئي آهي... نالو چنگ چو اٿس، پر هتي رڳو مائونٽين چوندا آهن. ڏاڍو سٺو هنڌ آهي. وڏو شاندار پارڪ آهي؟“
تڏهن وڃي ڳالھہ سمجهيم تہ ”مائونٽين“ اصل ۾ ”چنگ چو مائونٽين“ کي مختصر لفظن ۾ چوندا آهن.
هينئر اسان ’چنگ چو مائونٽين‘ گهمڻ جي لاءِ وڃي رهيا آهيون.ڪار نئننگ جي مختلف رستن تان ٿيندي مائونٽين ڏانھن وڌي رهي هئي ۽ آءٌ دستور موجب دريءَ مان ٻاهر جا نظارا ڪرڻ لڳس. گاڏيون پنھنجي مقرر رفتار سان هلي رهيون هيون. ڪنھن کي بہ تڪڙ محسوس نہ پي ٿي. اور ڪراسنگ نہ هئڻ سبب ٽريفڪ جام ٿيڻ جو مسئلو ئي نہ هو. البت مون اڳ ۾ ڪيترائي ڀيرا موٽرسائيڪل وارن کي سگنل ٽوڙيندي ڏٺو. خير اهڙا جوڌا تہ هر هنڌ هوندا آهن. باقي جي سنگنل ٽوڙڻ جي دوران همراھہ سان ڪو حادثو ٿي پيو تہ پوءِ ئي سنگنل ٽوڙڻ جي خبر پويس ٿي تہ گهڻي ويھين سئو آهي. ايئن هتي بائيڪ هلائڻ لاءِ هيلمٽ پائڻ بہ لازمي آهي. پر پوءِ بہ اڪثريت هيلمٽ پائڻ کان سواءِ پئي هلندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن پوليس آپريشن ڪندي آهي تہ بنا هيلمٽ وارن کي جهليندي آهي، پڙ تي پلاند يعني پنجاھہ يوآن ڏنڊ وصول ڪندي آهي.
اسان نيٺ ”چنگ چو مائونٽين“ پھچي وياسين. گاڏي پارڪنگ ۾ بيھاري کشين ٽڪيٽون وٺڻ ويئي ۽ آءٌ آسپاس جائزو وٺڻ لڳس. هن ’چنگ چو مائونٽين پارڪ‘ جو بنياد چين جي آزادي واري سال 1949ع ۾ رکيو ويو هو ۽ هينئر 2024ع ۾ پنجهتر سال يعني مُني صدي پوري ٿي اٿس. جنھن جي ياد ۾ سامھون هڪ نھايت سھڻو ’مونومينٽ‘ ٺاهيو ويو هو، جنھن جي چوڌاري خوبصورت گلن جي چادر وڇايل هئي ۽ ان مونومينٽ جي وچ تي لکيل هو 2024-1949ع- 75 سال. اهو مونومينٽ ’نيشنل ٽورسٽ اٽراڪيشن.‘ پاران ٺھرايو ويو آهي.
کشين ٽڪيٽ وٺي آئي تہ اسان اندر گهڙياسين ۽ هوريان هوريان اڳتي وڌڻ لڳاسين. چوڌاري رنگارنگي، گل ٻوٽا، وڻ ۽ وڻڪار، ڏسڻ سان ئي ماڻھوءَ پاڻ کي ڪنھن ٻي دنيا ۾ محسوس ڪرڻ ٿو لڳي. ان مھل سامھون شٽل ٽرين اچي رهي هئي، جنھن ٽورسٽن کي سڄي پارڪ جو سير ٿي ڪرايو، ان جي ٽڪيٽ ڏھہ يوان هئي. ان ٽڪيٽ تي لکيل هو:
One- Ride Ticket for men. Train of nanning Xing xiu shan tourism area.
ائين پنڌ ئي پنڌ سڄو پارڪ ڏسڻ ممڪن ئي نہ هو. هي پارڪ ڪيترن ئي ميلن ۾ پکڙيل آهي ۽ بوٽنيڪل گارڊن پڻ آهي. جنھن ۾ قسمين قسمين وڻ ۽ ٻوٽا پوکيل آهن ۽ انھن جي سار سنڀال ۽ صفائي سٿرائيءَ تي وڏو ڌيان ڏنو وڃي ٿو. وڻن جا پن تہ ڪرندا رهن ٿا. جن کي بہ اتي مخصوص ٽوپيون پائي صفائي جو ڪم ڪندڙ عملو صاف ڪندو رهي ٿو. باقي تہ ڪٿي پني جو ذرو يا ڪا ٻي شئي نظر نہ آئي. خدا تعاليٰ جيڪڏهن هنن کي سُھڻو ملڪ ۽ قدرتي سونھن سان مالا مال عطا ڪيو آهي تہ هنن پنھنجي ملڪ کي ترقي وٺائڻ ۾ وسان نہ گهٽايو آهي ۽ قدرت جي ڏنل سونھن جي حفاظت ۽ سار سنڀال ڪئي آهي. اسان بہ مني ٽرين جي ٽڪيٽ وٺي ٻين وزيٽرس سان گڏ مني ٽرين اچڻ جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳاسين. ٿوري دير ۾ مني ٽرين آئي تہ اسان سڀ ان ۾ چڙهياسين، ٽرين ۾ ٽي گاڏا هئا. ٽرين هلڻ شروع ڪيو تہ ٽرين مان چيني ٻولي ۾ ڪمينٽري بہ شروع ٿي ويئي. آسپاس ڇا تہ خوبصورت نظارا هئا. ڏسڻ سان ڍئو ئي نہ ٿي ٿيو. اهو سڄو پارڪ ’چنگ چو جبل‘ تي ٺھيل آهي ۽ جبل ٽوڙي نھايت خوبصورت رستا ٺاهيا ويا آهن. موسم جھڙالي هئي، تنھنڪري ٽرين جي هلڻ سان ٿڌڙيون هيرون پي لڳيون. وچ وچ ۾ ڪيترائي چيني اڪيلا ۽ جوڙا جوڙا پنھنجي مستيءَ ۾ مست هلندا پي ويا. ڪٿي ڪٿي تہ ٻنھي پاسي اُڀو جبل هو ۽ وچ مان رستو هو ۽ انھن جبلن جي هڪ ٻاڙي بہ ساوڪ کان خالي نہ هئي. ٽرين ويھارو کن منٽ پنھنجي رفتار سان هلندي رهي ۽ پوءِ هڪ هنڌ بيٺي ۽ اسان سڀ لٿاسين. سامھون هڪ نھايت خوبصورت گل ۽ ٻوٽن سان ججهيل ميدان هو. جتي گهمڻ لاءِ آيل ماڻھو گهمي رهيا هئا. ميدان سان گڏ هڪ خوبصورت ڍنڍ پڻ ٺھيل هئي. جنھن کي ريلنگ لڳل هئي. ڍنڍ اندر مڇيون بہ نظر اچي رهيون هيون تہ پن، پاٻوڙا ۽ بيھه پڻ. اوڏي مھل مون کي اسان جو خطو ماڃر، ضلع سجاول ياد اچي ويو. جتي جي ڍنڍن ۽ ڍورن ۾ پٻڻ جام ٿئي، ڪُم، ڪُوڻيون، پاٻوڙا، بيھه، مڇي ۽ لوڙھہ جام ٿئي. جيڪي ماڻھو نہ رڳو کائين، پر وڪڻي گذر سفر بہ ڪن. ڍنڍ جي پرينءَ پاسي ساوڪ سان جنجهيل ننڍيون ننڍيون ٽڪريون ۽ وڏا وڻ وڻڪار جا بيٺا هئا. اُتي ئي ڪيتريون جهونيون پنجن پنجن ڇھن ڇھن جي ٽولين ۾ مختلف روايتي چيني ڊريسن ۾ بيٺيون نہ رڳو چيني موسيقي تي رقص ڪري رهيون هيون، پر پنھنجون وڊيوز بہ ٺاهي رهيون هيون.
مريم اسان جي اڳيان ڊوڙندي ۽ ٽھڪ ڏيندي ٿي هلي ۽ اسان سندس پويان اڳتي وياسين تہ ڏٺوسين تہ اڃا بہ پارڪ کي وڌائڻ جي لاءِ ڪم هلي رهيو هو. ڪافي دير تائين اسان پارڪ ۾ گهمندا ۽ فوٽو گرافي ڪندا رهياسين. نيٺ ٿڪاوٽ شروع ٿي ويئي ۽ واپس ورڻ جي ڪئيسين. واپسي وري بہ مني ٽرين ۾ ٿي، هاڻ باغ جو ڪجهہ ٻيو پاسو ڏٺوسين. هن سڄي پارڪ ۾ بہ مون ڪو پکي نہ ڏٺو تہ وشال کي ٻہ ٽي دفعا چيم ’چيني ڪيڏا نہ بدقسمت آهن، جو هنن سڀ پکي کائي هَنگي ڇڏ يا نہ تہ پکين جو ٻوليون کين ڪيڏو نہ سڪون ڏين ها.“
’چنگ چو پارڪ‘ مان ٻاهر نڪرڻ مھل اوچتو وشال چيو، ”ابو پکي.“ مون وشال جي آڱر جي اشاري تي ڏٺو تہ سامھون ڇٻر تي ڪوئل جھڙو هڪ ڪارو پکي ويٺو هو. ”ٻيلي شڪر جو، چين ۾ پکي تہ ڏٺوسين.“ مون چيو. تيسين مٿي وڻ تان ٻن ٽن ٻين پکين جي چھه چھه ٻڌڻ ۾ آئي. ”لڳي ٿو هتي ڪجهہ ٻيا پکي بہ آهن.“ چيم. ”وڏا ڀاڳ وارا آهن جو چينين جي کاڄ ٿيڻ کان بچي ويا.“
اسان ٻاهر نڪري اچي روڊ تي بيٺاسين. کشين پارڪنگ مان گاڏي ڪڍي آئي، مريم رستي تي ئي پلٿي هڻي ويھي رهي. اسان ڪار ۾ ويٺاسين تہ مريم ٿوري ئي دير ۾ ڏاڏهينس جي ڪڇ ۾ سُمھي رهي.
واپس ورندي سڄي واٽ آءٌ اهو سوچيندو رهيس تہ مادي ترقي پنھنجي جاءِ تي، پر هڪ باوقار ۽ ترقي يافتہ قوم تڏهن ٺھي سگهي ٿي، جڏهن اها قوم پنھنجي جسماني ۽ ذهني صحت جو بہ خيال رکي. ان سلسلي ۾ چين جي شھرن ۾ هنڌ هنڌ پارڪ ۽ ورزش ڪرڻ جون جايون ٺاهي، چيني حڪومت پنھنجي عوام کي صحت مند رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي.
*
نائين آڪٽوبر کان وٺي اڄ ڏينھن تائين سنڌ مان جيڪو دوست مون سان لڳاتار رابطي ۾ رهيو آهي ۽ روزانو واٽسپ تي ڳالھائي ٿو، اهو محترم غلام حسين جوڻو آهي. جنھن سان نہ رڳو حال احوال ۽ ڪچھري ڪندا آهيون، پر سنڌ جا حال احوال بہ معلوم ٿي ويندا آهن.
*
ڪالھہ چين جي ترقيءَ جي حوالي سان مون ’ڊينگ زيائو پنگ‘ جو پروفائيل پي پڙهيو، جنھن ۾ لکيل هو تہ هن سنگاپور جي ترقيءَ مان سکڻ جي لاءِ سنگاپور جو دورو ڪيو ۽ سنگاپور جي وزيراعظم ’لي ڪو آن يو‘ سان ملي سندس تجربن مان سکيو. ’لي ڪوآن يو‘ سنگاپور جي ڪرشمي ساز شخصيت هو. ’لي ڪو آن يو‘ زندگيءَ ۾ پنج ڪم ڪيا. جنھن سان هڪ سڄي قوم پٽ تان اٿي ڇت تي پھچي ويئي. سندس پھريون ڪم ايمانداري هو، هو بي انتھا ايماندار هو، سڄي زندگي ۾ هڪ پئسي جي بہ بي ايماني نہ ڪيائين ۽ ان کان پوءِ پنھنجي چوڌاري ايماندار ماڻھو گڏ ڪيائين. ’لي ڪوآن يو‘ 23 مارچ 2015ع تي گذاري ويو. ان وقت سنگاپور دنيا جي وڏي اڪانامي هو، پر ان اڪانامي ۾ سندس ڪا ڪمپني، ڪا فئڪٽري، ڪا بلڊنگ يا ڪو پلاٽ وغيرہ نہ هو. دنيا ۾ هٿين خالي آيو ۽ هٿين خالي ويو.
ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينھن جي
جهڙا آيا جڳ ۾، تھڙا ويا موٽي
ٿي تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري
سندس ٻيو ڪمال سادگي هو. سنگاپور ۾ وزيراعظم جي لاءِ ڪو ذاتي جھاز ڪونھي. ’لي ڪو آن يو‘ سڄي زندگي سنگاپور ايئر لائين ۾ سفر ڪيو. کيس ڪنھن اهڙي ملڪ ۾ وڃڻو هوندو هو، جتي سنگاپور ايئرلائين نہ ويندي هئي تہ هي ان جي ويجهي ملڪ ۾ ويندو هو ۽ اتان ان ملڪ جي ايئرلائن ۾ سفر ڪندو هو. هن سڄي زندگيءَ ۾ رڳو هڪ ڀيرو سنگاپور ايئر لائين جو جھاز ذاتي طور استعمال ڪيو ۽ اهو بہ تڏهن جڏهن سندس زال برطانيا ۾ بيمار هئي ۽ ان کي آڻڻ جي لاءِ کيس سڄو جھاز استعمال ڪرڻون پيو، جنھن تي بہ هن سڄي قوم کان معافي گهري. هو ’قوم جو ابو‘ هو، پر ان هوندي بہ هُن 1990ع ۾ اقتدار ڇڏي ڏنو ۽ وزيراعظم مان ڪابينا جو سينئر وزير بنجي ويو. ان کان پوءِ سنگاپور ۾ اها روايت پئجي ويئي تہ وزيراعظم رٽائرمينٽ کان پوءِ وزير جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ شروع ڪندو هو ۽ ان تي کيس ڪابہ ڦڪائي نہ ٿيندي آهي. ’لي ڪو آن يو‘ کان پوءِ سندس پٽ ’لي شين لونگ‘ وزيراعظم ٿيو. هو پُٽ جي ڪابينا ۾ سينئر وزير رهيو. پٽھنس جو مدو پورو ٿيو تہ هو بہ ’لارنس وانگ‘ جي ڪابينا ۾ وزير بنجي ويو. ’لي ڪوآن يو‘ جي سڄي ڪابينا سادي هئي، وزير بہ عام ڪپڙا پائيندا هئا، پنھنجي گاڏي پاڻ هلائيندا هئا. سندس ٽيون ڪمال ميرٽ هو. ’لي ڪوآن يو‘ سڄي زندگي ميرٽ تي سمجهوتو نہ ڪيو. هن 1990ع جي ڏاڪي ۾ سرڪاري ملازمن ۽ وزيرن کي ڪارپوريٽ سيڪٽر کان وڌيڪ پگهارون ڏيڻ شروع ڪيون. هو بھترين دماغ ۽ اهل ماڻھن کي چونڊيندو هو ۽ کين ڪارپوريٽ سيڪٽر کان بہ وڌيڪ پگهارون ڏيندو هو ۽ پوءِ کين ڪم ڪرڻ جي آزادي ڏيندو هو. سنگاپور انھن ماڻھن ٺاهيو، هو چوندو هو، ملڪ هلائڻ لاءِ 25 ايماندار وزير ۽ 25 ايماندار سيڪريٽري گهرجن بس. هتي هڪ ڳالھہ جو ذڪر مناسب آهي تہ سنگاپور پورٽ ڊگهي عرصي تائين دنيا جو بھترين پورٽ رهيو، اهو پاڪستان نيوي جي هڪ آفيسر ڪيپٽن سعيد ٺاهيو هو. ’لي ڪوآن يو‘ کي ڪيپٽن سعيد ۾ ٽيلينٽ نظر آيو ۽ هو کيس ڪراچي مان سنگاپور وٺي ويو. همراھہ ايترو تہ ٽيلينٽ پرست هو.
’لي ڪو آن يو‘ جو چوٿون ڪمال ’لا اينڊ آرڊر‘ هو. سندس چوڻ هو تہ جنھن ملڪ ۾ امن نہ هوندو، اهو ترقي ڪري نہ سگهندو. ’لي ڪوآن يو‘ سڄي زندگي سنگاپور جو ڪوبہ رستو بند ٿيڻ نہ ڏنو. سندس دور ۾ هڪ ڀيرو سنگاپور ايئرلائين جي پائليٽن هڙتال جي ڌمڪي ڏني. ’لي ڪوآن يو‘ سڀني پائلٽس کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو ۽ چيو تہ سنگاپور ۾ ’ڊوميسٽڪ فلائيٽس‘ ڪونھن. اسان رڳو انٽرنيشنل فلائٽس هلايون ٿا. هتي جون ٻہ سؤ ايئرلائينز منھنجي ٽرمز اينڊ ڪنڊيشنڊ تي سنگاپور ۾ ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن. اوهان جيڪڏهن سڀاڻي تائين هڙتال جي ڌمڪي واپس نہ ورتي تہ سنگاپور ايئر لائينز جا سڀ جھاز ’ليڊنگ رائٽس‘ سان ڪنھن ٻي ايئر لائين کي ڏيئي ڇڏيندس ۽ پوءِ سنگاپور ۾ ڪڏهن بہ سنگاپور ايئر لائين نہ ٺھندي. اوهان وٽ فيصلي جي لاءِ 24 ڪلاڪ آهن. پائلٽس ٻي ڏينھن هڙتال جي ڌمڪي واپس وٺي لاٿي ۽ ان کان پوءِ ڪڏهن بہ هڙتال نہ ٿي. ملڪ ۾ ڪڏهن بہ ڪو مظاهرو، احتجاج يا هڙتال نہ ٿي. تنھنڪري سنگاپور جي هر شخص کي خبر آهي تہ سڀاڻي جيڪڏهن رستي تي نڪرندس تہ اهو کليل هوندو ۽ منھنجي آفيس، دڪان ۽ يونيورسٽي سڄو سال بند نہ ٿيندي، تنھنڪري اتي ڪاروباري سرگرميون بند نہ ٿيون ٿين.
’لي ڪوآن يو‘ سڄي ملڪ کي ’ڪرائم فري‘ بہ ڪري ڇڏيو. ان لاءِ هُن ننڍن ننڍن ڏوهن کي هٿيار طور استعمال ڪيو. هن چيگم تي پابندي هڻي ڇڏي. ڪن ڪچرو پکيڙڻ کي ڏوھہ قرار ڏنو ۽ غلط جاءِ تان رستو يا گهٽي پار ڪرڻ کي سنگين ڏوھہ قرار ڏنو. سندس چوڻ هو تہ اوهان جيڪڏهن عوام کي ننڍن ننڍن ڏوهن ۾ سخت سزائون ڏيڻ شروع ڪندا تہ سندن دلين ۾ رياست جو ڊپ ويھي ٿو رهي ۽ هو ڪڏهن بہ وڏو ڏوھہ ڪرڻ جي غلطي نہ ڪندا. سنگاپور جڏهن چيگم، گند ڪچرو پکيڙڻ ۽ غلط هنڌ تان رستو يا گهٽي پار ڪرڻ تي هزار ڊالرن کان وٺي ٻہ هزار ڊالرن تائين ڏنڊ وٺڻ شروع ڪيو تہ ماڻھو ڊڄي ويا ۽ هاڻ اهي وڏي غلطي يا ڏوھہ کان پري رهن ٿا ۽ سمجهن ٿا تہ جيڪو شخص گهٽي ۾ لفافي، شاپر يا رٻڙ اڇلائڻ تي معافي نہ ٿو ڏي، اهو چوري، زنا يا ڌاڙي تي اسان سان ڪھڙو سلوڪ ڪندو. تنھنڪري سنگاپور ڪرائم فري سوسائٽي بنجي ويو.
’لي ڪوآن يو‘ جو پنجون ڪمال ’بزنس فرينڊ لي‘ ماحول هو. هن هڪ اهڙو سسٽم بنائي ڇڏيو، جنھن ۾ بزنس روزاني بنياد تي ترقي ڪري ٿو. تنھنڪري سڄي دنيا جا بزنيس مين، مُوڙي، نالي ۽ ٽيم سان سنگاپور اچي ويا. اوهان هنن جي ڪھڙي بہ وڏي آرگنائزيشن جو نالو کڻو، سنگاپور ۾ اوهان کي ان جي آفيس ملي ويندي. سڄي دنيا جا باصلاحيت واپاري بہ سنگاپور ۾ آباد آهن. يا سندن گهڻو وقت سنگاپور ۾ گذري ٿو. سنگاپور سياحت ۽ تفريح جو بہ وڏو مرڪز آهي. سنگاپور ۾ اوهان کي دنيا جي هر شئي ملندي. 36 ڪلوميٽر ۽ 50 لک آباديءَ واري هن ملڪ کي ان سطح تي پھچائڻ جو ڪم ’لي ڪو آن يو‘ فقط ٽن ڏاڪن ۾ ڪري ڏيکاريو. دنيا جون قومون ٻين ملڪن جي ترقيءَ مان سکنديون ۽ سبق حاصل ڪنديون آهن ۽ عظيم چيني اڳواڻ ’ڊينگ زيائوپنگ‘ چين کي ترقي وٺرائڻ ۾ سنگاپور ۽ ’لي ڪوآن يو‘ جي تجربن مان بہ سکيو.
[30 آڪٽوبر 2024ع]
گذريل ٽن ڏينھن کان عجيب صورتحال آهي، روز رات جو ننڊ ۾ وڦلان ٿو، روئان ٿو ۽ کلان بہ ٿو. ڪلھہ رات بہ گهر واريءَ ننڊ مان اُٿاري چيو تہ ”ڇا ٿيو اٿئي... کلين بہ پيو ۽ روئين بہ پيو.“ ان مھل آءٌ ڪو خواب ڏسي رهيو هئس. جاڳيس تہ بہ کلڻ لڳس. جنھن تي آءٌ بہ حيران ٿي ويس. اڄ وري بہ ساڳئي حالت ٿي. ايئن محسوس ٿيو. ڄڻ ڪو مون کي نپوڙي رهيو آهي ۽ مون کي ٻُڌي ڇڏيو اٿس. جاڳ ٿيم تہ بہ اکيون ڇت ۾. ڄڻ مون کي ڪنھن ٻڌي ڇڏيو هجي. پاڻ کي ڇڪيم، منھنجو سڄو بدن سيٽجي ويو، پوءِ پاڻ کي ڍرو محسوس ڪيم ۽ گهر واريءَ ڏانھن منھن ڪري چيم، ”وشال وارن جو هي ڪمرو ڳرو آهي.“ هوءَ بہ جاڳي پئي ۽ اُٿي بلب ٻاريائين. مون کيس سڄو احوال ٻڌايو ۽ پوءِ بلب ٻريل ئي رهيو ۽ اسان سُمھي پياسين. صبح جو اٿيس تہ سڄو بُت چور لڳو پيو هو ۽ واڪ ڪرڻ بہ نہ ويس.
ناشتي مھل ماڻھنس وشال کي اها ڳالھہ ٻڌائي تہ هو ڏاڍو کليو. ماڻھنس چيس تہ آءٌ دڙي ۽ حيدرآباد ۾ چوندي هيس تہ فلاڻي جاءِ يا فلاڻو هنڌ ڳرو آهي تہ هي نہ مڃيندو هو ۽ چوندو هو تہ مڙيئي ڪو وهم اٿوَ. هاڻ پاڻ پيو چوي، جنھن تي مون منھن جي پڪائي ڪندي چيم، ”مڃان تہ اڃا بہ نٿو. گهڻون کائون ٿا، ان ڪري خواب ٿا اچن... يا وري مون سان ڪو نفسياتي ۽ ذهني مسئلو آهي، باقي ٻيو ڪجهہ بہ ڪونھي.“
ڪالھہ وشال مون کان ٻانھن جي سور جو پُڇيو تہ چيومانس تہ ڪو خاص فرق ڪونھي. جنھن تي چيائين تہ سڀاڻي وري ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ هلنداسين. تنھن ڪري اڄ ٽين بجي ’گوانگسي مينزو اسپتال‘ وياسين. ساڳئي ڊاڪٽر کي ڏيکاريوسين. اڄ فيس جي پرچي نہ ورتيسين. شايد هڪ ئي ڀيري فيس ۾ ڪم هليو وڃي. ڊاڪٽر حال احوال ورتو ۽ پنج ڏينھن وڌيڪ دوائون کائڻ جو چيائين، جيڪي هيٺ اچي ورتيوسين.
اڄ اسپتال ويندي، اسپتال جي ڀرسان هڪ هنڌ صفا ننڍو اخباري اسٽال ڏٺم، جنھن تي اخبارون ۽ رسالا نظر آيا. دل ۾ خيال آيم تہ واپس ويندي ڏسندس ڪا انگريزي اخبار ملي، پر واپسيءَ ۾ ٻيو رستو وٺڻ سبب اخبارون ڏسي نہ سگهيس. گهر اچي کشين چيو تہ ”سڀاڻي هڪ روايتي چيني دوائن سان علاج ڪندڙ ڊاڪٽر کي ڏيکارينداسين.“ ان ڏينھن جڏهن اسپتال ڊاڪٽر فيصل کي ڏسڻ وياسين تہ ان چيو، ”اسپتال مان ڊسچارج ٿيان تہ منھنجي دوست ڊاڪٽر سيرين جي پُٽ کي ڏيکاريون. جيڪو اڪو پنڪچر علاج ڪندو آهي.“
سو، چين اچي بہ هن فقير جي ڊاڪٽرن مان جند نہ ٿي ڇُٽي.
ڊاڪٽر کي ڏيکاري کشين جي ڀيڻ ’وانگ ين ڇنگ‘ جي فليٽ تي وياسين. ائين شھر جو اهو پاسو، ڏسڻ جو موقعو مليو. وانگ ين ڇنگ جي ان فليٽ جي پويان ذڪر ڪري آيو آهيان. فليٽن جي ان سلسلي ۾ 10 بلاڪ هئا ۽ هر بلاڪ ۾ منھنجي اندازي موجب 200 فليٽ هئا. وانگ جو اهو فليٽ ستين فلور تي 119 نمبر هو. انھن بلاڪن جي اڳيان نھايت خوبصورت پارڪ ۽ مونومينٽ ٺھيل هئا. سيڪيورٽيءَ جو بہ زبردست انتظام هو. مالڪ يا سڃاڻپ جي لاءِ جيڪي چھرا فيڊ ٿيل هئا، اهي ڏيکارڻ سان ئي دروازا ٿي کليا. واھہ جو بندوبست هو. فليٽ ٽن ڪمرن، اسٽور، واش روم ۽ لائونج تي ٻڌل ڪارنر فليٽ هو. ٽيرس تي بيھي مون ڏٺو تہ سامھون شھر جو نظارو بي حد خوبصورت ۽ وڻندڙ هو. مون حيدرآباد ۾ اڪثر فليٽ ڏٺا آهن، سچ تہ ڄڻ ڪبوترن جون کُڏڙيون آهن. بس ماڻھو کي ڇت کپي، سو رهن ٿا. هي فليٽ نھايت رٿابندي، صحت، هوا ۽ روشني جي اصولن کي نظر ۾ رکي ٺھيل هئا. فليٽ جيڪو اڳ ۾ ئي صاف ۽ چلڪيو پي، مٽي جو ذرو بہ نہ هو. کشين ان جي ٻيھر صفائي ڪئي. صفائي تہ ڄڻ چينين جو سڄو ايمان آهي. جيسين هر هر صفائي نہ ڪن، تيسين سُک ئي نہ اچين. ٿوري دير فليٽ ۾ ويھي اسان واپس موٽي آياسين. سٺو ٿيو جو کشين وٺي ويئي، ايئن مون کي هڪ نئون مشاهدو ماڻڻ جي لاءِ مليو.
ڪالھہ وشال کي چيم تہ پشو هاڻ اسان جي واپسيءَ جو بندوبست ڪر. گهڻو ئي زور ڀريائين ۽ بحث ڪيائين تہ سال جي ويزا لڳي ويئي هوندي. سڀاڻي پاسپورٽ کڻي ايندس، پاڪستان وڃي ڇا ڪندا. مون پنھنجي موڪل پوري ٿيڻ ۽ نوڪريءَ جي مجبوريءَ جو ٻڌايو تہ چيائين ٺيڪ آهي، پوءِ اميءَ کي ڇڏي وڃ، چيومانس اهو تون ڳالھائينس. نيٺ راضي ڪيومانس تہ 10 نومبر تي واپسي ڪجي. خبر چار ورتيسين تہ بيجنگ مان هر هفتي هڪ فلائيٽ ڪراچي وڃي ٿي. 10 ۽ پوءِ 17 نومبر. اسان 10 نومبر ڊن ڪئي. اڄ جڏهن اسپتال مان ٻاهر نڪتاسون تہ مون ايئن ئي نسيم کان پڇيو تہ هڪ فلائيٽ 10 نومبر تي ۽ ٻي 17 نومبر تي آهي، ڪھڙي فلائيٽ ۾ هلون، ماڻھنس جي جواب ڏيڻ کان اڳ وشال جواب ڏنو سترهن نومبر تي. سمجهي ويس تہ ’ڪامريڊ‘ هفتو وڌيڪ رهائڻ جي موڊ ۾ آهي، آءٌ بہ چپ رهيس. آءٌ جتي بہ ويھندو آهيان تہ وشال کي ڏسندو رهندو آهيان، اٺن سالن جي جدائيءَ کان پوءِ هڪ مھينو مليو آهي. ان مھل وشال جو سڄو ننڍپڻ منھنجي اکين اڳيان ڦري ويندو آهي ۽ امان مرحومه ياد اچڻ لڳندي آهي. وشال ڄائو تہ اسان پر سانڍيو امان. امان ڪڏهن ڪڏهن چوندي هئي، ”ڏسجو منھنجو پُٽ ڊاڪٽر ٿيندو.“ امان جي دعا اگهامي ويئي ۽ وشال ڊاڪٽر ٿي ويو. اڄ امان هجي ها تہ ڪيڏو نہ خوش هجي ها. وشال کي ائين ڏسندو پيو آهيان تہ جي وشال جي اوچتو مون تي نظر پوندي آهي تہ پُڇندو آهي، ”ابو ڇا پيو ڏسين؟“ تہ جواب ڏيندو آهيانس:
اکين ۾ ٿي ويھه، تہ واري ڇپر ڍڪيان
توکي نہ ڏسي ڏيھه، آءٌ نہ پسان ڪي ٻيو.
تہ وشال کلي پوندو آهي.
*
[31 آڪٽوبر 2024ع]
هاڻ جيئن واپس ورڻ جا ڏينھن ويجها پيا اچن تہ فرمائشون بہ وڌنديون پيون وڃن، ڪا چوي تہ منھنجي لاءِ ڪا سوکڙي وٺي اچج تہ ڪو وري چوي تہ چين مان منھنجي لاءِ ڇا آڻيندي؟ تنھنڪري اڄ ’ڇائو يانگ اسڪوائر‘ وياسين ۽ ٻارن لاءِ ڪجهہ نہ ڪجهہ ورتوسين. وڏا تہ پنھنجي جاءِ تي پر ننڍن ٻارن جو تہ حق ٿئي ٿو تہ دادا ۽ نانا بابا اسان جي لاءِ ڪجهہ وٺي اچن. جڏهن هيڏانھن پي آياسين تہ منھنجو ڏهٽو ارباز ايئرپورٽ تائين آيو هو ۽ پنھنجي ٻاتي ٻوليءَ ۾ چيائين، ’نانا بابا! ماما وشال منھنجا گفٽ وٺي ڏيندو، اوهان اهي کڻي اچجو.“ وري پوءِ فون ڪري چيائين، ”نانا بابا، اوهان ايندا تہ اڳ ۾ ٻڌائجو تہ اچي پنھنجون شيون کڻي وڃان.“ تنھنڪري اڄ ڇائو يانگ اسڪوائر مان ٻارڙن ۽ ٻين لاءِ ڪجهہ نہ ڪجهہ ورتوسين.
گهر پھتاسين تہ ڳالھيون ڪندي وشال ويو ۽ ڪمري مان وڃي هڪ ڇلو کڻي آيو ۽ منھنجو هٿ وٺي ان جي چيچ ۾ وڌائين. ”ابو هاڻ هي لاهجو نہ.“ چيائين.
مون چيچ کڻي ڏٺو ۽ ائين ئي چيم، ”سون جو آهي؟“ ”ها سون جو آهي.“ وشال وراڻيو. جنھن تي ماڻھنس مون ڏانھن ڪرڙي اک سان ڏٺو تہ چيومانس، ”ديشياڻي، هتي آءٌ ٿو پانيان. حيدرآباد هلي تنھنجي حوالي ڪندس. مون کي قاسم آباد ۾ اها پائي چيچ ٿوري ڪٽرائڻي آهي.“ جنھن تي پاڻ ۽ وشال مُرڪي پيا.
”منھنجي چاندي جي هڪڙي ڏاڍي سٺي چين هئي. جيڪا جڏهن اوهان کي گوانچو وٺڻ پي آياسين تہ ٽرين ۾ مريم ڪٿي وڃائي ڇڏي. اها مون کي ڏاڍي وڻندي هئي، ۽ ڪيترا سال مون وٽ هئي. اها مون کي هڪ گرل فرينڊ ڏني هئي.“
”وشو، چائنا ۾ اچي گهڻيون گرل فرينڊس ڪيئي؟“ مون کلندي پڇيومانس.
”جامَ....“ وشال کلندي چيو، جنھن تي کلندي ماڻھنس کي چيم، ”ڏٺئي پُٽھين جا ڪمَ..!“ جنھن تي کلي پيئي.
”انھن مان هڪ کشين نيٺ توکي ڦاسائي وڌو.“ مون ٽھڪ ڏيندي چيو. پنھنجو نالو ۽ منھنجو ٽھڪ ٻڌي کشين مُرڪندي سواليا نظرن سان وشال ڏانھن ڏٺو. وشال ترجمو ڪري ٻُڌايس تہ ابو هيئن ٿو چوي، جنھن تي کلندي کڻي وشال جي Hups تي ٿف هنيائين.
هتي چيني خوش يا مذاق ڪن تہ يا تہ هپس تي ڌڪ هڻن يا ٽنگ ابتي ڪري اِٽَ اڳلي جي ڳئيءَ کي هڻن ۽ پوءِ کلن ڪجهہ ڏينھن اڳ جڏهن ڪيڏانھن گڏ پي وياسين تہ وشال ائين ئي کشين کي Hups تي ڌڪ هنيو ۽ پوءِ اسان کي چيائين ”هاڻ ڏسجو ڪيئن ٿي بدلو وٺي“ اڃا ٻہ چار منٽ مس گذريا تہ کشين ٽنگ ورائي وشال کي اِٽَ هنئي. جنھن تي ڏاڍو کلياسين.
مون کشين کي چيو تہ اوهان پاڪستان ڪڏهن ايندؤ؟ جنھن تي کشين چيو پاچيستان نہ اينديس، اتي دھشتگردي آهي. مون کي ماري ڇڏيندا. پوءِ هٿ جون آڱريون اُڀيون ڪري ”ٺشون ٺشون“ ڪيائين.
پاڪستان ۾ چينين تي ٿيندڙ دھشتگرد حملا، چينين وٽ اڪثر بحث جو موضوع هوندا آهن ۽ هو اهو چئي ناراضگيءَ جو اظھار ڪندا آهن تہ، ”چين تہ پاچيستان جي مدد ٿو ڪري، پوءِ بہ پاچيستاني چينين کي ڇو ٿا مارين.“ کشين تي بہ ان ڳالھہ جو اثر هو، تنھنڪري اهو جواب ڏنائين.
ٻارهين ڌاري ابوذر اقبال مليو، چيائين انڪل اڄ ڪتابن جو ڌڪ گُسي ويو، پڇيم ڪيئن، چيائين تہ گروپ ۾ ميسيج آيو هو تہ اڄ لئبرري ۾ گفٽ طور کڻڻ جي لاءِ ڪتاب رکيا ويندا. ان ڪري سوير بہ اٿيس، پر جيسين لئبرري پھتس، تيسين کڻڻ وارا سڀ ڪتاب کڻي ويا. چيم يار ڏاڍي ٿي. شام جو مليو تہ هڪ ڪتابCommon knowledge about Chinese History ڏنائين تہ اهو هڪ دوست وٽ پيو هو. جيڪو اوهان جي لاءِ کڻي آيو آهيان. چيم: يار تنھنجي مھرباني بس آئندہ ڪتابن جو اهو ڌڪ اصل نہ گُسڻ گهرجي.
[پھرين نومبر 2024ع]
رات منھنجو دوست ادا حاجي عباسي گذاري ويو. ٻہ ڏينھن اڳ ڊاڪٽر امان ﷲ عباسيءَ جي پوسٽ پڙهي هيم تہ ”بابا جي طبيعت تمام خراب آهي، وينٽي ليٽر تي هليو ويو آهي. دعائن جي اپيل ڪجي ٿي.“
ان پوسٽ کي ڏسندي ئي مون سمجهي ورتو تہ ’لڳي ٿو تہ ادا حاجي هاڻ شايد پنھنجو وقت پورو ڪري چڪو آهي.‘ ڪجهہ ڏينھن اڳ جڏهن مون ’نئننگ زو‘ واري پنھنجي چيني مائٽياڻين سان فوٽوءَ سان گڏ پوسٽ رکي هئي تہ ڪمينٽس ڏنو هئائين.
”خيال سان شادي ڪج، متان مُڙس بہ ويو تہ خرچ بہ ويو.“
پاڻ اڪثر اهڙا مزيدار ڪمينٽس ڏيندو رهندو هو.
بيماري سبب کيس سندس پٽ ڪراچي گلشن حديد وٺي ويا هئا. اتي ئي رهندو هو. گذريل رمضان شريف ۾ آءٌ، حبيب ﷲ ميمڻ، عباس سومرو، عبدالڪريم سومرو ۽ مير ٽڳڙ گڏجي کيس ڏسڻ ويا هئاسين. ان کان پوءِ فون تي رابطو رهندو هو ۽ جڏهن بہ فون ڪندو هو تہ چوندو هو، ”سُھڻن جو سلام.“ افسوس جو هتي هئڻ سبب سندس ڪلھي ڪانڌي ٿي نہ سگهيس. سندس وفات جو پڙهي ايئن محسوس ٿيم، ڄڻ منھنجي مٿي تان شفقت جو هٿ کڄي ويو آهي.
22 آڪٽوبر تي منھنجو مھربان دوست راحت سعيد گذاري ويو ۽ رات ادا حاجي عباسي. رب جي رضا تي راضي رهڻ کان سواءِ ٻيو ڪري بہ ڇا ٿو سگهجي.
ويا اوهري اوءِ، مون کي ڇڏي ماڳھين
جُڳن جا جُڳ ٿيا، تئان نہ موٽيو ڪوءِ،
گوندر ماريندءِ، ويچاري وِين جو.
*
هڪ بجي ڌاري جمع نماز پڙهڻ جي لاءِ ڇائو يانگ جي مسجد وياسين. اسان کي ڇڏي کشين ۽ نسيم هليون ويون ۽ وري نماز کان پوءِ گڏياسين. وشال مون کي هڪ وڏي عمارت جي سامھون آڻي بيھاريو ۽ چيو، ”ابو تنھنجي لاءِ سرپرائيز آهي.“ ”ڪھڙي؟“ پڇيم.
”هو سامھون ڏس، بوڪ شاپ. اچ تہ اندر هلون.“
”واھہ.... زبردست اڄ تہ ٿي ويئي بلي بلي.“
سامھون عمارت تي نظر وڌم ۽ پوءِ وشال سان گڏ هلندي بوڪ شاپ ۾ داخل ٿيس. بوڪ شاپ ڇا هو. بس ڪتابن جي وڏي ڪائنات هئي. ان بوڪ شاپ جا چار ماڙ هئا ۽ هر ماڙ تمام وڏو ۽ ويڪرو. جيتوڻيڪ بيجنگ ۽ ٻين شھرن ۾ ان کان بہ وڏا بوڪ شاپ آهن. پر مون اڄ تائين ايڏو وڏو بوڪ شاپ نہ ڏٺو هو. ائين کڻي چئجي تہ ’بوڪ مال‘ هو. هر ماڙ تي ڌار ڌار سيڪشن، ڪتاب نھايت سُھڻي نموني ترتيب سان رکيل، وچ وچ ۾ صوفا بہ رکيل هئا، جن تي اوهان ويھي ڪتاب پڙهي سگهو ٿا. نہ ڪا جهل نہ پل. سيلزمين ڇوڪريون بيٺيون هيون. هڪ ماڙ کان ٻي ماڙ تائين چڙهڻ ۽ لھڻ لاءِ اليڪٽرڪ ڏاڪڻيون. ڪتاب سڀ چيني ٻوليءَ ۾ هئا ۽ نھايت سھڻا ۽ جاذب نظرڇپيل. اسان هڪ سيلز گرل کان پڇيو، ”انگريزي ڪتاب ڪٿي رکيل آهن.“ وراڻيائين ٿرڊ فلور تي. اسان اليڪٽرڪ ڏاڪڻيون چڙهي ٿرڊ فلور تي آياسين. جتي بہ نھايت شاندار ۽ سليقي ۽ ترتيب سان ڪتاب رکيل هئا. هڪ سيلز گرل کان پڇيوسين تہ ”انگلش بڪس؟“ تہ هن آڱر سان هڪ پاسي اشارو ڪيو. اسان اوڏانھن وياسين تہ اتي بہ ماسڪ چڙهيل هڪ سيلز گرل بيٺي هئي، جنھن کان پڇيوسين تہ ان هڪ پاسي اشارو ڪيو ۽ پاڻ بہ هلي اچي اسان کي ڪتاب ڏيکارڻ لڳي. انگريزي ڪتاب ڪي گهڻا نہ هئا. ڪجهہ تہ شيڪسپيئر جي ڊرامن جا هئا. شيڪسپيئر جا ڊراما مون چيني ۾ ترجمو ٿيل بہ ڏٺا. چار واليوم ’شي چن پنگ‘ جي تقريرن جا هئا. ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جو ميني فسٽو بہ انگريزي ۾ موجود هو. هڪ ٻيو ڪتاب ٽن جلدن ۾ چيني ليکڪ Wu Cheng’en جو Journey to the west هو. جنھن جو انگريزي ترجمو W.J.F Jenner ڪيو هو. جيڪي مون کڻي اٿلائي پٿلائي ڏٺا. پر ٻن ڪتابن منھنجو پاڻ ڏانھن ڌيان ڇڪايو، ان ۾ هڪ The Making in new China وڻيم تہ وٺان. پر قيمت ڏسي هٿ ڪڍيم. 350 يوان يعني پندرهن هزار پاڪستاني ان مھل ڇوڪري هڪ ٻيو ڪتاب کڻي هٿ ۾ ڏنو، Poems of Mauzeting ۽ چيئرمين مائو جي پوئٽري کڻي هٿ ۾ ڏٺم. ٻيئي ڪتاب پيڪ ٿيل هئا، منھنجي دلچسپي ڏسي چيائين ڀلي کولي ڏسو. مائوزي تنگ جي شاعري کولي ڏٺم. ڪتاب سھڻو ۽ خوبصورت پني تي ڇپيل هو. هڪ پاسي انگريزي ۽ ٻي پاسي چيني ۾. مائوزي تنگ شاعر بہ هو، سندس شاعري جو اهو ڪتاب اردو ۾ ڪنھن زماني ۾ چين جي غير ملڪي زبانن جي اشاعت گهر پاران ڇپيو هو. اهو ادارو اردو ۾ ٻيا ڪتاب بہ ترجمو ڪري چين مان ڇپائي موڪليندو هو. هاڻ شايد نہ ٿو ڇپرائي. اهو ڪتاب آءٌ پڙهڻ لاءِ پاڻ سان گڏ چين کڻي آيو آهيان. اهو انگريزي ايڊيشن وٺڻ جھڙو هو، پر کيسي اجازت نہ ٿي ڏني. ڪي ٻيا ڪتاب بہ هئا.مون ڇوڪري کان چيني رائٽر باجين (Ba Jin) جي ڪتابن جو پڇيو، پر چيائين تہ اهي چيني ۾ ملي ويندا. باجين چين جو تمام وڏو ليکڪ ٿي گذريو آهي. پر پاڻ وٽ ان جا ڪتاب نہ ٿا ملن، نہ وري سندس لکڻين جا ترجما ٿيا آهن.
گهر اچي مون چيئرمين مائوزيتنگ جي شاعري جي اردو ترجمي وارو ڪتاب کڻي ان مان ڪجهہ شعر پڙهيا. مائوزيتنگ جو هڪ نظم هن ريت آهي:
رات ڪيڏي نہ ڊگهي هئي
ڳاڙهي زمين تي پرھہ ڦُٽي آهي
هڪ صديءَ تائين چرين وانگر نچي رهيا هئا، راڪاس ۽ برڙ باڪاس
اسان جو پنج سئو ملين عوام ڪيڏو نہ ڏکن ۾ هو
عرش جي هيٺان ٻُرائجڻ لڳو آهي،
پرھہ ڦُٽي جي ڪڪڙن جا ڌس
’پيوي شيئن‘ سان گڏ سڀ قوميتون
نچي رهيون آهن
شاعر جي من ۾
جذبن جي اهڙي سرشاري ڪڏهن بہ نہ هئي.
[هي 1950ع ۾ قومي ڏينھن جي موقعي تي لکيو هو.]
چيئرمين مائو جو مٿيون نظم پڙهندي مون کي سندس هڪ ڳالھہ ياد آئي. لانگ مارچ جي دوران کين ڪيتريون ئي تڪليفون پيش آيون، پر مائو ڪميونسٽ انقلابين جي لاءِ هڪ ضابطہ اخلاق تيار ڪيو ۽ ان تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. تہ ماڻھن کان سُئي سڳي جھڙي بہ ڪا شئي نہ کسجو. رستي ۾ جيڪا شئي ملي اها جمع ڪرائي ڇڏجو. نرم لھجي ۾ ڳالھائجو، ورتل شين جي مناسب قيمت ادا ڪجو، جيڪا شئي اُڌاري وٺو، اها ايمانداريءَ سان واپس ڪجو، نقصان جو معاوضو ادا ڪريو. ماڻھن سان زيادتي نہ ڪجو. قيدين سان سٺو سُلوڪ ڪجو، عورتن جي عزت ۽ وقار جو خيال رکجو.
*
ٽين بجي کشين مون کي ڏيکارڻ لاءِ اڪو پنڪچر چيني ڊاڪٽر کان وقت ورتو هو، ان مھل ٻہ ٿيا هئا. اڃا ڪلاڪ هو، ان ڪري اسان سڀ ’ڇايو يانگ‘ ۾ وڙڪڻ لڳاسين. کشين اسان جي لاءِ بسڪوٽ ۽ ڪيڪ وٺي آئي. جيڪي اسان اتي وڙڪندي کاڌا، ايئن ڄڻ پيٽ کي ڇاٻ آئي، پوءِ هڪ ڪافي شاپ تي وياسين، جتي روايتي چيني چانھه جا وڏا وڏا گلاس وٺي آئي. عجيب قسم جي چانھه هئي، جنھن ۾ چانھه کان سواءِ باقي سڀ ڪجهہ هو. چانھه جي تہ بس خوشبو هئي. چيني ٿڌي چانھه پيئن، پاڻ وري جيڪا چانھه چپ نہ ساڙي ان کي چانھه ئي نہ سمجهون. چيني چانھه کي ڇاھہ چون.
بھرحال ان هلڪي ڦلڪي ريفريشمينٽ کان پوءِ اسان اڪو پنڪچر ڊاڪٽر ڏانھن روانا ٿياسين. اڪو پنڪچر علاج چين جو قديم روايتي علاج آهي، جيئن يوناني حڪمت، اهو ڏاڍو مھانگو آهي. جڏهن چين ۾ انقلاب آيو ۽ چيئرمن مائو ماڻھن جي صحت جي حوالي سان غور ويچار شروع ڪيو، ان وقت چين ۾ بيماريون عام هيون، صحت جي حوالي سان چين کي ٻاهرين مدد بہ نہ پي ملي تہ چيئرمين مائو روايتي چيني علاجن ڏانھن ڌيان ڏنو ۽ انھن تي تجربا ڪرائي، فائدي ۽ نقصان بابت رپورٽ ورتي. ان کان پوءِ اڪو پنڪچر علاج کي قانوني شڪل ڏيئي، اهو عام ڪيو ويو. مون ڪجهہ سال اڳ ڪٿي پڙهيو هو تہ چين جو هاڻوڪو صدر ”شي چن پنگ“ بہ ڪنھن بيماري سيماريءَ جي حالت ۾ اهو علاج ڪرائڻ کي اهميت ڏيندو آهي. هاڻ تہ اهو وڌيڪ سائنٽيفڪ انداز سان ڪيو وڃي ٿو.
ڪار هلندي هڪ وڏي هوٽل جي اڳيان اچي بيٺي، ان هوٽل ۾ ڪيتريون آفيسون بہ هيون. اسان وارو ڊاڪٽر ستين ماڙ تي ويھندو آهي. لفٽ ۾ چڙهي اُتي پھتاسين ۽ هڪ آفيس ۾ گهڙياسين، اندر هڪ هال ۾ ڪيترائي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڪمپيوٽرن تي ويٺا ڪم ڪري رهيا هئا، اسان کي ڏسي آڱوٺا مٿي ڪري ”ني هائو“ چئي خوشيءَ سان آجيان ڪئي. اسان بہ ”شي شي“ چئي سندن مھرباني مڃي ۽ مرڪن جي ڏي وٺ ڪئي. پوءِ ڊاڪٽر جي چيمبر ۾ گهڙياسين. لڳو ئي نہ پي تہ ڪا هيءَ اسپتال آهي، هڪ پاسي شيلف ۾ رکيل اڪو پنڪچر تي لکيل ڪتاب، پاسي ۾ ٻن قديم چيني ڊاڪٽرن جون تصويرون لڳل هيون، جن جو ضرور ان علاج سان واسطو هوندو. ڊاڪٽر پُرجوش نموني هٿ ملايو ۽ صوفن تي ويٺاسين ئي مس، تيسين هڪ ڇوڪري پاڻي جون بوتلون اچي ٽيبل تي رکيون ۽ پوءِ مووي ٺاهڻ لڳون. تيسين هڪ ٻيو چيني اندر گهڙي آيو ۽ جڏهن اسان جي پاڪستاني هئڻ جي خبر پيس تہ وٺي تاڙيون وڄائڻ لڳو. اسان بہ! پوءِ چيائين ”چونگو- ڀاتيا ڦنگيو“ يعني پاڪ چين دوستي زندہ باد. اسان واري ڊاڪٽر مون کي اتي اچي ڪرسي تي ويھاريو ۽ اهو همراھہ پٽ تي ويھي رهيو ۽ وڏي جوش مان پاڪستان چين دوستيءَ تي خوشيءَ جو اظھار ڪرڻ لڳو. پوءِ خبر پئي تہ همراھہ ان ڪمپنيءَ جو باس ۽ اڪوپنڪچر دوائن جو وڏو سپلائير آهي. سندس سادگي ۽ خوشي جي اظھار گهڻو متاثر ڪيو. پوءِ ويو سو هڪ ننڍو هئڊو پاڪيٽ کڻي آيو ۽ تحفي طور ڏنائين. وشال ٻڌايو تہ ان جي قيمت پنج ڇھه سؤ يوان آهي.
ڊاڪٽر مون کان شرٽ لھرائي ۽ پوءِ جتي سور هو اتي مھٽڻ شروع ڪيائين. وشال کيس ايم. آر. آئي ۽ اڳ ورتل دوائون ڏيکاريون.. همراھہ وڏو ڳالھير هو. لڳو صفا جوان ٿي، پر چينين جي عمر جي سندن چھري مان خبر نٿي پوي. بھرحال اندازو اٿم تہ چاليھارو سالن کان مٿي هوندو.
هسٽري وٺي پوءِ ويو، سو سُين جو پئڪٽ کڻي آيو. مون کي اها خبر هئي تہ اهو علاج سُين ذريعي جسم ۾ دوائون داخل ڪرڻ سان ٿئي ٿو، پر اندازو نہ هئم تہ اجهو ٿو مون کي بہ سُيون ٽُنبي.
ڊاڪٽر پھرين منھنجي ڪلھي ۽ ٻانھن واري حصي تي ۽ هڪ ڪنڌ ۾ سُيون هنيون، چيائين تہ سور ٿئي تہ ٻڌائج. دل ۾ چيم: ”پٽيا جيئري ماس ۾ ٿو سُيون هڻين سو تڪليف تہ ٿيندي.“ سُيون هڻي ويھارو کن منٽ ڇڏي ڏنائين. ان دوران سندس گفتگو جاري هئي، ويھن منٽن کان پوءِ اهي سُيون ڪڍي وري ٻيون هنيائين. پندرهن منٽن کان پوءِ اهي ڪڍيائين تہ مون بوتل کڻي ٻہ ڍڪ پاڻي پيتو. تيسين هڪ صندل کڻي آيا ۽ چيائون هن تي ليٽ. هاڻ ٽنگن جو وارو هو. هڪ پير جي آڱوٺي مان رت ڪڍيائين ۽ هڪ ٽنگ ۾ سُئي هنيائين. ٿوري دير ترسي چيائين ’ڇا پيا محسوس ڪريو؟‘ چيم! ”بھتر، اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ٽنگ مان سُئي ڪڍيائين.“ مون شرٽ پاتي ۽ ڊاڪٽر کان موڪلايوسين. ٻاهر اچي فوٽو ڪڍياسين. هو لفٽ تائين اسان سان گڏ آيو، وشال کان پڇيم تہ بس علاج مڪمل تہ چيائين، سڀاڻي دوائون موڪليندو. ٻن ڏينھن کان پوءِ وري اچبو... هينئر محسوس ٿو ڪريان تہ ٻانھن ۾ تڪليف گهٽ اٿم. هتي جن بہ ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو اٿم. ساڳئي ٿا ڳالھہ ڪن تہ نيوٽريشن صحيح نہ اٿئي. نسن ۾ رت ڄمي ويو آهي، جيڪو دوائن سان گڏ ايڪسرسائيز سان ٺيڪ ٿيندو ۽ ٻانھن جو هڏو بہ پنھنجي جاءِ تان هٽيل آهي. اهو سڄو 5 جنوري 2023ع تي حيدرآباد ۾ قاسم چوڪ وٽ ٿيل ايڪسيڊنٽ جو ڪمال آهي.
اڄ ابوذر اقبال Common knowledge about China History جي ٻي ڪاپي کڻي آيو، جيڪا سندس ڪنھن دوست وٽ پيل هئي. مون سندس مھرباني مڃي ۽ فيصلو ڪيم تہ اها ڪاپي شاهزيب نوناريءَ کي ڏيندس.
[2 نومبر 2024ع- آچر]
شام جو حامد فضلي ڪيترن ئي دوستن سان گڏجي هوٽل تي آيو، جن ۾ هڪ يمني نوجوان هو، باقي سڀ افغاني هئا. ڪجهہ ڏينھن اڳ ملاقات ۾ چيو هئائين، ”سر! اوهان پنھنجو ڪو ڪتاب آندو هجي تہ مون کي ڏيو.“ چيومانس تہ هڪڙو ڪتاب آهي، پر سنڌيءَ ۾ آهي، تون سمجهي نہ سگهندين. چيائين: خير آهي، اهو مون وٽ اوهان جو يادگار رهندو. مون وٽ ٻيو ڪتاب تہ نہ هو. مون پاڻ سان فقط ٻن ڪتابن جي هڪ هڪ ڪاپي آندي هئي. هڪڙو انڊيا جو سفرنامو ”دلي، جيسا مين ني ديکھا“ ۽ ٻيو مون تي مير حاجن مير جو مرتب ڪيل ڪتاب ”سرها ڏٺم سي.“ ”دلي جيسا مين ني ديکھا“ تہ مون ابوذر اقبال کي ڏيئي ڇڏيو. باقي ’سرها ڏٺم سي‘ مون وٽ پيو هو، اهو کڻي اچي هوٽل تي رکيو هئم. اڄ آيو تہ مون کيس اهو ڪتاب ڏنو، جنھن تي ڏاڍو خوش ٿيو. ماني کائڻ کان پوءِ ٻيا افغاني ڇوڪرا تہ هليا ويا، پر حامد فضلي ۽ يمني نوجوان جنھن پنھنجو نالو نُاجي عمدہ العولقي، ٻڌايو، ويٺا رهيا، آءٌ بہ پنھنجي ڪرسيءَ تان اُٿي اچي سندن ڀرسان ويٺس، تيسين ٻہ ٻيا شاگرد بہ آيا، هڪ گهانا جو هو ۽ ٻيو بنگلاديش جو. انھن سان بہ هلڪي ڦلڪي ڪچھري ٿيندي رهي. مون حامد فضليءَ کي چيو تہ پنھنجو غزل ٻڌائي تہ رڪارڊ ڪريان. هن ٻڌايو ۽ مون رڪارڊ ڪيو، جنھن تي ناجيءَ چيو تہ ’عربي‘ شاعري ٻڌندا. مون چيومانس شوق سان. ٻڌايائين تہ آءٌ صنعاء ۾ رهان ٿو ۽ گهر ۾ بابا جي تمام وڏي لئبريري آهي. پڇيومانس تنھنجو پيءَ رائٽر آهي ڇا؟- نہ يمن ۾ پنج سياسي گروپ آهن، منھنجي پيءَ انھن مان هڪ جو اڳواڻ آهي. پوءِ موبائيل تي اشتراڪي لکي ڏيکاريائين. ٻين لفظن ۾ يمن جي ڪميونسٽ پارٽي يا سوشلسٽ پارٽي، 1990ع کان اڳ جڏهن يمن ٻن حصن اتر يمن ۽ ڏکڻ يمن ۾ ورهايل هو تہ ڏکڻ يمن ۾ اشتراڪي پارٽي جي حڪومت هئي، ناجي ڳالھين جو ڳھير هو. مون چيومانس ڀلي شاعري ٻڌائي. پھرين پاڻ هڪ يمني شاعر جي شاعري ٻڌايائين. پوءِ چيومانس يار ڪنھن ٻي شاعر جھڙوڪر امراءُ القيس جي شاعري ٻڌائي، جنھن تي اصل ٽڙي پيو. امراء القيس تہ منھنجي اباڻي شھر ’حمير‘ جو هو. پوءِ گوگل تان امراءُ القيس جو هڪ قصيدو سرچ ڪري ٻڌايائين ۽ پوءِ مون کان نوٽ بوڪ وٺي ان تي ڪجهہ بند پنھنجن هٿ اکرن سان لکي ڏنائين. چيم لک، پاڪستان وڃي ان شعر جي معنيٰ سائين حافظ حبيب سنڌي کان پڇندس.
ولو شاء کات الغزومن اُرض حمير
وﷲ عمداً لي الروم اّهزا
لِکي صاحبي لماراي الروب روتہ
وايون انا الاحقان هنجرا
فقلن ﷲ لالائيڪ عينڪ انما
تحاول مکلنا رونموت فخز را.
ان دوران ابوذر اقبال بہ اچي ويو، جيڪو بہ اچي اسان سان گڏ ويٺو. ابوذر جو فضلي ۽ ناجي سان تعارف ڪرايم تہ ناجيءَ پڇيس تہ چائنيز سکي اٿئي؟ ابوذر چيس تہ مون کي چائنيز سکڻ جي ضرورت ئي محسوس نہ ٿي ٿئي، جو منھنجي پي. ايڇ. ڊي انگريزي ۾ ۽ منھنجا استاد بہ سڀ انگريزي ڳالھائين. اهي يورپ ۽ آمريڪا جي سُٺين يونيورسٽين جا پڙهيل آهن. جنھن تي ناجيءَ چيس چين تمام مٿي پيو وڃي. ايندڙ وقت چائنا جو آهي. بھرحال هو پاڻ ۾ بحث ڪندا رهيا، پر ٻيئي هڪٻئي کي قائل ڪري نہ سگهيا. ابوذر چيو تہ چيني رڳو چين ۾ ڪم اچي ٿي، پر انگريزي تہ سڄي دنيا ۾ ڪم اچي ٿي، جنھن تي مون چيو: چيني بہ سکڻ گهرجي، پر انگريزي ڄڻ تہ رابطي جي زبان آهي، دنيا جي وڏي حصي جي ماڻھن ۾، مثال طور پاڻ هتي ويٺا آهيون، افغاني، يمني، بنگالي، گهانا ۽ پاڪستاني سڀني جون ٻوليون ڌار ڌار آهن،پر پنھنجي وچ ۾ رابطي ۽ ڳالھہ ٻولھہ جي زبان انگريزي آهي. جنھن تي ناجي آڱوٺو ڏيکاري ڏند ڪڍندي چيو، ”ييس“. پوءِ چيائين تہ مون چيني اٺن مھينن ۾ سکي آهي. ابوذر چيس، هتي هڪ ڇوڪرو عمر ايندو آهي، ان چئن مھينن ۾ چيني سکي. جنھن تي ناجي ڏند ٽيڙڻ لڳو. ناجيءَ جي عمر بہ ويھه ايڪيھه سال هوندي.
انگريزي زبان تان مون کي هڪ ڳالھہ ياد آئي تہ هتي چين ۾ چينين کي انگريزي زبان سِکڻ جو وڏو شوق آهي. هتي ڪيترائي انگريزي سيکارڻ جا سينٽر هئا، جيڪي ڪووڊ-19 کان پوءِ چيني گورنمينٽ اهي سڀ بند ڪري ڇڏيا. جنھن ڪري ڪيترائي ٻاهريان همراھہ جيڪي انھن سينٽرن ۾ پڙهائي روزي روٽي ڪمائيندا هئا، بي روزگار ٿي ويا.
*
منھنجي عادت آهي تہ ڪڏهن ڪڏهن پنڌ ئي پنڌ گوانگسي يونيورسٽي سب وي تائين ويندو آهيان، واڪ بہ ٿي ويندي آهي ۽ واءُ سواءُ بہ پيو وٺندو آهيان. شام ٿيندي آهي تہ اتي لوڊرن ۾ لڳل گاڏن ۾ کاڌي پيتي جون شيون خاص ڪري فروٽ کڻي اچي بيھندا آهن. قسمين قسمين فروٽ ڪجهہ اڳ ۾ ڏٺل، ڪجهہ پھريون ڀيرو هتي نظر آيا.
ڇانھين جنھن کي چيني ٻوليءَ ۾ ’شئي گئا‘ چيو وڃي ٿو، هتي ٻارهوئي ملي. ڇانھين مون کي گهڻي وڻندي آهي، سو وشال روز رات جو ڏھہ يوان ۾ ڇليل ٺھيل ڇانھين جا ٽي پئڪٽ وٺيو اچي. اها ڳالھہ پڙهي بہ حيرت ٿي تہ دنيا ۾ 67 سيڪڙو ڇانھين اڪيلو چين ئي پيدا ڪري ٿو. چين ۾ اها روايت پڻ آهي تہ ڇانھين هر تقريب ۾ سويٽ ڊش طور پيش ڪئي ويندي آهي، تنھنڪري اها سڄو سال ملي ٿي.
[3 نومبر 2024ع]
محسوس ڪيم تہ اڄ سڄو ڏينھن وشال جو موڊ آف رهيو. سمجهي ويس تہ زال مڙس ۾ ڪجهہ اڻبڻت ٿي آهي، ڪار ۾ بہ هو اڄ کشين سان گڏ اڳيان ويھڻ بدران پويان ويٺو ۽ ماڻھنس کي اڳيان ويھاريائين.
ماڻھنس مون کي ٻڌايو تہ وشال چوي ٿو تہ کشين چوي ٿي تہ سندس ڳوٺ هلون ۽ مون چيومانس تہ ”جڏهن مون، ابو ۽ اميءَ توکي بار بار ڳوٺ هلڻ جي لاءِ چيو تہ تون نہ هلڻ لاءِ مختلف بھانا ڪندين رهينءَ. هاڻ هلڻ جي ضرورت ڪونھي.“
منھنجي خواهش هئي تہ چين جون ٻھراڙيون ڏسان، وشال ۽ کشين بہ چيو هلنداسين. کشين جي ماءُ بہ چئي ويئي ۽ بار بار مون کي اچڻ لاءِ چوندي رهي آهي. پر منھنجي ننھن جا مختلف بھانا، اڄ سو اسان بہ ڄڻ هلڻ کان آسرو لاهي ڇڏيو. اڄ وري کشين چيو تہ وشال کيس جواب ڏيئي ڇڏيو. ائين اهو پروگرام ٽائين ٽائين فش ٿي ويو.
شام جو ماني کائڻ مھل کشين چيو تہ ’ابو اوهان منھنجي ڳوٺ هلندا؟“ چيم ”هائو، هلندسين.“ بس سندس دل رکڻ خاطر چيم، پر هاڻ منھنجي دل بہ نٿي چوي.
رات وشال چيو تہ [ماسي] ’وانگ ائي چائو‘ سڀاڻي منجهند جي مانيءَ جي دعوت ڏني آهي. اڳين دعوت ’وانگ ڦان‘ طرفان هئي. دعوت ساڳئي بوفي هوندي، جھڙي اڳين هئي ۽ هيءَ ٻي هوٽل آهي، جيڪا نئين کلي آهي.
ٻارهين ڌاري اسان چارئي ۽ پنجين مريم ’ڇائو يانگ‘ پھتاسين. ڪار پارڪنگ ۾ ڪار پارڪ ڪئي سين. هتي زمين دوز ڪار پارڪنگ ٺھيل آهن. جتي گاڏيون بيھاربيون آهن، ان جي في پنج يوان آهي. پاڻ وانگر ڪونھي تہ جتي دل وڻي اتي گاڏي بيھاري هليا وڃو، پوءِ روڊ بند. هتي جي ڪير اهڙي حرڪت ڪري تہ سر وڃيس. کشين ڪار هڪ وڏي دوڪان جھڙي ڪمري ۾ هڪ پاڪستان ۾ ڪانٽي جھڙي ٺھيل لوهي بلاڪ تي بيھاري بلڪل اهڙو ڪانٽي جھڙو، جنھن تي پاڻ وٽ ڪمند جون ٽرڪون توريندا آهن، اسان ٻاهر نڪتاسين تہ ڪار پارڪنگ واري همراھہ هڪڙو ڪارڊ ڏنو.
اسان لفٽ ۾ چڙهي مٿي پھتاسين ۽ مختلف روڊ ڪراس ڪندا اچي هڪ بلڊنگ جي ٻاهران بيٺاسين، سامھون ئي ’وانگ ائي چائو‘ ۽ سندس پٽ ’وانگ وئي وئي‘ اسان جي اوسيئڙي ۾ نظر آيا. جن مرڪي اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو. پوءِ ان عمارت ۾ اليڪٽرڪ ڏاڪڻين ۽ لفٽن ۾ چڙهي الائجي ڪھڙي ماڙ تي پھتاسين. اتي ڪيتريون ئي ريسٽورينٽ هيون. جن ۾ سڄو سسٽم بوفي هو. ’وانگ ائي چائو‘ هڪ هوٽل پسند ڪئي ۽ ان ۾ وڃي ويٺاسين. صبح جو پھر هئڻ سبب رش نہ هئي. اسان ٻہ ٽيبلون بوڪ ڪرايون. انھن تي ويٺاسين، سيلف سروس هئڻ سبب هر ڪنھن پليٽ کنئي ۽ پنھنجون پنھنجون شيون کڻڻ ۾ لڳي ويو. سؤ کان بہ وڌيڪ ائٽم هئا، فروٽ، سويٽ ڊش، الڪوحل جا مختلف نمونا ۽ بيئر جون برف ۾ لڳل بوتلون، جوس، رڌل توڙي ڪچو کاڌو. هر ٽيبل جي اڳيان هڪ اليڪٽرڪ ديڳڙي ۽ پچائڻ لاءِ اسٽيل جي ڄاري لڳل هئي، جنھن ۾ اوهان ڪچو گوشت، چڪن ۽ سبزيون کڻي پچائي يا اوٻاري کائي ٿا سگهو. سي فوڊ (Sea food) بہ قسمين قسمين هو، گهانگهٽ، اسٽار فش، ڪوڏ، سپون، الائجي ڇا ڇا. چيني سي فوڊ وڏي شوق سان کائين، اهو ڄڻ سندن لاءِ جنت جو کاڌو هجي. ڀاڄيون بہ گهڻيون واپرائين، پر اوٻاري کائين، نہ لوڻ نہ مرچ وجهن.
منھنجي لاءِ مسئلو هو تہ ڇا کڻجي. ٻہ ٽي سويٽ ڊش جا نمونا ۽ ڪجهہ فروٽ کنيم. هڪ هنڌ پيزا رکيل هو. وشال کان پُڇيم، هي ڏس کڻي سگهجي ٿو؟ ڏسي چيائين تہ، ”هي پيزا ڊريگن جي گوشت مان ٺھيل آهي.“ کڻي پٺتي وڌيس. واپس اچي ٽيبل تي ويٺس. اسان جھڙن لاءِ اسٽڪ سان کائڻ بہ مسئلو آهي. سو چمچن کي استعمال ڪيوسين. البت وشال، جيڪو ’اڌ چيني-اڌ سنڌي‘ آهي، اسٽڪ سان مزي سان کائيندو رهيو. وشال ڪجهہ ڀاڄين جا پتا ۽ کنڀيون کڻي آيو. جيڪي هن ديڳڙي ۾ اوٻارڻ جي لاءِ وڌيون. چين ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ کُنڀيون مصنوعي (هائبرڊ) طريقي سان اُپايون وڃن ٿيون. جيڪي کائڻ سان گڏ دوائن ۾ بہ استعمال ٿين. هڪ ٻہ اوٻاريل کنڀي مون بہ کاڌي. هوٽل ۾ ٻن ڪلاڪن تائين ويھي جيڪو دل چوي سو کائي سگهجي ٿو. في فرد ستر يوان اڳ ۾ جنھن هوٽل ۾ ’وانگ ڦان‘ وٺي ويئي هئي ان ۾ في فرد اسي يوان هو.
اسان پنھنجي حال سارو کاڌو، منھنجي لاءِ مسئلو اهو آهي تہ ٻہ چار گراھہ کڻان ٿو تہ پيٽ پائولا (فل) ٿيو وڃي. باقي ٻين ٻن ڪلاڪن ۾ پورو پورو انصاف ڪيو کائڻ سان. ان دوران ڪچھري ۽ فوٽوگرافي بہ هلندي رهي. ماني کائي هوٽل مان ٻاهر نڪتاسين. موڪلائڻ مھل مون ميزبان ’وانگ ائي چائو‘ کي پاڻ سان آندل لُنگي سوکڙي طور ڏني تہ مائي ڪا خوش ٿي. ڪنڌ ۾ وڌيمانس تہ خوش ٿي فوٽو ڪڍايائين ۽ بار بار نسيم کي ڀاڪر پائي موڪلايائين. هوءَ پٽھنس ’وانگ وئي وئي‘ سان رواني ٿي تہ اسان بہ گهر موٽڻ جي ڪئي. هھڙين هوٽلن ۾ هڪ ڳالھہ نئين لڳي تہ جي کاڌو اوهان بچايو تہ ان جا پئسا ڪٽبا. ٻين لفظن ۾ جيترو کائي سگهو اوترو کڻو، کاڌو زيان نہ ڪريو.
واپسيءَ ۾ هڪ عجيب لقاءُ ڏٺم. اسان جتي ڪار پارڪ ڪئي هئي، ان هنڌ وڃڻ بدران ٻي پاسي هڪ گيٽ وٽ وڃي بيٺاسين. کشين گيٽ وٽ لڳل اي. ٽي. ايم ٽائپ مشين ۾ ڪارڊ وڌو ۽ پوءِ ڏهن منٽن اندر گيٽ کليو ۽ اسان واري ڪار سامھون بيٺي هئي. کشين اندر وڃي ڪار ٻاهر ڪڍي آئي. پارڪ ڪرڻ مھل جنھن ڪانٽي ٽائپ لوهي چادر تي بيھاري هئي، اهو ڪارڊ لڳڻ سان ڪار کي کڻي آيو. اهو آهي ٽيڪنالاجي جو ڪمال.
مٿي ڀاڄين جو ذڪر نڪتو آهي تہ ٿورو چين ۾ ڀاڄين جي پيداوار جو بہ ذڪر ٿي وڃي. چين جا 35 سيڪڙو ماڻھو زرعي صنعت سان وابستہ آهن، چين جي سبزي مارڪيٽ ۾ گهمندي ڪيترين ئي قسمن جي ڀاڄين ۽ ميون کي ڏسي چين ۾ زراعت ۾ اڳڀرائي ۽ ترقيءَ جي خبر پوي ٿي. دنيا ۾ سبزين جي ڪل پيداوار جو 50 سيڪڙو چين ۾ ٿئي ٿو ۽ چين صرف هڪ سيڪڙو برآمد ڪري ٿو، باقي 49% پاڻ وٽ رکي ملڪي گهرجون پوريون ڪري ٿو.
[4 نومبر 2024ع]
صبح جو چئين بجي ڌاري جاڳ ٿي تہ بدن ڄڻ ٻَڌو پيو هو. ٻاهر اچي ليٽس- ٿوري دير فيس بوڪ کولي ڏٺم ۽ پوءِ اکيون بند ٿيڻ لڳيون تہ سُمھي پيس. دير سان جاڳ ٿي، پر طبيعت ۾ مزو نہ هو. وشال مون کان پڇيو تہ دوائون کائڻ کان پوءِ ڇا ٿو محسوس ڪرين، چيم ڪو خاص نہ. ڪلاڪ کن کان پوءِ ٻڌايائين تہ ڊاڪٽر سان ڳالھايم، ڊاڪٽر کان پڇيم تہ چيائين، ”ٻانھن ڊيميج ٿيل آهي، سو وقت لڳندو.“
اڪو پنڪچر ڊاڪٽر جيڪي دوائون ڏنيون آهن، سي ٻن راتين کان کشين مون کي ڪاڙهي پئي پياري.
رات کشين کي چيم تہ ڪو اهڙو ڪتاب ملي ويندو، جيڪو چيني پرائمري ڪتاب هجي. وشال چيو تہ مون وٽ هڪ ڪتاب پيو آهي، جيڪو توکي گهر هلي ڏيندس. اڄ صبح جو اهو ڏنائين. A complete Hand book of spoken Chinese جنھن ۾ انگريزي جملو، ان جي سامھون ان جي انگريزي اُچار ۾ چائينز ۽ ان جي هيٺان اهو چائنيز اسڪرپٽ ۾ لکيل آهي. پڙهي وڃجي ٿو، پر صحيح اُچار ڪڍڻ لاءِ رهنمائي کپي. مثال طور مائوزي تنگ کي انگريزي ۾ Maosedong لکيو وڃي ٿو. ائين ٻيا لفظ بہ آهن. سکڻ لاءِ ان کان رهنمائي وٺبي رهبي.
اڄ سڄو ڏينھن برسات وسندي رهي، جنھن ڪري موسم ۾ خَنڪي اچي ويئي آهي. اڄ هوٽل پھتاسين تہ وشال هڪ ٽوپي ۽ پنجن پينن جو پيڪٽ کڻي ڏنو. چيائين ٽوپي پائي ڏس بيجنگ ۾ ڪم ايندي، جو اتي گهڻي ٿڌ آهي. مون پائي ڏٺي گرم هئي ۽ ڪنڌ کي ويڙهڻ لاءِ بہ ڌار مفلر هو.
ڪجهہ ڏينھن اڳ مون هڪ شاپ تان اسي صفحن جو هڪ نوٽ بوڪ اڍائي يوآن ۾ ورتو. ٻہ ڏينھن وري پوءِ هڪ ٻي شاپ تان ساڍن ڇھن يوآن ۾ هڪ پين ۽ هڪ ڪاپي ورتم. وشال ڏٺيون تہ چيائين پينون کپن، چيم سٺي ڪوالٽيءَ جون هجن تہ ڪجهہ گهرائي ڏي، منھنجي بہ لکڻ جي ڪم اينديون ۽ دوستن کي بہ ڏيندس. ڪالھہ ٻہ پئڪيٽ آن لائين گهرائي ڏنائين. اڄ وري پنج پينون، جيڪي وڌيڪ سٺي ڪوالٽيءَ جون هيون، گهرائي ڏنائين.
اڄ برسات سبب شام جو ويراني لڳي پئي هئي، مساج واريون مايون ۽ مرد جيڪي لوڊر گاڏن تي وڪڻڻ لاءِ سامان کڻي ايندا هئا، سي بہ اڄ نہ آيا، ان ڪري اڄ ’هوچو لو‘ (اسٽريٽ) تي رونقون گهٽ رهيون.
سڀاڻي آمريڪا ۾ صدارتي چونڊون آهن. ڊونالڊ ٽرمپ ۽ ڪملا هيريسن ۾ مقابلو آهي. هيستائين آمريڪا جا 46 صدر ٿي چڪا آهن ۽ سڀاڻي جيڪو چونڊبو اهو 47 هون صدر ٿيندو. هنن چونڊن جي دلچسپ ڳالھہ اها آهي تہ جيڪڏهن ڪملا هيريسن صدر چونڊي تہ اها پھرين عورت آمريڪي صدر هوندي. جي ٽرمپ چونڊيو تہ اهو آمريڪا جو واحد صدر هوندو، جنھن هڪ وقفو رکي ٻيھر چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ چونڊيو ۽ اها بہ دلچسپ ڳالھہ آهي تہ ٽرمپ جو پھرين مدي ۾ مقابلو هيلري ڪلنٽن سان ٿيو هو، جنھن هارايو، ٻي مدي جي چونڊن ۾ ٽرمپ ۽ جوبائيدن ۾ مقابلو ٿيو، جنھن ۾ ٽرمپ هارايو ۽ چونڊن ۾ ڌانڌلين جو الزام هنيائين. جوبائيدن وڏي عمر جي ڪري ٻي مدي لاءِ چونڊن ۾ حصو نہ ورتو ۽ سندس جاءِ تي آمريڪا جي نائب صدر ’ڪملا هيرسن‘ صدارتي چونڊ وڙهي رهي آهي. جيڪا انڊين نسل جي آهي. بھرحال کٽي ڪير بہ، آمريڪا جي پاليسين ۾ ڪا وڏي تبديلي نہ ايندي.
[5 نومبر 2024ع]
اڄ جھڙوڪر چين جو نئون روپ ڏٺم. وشال هوٽل جي لاءِ ٻڪرَ وٺڻ لاءِ کشين ۽ وٽس ڪم ڪندڙ عمران سان گڏ نئننگ کان ٻاهر ٻڪرا پڙي پي ويو تہ مون کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويا. شھر کان ٻاهر نڪتاسين تہ مون وشال کي چيو، ”هاڻ ائين ٿو لڳي تہ حيدرآباد پھچي ويا آهيون.“ بس رڳو دڪانن تي سائن بورڊ چيني ۾ لڳل نہ هجن ها. اهو شھر جو صفا ٻاهريون حصو هو. اها ٻڪرا پڙي شھر کان ڪافي پري هئي. وشال ٻڌايو تہ اڳ اها اڃا ٻي پاسي گهڻو پري هئي، پر سال اڳ حڪومت هتي منتقل ڪرائي آهي. ٻڪرا پڙيءَ ڏانھن ويندڙ روڊ بہ سنڌ جي ڪنھن لنڪ روڊ جھڙو هو. روڊ جي هڪ پاسي ٻنيون هيون، تہ ٻي پاسي ڪاٺ، بلاڪ وغيرہ رکيل هئا وڪري لاءِ. ڪجهہ گدام بہ هئا، ڪڪڙين جا فارم بہ هئا. وچ ۾ هڪ ننڍي ڍنڍ هئي، اڌ ڪلاڪ جي ڊرائيو کان پوءِ اتي پھتاسين. سنڌ جي ٻھراڙيءَ جي علائقي جھڙو علائقو هو. ڪار مان لھي اڳيان وڌياسين. ڪيترائي لوهي جنگهلا هئا. جن مان ڪافي خالي هئا. وشال ۽ عمران ٻنھي چيو تہ اڄ صفا رش ڪونھي. جانور بہ ايترا ڪونھن، نہ تہ ٻڪرا، رڍون، گهوڙا سڀ هوندا هئا. هڪ هنڌ هڪ اٺ پکي ڏٺوسين، جيڪو پڻ وڪري لاءِ موجود هو، اڃا ٻچو هو. دل ۾ آيم، هھڙو ناياب پکي بہ نہ ٿا ڇڏين. ڪٿي ڪٿي ويامل ٻڪرين جا ٻچا واڙن ۾ ٻڪرين هٿان لتاڙيا پيا هئا. ٻڪرن ۽ ٻڪرين جا بہ مختلف قسم هئا. ڌپ ضرور هئي، پر جاءِ ئي اهڙي هئي، جانورن جا گوشت رت ڌپ تہ ضرور ڪندا آهن. مختلف واڙن جو جائزو وٺي وشال هڪ واڙي مان ٻہ ڇيلا پسند ڪيا. کيس مالڪ رنگ جو ڦوهارو ڏنو هو، ان سان انھن تي ڦوهارو ڪيو ۽ ٻاهر نڪري آيو. پويان واڙي وارو چيني ٻيئي ٻڪر ٻاهر ڪاهي آيو ۽ پوءِ هڪ لوڊر ۾ وجهي روانو ٿيو. اسان وري ان لوڊر جي پويان ڪار ۾ روانا ٿياسين، ذبح گهر ميل کن پري هو. اتي پھچي ڇيلا لاٿائون، عمران بہ ان سان گڏ لوڊر تي چڙهيو. اتي پھچي ڏٺم تہ ٻہ ڇيلا ٽنگيا پيا هئا ۽ ڪاسائي انھن کي صاف ڪري رهيا هئا. چيني پھرين لوڊر ۾ ئي ڇيلي کي مٿي ۾ مترڪي سان زور سان ڌڪ هڻي بي سڌ ڪري پوءِ ڪنڌ ۾ ڪات هڻندا آهن. رت ڪڍي، پيٽ چيري ان مان آنڊا اوجهہ ڪڍي پوءِ گرم پاڻي ۾ اڇليندا آهن. ائين ان جي کل لھي ويندي آهي، ۽ پوءِ ٻاهر ڪڍي، وڌيڪ صفائي ڪري پلاسٽڪ جي ٿيلھين ۾ پيڪ ڪري ڌڻيءَ جي حوالي ڪندا آهن.
ڪاسائي وانڌا ٿيا تہ هنن لوڊر مان ڇيلا لاٿا، کين دسيو ۽ عمران ﷲ اڪبر چئي کين سير وڌي. جنھن مھل ڇيلن کي لوڊر مان لاٿو پي ويو، ان مھل انھن جيڪي رڙيون ڪيون ۽ انھن ۾ جيڪو ڪرڀ ۽ التجا هئي ۽ جنھن نموني سندن اکيون نڪري آيون، اهي وسرڻ ممڪن نہ آهن. محسوس ڪيم تہ هو زندگيءَ لاءِ ٻاڏائي رهيا هئا. هنن ٻيئي ڇيلا پاڻ واري نموني صاف ڪيا ويا ۽ پوءِ انھن جا ٽڪرا ڪري پلاسٽڪ جي ٿيلھن ۾ وجهي کڻي ڪار جي ڊگيءَ ۾ رکيائون. اتي ئي هڪ واڙي ۾ ڪتا بہ بيٺا هئا. ويھارو کن هئا. جيڪي بہ وڪري لاءِ هئا. گراهڪ اچي انھن مان ڪو پسند ڪندو آهي، پوءِ ڪاسائي ان جي مٿي کي مترڪو هڻي ان کي بي سڌ ڪري ٻاهر ڪڍي وڌيڪ ڪاروائي ڪندو آهي. ڪتن جي پاسي ۾ ئي ٻڪريون پڻ بيٺيون هيون. جيستائين اسان وارا ڇيلا ڪسجي، ڇلجي تيار ٿين، تيستائين آءٌ ٻاهر نڪري آيس. ٻاهر ٻنيون هيون، جن ۾ ٻارا ٺھيل هئا ۽ ڪا پوک ٿيل هئي، سامھون ئي پنج ڇھه هارياڻيون ٽوپلا پايون، هٿن ۾ پاهوڙا کڻي کڙا ڀڃي رهيون هيون. فصلن کي پاڻي ڊرپ طريقي موجب ملي رهيو هو. آءٌ ٻنيءَ ۾ اندر لھي ويس ۽ هارياڻين کي ’ني هائو‘ چئي، کانئن فوٽو ڪڍڻ ۽ مووي ڀرڻ جي موڪل ورتم، اها ڪاروائي ڪري ٻاهر نڪري آيس. ان وچ ۾ ڇيلا تيار ٿي ڊگيءَ ۾ رکجي چڪا هئا. کشين ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺي ۽ اسان واپس روانا ٿياسين.
شام جو وڙڪندو گوانگسي يونيورسٽيءَ جي گيٽ کان بہ اڳتي نڪري ويس ۽ اتي هڪ ’اولڊ بوڪ هائوس‘ هو، جنھن جي ٻاهران دڪاندار مائي ويٺي هئي، ان ۾ گهڙي ويس، ڪتاب ئي ڪتاب، پر سڀ چيني ۾. ڪن ڪتابن جي مٿان وري انگريزي ۾ بہ ڪتاب جو نالو لکيل هو، پر ايڪڙ ٻيڪڙ ڪتاب تي، اتي جنھن پھرين ڪتاب تي نظر پئي اهو هو A Biography of ZHOH EN- LAi (چواين لائي جي سوانح حيات). کڻي ڏٺم، فوٽو ڪڍيم، ڪتاب ٿورو پراڻو هو. هجي ها انگريزي ۾ تہ ڀلو ٿئي ها. اندر هڪ ڪنڊ ۾ مارڪس ۽ اينگلس جي ڪتابن جا پراڻا ڇاپا چيني زبان ۾ رکيا هئا. جن کي کڻي اٿلائي پٿلائي ڏٺم. ٿوري دير ڪتاب ڏسي ٻاهر نڪتس تہ هڪ پاسي نوٽ بوڪ رکيا هئا. هڪ نوٽ بوڪ تي ’شي چن پنگ‘ جي تصوير ڇپيل هئي. کڻي ڏٺم. اندر صفحن تي بہ هر صفحي جي ڪنڊ تي ’شي چين پنگ‘ جو پورٽريٽ ڇپيل هو. چين آيو هئس تہ محترم غلام حسين جوڻي چيو هو تہ اوهان پنھنجي لاءِ چين مان ڪا يادگار ڊائري وٺجو. ڊائري تہ ڪٿي نظر نہ آئي، پر اهو نوٽ بوڪ چار يوان ڏيئي يادگار طور ورتم ۽ پوءِ واپس وريس. واپسي ۾ بہ هڪ ٻن بوڪ شاپ جي اندر گهڙي پنھنجي عادت پوري ڪيم. اتي هڪ ڪتاب نظر آيو. جيڪو هو تہ چينيءَ ۾ پر مٿان انگريزي ۾ نالو لکيل هئس، Mao Zedong and He’s class meats يقينن سٺوڪتاب هوندو. هڪ ٻہ ٻيا ڪتاب جيڪي نظر آيا انھن ۾ هڪ هينري ڪسنجر جي بايوگرافي هو ۽ ٻيو مارگريٽ مشيل جي ناول Gone with the wind جو چيني ترجمو. هتي مون بوڪ شاپس تي ڏٺو تہ ٻاهرين ادب جا ڪيترائي ڪتاب چيني ۾ ترجمو ٿيل هئا ۽ نھايت سھڻي نموني ڇپيل هئا.
[6 نومبر 2024ع]
ڪالھہ کان وٺي جنھن مھل اٿندو آهيان تہ ٻاهر نڪري ’هو چو لو‘ (اسٽريٽ) تي قائم ’سٽي سويٽس‘ کان ڊبل روٽيون وٺي ايندو آهيان. وشال نوين بجي ڌاري اُٿي، وري وڃيو ڊبل روٽيون بہ وٺيو اچي، بھتر اهو سمجهيم تہ اهو ڪم پاڻ ڪجي. سٽي سويٽ تي ڀانت ڀانت جون روٽيون ۽ مٺايون رکيل آهن. صفا تازيون ڪي تہ گرم گرم.
ڪالھہ جيڪي روٽيون ورتم اهي ساڍا چوويھه يوانن جون ٿيون ۽ اڄ گهٽ ورتم، چوڏهن يوان جون. چيني ڪرنسي ۾ وڏي ۾ وڏو نوٽ هڪ سئو يوآن جو آهي. ان کان پوءِ پنجاھہ، ويھه، ڏھہ، پنج ۽ هڪ يوان جا نوٽ آهن. هڪ يوان جو سڪو بہ ٿئي. هڪ يوان ۾ اٺ مائو ٿين، جيڪي سڪي جي صورت ۾ آهن. ليو يعني اڌ يوآن ۽ پوءِ مائو. پاڻ وٽ پاڪستان ۾ وڏي ۾ وڏو نوٽ پنج هزار جو ٿئي.چيني ڪرنسي جي پويان چيني، ۽ ٻي ٻولي جنھن جي رسم الخط عربي جھڙي آهي، ان ۾ لکت لکيل آهي، انھن سڀني ڪرنسي نوٽن جي هڪ پاسي چيئرمن مائوزيتنگ جي تصوير ۽ ٻي پاسي چين جي ڪنھن نہ ڪنھن نظاري جي تصوير ڇپيل آهي. منھنجي سامھون ويھن يوانن جو نوٽ آهي. جنھن جي ٻي پاسي هيئن لکيل آهي:
ZHONGGUO RENMIN YINHANG CONGHGOZ YINZMINZ YINZHANGZ C16 MAEZN
- ئون يودن جو کلو حه لق پانکس
ابوذر جيڪو گوانگسي يونيورسٽيءَ ۾ پي ايڇ ڊي پيو ڪري ان ٻڌايو تہ چين جي ان نوٽ تي پنجن ٻولين ۾ لکيل آهي، جيڪا منھنجي لاءِ حيرت واري ڳالھہ هئي عربي اسڪرپٽ ۾ جيڪو لکيل آهي، اها چين جي صوبي Xinjiang سنگيانگ ياشنچيان جي ٻولي ايغور آهي، ان کان سواءِ چيني ڦينن ۾ بہ لکيل آهي.
*
آمريڪا جي صدارتي چونڊن ۾ ڊونالڊ ٽرمپ، ڪملا هيريس کي هارائي آمريڪا جو 47 هون صدر چونڊجي ويو. هن چونڊ آمريڪا جي تاريخ ۾ ڪجهہ نوان اضافا ڪيا. ٽرمپ آمريڪا جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو صدارتي چونڊ وڙهندڙ عورت صدارتي اميدوار هيلري ڪلنٽن کي شڪست ڏيئي آمريڪا جو 45 هون صدر چونڊيو، چئن سالن کان پوءِ ٿيل چونڊن ۾ جوبائيڊن، ڊونالڊ ٽرمپ کي هارائي 46 صدر چونڊيو. وري چئن سالن کان پوءِ ٽرمپ جو مقابلو ڪملا هيريس سان ٿيو. ايئن ٽرمپ ٻن عورتن صدارتي عورت اميدوارن کي هارايو. جنھن مان هڪ ڳالھہ اها بہ واضع ٿي تہ آمريڪي اڃا ڪنھن عورت صدر جي حق ۾ نہ آهن. ٽرمپ بائيڊن کان هارائي کيس عھدو ڏنو ۽ هاڻ وري بائيڊن کان ئي صدارت واپس وٺندو. پنھنجي وڪٽري اسپيچ ۾ ٽرمپ چيو آهي تہ هو پنھنجي اڳوڻين پاليسين کي برقرار رکندو، غير قانوني تارڪين وطن کي واپس موڪليندو تہ هو قانوني طريقي سان واپس اچن. آمريڪا کي مضبوط ڪندو ۽ ان جي سرحدن جي حفاظت ڪندو ۽ هو جنگيون نہ ٿو چاهي. چين بابت بہ تقرير ۾ پاليسي بيان ڪئي اٿس.
دنيا ۾ چين ۽ آمريڪا ٻہ حريف آهن، خاص ڪري ٽريڊ جي ميدان ۾، سو ٻنھي ملڪن ۾ هلڪو ڦلڪو گوڙ شور تہ جاري رهندو، چين جڏهن ’ڊبليو ٽي او‘ جو ميمبر ٿيو هو تہ ٽرمپ چيو هو: ”جيڪڏهن چين کي ڊبليو ٽي. او جو ميمبر نہ بنايو وڃي ها تہ اهو آمريڪا ۽ مغرب جي لاءِ بھتر هجي ها.“
ٽرمپ پنھنجي پھرين صدارتي مدي دوران 2018ع ۾ چين تي پابنديون هڻي ’ٽريڊ وار‘ جي شروعات ڪئي هئي. تقرير ۾ جيڪو بہ چيو اٿس اهو پنھنجي جاءِ تي پر مڙس ڦڏائي آهي، سو عھدو سنڀالڻ کان پوءِ نوان ڦڏا ضرور ڪندو.
*
شام جو هڪ وڏو چڪر هنيم، واڪ بہ ٿي ويئي تہ وندر بہ. هڪ سئنڊل ٽائپ چپل بہ وٺڻو هوم، جھڙو وشال کي پاتل هو، سو هڪ بوٽن جي دڪان تي چڙهيس ۽ هڪ چپل پسند ڪيم، چينائي دڪاندار کان اگهہ پڇيم تہ 35 يوان ٻڌايائين. مون 25 چيس تہ کلي انڪار ڪيائين. هتي وڏن اسٽورن تي فڪس اگهن جون پرچيون لڳل آهن ۽ ٻاهران وري لکيل هوندي آهي Sale. پنج پرسنٽ کان 8 تائين وغيرہ. پر ٻين هنڌن تي بار گينگ هلندي آهي. واپس پھتس تہ وشال سان ان سئنڊل ٽائپ چپل جي ڳالھہ ڪيم تہ موبائيل کولي ان جي تصوير ڏيکاريائين. ها اها ئي- گهڻيون کپن، پڇيائين، ٻہ جواب ڏنم. گهرايون ٿا. ائين چئي موبائيل ۾ ڪجهہ لکي ڪلڪ ڪيائين ۽ چيائين آن لائين گهرايون اٿم. ٻن ڏينھن ۾ پھچي وينديون. ڪيتري ۾ پيون پڇيم. ٻئي ڏھہ يوان. زبردست... معنيٰ تہ چينيءَ کان ڦرجڻ کان بچي ويس.
اڄ وشال ٻہ ٻيون پينون ڏنيون. جيڪي ڏاڍيون سٺي ڪوالٽيءَ جون هيون. وشال ايتريون تہ پينون وٺي ڏنيون آهن جو ٻہ سال هلن تہ بہ نہ کٽن. چيومانس پشو هيترين پينن کي ڇا ڪندس، وراڻيائين ڪم اينديون، ڪجهہ دوستن کي بہ ڏج. پينون کولي ڏٺيوسين تہ ان مان هڪ ڀڳل هئي. جنھن تي چيومانس ’پئسا ئي پاڻي ۾.‘ ’نہ... ڪمپلين ڪريون ٿا.‘ ان مھل ئي پين جو فوٽو ڪڍي ڪجهہ لکي موڪليائين. ٿوري دير ۾ جواب اچي ويو تہ معذرت ٿا ڪريون. سڀاڻي اوهانکي ٻي موڪلي ٿا ڏيون. جنھن تي چيم واھہ. وشال ٻڌايو تہ آن لائين گهرايل شئي خراب نڪتي ۽ ڪمپلين ڪئي تہ ڪمپني هڪدم ازالو ڪندي، ٻي موڪلي ڏيندي آهي. نقصان برداشت ڪندا آهن، پر پنھنجي ساک خراب ٿيڻ نہ ڏيندا آهن.
اهڙا ننڍا ننڍا مشاهدا ۽ تجربا هتي جي ماحول ۽ سماج کي سمجهڻ ۾ گهڻي مدد ٿا ڏين. سوچيم، جي پاڪستان ۾ ائين ٿئي ها تہ حرام ڪو ازالو ٿئي ها. ٿوري دير کان پوءِ کشين پريان ويٺل نھايت خوبصورت ڊريس ۾ ويٺل هڪ چيني ڇوڪريءَ کي وٺي مون واري ٽيبل تي آئي. وشال ٻڌايو تہ هيءَ ڇوڪري ٽريڊيشنل چيني ڊانس ڪندي آهي. وشال ساڻس منھنجو تعارف ”ماءِ پاپا‘ چئي ڪرايو. پوءِ تہ سڳوري شروع ٿي ويئي. پنھنجي موبائيل ڪڍي انڊين ۽ پاڪستاني گانن تي اسٽيج تي ڪيل پنھنجي پرفارمنس ڏيکاريائين. پوءِ اتي ئي ويٺي ۽ اردو ۾ ڳائڻ لڳي.
پوءِ وري کشين ۽ پاڻ ڳائڻ لڳيون ۽ مون اهو رڪارڊ ڪري ورتو.
وري مريم کي کڻي پنھنجي موبائيل اسٽينڊ ۾ فٽ ڪري ڊانس ڪرڻ لڳي. سندس نالو ’هي لي فانگ (Hi li fang) هو، جيڪو منھنجي پڇڻ تي ٻڌايائين ۽ پوءِ انگريزي ۾ منھنجي نوٽ بوڪ تي لکيائين. پوءِ گڏجي فوٽو ڪڍياسين، شڪل صورت ۾ موچاري هئي، سو دل ۾ آيم تہ ساڻس گڏ هڪ فوٽو ڪڍرايان، پر وشال جي ماءُ گڏ هئي، سو نہ ڪڍايم، ٻين لفظن ۾ زال کان ڊڄي ويس.
رات جا يارهن ٿيا تہ هوٽل مان اٿي ٻاهر نڪتاسين تہ وشال جا ٻہ دوست هڪ پاڪستاني ڊاڪٽر شمائيل ۽ ٻيو چيني، جنھن جو نالو ’محمد‘ هو ۽ مسلمان هو بائيڪ تي گڏجي آيا. چين ۾ مسلمانن ۾ ’محمد‘ نالو گهڻو پاپولر آهي. گوانچو ۾ جيڪو مسلم هوٽل وارو مليو هو، جتي چين ۾ پھريون ناشتو ڪيو هوسين، ان جو نالو بہ محمد هو. هي محمد بہ باءِ برٿ مسلمان هو. ڊاڪٽر شمائيل جي شادي گهاري مان هڪ سيد ڇوڪري ڊاڪٽر مديحه سان ٿي آهي، جنھن جي پيءُ جو نالو دائم علي شاھہ آهي ۽ شيرازي فئملي مان آهي. ٻڌايائين تہ منھنجي سھري هڪ هزار ايڪڙ زمين ٺاهي آهي. چيومانس جي واقعي تنھنجو سھرو شيرازي فئملي مان آهي تہ پوءِ هڪ هزار ايڪڙ تہ ڪا ڳالھہ ڪونھي. اڳ ۾ ٻئي ضلعا (جڏهن هڪ ٺٽو هو) شيرازين جي ڪنگڊم هئا. جنرل مشرفي دور ۾ تہ شيرازي ٺٽي ضلع ۾ ايم ڪيو ايم هئا. اسپتال مان هڪ گوري بہ شيرازين جي اجازت کان سواءِ ڪنھن کي نہ ملندي هئي. وشال ٻڌايو تہ ڊاڪٽر شمائيل هتي ڇوڪرن جون داخلائون ڪرائيندو هو، پر پوءِ ڪيترن ئي ڇوڪرن جي داخلا جا لکين روپيا کڻي ويو. جنھن ڪري هاڻ هن جي ساک خراب ٿي ويئي آهي ۽ هاڻ وري ٻيھر هٿ پير هڻڻ جي لاءِ ميدان ۾ لٿو آهي ۽ هي شنچياني مسلمان ’محمد‘ سندس ان ڪم ۾ پارٽنر آهي. جنھن تي چيومانس تہ ”هن شنچياني مسلمان کي بہ پاڪستاني پنجابي مسلمان جي هوا لڳي ويئي آهي.“
ڪجهہ ڏينھن اڳ هڪ ٻيو همراھہ ناصر هڪ چينيءَ سان گڏجي ڊنر ڪرڻ آيو. وشال سان سٺو تعلق هئس. پوءِ بہ ايندو رهندو آهي. ان چيني بابت وشال ٻڌايو تہ هي اسان واري گوانگسي ميڊيڪل يونيورسٽي جي هڪ شعبي جو ايڊمن آهي ۽ شاگردن کي ڏاڍو تنگ ڪندو هو. خود مونکي بہ ڪيترائي ڀيرا تنگ ڪري پريشان ڪيائين. ناصر بہ ڪيترن ئي شاگردن جا لکين روپيا کائي ڀڄي ويو. جيڪي شاگرد پاڪستاني، انڊين ۽ بنگلاديشي هئا. هاڻ وري هن چينيءَ سان گڏجي هٿ پير هڻي رهيو آهي.جنھن تي وشال کي چيم چيني ۽ پاچيستاني ڦنگيو ٺڳين ۾ هڪٻئي کان گهٽ ناهن.
[7 نومبر 2024ع]
منھنجي ۽ نسيم جي هڪ سال جي ويزا لڳي ويئي. هاڻ چاهيون تہ 21 آڪٽوبر 2025ع تائين هتي رهي سگهون ٿا.وشال بہ چئي پيو تہ پاڪستان ڇا وڃي ڪندين، وڃي رٽائرڊمينٽ ڪري موٽي اچ. هاڻ منھنجي ذهن ۾ بہ اهو خيال گهر پيو ڪري تہ ايندڙ سال جون ۾ رٽائرڊمينٽ ڪري، ڇوڪرن کي سيٽ ڪري هتي هليو اچان ۽ هڪ ڌار گهر وٺي رهجي، جيئن وشال ۽ سندس زال جي پرائيويسي متاثر نہ ٿئي ۽ هتي ڪو هلڪو ڦلڪو ڪاروبار بہ ڪجي، جيئن وشال تي بار نہ بنججي.
هتي جي زندگي هڻ هڻان واري تہ ضرور آهي، پر ڊسيپلينڊ آهي. محنتي ماڻھوءَ جو قدر آهي، نہ بجلي جو بحران، نہ گئس جي کوٽِ پاڪستان ۾ جنھن بہ دوست سان ڳالھہ ٻولھہ ٿئي ٿي تہ پھريون يا ٻيو سوال اهوئي آهي تہ چين ۾ بجلي وڃي ٿي چوان نہ، تہ ڇوٽ ۾ پاڪستاني حڪمرانن کي گار ٿا ڏين تہ اسان جي ڪڃر حڪمرانن اسان جا تہ ٻيڙا ٻوڙي ڇڏيا آهن. اسان جيئري ئي دوزخ ۾ آهيون، تون جيئري جنت ۾ پھتو آهين تہ هيڏانھن متان اچين، اُتي ئي ويٺو هُج.
چين، جنھن کي ’ڪميونسٽ پئراڊائز‘ چيو وڃي ٿو، جنت جھڙو ان ڪري ٿيو آهي، تہ هتان جا حڪمران ذميدار آهن، پنھنجا ڀڀَ نہ ٿا ڀرين. گڊ گورننس سان ئي ملڪ جنت جھڙا ٿيندا آهن.
ڪجهہ ڏينھن اڳ چين جي اڳواڻ ’ڊينگ زيائو پنگ‘ جو ذڪر ڪندي، سنگاپور جي اڳوڻي وزيراعظم ’لي ڪوآن يو‘ جي باري ۾ ڪي ڳالھيون لکيون هئم. ’لي ڪو آن يو‘ بہ سنگاپور کي جنت بنائي ڇڏيو.
سنگاپور 36 ڪلوميٽرن جو هڪ ننڍو ملڪ آهي، پر سندس واپاري حجم/ پکيڙ سڄي مسلم دنيا کان وڌيڪ آهي. ان جا پرڏيھي ايڪسچينج رزرو 364 بلين ڊالرز آهن. جڏهن تہ اها رقم فقط ڏيکاري پئي وڃي. اصل ذخيرا ٻہ ٽريلين ڊالر آهن. سنگاپور ۾ هر سال 140 بلين ڊالرز جي نئين سيڙپڪاري ٿئي ٿي. هاڻ اهو ٻين ملڪن ۾ بہ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي.
دنيا ۾ سڀ کان مھانگي زمين سنگاپور ۾ آهي، جيڪا ٻن هزار ڊالرن کان وٺي 10 هزار ڊالرن تائين هڪ اسڪوائر فوٽ زمين ملي ٿي ۽ اها بہ اوهان هيٺان کان وٺي مٿي تائين ٺاهي سگهو ٿا. سنگاپور ۾ 98 سيڪڙوماڻھو فليٽن ۾ رهن ٿا ۽ گهر بہ تمام مھانگا آهن. هڪ هڪ گهر جي ماليت 50 کان هڪ سؤ ملين ڊالر هوندي آهي. دنيا جي سڀني وڏين ڪمپنين جون آفيسون اتي موجود آهن. ان ڪري تہ ان جي بزنس ۽ صنعتي پاليسين ۾ تسلسل آهي. ملڪ ۾ امن آهي، حڪومتون اينديون ۽ وينديون رهن ٿيون،پر بزنس ۽ صنعتي پاليسي نہ ٿي بدلجي.
سنگاپور دنيا جو واحد ملڪ آهي، جتي گند ڪچرو پکيڙڻ تي هڪ هزار ڊالر ڏنڊ آهي. چيگم تي پابندي آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪٿي بہ چيگم نہ ملندو ۽ پر جيڪڏهن ڪٿي ڪو چيگم چٻاڙيندي ملي ويو تہ مٿس ٻہ هزار ڊالر ڏنڊ وڌو وڃي ٿو. سگريٽ پيئڻ لاءِ مخصوص هنڌ آهن. ان کان سواءِ سگريٽ پيئڻ تہ پري رهيو، اوهان اهو هٿ ۾ بہ کڻي نہ ٿا سگهو. زيبرا ڪراسنگ کان سواءِ گهٽي يا رستو پار ڪرڻ تي هڪ هزار ڊالر ڏنڊ پوي ٿو ۽ جيڪڏهن اها غلطي ٻيو ڀيرو ٿي ويئي تہ ڏنڊ بہ ٻيڻون ٿيو وڃي. گاڏين جو لائسنس ڏهن سالن جي لاءِ ڏنو وڃي ٿو ۽ ان جي في هڪ لک ڊالر آهي. ڪوبہ شخص پنھنجي گهر ۾ هڪ کان وڌيڪ نوڪر رکي نہ ٿو سگهي. پوءِ ڀلي اهو وزيراعظم يا کرب پتي ڇو نہ هجي. وزيرن کي سرڪاري نوڪر نہ ڏنا ويندا آهن. هو پنھنجي گاڏي پاڻ هلائيندا آهن ۽ انھن جي لاءِ ڪوبہ سگنل بند نہ ٿيندو آهي. کين ڪوبہ پروٽوڪول نہ ملندو آهي. البت وزيراعظم سان گڏ پوليس جي هڪ گاڏي هوندي آهي.
’لي ڪو آن يو‘، پنھنجي ننڍڙي ملڪ کي ائين ترقي نہ وٺرائي. امن امان ۽ سياسي استحڪام سدائين سندس اولين ترجيح رهيا. سنگاپور دنيا جو واحد ملڪ آهي، جتي مظاهرا نہ ٿيندا آهن. 2008ع ۾ پارليامينٽ هائوس جي سامھون مظاهرو ڪيو ويو. پوليس کين منتشر ٿيڻ جو حڪم ڏنو.هنن نہ مڃيو تہ کين گرفتار ڪيو ويو ۽ کين اهڙيون تہ سخت سزائون ڏنيون ويون، جو ان کان پوءِ ملڪ ۾ ٻيھر وري مظاهرو نہ ٿيو. 2009ع ۾ برما [ميانمار] جي وزيراعظم جي دوري دوران ٽن برمين بوٽينيڪل گارڊن ۾ مظاهرو ڪيو، حڪومت ٽنھي کي گرفتار ڪري، پيڪ ڪري برما جي حوالي ڪري ڇڏيو. اهو ڏينھن اڄوڪو ڏينھن وري سنگاپور ۾ ڪو مظاهرو نہ ٿيو. امن امان جي حوالي سان بہ دنيا ۾ پھرين نمبر تي اچي ٿو. سنگاپور ويھن سالن کان ڪرائم فري ملڪ آهي. هٿيارن، منشيات ۽ عورتن سان ڇيڙ ڇاڙ جو سوال ئي پيدا نہ ٿو ٿئي.
سنگاپور ۾ ڪاسٽ آف ليونگ گهڻي هاءِ آهي. تنھنڪري زال مڙس ٻئي ڪم ڪن ٿا. ان ڪري سڄو ملڪ هنرمند آهي. ڪوبہ شخص بي هنر نظر نٿو اچي. ماني گهرن ۾ نہ ٿي ٺھي، جنھن جا ٻہ سبب آهن، زال ۽ مڙس سڄو ڏينھن ڪم ۾ مصروف هوندا آهن، تنھنڪري ماني ڪير ٺاهي، ٻيو تہ سڄي ملڪ ۾ فوڊ وينڊرز آهن، جن جو کاڌو گهڻو سستو ۽ صحت بخش هوندو آهي. سنگاپور ۾ خوراڪ ۾ ملاوٽ يا گند جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. تنھنڪري ماڻھو ٻاهران ماني خريد ڪري ايندا آهن يا ٻاهر کائيندا آهن. سڄي ملڪ ۾ ’ڊي ڪيئر سينٽر‘ آهن. مائٽ صبح جو پنھنجا ٻارڙا اتي ڇڏي ويندا آهن ۽ شام جو واپس وٺي ويندا آهن. ٻارن جي صفائي سٿرائي ۽ کاڌو پيتو ڊي ڪيئر ملازمن جي ذميواري آهي ۽ اهي ماڻھو پنھنجي ذميداري نھايت ايمانداريءَ سان نباهين ٿا. وزيراعظم جو ٻارڙو بہ سرڪاري اسڪول ۾ تعليم پرائيندو، تنھن ڪري انھن جو اسٽئنڊرڊ گهڻو هائي آهي. ٻار ارڙهن سالن جي عمر کان پوءِ خودمختيار ٿي ويندا آهن، پر کين مائٽن جي ويجهو رهڻون پوندو آهي. جيڪڏهن اهي والدين کان پري رهندا تہ سندن فليٽ مھانگو ٿيندو ويندو ۽ اهي جيترو مائٽن جي ويجهو رهندا، اوترو کين فليٽ سستو پوندو. حڪومت کين سبسڊي ڏيندي، ان مان ٻہ فائدا ٿين ٿا. مائٽ اڪيلائپ کان بچيل رهن ٿا ۽ ٻيو تہ هو پنھنجن پوٽن ۽ پوٽين، ڏهٽن ۽ ڏوهٽين کي وقت ڏين ٿا. ان سان حڪومت جو هيلٿ بجٽ گهٽ ٿئي ٿو. ملڪ ننڍو آهي، زمين نہ هئڻ جي برابر آهي، پر ان هوندي بہ ٽي سؤ پارڪ آهن. اپارٽمنس جي سڀني عمارتن جي مٿان بہ پارڪ آهن. رستن جي ڪنارن تي ٻوٽا لڳل آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪير بہ وڻ وڍي نہ ٿو سگهي. پبلڪ ٽرانسپورٽ سستي ۽ سڄي ملڪ ۾ دستياب آهي، تنھنڪري ماڻھو ذاتي گاڏين جي بدران اهي استعمال ڪندا آهن. ٽئڪسيون بہ سستيون آهن. ملڪ بزنيس فرينڊلي آهي. جيڪڏهن اوهان ڪم ڪرڻ گهرو ٿا تہ سڄو سسٽم اوهان جي سپورٽ ڪندو.
اهو سڀ ڪمال ’لي ڪوآن يو‘ جو آهي ۽ ڊينگ زيائوپنگ، لي ڪوآن يو جي انھن تجربن مان سکيو. ’لي ڪوآن يو‘ پاڪستان بہ ايندو رهندو هو، پر پاڪستانين سندس تجربن مان نہ سکيو. پاڪستان جي باري ۾ هڪ ڀيري ’لي ڪوآن يو‘ پنھنجي مايوسيءَ جو اظھار ڪندي چيو هو، ”جيڪا قوم هن دنيا بدران ڪنھن ٻي دنيا جي خوشحال زندگي تي يقين رکي ٿي، ان کي ڇا ٿو سيکاري سگهجي.“ لي ڪوآن يو جي زندگي جي ڪھاڻي ڇپيل آهي، جنھن جو چيني ترجمو مون هتي هڪ ڪتاب گهر تي ڏٺو. ڪاش ’لي ڪوآن يو‘ جي ان جيون ڪھاڻيءَ جو ڪير سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري.
سڀاڻي ويٽنامي بارڊر تي وڃڻ جو پروگرام آهي. جيڪا منھنجي خواهش هئي. وشال ٻن ٽن دوستن کي هلڻ جي لاءِ چيو، پر هرڪو پنھنجن ڪمن ڪارين ۾ هو. هاڻ گاڏي کشين ڊرائيو ڪندي. رات کشين ٻڌايو تہ هوءَ ويٽنام جي ان سرحدي شھر ’تونگ شين‘(Dong XEN) ۾ ڪنھن زماني ۾ سينٽ وڪڻندي هئي ۽ ان ڌنڌي ۾ هن وڏو نقصان ڪيو هو. کشين جي اُن ڳالھہ تي اسان ڏاڍو کلياسين ۽ چيم ”پڪ سان تونگ شين شھر جا ماڻھو کشين کي ڳولھيندا هوندا تہ ڪڏهن ٿي اچي اسان جو قرض ادا ڪري.“

[8 نومبر 2024ع]
اڄ صبح جو سوير جاڳيا آهيون. وشال ۽ کشين مريم کي انجيڪشن لڳرائڻ ويا آهن، جھڙيون پاڻ وٽ ارڙي، کرئٽي، سلھه وغيرہ، ڇھن ستن بيمارين جون لڳنديون آهن. اسان ٻيئي تيار ٿيا ويٺا آهيون. هي اچن تہ ويٽنام بارڊر واري شھر ’تونگ شين‘ روانا ٿيون. وشال اهو بہ چيو، ”ڪپڙا بہ کڻجو، جو سمنڊ تي بہ هلنداسين.“ معنيٰ ايڪ پنٿ دو ڪاج، ’سنڌي سمنڊ‘ تہ ڏٺو اٿم، پر ’چيني سمنڊ‘ اڄ ڏسبو. سڄي دنيا ۾ هڪ ئي سمنڊ آهي، پر جاگرافيائي طور تي اهي ورهايا ويا آهن. چين کي بہ جاگرافيائي طور ڪيترائي سمنڊ لڳن ٿا.
جيستائين وشال ۽ کشين اچن، تيستائين مون ياسر جواد جو ترجمو ڪيل ڪنفيوشس (Confucius) جو ڪتاب The Analects)) پڙهڻ شروع ڪيم. جيڪو ياسر جواد ”مڪالمات ڪنفيوشس“ جي نالي سان ترجمو ڪيو آهي. ڪنفيوشس قديم چيني مفڪر آهي، جنھن جا چين جي سياسي، سماجي زندگيءَ تي وڏا اثر رهيا آهن ۽ سندس باري ۾ جيڪا معلومات ملي ٿي اها مستند تہ ڪونھي، پر بھرحال ان تي ئي ڀروسو ڪرڻو پوي ٿو.
ڪنفيوشس جي جنم ۽ وفات جي باري ۾ ۽ سندس عمر جي باري ۾ رڳو قصا ڪھاڻيون ئي ملن ٿيون، جنھن موجب هن ٻاهتر سالن جي عمر ۾ چالاڻون ڪيو. قديم چيني ادب ۾ 72 هڪ جادوئي انگ آهي. ڪنفيوشس پنھنجو ننڍپڻ غربت ۾ گذاريو ۽ ڪئين ڌڪا ٿاٻا کاڌائين. هن تعليم ڪيئن پرائي ان بابت روايت آهي تہ هُن ’تائومت‘ جي گرو ’لائودان‘ جي نگرانيءَ ۾ مذهبي رسمن جو مطالعو ڪيو، هن ’ڇانگ هونگ‘ کان موسيقيءَ جي تعليم حاصل ڪئي ۽ بانسري وڄائڻ سکي.
ڪنفيوشس جي تعليم ۽ مڪالمن کي The Analects جي نالي سان گڏ ڪيو ويو. اندازي موجب ان ڪتاب ٻي صدي قبل مسيح ۾ هاڻوڪي شڪل اختيار ڪئي. جيتوڻيڪ هو ان ڳالھہ تي يقين رکي ٿو تہ ماڻھو آسمان جي قائم ڪيل حدن جي اندر ئي پنھنجون زندگيون گذارين ٿا، پر هو اهو بہ چوي ٿو انسان پنھنجن عملن ۽ خاص ڪري ٻين سان سلوڪ جو پاڻ ئي ذميوار آهي (آسمان مان مطلب مطلق هستيءَ کان سواءِ فطرت ۽ فطري ضابطا بہ آهن). اسان پنھنجي زندگي جي عرصي ۾ ترميم آڻڻ لاءِ مشڪل سان ئي ڪجهہ ڪري سگهون ٿا، پر پنھنجي عملن جو تعين اسان پاڻ ڪندا آهيون.
ڪنفيوشس پنھنجي تعليم قديم وقت کان هلندڙ سبقن جي صورت ۾ پيش ڪئي. هو موجد بدران مبلغ ۽ پيغامبر هئڻ جي دعويٰ ڪرڻ کان سواءِ اهو بہ چوي ٿو تہ سندس سڄو ڪم مون کان اڳ گذري ويل وڏڙن جي محبت تي مشتمل آهي. پنھنجي نظرين جي قديم بنياد تي هئڻ جي دعويٰ پوءِ ايندڙ چيني مفڪرن تي گهرا اثر ڇڏيا ۽ هنن بہ اهو ئي طريقو اختيار ڪيو.
ڪنفيوشس مت اصل ۾ ڪو مذهب ڪونھي ۽ نہ ئي ڪنفيوشس جديد مفھوم ۾ ’مذهبي‘ هو. کيس چيني مذهب جي عام طور تي انسانيت پسند نوعيت جي پسمنظر ۾ ڏسڻ گهرجي. چيني مذهب ۾ خدا گهڻو عظيم ڪونھي، ۽ نہ وري ان ڏانھن گهڻو رجوع ڪيو وڃي ٿو. ايتري قدر جو ’تائومت‘ بہ خدا ڏانھن احترام وارو رويو نٿو رکي. چيني خدا ’فطرت‘ جي مترادف آهي.
ڪميونسٽ انقلاب کان پوءِ ڪنفيوشس جي تعليم کي دقيانوسي ۽ پراڻ پسند چئي رد ڪيو ويو ۽ سندس يادگارن کي ڊاٺو ويو ۽ سرڪاري سطح تي سٺ ۽ ستر وارن ڏاڪن ۾ ڪنفيوشس مت جي خلاف مھم هلائي ويئي.
ڪنفيوشس جون ڪجهہ چوڻيون:
- جيستائين تنھنجو پيءُ جيئرو آهي، تيستائين ان جي اطاعت ڪر، جڏهن هو مري وڃي تہ سندس ڪيل عملن جو مشاهدو ڪر، جيڪڏهن تو ٽن سالن تائين پنھنجي پيءُ جي طور طريقي کان انحراف نہ ڪيو ۽ ان تي قائم رهين تہ تون ’حقيقي پُٽ‘ سڏرائي سگهين ٿو.
- ڪنفيوشس چيو: حڪايتن جي ڪتاب جي ٽن سؤ شعرن کي هڪ جملي ۾ سموئي سگهجي ٿو، ’خراب نہ سوچيو.‘
- جيڪو شخص چاليھن سالن جي عمر تائين پھچندي بہ اڻ وڻندڙ رهيو، اهو سڄي زندگي اڻ وڻندڙ ئي رهندو.
- شاطرانہ ڳالھيون نيڪيءَ ۾ بگاڙ پيدا ڪن ٿيون، ننڍن معاملن ۾ اسھپ عظيم منصوبن کي خراب ٿي ڪري ڇڏي.
- جيڪڏهن تون خواهش کان پاڪ هجين ها تہ هو توکي ڇو ڦُرين ها. پوءِ ڀلي تون کيس ائين ڪرڻ تي انعام ڇو نہ ڏينءَ ها.
- ننڍي ماڻھوءَ کي رعايتن ۽ مفادن سان مطلب هوندو آهي ۽ وڏي ماڻھوءَ کي اصولن ۽ ضابطن جو خيال هوندو آهي.
- بزدلي اصل ۾ اها آهي تہ اوهان پنھنجي حق جي لاءِ آواز اٿاري نہ سگهو.
- وڏا ماڻھو ڳالھہ ٻولھہ ۾ ڌيما ۽ عمل ۾ تيز هوندا آهن.
- جيستائين اوهان جا مائٽ جيئرا آهن، اوهان کي سڳورن هنڌن جي زيارت لاءِ وڃڻ جي ضرورت ڪونھي.
جتي ذڪر ڪنفيوشس جو نڪتو آهي، اتي هڪ ٻي چيني مفڪر لائوتسو يا لائوذي جو بہ ذڪر ٿي وڃي. جيڪو چوٿين صدي عيسوي جو فلسفي آهي. سندس لکيل ڪتاب تائو تي چنگ (Tao- Te- Qing) جي نالي سان مشھور آهي. ڊاڪٽر مائيڪل هارٽ جي لکڻ موجب ”اهو هڪ ڏکيو ڪتاب آهي ۽ غير معمولي پُراسرار انداز ۾ لکيو ويو آهي. تائومت جو بنيادي تصور ’تائو‘ جو عام طور تي ترجمو ’رستو‘ ڪيو وڃي ٿو. پر اهو تصور ڪنھن حد تائين مُبھم آهي. جڏهن تہ ”تائو تي چنگ“ جي شروعات هنن لفظن سان ٿئي ٿي.“ هو تائو، جنھن کي بيان ڪري سگهجي ٿو، مرڪزي ’تائو‘ ڪونھي. جنھن نالي کي ورجائي سگهجي ٿو. اهو ابدي نالو نٿو ٿي سگهي.“ پر اسان چئي سگهون ٿا تہ تائو جو خام ترجمو ’فطرت‘ يا فطري نظام آهي.
جيتوڻيڪ تائومت بنيادي طور هڪ ’بي دين‘ فلسفو آهي، پر انھي مان هڪ مذهبي تحريڪ جنم ورتو. تائومت جو فلسفو بنيادي طور تي ’تائو تي چنگ‘ ۾ بيان ڪيل تصورن تي ٻڌل آهي. ’تائو‘ مت جلد ئي ڪيترين ئي عبادتن ۽ وهمن سان ڀرجي ويو. جن جو لائوتسَو جي فڪر سان ڪوبہ واسطو ڪونھي.
جيتوڻيڪ لائوتسَو يا لائوذي جي زندگي بابت ڪابہ مستفيد ڄاڻ نہ ٿي ملي ۽ جيڪو بہ مواد ملي ٿو، ان کي پاڻ ڌُڪو چئي سگهون ٿا. هڪ روايت موجب لائوتسَو ڪنفيوشس جو همعصر هو، اولھه ۾ ’تائو تي چنگ‘ ڪنفيوشس جي لکڻين يا سندس ڪنھن پوئلڳ فلسفيءَ کان وڌيڪ مشھور آهي. انگريزي ۾ ان ڪتاب جا چاليھن کان بہ وڌيڪ ترجما ٿيا آهن. بائبل کان سواءِ ڪو بہ ڪتاب ايتري ججهي تعداد ۾ ترجمو نہ ٿيو آهي.
خود چين ۾ ’ڪنفيوشس مت‘ عام طور تي هڪ مشھور فلسفو رهيو ۽ جنھن معاملي ۾ لائوتسو ۽ ڪنفيوشس جي فڪر ۾ تضاد پيدا ٿئي ٿو، چيني عام طور تي پوئينءَ جي پيرويءَ کي ترجيح ڏين ٿا. پر ڪنفيوشس مت جا پيروڪار لائوتسو کي وڏي عزت جو درجو ڏين ٿا. اهڙا ڪيترائي مثال آهن تہ تائومت جي فڪر کي وڏي سھوليت سان ڪنفيوشس جي فلسفي ۾ گڏيو ويو. تنھنڪري ان هزارين انھن ماڻھن کي بہ متاثر ڪيو، جيڪي پاڻ کي ’تائومت‘ جو پوئلڳ قرار نٿا ڏين. خاص طور تي ’زين‘ ٻڌ ڌرم ۾. جيتوڻيڪ ڪجهہ ماڻھو اڄ بہ پاڻ کي ’تائومت‘ جا پوئلڳ قرار ڏين ٿا، پر چيني فلاسافرن ۾ ڪنفيوشس ئي اهڙو فلاسافر آهي، جنھن انسانيت تي لائوتسو جي حد تائين گهرا اثر ڇڏيا.
چين ۾ جن مذهبن کي سرڪاري سطح تي تسليم ڪيو ويو آهي، انھن ۾ اسلام، عيسائيت، ٻڌ ڌرم ۽ تائومت شامل آهن.
[9 نومبر 2024ع]
ڪالھوڪي ’تونگ شين‘ ۽ ’فن ڇن کانگ بيچ‘ جي ٽوئر گهڻو مزو ڏنو، جيڪو ڌار مضمون جي صورت ۾ لکندس. ڪالھہ کشين جيڪو ويٽنامي پلاسٽر ’تونگ شين‘ مان منھنجي لاءِ ورتو. اهو رات ڪلھي تي لڳايو، جنھن ڏاڍو آرام ڏنو. صبح جو اُٿيس تہ اڳ کان بھتر هئس، ٻيو جيڪو وشال چيني ڪاڙهو پياريو، ان بہ فريش ڪري ڇڏيو.
اڄ ڊگهو واڪ ڪيم ۽ ڦرندو گهرندو گوانگسي يونيورسٽيءَ جي ڀرسان بوڪ شاپ تي ويس. مون کي خبر آهي تہ ڪتاب سڀ چيني ۾ آهن، پر پوءِ بہ ڪتابن جي عادت ۽ شوق مون کي اتي وٺي ويو. اڄ اتي مارگريٽ مشيل جي ڪتاب Gon with the wind جو ٻيو چيني ترجمو ڏٺم. جنھن مان محسوس ڪيم تہ چين ۾ ڪنھن ڪتاب جا هڪ کان وڌيڪ ترجما بہ ٿيندا آهن. اتي ئي وڪٽر هيوگو جي ناول ’نوٽري ڊيم جو ڪٻڙو Notre dame De paris جو ترجمو بہ ڏٺم. چيني زبان ۾ هڪ ڪتاب جنھن منھنجو ڌيان ڇڪايو اهو A biography of Lin BIAO (لِن بيائوجي سوانح حيات) نظر آيو.
لِن بيائو، مائوزيتنگ جو وفادار ساٿي هو. هڪ دور اهڙو بہ آيو، جڏهن لِن بيائو ڄڻ مائوزيتنگ جي جانشين جي جاءِ والارڻ شروع ڪئي. مائو شڪي مزاج اڳواڻ هو. 13 ڊسمبر 1971ع ۾ چين جو هڪ جھاز منگوليا ۾ ڪري پيو، جنھن ۾ اٺ ماڻھو سوار هئا. سڀ مري ويا، انھن ۾ لِن بيائو ۽ سندس ڌيءَ بہ شامل هئي. ان حادثي کان پوءِ ڪيترائي افواھہ پکڙيا، هڪ سازشي ٿيوري موجب، لِن بيائو، مائوزيتنگ کي قتل ڪرائڻ جي سازش ڪري رهيو هو. ان سازش موجب مائو جي ريل کي ميزائل سان اُڏائڻو هو. لِن بيائو جي پراسرار موت کان پوءِ هڪ آمريڪي سفارتڪار ’چو اين لائي‘ کان لِن بيائو جي موت جي باري ۾ سوال ڪيو، چو اين لائي جواب ڏنو تہ ”لِن بيائو جو موت هوائي جھاز جي حادثي جي نتيجي ۾ ٿيو، جڏهن تہ آمريڪي صدر ڪينيڊي جو موت هڪ ڳجهارت هو.“ ’لِن بيائو‘ جي وفات کان پوءِ پيپلز آرمي جي اهم عھدن تي لِن بيائو طرفان مقرر ڪيل هڪ هزار عملدارن کي هٽايو ويو.
[10 نومبر 2024ع]
رات وشال چيو تہ ابو پئسا کپن؟ چيومانس نہ، مون وٽ ساڳيا پئسا پيا آهن. جيڪي تو ڏنا هئا، منھنجو خرچ ئي ڪھڙو. بس صبح مان ڊبل روٽيون وٺيو اچان ۽ شام جو واڪ ڪندي چڪر ڏيو ڪا هڪ اڌ ٻن يا ڏيڍ يو ان جي پين وٺيو اچان. پينون جيتوڻيڪ اڳ ۾ ئي جام پيون آهن، پر پوءِ بہ ڪا هڪ اڌ وٺيو اچان. جنھن تي کليو ۽ چيائين، تون پئسا ان ڪري خرچ نہ ٿو ڪرين جو توهان هر شئي کي پاڪستاني روپين ۾ ڪنورٽ ڪندا هوندا؟ پوءِ تہ ڪجهہ بہ وٺي نہ سگهندا. دل ۾ کليس چيومانس صحيح ٿو چوين، ان ڏينھن ويٽنامي سرحد وٽ هڪ ويٽنامي ٽوپي تغاري جھڙي وڻي، پر اگهہ ٻڌي ڇڏي ڏنم، پوءِ پڇتايم تہ يادگار طور وٺان ها.
پينن تان ياد آيو تہ منھنجو قاضي احمد وارو شاعر دوست رئيس نواز علي نواز انڙ انڊپينن جو وڏو شوقين آهي، وٽس ڀانت ڀانت جون ۽ اعليٰ پينون آهن. شبير سيال ٻڌائيندو آهي تہ ”رئيس وٽ ڀانت ڀانت جي انڊ پينن جو وڏو ذخيرو آهي.“ رئيس نواز علي نواز انڙ جي کيسي ۾ هروقت ٽي چار پينون لڳل هونديون آهن.
ڪيترن ڏينھن کان ابوذر اقبال کي پي چيم تہ ٻڌو اٿم تہ نئننگ ۾ ڪو ميوزيم بہ آهي، وشال کي وقت ڪونھي، ڪڏهن هلو تہ پاڻ ڏسي اچون. رات، اڄ آچر هئڻ ڪري هلڻ جو پروگرام ٺاهيوسين. ٻارهين بجي ڌاري ابوذر آيو، ناشتو ڪيائين تہ چيومانس ”هلڻ جو موڊ آهي يانہ؟“ وراڻيائين، ”هلون ٿا، ٻہ ٻيا دوست بہ اچن پيا، اهي بہ هلن ٿا.“
ٿوري دير ۾ اهي اچي ويا. هڪ جو نالو اياز هو ۽ ٻي جو علي. ٻيئي پختون هئا ۽ هتي پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ آيا هئا.
هو ٻيئي ڌار بائيڪ تي هئا ۽ آءٌ ۽ ابوذر ٻيءَ تي روانا ٿياسين. پندرهن ويھن منٽن کان پوءِ هڪ هنڌ پھتاسين. پارڪنگ ايريا ۾ موٽرسائيڪلون پارڪ ڪري اندر گهڙياسين. نئننگ ۾ جتي بہ وڃ وڻڪاري ۽ وڻ ئي وڻ. هي پارڪ جيڪو پڻ تمام وڏي ايريا ۾ هو، لاهياري ٽڪري تي هو. اندر ڪنھن بہ گاڏي کي وڃڻ جي موڪل نہ هئي. هنڌ هنڌ هن تي ڊسٽبين ۽ ريسٽ روم ٺھيل هئا ۽ صفائي ڪندڙ مايون ۽ مرد مخصوص ڊريس ۽ ٽوپلا پايو، وڻن جي ڇڻيل پنن کي صاف ڪري ۽ ڊسٽ بن ۾ پيل ڪچري کي صاف ڪري پنھنجن هٿ گاڏن ۾ وجهي رهيا هئا. پارڪ جو ماحول بي حد خوبصورت هو، نہ شور نہ شرابو، رستو مٿاهينءَ تي هو، هڪ اهڙو هنڌ جنھن لاءِ حافظ شيرازيءَ چيو آهي:
دو یار زریک واز بادہ کہنڊومنی
فراغتی و کتابی وگوشہ منی
[ٻہ دانا دوست هجن، پُراڻو شراب ججهي مقدار ۾ هجي، واندڪائي هجي، ڪو سُٺو ڪتاب هجي ۽ باغ جي ڪُنڊ هجي.]
جنھن ڪري ڇڪي چڙهڻون ٿي پيو. چيني تہ ائين پي ويا، ڄڻ سندن پيرن ۾ ڦيٿا لڳل هجن، پر اسان ڇڪي پي چڙهياسين. مون وٽ تہ وري بہ ٽنگن ۾ سور جو جواز هو، پر ابوذر، اياز ۽ علي بہ سھڪي پيا، جنھن تي مٿن کليس ٿي. هو ٽيئي پختون هئا ۽ هلندا پاڻ ۾ پشتو ۾ پي ڳالھايائون. تنھنڪري مون سندس ڪچھري ۾ دخل نہ ٿي ڏنو. پشتو ڳالھائڻ تان هڪ ڳالھہ ياد اچي ويئي. ’ذائقہ پاڪستان اسٽائيل ريسٽورينٽ‘ ۾ ڪڏهن ڪڏهن هيئن ٿيندو آهي تہ آءٌ ۽ وشال سنڌيءَ ۾ شھزاد ۽ رضوان پنجابيءَ ۾ ابوذر ۽ عمران پشتوءَ ۾ پيا ڳالھائيندا آهيون. ويٺل سڀ گڏ هوندا آهيون. سو ڳالھائيندي عجيب صورتحال بنجي ويندي آهي. جنھن تي آءٌ پنھنجي مُنھن پيو کلندو آهيان.
اسان نيٺ ڀرپاسي ڏسندي وڻن ۽ اتان جي ماحول جي واکاڻ ڪندي هڪ گول عمارت وٽ پھتاسين. جيڪا قلعي جھڙي لڳي رهي هئي ۽ ڪافي پرتي نظر آئي. اهو هڪ ننڍو قلعو هو،جنھن جو نالو هو Zhening fort جنھن کي ميوزم ۾ بدلايو ويو هو. قلعي جي دروازي تي پھتاسين تہ اتي ڪابہ ٽڪيٽ وغيرہ نہ هئي ۽ اتي ڪرسين تي هڪ مرد ۽ هڪ عورت ڊريسن ۾ ويٺل هئا. سندن اڳيان وڏي ڊگهي ٽيبل رکي هئي. انھن جي سامھون تختيءَ رکيل هئي، جنھن تي جنھن تي چينيءَ ۾ لکيل هو ”تھذيب يافتہ شھر ٺاهڻ لاءِ هٿ هٿ ڪريو.“
واھہ، ڪمال جي ڳالھہ ڪيل هئي. انھن لفظن ۾ وڏو پيغام سمايل هو. قلعو ننڍو هو، سامھون پٿر جو هڪ وڏو پيالي جھڙو اسٽيچو ٺھيل هو ۽ ان جي ڀر ۾ ڪڇئين جو اسٽيچو هو. قلعو ننڍو پر گولائي ۾ هو ۽ ننڍا ننڍا ڪمرا ٺھيل هئا. جن ۾ فوٽوئن جي ذريعي چيني انقلاب، جدوجھد ۽ ڪلچر کي نمايان ڪيو ويو هو. سڀئي ڪمرا گهمي وري ڏاڪڻ ذريعي مٿي چڙهياسين. جتي هڪ توپ رکيل هئي. طيارہ شڪن توپ، جيڪا ڪافي وڏي ۽ پراڻي هئي. توپ واري پاسن کان ريلنگ ٺھيل هيون. جن سان لڳ ويھڻ لاءِ ڌڪيون ٺھيل هيون. آءٌ توپ ڏسي وري ڏاڪڻ چڙهي مٿي ويس. جتان نيڻ نھار تائين سڄي باغ جو نظارو ۽ نئننگ جون بلند و بالا عمارتون نظر اچي رهيون هيون ڇا تہ خوبصورت ۽ من موهيندڙ منظر هئا.اهي اونچيون عمارتون هڪٻئي سان گڏ هيون. ان مھل مون کي جاويد اختر جو شعر ياد اچي ويو:
اونچی عمارتوں سے مکان میرا گہر گیا
کچھ لوگ میرے حصے کا سورج بھی کھا گئے
ٿوري دير اتي بيھي وري هيٺ لھي آيس ۽ ڌڪيءَ تي ويھي ابوذر سان ڪچھري سان گڏ آسپاس جا نظارا ڪندو، اکيون ٿڌيون ڪندو رهيس. پوءِ هيٺ لھي ٻاهر نڪري آياسين. جتي ڪيترائي چيني گهمي رهيا هئا. نوجوان ارڙهن ۽ اوڻيھن سالن جا ڇوڪرا پنھنجين ني ڦنگيو (گرل فرينڊ) سان هٿ ۾ هٿ ڏيو وڙڪي رهيا هئا. ڪٿي تہ هنن جا چپ چپن سان مليا پيا هئا. نڪا جهل نہ ڪا پل، نڪو رائر ڏيھه ۾، هرڪو پنھنجيءَ ۾ مست مگن. ڪنھن جو بہ ڪنھن ڏانھن ڌيان نہ هو. اسان هِتي ٿوري دير وڙڪي، پوءِ کُڙين تي زور رکيو ۽ ٻي طرف هلڻ لڳاسين. ٿورو اڳيان وڃي هڪ ٻي خوبصورت عمارت تي نظر پئي، جيڪو پڻ ميوزيم هو، ڏاڪڻيون چڙهي مٿي پھتاسين سامھون ئي ڪامريڊ مائوزي تنگ تي نظر پئي. وڏي ديوار تي وڏي ڪاريگري سان وچ ۾ مائوزيتنگ جي شبيھه ٺاهي ويئي هئي ۽ ان جي ٻنھي پاسن چين جي مختلف قوميتن جي ماڻھن کي ساڻس نھايت اُڪير ۽ اُتساھہ مان ملندي ڏيکاريو ويو هو. سندن چھرن مان خوشي محسوس ٿي رهي هئي. اتي بہ ٻہ سيڪيورٽي وارا ويٺا هئا. پر موبائيل ۾ مست ۽ مگن. پوءِ اسان سڄي ميوزيم جو چڪر هنيو. ڀتين تي ڪيتريون ئي تصويرون لڳل هيون، جن ۾ مائوزيتنگ، چو اين لائي، لن بيائو، ليو شائو چي مارشل چوتيھه ۽ ٻين ڪامريڊن کي ڏيکاريو ويو هو. مائو جو تصويرون ڪجهہ وڌيڪ هيون. البت سڄي ميوزيم ۾ مون کي ڪٿي بہ ڊينگ زيائو پنگ جي تصوير نظر نہ آئي، جيڪو جديد چين جو اڏيندڙ آهي. مون جڏهن اهي تصويرون سوشل ميڊيا تي رکيون تہ ڪجهہ دوستن رايا ڏنا تہ مائو چين ۾ هاڻ فقط ميوزيم ۾ وڃي رهيو آهي. اها ڳالھہ غلط بہ ڪونھي. چين جون پاليسيون هاڻ مائو واريون نہ آهن. اهو ڊينگ ئي هو ۽ هاڻ شي چن پنگ چين کي هيڏي وڏي معاشي طاقت بڻايو آهي. ميوزيم ۾ ڪافي ڪتاب رکيل هئا، جن ۾ مائوزيتنگ جو ڳاڙهو ڪتاب بہ هو۽ ٻيا تاريخي ڪتاب پڻ، ٻن هنڌن تي ڪامريڊن جا سٺا اسٽيچو پڻ ٺھيل هئا. ميوزيم ڏاڍو مزو ڏنو ۽ هر تصوير ۽ نقشي جي مٿان ان بابت چيني ۾ مختصر تفصيل بہ لکيل هئا، جيڪي ابوذر اقبال منھنجي چوڻ تي ’بيدو ٽرانسليشن‘ جي ذريعي اسڪين ڪندو، انگريزي ۾ مون کي انھن جو ترجمو ٻڌائيندو ويو. واھہ ٽيڪنالاجي جو ڪمال! هاڻ ڪابہ شئي سمجهڻ لاءِ ڪنھن جي محتاجيءَ جي گهرج ڪونھي.
اتي ئي بيٺا هئاسين جو اتي بيٺل چار چيني ڇوڪرا منھنجي سنڌي ٽوپي ڏسي مون ڏانھن وڌيا ۽ پنھنجي موبائيل ڪڍي چيائون، ”اسان سان فوٽو ڪڍائي“ مون چيو، ”حاضر بابا.“ پوءِ اسان فوٽو ڪڍيا ۽ پڇيائون ”ڪٿان جا آهيو.“ چيم ”پاچيستان“ جنھن تي هڪدم چيائون”چونگو- پاتيا، ڦنگيو“ چين ۽ پاڪستان دوست آهن.
اسان ميوزيم مان ٻاهر نڪتاسون ۽ گهمندا ڦرندا، چينين جي واکاڻ ڪندا اچي گيٽ تي پھتاسين، نئننگ ۾ اهڙا ڪيترائي وڏا پارڪ آهن. چين ۾ آبادي تمام گهڻي آهي ۽ جن کي رهائش تہ کپي، پر گورنمنٽ پارڪن جو ڄار وڇائي اهو ثابت ڪيو آهي تہ ماڻھن جي جسماني صحت بہ ضروري آهي. انھن پارڪن ۾ ڪسرت جو ڪيترو ئي سامان لڳل هو. جنھن تي ماڻھو ڪسرت ڪري رهيا هئا. ان مھل خيال آيم، هيڏا وڏا پارڪ پاڪستان ۾ هُجن ها تہ انھن تي قبضا مافيا قبضا ڪري پلازا اڏائي ڇڏي ها. جنھن جو هڪ مثال ’راجپوتانہ اسپتال حيدرآباد‘ آهي، جيڪا قبضي خورن ڪنھن طريقي سان پنھنجي قبضي ۾ وٺي، هاڻ پلازائون اڏرائڻ جا منصوبا پيا ٺھن.
*
ڪجهہ ڏينھن اڳ جڏهن ويٽنامي بارڊر تان موٽيا هئاسين ۽ مون اتان جي مووي فيس بوڪ تي رکي تہ جناب ’شبير شر‘ ڪمينٽ ڏنو، ”ايڏو ويٽنام، چين کي ويجهو هوندي بہ آمريڪي سامراج ويٽنامين تي اڌ صدي کان بہ وڌيڪ عرصي تائين ظلم جون انتھائون ڪندو رهيو تہ بہ چينين کي غيرت نہ آئي. پوءِ بہ سو وڃي روس هنن جي مدد ڪئي. نام نھاد چيني مارڪسٽ.“ مون کيس جواب ڏنو، ”مدد تہ ڪيائون، هوچي منھه چين ايندو ويندو هو.“
جنھن تي مشتاق علي شان لکيو، ”سائين يوسف سنڌي، ڪھڙي نہ عجيب ڳالھہ آهي تہ اوهان هُتي ويٽنام جو درشن ڪري رهيا آهيو ۽ آءٌ هِتي فرانس ۾ ويٺو ڪامريڊ موچي منھه ۽ ويٽنام تي پنھنجو ڪتاب مڪمل ڪري رهيو آهيان. سائين شبير شر ٺيڪ پيو چوي تہ ويٽنام ۾ سٺ واري ڏاڪي ۾ چين جو ڪردار بہ مجرماڻون هو. جيتوڻيڪ هن پھرين ويٽنام جي مدد ڪئي ۽ هن جا پندرهن سؤ کن سپاهي بہ ويٽنامين جو ساٿ ڏيندي مارجي ويا. پر پوءِ اُن چين ويٽنام سان ڇا ڪيو؟ جنھن جي نتيجي ۾ هڪ وقت اهڙو بہ آيو، جڏهن اتر ويٽنام ۾ مائو جو بيج لڳائڻ ۽ سندس ”ڳاڙهي ڪتاب“ تي پابندي هنئي وئي. آءٌ ان جا تفصيل پنھنجي ڪتاب ۾ بيان ڪري رهيو آهيان.“
مون کيس جواب ڏنو، ”مون کي ان ڳالھہ جي خبر ڪونھي. اوهان اها ڄاڻ مون سان شيئر ڪريو. جيئن اها معلومات پنھنجي سفرنامي ۾ ڏيان. پنھنجو واٽس نمبر بہ انباڪس ۾ موڪليو.“
جواب ڏنائين، ”جي ضرور سائين. انباڪس ڏسي وٺجو. ماڻڪ جي هوچي منھه جي لکڻين تي مشتمل ڪتاب، جنھن جي اوهان نوڪ پلڪ درست ڪئي هئي، آءٌ ان جو ٻيھر مطالعو ڪري رهيو آهيان، پر اُهو مون وٽ پي. ڊي. ايف ۾ مڪمل ڪونھي.“
اڄ مشتاق علي شان سان فيس بوڪ ميسيجز جي ذريعي ڊگهي ڳالھہ ٻولھہ ٿي، ٻڌايائين تہ هو پنجن سالن کان فرانس ۾ آهي. ڏيڍ سال ٿيو آهي تہ ٻارڙا بہ هتي اچي ويا آهن. مشتاق علي شان پنجابي ڳالھائيندڙ ڪامريڊ ۽ ٽريڊ يونينسٽ آهي سٺو ماڻھو آهي، سندس ڪافي ڪتاب لکيل آهن. جن ۾ هڪ ڪتاب ”ايملڪار ڪبئرال“ تي بہ اٿس، جنھن ۾ لکڻ ۾ منھنجي ڪتاب ’گني بسائو ڪيئن آزاد ٿيو؟‘ مان بہ ڪافي مدد ورتي اٿس. ان ڪتاب ۾ گني بسائو بابت ڪافي نئين معلومات بہ ڏنل آهي.
مشتاق جو چوڻ هو تہ سوويت يونين ۾ خروشچيف جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ سوويت پاليسيون تبديل ٿيون تہ ويٽنام ۽ چين ۾ اختلاف شروع ٿيا ۽ چين ويٽنامن جي مدد تان هٿ کڻي ويو ۽ سوويت يونين ويٽنام جي گهڻي مدد ڪئي. ويٽنام آزاد ٿيو تہ 1979ع ۾ هن ڪمبوڊيا تي حملو ڪري چين جي حمايت يافتہ پول پوٽ جي کميراؤج جي حڪومت ختم ڪري پنھنجي حمايتي حڪومت قائم ڪئي، جنھن بہ چين ۽ ويٽنام ۾ اختلاف وڌايا ۽ چين ويٽنام کي سيکت ڏيڻ لاءِ مٿس حملو بہ ڪيو، پر ويٽنام چين جي ڀيٽ ۾ ننڍو ۽ ڪمزور ملڪ هوندي بہ چيني فوج کي چڱو سٽڪو ڏنو.
ڪمبوڊيا، جنھن جو نالو پوءِ بدلائي ڪمپوچيا رکيو ويو. پول پاٽ جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ ’هنڌ- چيني‘ ۾ ڊگهي جنگ جي شروعات ٿي. چين ۾ ويٽنام جي بادشاھہ ’پرنس نورو ڊوم سھانوڪ‘ جلاوطن حڪومت قائم ڪئي، جنھن کي چين سان گڏ آمريڪا جي سپورٽ بہ حاصل هئي. ائين چين ۽ آمريڪا ڪمبوڊيا جي مسئلي تي هڪ ئي صف ۾ نظر آيا.
حقيقت ۾ پول پوٽ، جنھن جو اصل نالو ’سالوٿ سار‘ هو، هڪ ظالم شخص هو، جنھن جي حڪومت ڪمبوڊيا تي قبضي کان پوءِ ڪمبوڊين عوام تي سوشلزم جي نالي ۾ وڏا ظلم ڪيا ۽ شھرن جي سڄي آباديءَ کي شھرن مان ڪڍي ٻھراڙين ۾ موڪليو تہ وڃي هارين سان ڪم ڪريو، اسپتالن مان مريضن کي ڪڍي ٻاهر اڇليو ويو، ڪرنسي ۽ بئنڪون ختم ڪيون ويون وغيرہ. اهو سڀ سوشلزم جي نالي ۾ ڪيو ويو، ۽ چين انھن سڀني قدمن تي پول پاٽ جو سپورٽر رهيو. ڳاڙهي کمير، جيڪا پول پاٽ جي فوج هئي، اها ڊگهي عرصي تائين جنگ ڪندي رهي. پول پاٽ جنھن کي ”ڪمبوڊيا جو ڪاسائي“ چيو وڃي ٿو. ڪمبوڊيا ٿائيلينڊ سرحد وٽ مري ويو. نيٺ ڪمبوڊيا جو مسئلو حل ٿيو. اهو هڪ ڊگهو داستان ۽ تاريخ جي شاگردن لاءِ دلچسپ موضوع آهي.
مشتاق علي شان جو چوڻ هو تہ، ”چين ۽ ويٽنام سوويت يونين جي خاتمي کان پوءِ سوشلزم بدران پنھنجي قومي رياستن جو واجود بچايو آهي. جيڪڏهن چين ڊينگ جي قيادت ۾ دنيا لاءِ دروازا نہ کولي ها تہ اڄ هڪ پٺتي پيل ملڪ هجي ها.“
بھرحال مشتاق علي شان سان ڏاڍي سٺي ڪچھري ٿي. هاڻ هوچي منھه تي سندس ڪتاب اچي تہ ڏسجي هن ڪتاب ۾ ڪھڙو موقف اختيار ڪيو آهي.
[11 نومبر 2024ع]
روزانو شام جو ’هو چولو‘ (هو چولو اسٽريٽ) تي واڪ ڪندي، هاڻ ڄڻ ان سان هڪ عجيب اُنسيت ٿي ويئي اٿم. آءٌ ساڳيون ساڳيون شيون بار بار ڏسندو رهندو آهيان ۽ پوءِ هڪ ڊگهو واڪ ڪري، واپس موٽي اچي ’ذائقہ‘ تي ويھندو آهيان. اڃا ويھندو ئي مس آهيان تہ وشال پڇندو آهي تہ ”ابو ڇا کائيندين؟“ مون کي ڪجهہ کائڻ تي دل ئي نہ چوندي آهي، پر پوءِ بہ ڪجهہ نہ ڪجهہ کائي وٺندو آهيان.
حيدرآباد هوندو هئس تہ ڏينھن ئي نہ گذرندو هو. هر وقت ڪونہ ڪو ٽينشن، ڪو مسئلو، هتي ڏينھن ننڍو ٿو ٿئي ۽ ايترو تہ جلد گذري ويندو آهي، جو خبر ئي نہ پوندي آهي. ڄڻ تہ ٽينشن فري لڳو پيو آهيان. نسيم بہ خوش ۽ مطمئن آهي. وشال ٻچڙو جيڪا خدمت ٿو ڪري، ان منھنجو تہ خوشيءَ ۾ وزن ئي وڌائي ڇڏيو آهي ۽ پيٽ ئي نڪري پيو اٿم.
ڪجهہ ڏينھن نسيم چيو تہ هتي ڏاڍي خوش آهيان، دل تہ نہ ٿي چوي تہ پاڪستان هلون. تہ چيومانس، ”وشال تہ توکي چوي پيو تہ رهي پئو.“ تہ چيائين، ”منھنجا ٻچڙا، پوٽيون ۽ ڏهٽيون.“
”ٻچڙو تہ هتي بہ اٿئي... ۽ پوٽي بہ... مريم جھڙي گڏي.“ مون چيس.
”وري بہ هلي مٽي، ڌوڙ ۽ گرمي ۾ پچنداسين، نہ بجلي نہ گئس.“
”اهو تہ آهي.“ مون چيو، ”اسان جي حڪمرانن اسان جي سرڳ سمان ڌرتيءَ کي واقعي بہ دوزخ بنائي ڇڏيو آهي.“
ان مھل مون کي آسي زميني جو شعر ياد آيو.
نہ پاڻي، نہ بجلي، نہ گئس آهي
ورهاست ۾ مليو، اسان کي ڪھڙو ديس آهي.
شري رام جڏهن لنڪا جيتي تہ لڪشمڻ چيس، ”هي پھاڙي فرحتي هوائن ۾ رهي پئون، جو ايوڌيا ۾ تہ ڌڌڙيل جهولن جو آزار آهي.“
رام چند وراڻيس، ”جتي ۽ جنم ڀومي سرڳ کان بہ وڌيڪ آهن.“
پنھنجو وطن وري بہ پنھنجو وطن آهي.
ڪجهہ ڏينھن اڳ هوچو لو (اسٽريٽ) تي واڪ ڪندي ڏٺم تہ هڪ همراھہ ڪو وڏو پنو ننڍي ٽپائي تي وڇائي ويٺو هو ۽ قسمت جو حال ٻڌائي رهيو هو ۽ وري ٻي ڀيري ڏٺم تہ ذائقہ هوٽل جي پاسي ۾ هڪ نوجوان ساڳئي نموني پتا رکيو ويٺو هو. پڇيومانس تہ ڇا پيو ڪرين تہ اشارن ۾ چيائين، ”ويھه تہ پتا اڇلي قسمت جو حال ٻڌايانوَ.“ ماڻھو ڪيترو بہ ترقي ڪري، جديد ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪري، پنھنجي رهڻي ڪھڻي ۽ طور طريقا ئي بدلائي ڇڏي، پر وري بہ ڪن وهمن جو شڪار رهي ٿو. مثال طور چيني ڊريگن کي خير، برڪت ۽ خوشحاليءَ جي نشاني ۽ شينھن کي قوت ۽ اقتدار جي علامت سمجهندا آهن.
چيني سماج ۾ ڌيءَ جي ڄمڻ تي ماڻھو گهڻو خوش ٿيندا آهن، ڇو تہ اتي شاديءَ جو خرچ گهوٽ ڪندو آهي، ڇوڪري رڳو گهر مان موڪلائيندي آهي. شادي جي موقعي تي تارن (Stars) جي ميلاپ جو خيال رکيو ويندو آهي. ڇو تہ چين ۾ هر سال هڪ مخصوص جانور سان منسوب هوندو آهي ۽ شادي جي موقعي تي گهوٽ ۽ ڪنوار جي جنم جي سال کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي تہ جيئن منجهن هم آهنگي رهي. مثال طور شينھن واري سال ۾ جنم وٺندڙ جي شادي ٻڪري يا سھي جي سال ۾ پيدا ٿيندڙن سان نہ ڪئي ويندي آهي، ڇو تہ ٻيئي جانور هڪٻئي جو ضد آهن. شينھن هڪ خطرناڪ جانور آهي، جڏهن تہ ٻڪري ۽ سَھو نرم مزاج وارا آهن. ڊريگن ۽ نانگ جي سال ۾ جنم وٺندڙن جو پاڻ ۾ ميلاپ مناسب سمجهيو ويندو آهي. چين ۾ چھري جون ريکائن سان ماڻھن کي پرکڻ ۽ انھن جي قسمت کي ڄاڻڻ جو رواج بہ آهي.
چيني نئين سال جي موقعي تي ان جي آجيان لاءِ گهرن جي صفائي ڪندا آهن. سندن چوڻ آهي تہ نئين سال جي شروع ٿيڻ سان گهرن کي صاف رکڻ سان نئون سال خوشين وارو ٿيندو آهي ۽ ان ۾ خير ۽ برڪت ٿيندي آهي. اهي ڦٽاڪا ڦاڙي بلائن کي ڀڄائيندا آهن. پاڻ وٽ عام طور تي عيدن برادن ۽ نائين ۽ ڏهين محرم تي ماڻھو قبرستان ويندا آهن. پنھنجن مٽن مائٽن جي قبرن تي فاتح خواني ڪندا آهن. گلن جون چادرون چاڙهيندا آهن ۽ قبرن تي مٽي وجهندا آهن. چين ۾ بہ ان قسم جون ريتون ۽ روايتون آهن.
چين ۾ هڪ فيسٽيول Qing ming festival [چنگ منگ فيسٽيول] ٿيندو آهي، جنھن کي Tomb sweeping day [مقبرن جي صفائي وارو ڏينھن] بہ چيو وڃي ٿو. ان ۾ چيني پنھنجي گذاري ويل مٽن مائٽن جي قبرن جي زيارتن لاءِ ويندا آهن. انھن تي گل رکندا آهن ۽ قبرن جي صفائي ڪندا آهن ۽ پنھنجي عقيدي موجب دعائون گهرندا آهن. ڪي تہ وري ان موقعي تي نقلي ڪاغذي نوٽ بہ ساڙيندا آهن. سندن چوڻ موجب جيترا گهڻا ڪرنسي نوٽ ساڙيا ويندا، ايتري ئي دولت واپس ايندي. زندگي ۾ ڏکن ۽ تڪليفن کي منھن ڏيڻ ۽ انھن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ’ٻڌ مانڪس‘ يا ٻڌن جي ٽيمپلز ۾ موجود راهبن وٽ رهنمائي ۽ سڪون حاصل ڪرڻ جي سماجي هلي چلي بہ نظر اچي ٿي. ٻڌ ٻاوا دم ڦوڪ ڪري مختلف شيون ماڻھن کي ڏيندا آهن، جيئن پاڻ وٽ ڌاڳا وٽي، پاڻي پڙهي يا تعويذ لکي ڏيندا آهن. نئين سال جي موقعي تي ڪن پگو ڊائن ۾ چيني شھري پنھنجي پنھنجي خواهشن کي هڪ ڳاڙهي رنگ جي ڪاغذي پتي تي لکي ڇڏي ڏيندا آهن ۽ اکيون ٻوٽي انھن جي قبوليت لاءِ دعا گهرندا آهن. نئين سال کي چيني جنھن نموني ملھائيندا ۽ انجواءِ ڪندا آهن، اهو ڏسڻ وٽان آهي، ان سال جي شروعات اصل ۾ بھار جي شروعات هوندي آهي ۽ هر سال کي ڪنھن نہ ڪنھن جانور سان منسوب ڪندا آهن. ايندڙ چيني سال جيڪو جنوري 2025ع جي آخر ۾ شروع ٿيندو، اهو نانگ جو سال آهي. هن سال 2024ع ۾ يونيسيڪو چيني سال کي عالمي ثقافتي ڏڻ قرار ڏنو آهي.
چين ۾ ٻن موقعن تي ٿيندڙ قومي موڪلون گهڻيون مشھور آهن. هڪ نئين سال جي موقعي تي، ٻيو آڪٽوبر انقلاب جي موقعي تي. انھن ٻنھي موقعن تي ٿيندڙ موڪلون هڪ هفتو هونديون آهن. ان کان سواءِ بہ ٻين ڏڻن ۽ موقعن تي موڪلون ٿينديون آهن، جن جا ڏينھن گهٽ هوندا آهن، هونئن بہ چين ۾ سرڪاري ملازمن لاءِ ساليانيون موڪلون گهٽ هونديون آهن. شادي ٿيل ملازمن کي سال ۾ ڏھہ ۽ غير شادي شدہ ملازمن کي ويھن موڪلن جو حق حاصل آهي. چيني شھري آڪٽوبر انقلاب ۽ نئين سال جي موڪلن کي خوب انجواءِ ڪن ٿا. هو ملڪ جي اندر ۽ ٻاهرين ملڪن ڏانھن تفريحي هنڌن جو رخ ڪندا آهن. چين ۾ جيڪڏهن ڪي هفتيوار موڪلون مروج موڪلن سان گڏ اينديون آهن تہ ڇنڇر يا آچر کي ورڪنگ ڏينھن ۾ بدلايو ويندو آهي تہ جيئن موڪلون مقرر ڏينھن کان وڌيڪ نہ هجن.
[12 نومبر 2024ع]
پنھنجي واندڪائيءَ جو سمورو وقت (هونئن تہ سڄو وقت واندو ئي هوندو آهيان، پر جيڪو وقت گهمڻ ڦرڻ، واڪ ڪرڻ، وشال، ماڻھنس، مريم ۽ کشين سان ڪچھري کان پوءِ) چين بابت وڌ ۾ وڌ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ۽ پوءِ ان مان اهم ڳالھيون يادگيري طور هتي لکي ڇڏيندو آهيان.
جيتوڻيڪ ڪنھن زماني ۾ چين ۾ مُردن کي دفنايو ويندو هو، پر هاڻ دفن ڪرڻ جي بدران ساڙيو ويندو آهي. ان شعبي ۾ بہ چين نواڻ ۽ ٽيڪنالاجيءَ کي متعارف ڪرايو آهي. مُردي کي ساڙي، پوءِ انھن جي خاڪ وارثن جي حوالي ڪئي ويندي آهي، چين ۾ مُردن جي لاءِ ’ڪيو آر ڪوڊ‘ متعارف ڪرايو ويو آهي. مُردن جون آخري رسمون ادا ڪرڻ کان پوءِ انھن جي راک هڪ ڪنٽينر ۾ رکي ويندي آهي، جيڪا ڇھن مھينن کان پوءِ مٽي جو حصو بنجي ويندي آهي. تدفين جو اهو طريقو اختيار ڪندڙن جي وارثن کي هڪ يادگار تختي ڏني ويندي آهي، جنھن تي مرحوم جو نالو ۽ ’ڪيو آر ڪوڊ‘ هوندو آهي. اهو ڪوڊ اسڪين ڪرڻ کان پوءِ ان مرحوم شخص جون تصويرون، ويڊيوز، زندگيءَ جي ڪھاڻي ۽ حسب نسب آن لائين ڏسي سگهجي ٿو. ان کان سواءِ آن لائين تعزيتي پيغام بہ ڇڏي سگهجن ٿا.
چين ۾ مُردن جي لاشن جي آخري رسمن جي ادائيگي لاءِ مقرر عملي جا پگهار تمام گهڻا آهن، انھن جي ڪپڙن لٽن مان تر جيترو بہ احساس نہ ٿيندو آهي تہ اهي همراھہ ڪفن دفن جو ڪم ڪندا آهن. کين ڏسڻ سان ائين لڳندو آهي تہ اهي ڪنھن بئنڪ جا ايگزيڪيوٽو يا ڪنھن گهڻ قومي ڪمپنيءَ سان لاڳاپيل عملدار آهن. آخري رسمون ادا ڪرڻ جي دوران پنھنجو پاڻ کي جراثيمن کان بچائڻ اهم ڪم آهي. جيڪو عمل هڪ ڪلاڪ تي مشتمل هوندو آهي ۽ ان عمل ۾ پنج ڄڻا شامل هوندا آهن. صفائي جي حوالي سان ماڻھن کي تحفظات رهندا هئا، پر هاڻ چين ان ۾ نواڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي آهي. هاڻ صفائي جي عمل ۾ هڪ ميٽر ڊگهو روبوٽ استعمال ٿيندو آهي ۽ ان جو جراثيمن جي صفائي جي حوالي سان درستگي جو معيار 4-98 سيڪڙو آهي. تدفين جي ان عمل ۾ چين ۾ ’ٿري ڊي ٽيڪنالاجي‘ استعمال ڪئي وڃي ٿي. ان طريقي سان ٽن ڪلاڪن ۾ مرحوم جي چھري جو ماسڪ تيار ڪيو ويندو آهي. ڪفن دفن ۽ آخري رسمن جي ادائيگيءَ جو ذڪر ٿيو تہ اهو بہ ٻڌائيندو هلان تہ چين ۾ قبر جي لاءِ جاءِ خريدڻي پوي ٿي ۽ ان لاءِ بہ هڪ مدت مقرر آهي، ان کان پوءِ ان جي تجديد ڪرائڻي پوي ٿي.
وشال مون کي ٻڌايو تہ سندس دوست ناصر چين ۾ پنھنجي ۽ پنھنجي ڪُٽنب جي لاءِ جيڪو چين ۾ ئي رهي ٿو، قبر جي لاءِ جاءِ خريد ڪئي آهي. ان جو هڪ سبب اهو بہ آهي تہ چين مان ڊيڊ باڊي پاڪستان موڪلڻ ۾ تمام گهڻو خرچ اچي ٿو ۽ ٻيو تہ پاڪستاني ايمبيسي بہ تعاون نہ ٿي ڪري، ان ڪري جيڪو مستقل هتي رهي ٿو، اهو پوين کي تڪليفن کان بچائڻ لاءِ اڳواٽ پنھنجي قبر لاءِ جاءِ خريد ڪري ٿو وٺي.
چيني ماڻھن ۾ هڪ ٻيو رواج بہ آهي، اهو هي تہ ٻارڙي جي ڄمڻ جي سئو ڏينھن کي سيليبريٽ ڪيو ويندو آهي. جنھن ۾ مٽ مائٽ ايندا آهن، اها رسم ايئن آهي، جيئن پاڻ وٽ ٻار جي ڇٺي ڪبي آهي يا عقيقو.
رات ويٺاسين تہ کشين تيار ٿي ڪار ڪاهي آئي ۽ چيائين ابو امي هلو تہ گهمڻ هلئون. پڇيم تہ ڪيڏانھن؟ کِلندي ڪار ۾ ويھڻ جو اشارو ڪيائين. اسان ٽيئي بہ مريم سان گڏ ڪار ۾ ويٺاسين ۽ ڪار هلڻ لڳي. پندرهن ويھن منٽن جي ڊرائيو کان پوءِ ڪار هڪ هنڌ اچي پارڪ ڪيائين. اڳ ۾ بہ لکي آيو آهيان تہ هتي پارڪنگ جو ڪو مسئلو ڪونھي، هرڪو ڪار پارڪنگ ۾ ڪار پار ڪري هر الڪي کان آجو.
ڪار مان لھي هلندا هڪ هنڌ پھتاسين، جتي ٻاهران لکيل هو، ”دي مرينا“ اها بہ هڪ پڪنڪ پوائنٽ هئي. گلن ڦلن، ڦوهاري، پارڪن، کاڌي پيتي، جوس ۽ مختلف سوکڙين، سووينرس سان سجايل دڪان ۽ ريسٽورانٽ، جتي ڪرسين تي نوجوان جوڙا پنھنجي پيار ڀرين ڳالھين ۾ مست مگن، ڪي تہ چُم چٽ ۾ لڳا پيا هئا، پر ڪنھن جو بہ انھن ڏانھن ڌيان نہ ٿي ويو. ڪجهہ ڏينھن اڳ ’ذائقہ‘ تي ويٺا هئاسين تہ بلڪل ٻاهران هڪ نوجوان پنھنجي ’ني ڦنگيو (گرل فرينڊ) کي چھٽيو پيو هو. چينيءَ ۾ گرل فرينڊ کي ’ني ڦنگيو‘ ۽ بواءِ فرينڊ کي ’نان ڦنگيو‘ چون.
دي مرينا جي وچ ۾ ڏاڍو خوبصورت ’مونومينٽ‘ ٺھيل هو، جيڪو پري کان ائين پي لڳو، ڄڻ ڪو ڪيٿيڊرل هجي. هيٺ وڏو پارڪ هو، سامھون روڊ هو، جنھن جي مٿان ڏاڍي خوبصورت پل ٺھيل هئي، جيڪا ان مھل روشنين ۾ جهرمر ڪري رهي هئي. اسان پھتاسين تہ اڪثر اسٽال بند ٿي چڪا هئا ۽ چھل پھل بہ گهٽجي چڪي هئي. رات جا ساڍا يارهن ٿيا هئا. هتي يارهين بجي ڌاري اهڙا هنڌ ۽ ڪاروبار بند ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن. اسان هڪ هنڌان چيني چانھه ۽ آئسڪريم ورتي، چيني چانھه جو نالو تہ چانھه آهي، پر منجهس چانھه جھڙو ڪو ذائقو ئي ڪونھي. صفا ٿڌي ۽ اندر وري ڪنھن فروٽ جا ننڍا ننڍا گول ٻج پيل هوندا آهن. جيڪي کائڻ ۾ ڏاڍا مزيدار هوندا آهن. آئسڪريم ڏاڍي سٺي هئي. هيٺان برف جو ڳنڍو ۽ مٿان آئسڪريم. وشال کي پيو چوندو آهيان تہ ’يار الائجي ڇا ڇا پيو کارائين. ڪٿي منھنجي مسلماني کي تہ خطرو ڪونھي.‘
جنھن تي کلندي چيائين، ”پاڪستان ۾ اوهان جي مسلماني بچڻ جي پڪ نٿو ڏيان، پر هتي ڏيان ٿو.“
جنھن تي ٻيئي وڏا وڏا ٽھڪ ڏيئي کلياسين.
هڪ هنڌان ڪنھن چيني گاني جو آواز اچي رهيو هو. اسان اوڏانھن لڙياسين. هڪ ننڍي ريسٽورانٽ هئي. جنھن ۾ ڏٺوسين تہ ڪرسين تي ڪجهہ چيني ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ويٺا هئا. هو صفا ٽُن لڳا پيا هئا، سندن هٿن ۾ سگريٽ هئا. جن جو دونھون گولڙا ٺاهي رهيو هو. سامھون ئي ڪارن ڪپڙن ۾ هڪ فنڪارا ڪو چيني گيت ڳائي رهي هئي. ٻول تہ سمجهہ ۾ نہ ٿي آيا، پر آواز، ڏاڍو سٺو هئس، هئي بہ صفا جوان ۽ اکيون ڦاڙي ڏسڻ جھڙي. اسان کي ايندو ڏسي انھن همراهن کِلي ۽ آڱوٺن جا اشارا ڪري اسان جو استقبال ڪيو. هڪ چيني جوان تہ اچي مون کي ڀاڪر پاتا ۽ پڇيائين، ”ڪٿان جا آهيو.“ جڏهن وراڻيوسين پاچيستان تہ وڌيڪ خوشي جو اظھار ڪيائون،”چونگو- ڀاتيا ڦنگيو ڦنگيو“ چوڻ لڳا.
اسان ڪرسين تي ويٺاسين تہ کشين ٻن اورينج جوسن جو آرڊر ڏيئي آئي، ٿوري دير ۾ اهي ٽيبل تي پھچي ويا. آءٌ ۽ نسيم تہ صفا ’پائولا‘ لڳا پيا هئاسين، سو وشال ۽ کشين پيتا. اتي جنھن ڳالھہ منھنجو ڌيان ڇڪايو، اها مريم هئي، هوءَ ڪرسيءَ تي ٿي ويٺي ۽ پنھنجون ننڍڙيون ٽنگون مٿي ڪري نھايت سيريس ٿي ويھي، فنڪارا کي ڏسڻ ۽ گيت ٻڌڻ لڳي. مريم جنھن کي هڪ گهڙي بہ ڪٿي ويھڻ نہ ايندو هو ۽ ڦڏڪ ڦڏڪ ڪري پئي هلندي هئي. موسيقي کيس اتي ڄڻ سُڪ ڪري ڇڏيو. تڏهن تہ چوندا آهن، ’موسيقي روح جي غذا آهي‘. اها روحن کي اندر تائين سيراب ڪري ٿي، ان فنڪارا گانو ختم ڪيو تہ اڇا ڪپڙا پاتل ٻي ڇوڪري اتي ڳائڻ شروع ڪيو. منھنجو سڄو ڌيان مريم ڏانھن هو، جيڪا بنھه سيريس ٿي گيت ٻڌي رهي هئي.
اڌ ڪلاڪ کن اتي ويٺا رهياسين پوءِ اٿياسون تہ چينيءَ مون کي سگريٽ آڇيو، جيڪو مون ’شي شي‘ چئي کيس اشارن ۾ ٻڌايو تہ آءٌ نہ پيئندو آهيان. [اها ٻي ڳالھہ آهي تہ پاڪستان توڙي چين ۾ جيڪو مفت جو سگريٽ مليو تہ ڦوڪي ويندو آهيان] جنھن تي هُن حيرت جو اظھار ڪيو. پوءِ اسان سڀني کان کلندي هٿ ملائيندي موڪلايو ۽ واپس پارڪنگ ڏانھن وڃڻ لڳاسون، جيئن گهر وڃي سگهون. ان وقت رات جا ٻہ ٿيا هئا.

[13 نومبر 2024ع]
چين اچي، جڏهن چين جي هوشر با ترقي ڏسي ۽ پوءِ چين جي اڳواڻن جا احوال پڙهندي، ڊينگ پيائو زينگ جي ذڪر ۾ جڏهن مون سنگاپور جي اڏيندڙ ”لي ڪوآن يو‘ جي باري ۾ ذڪر پڙهيو، جنھن جي تجربن ۽ دوستي مان چين سکيو تہ الائجي ڇو ’لي ڪو آن يو‘ جا سنگاپور جي حوالي سان ڪارناما هر وقت منھنجي اڳيان اڳيان رهن ٿا. مون کي سندس ڏورس نگاهن تي حيرت ٿئي ٿي. ’جي 20‘ وڏن ملڪن جي هڪ تنظيم آهي، جيڪا واپار ۽ ٻين معاملن ۾ دنيا تي وڏا اثر رکي ٿي، ان جي گڏجاڻين ۾ اڪثر ملڪ مبصر جي حيثيت سان شريڪ ٿيندا آهن ۽ انھن ۾ ٽرينڊ ٿيندا آهن. جنرل مشرف جي دور ۾ پاڪستان کي جي 20 (جي ٽوئنٽي) ۾ مبصر جي حيثيت سان شرڪت جو موقعو مليو. پاڪستان کي اهو پھريون ڀيرو اعزاز مليو هو. سنگاپور مبصر جي حيثيت سان ’جي ٽوئنٽي‘ جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو هو. پاڪستان ٻہ ڀيرا اهڙين گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيو، پر پوءِ پاڪستان کي اها دعوت ملڻ بند ٿي وئي. پاڪستان کي تہ هاڻ ياد بہ ڪونھي تہ کيس ڪڏهن کان ’جي ٽوئنٽي‘ ۾ گهرائڻ بند ڪيو ويو. سنگاپور اڄ بہ انھن گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿئي ٿو. ’لي ڪو آن‘ ان جو ذڪر هر پاڪستاني اڳواڻ سان ڪندو هو ۽ چوندو هو تہ اسان ’جي ٽوئنٽي‘ ۾ شامل نہ آهيون، پر اسان انھن ملڪن جي اجلاسن ۾ ويھون ٿا ۽ ان سان ٽرينڊ ٿي رهيا آهيون ۽ اسان کي يقين آهي تہ اسان هڪ ڏينھن ضرور ان جا سرگرم ميمبر ٿينداسين. ان شخص جون دوربين نگاهون تہ ڏسو. 2020ع ۾ ’جي ٽوئنٽي‘ جي گڏجاڻي سعودي عرب ۾ ٿي رهي هئي، ’لي ڪوان يو‘ 2015ع ۾ گذاري ويو. سنگاپور جا سعودي عرب سان سفارتي لاڳاپا نہ هئا. ’لي ڪوان يو‘ کي وفات کان اڳ 2015ع ۾ خدشو محسوس ٿيو تہ سعودي عرب اسان کي گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت جي دعوت نہ ڏيندو. هو بيمار ۽ پوڙهو هو، پر هن پرڏيھي وزارت جي گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪئي ۽ سفارتي ٽيم کي حڪم ڏنو تہ اوهان وٽ پنج سال آهن ۽ اوهان انھن سالن ۾ سعودي عرب سان لاڳاپا ايترا تہ بھتر بنايو، جو اسان کي ’رياض‘ مان ’جي ٽوئنٽي‘ ۾ شرڪت جي دعوت ملي. پرڏيھي وزارت ڪم شروع ڪري ڇڏيو. ’لي ڪوان يو‘ 2015ع ۾ گذاري ويو. پر 2020ع ۾ سعودي عرب پاران سنگاپور کي شرڪت جي دعوت ملي ۽ حڪومت ان جو باقاعدہ جشن ملھايو. قومون ايئن تہ ترقي ڪونہ ٿيون ڪن.
*
ڊاڪٽر ذيشان آيو، جيڪو پشاور جو پٺاڻ آهي ۽ هتي ’او مي‘ شھر جي هڪ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهي. ڪڏهن ڪڏهن وشال جي هوٽل تي شھر ۾ ڪم ڪار هوندو اٿس تہ اهو لاهي، پوءِ هِتي ماني بہ اچي کائيندو آهي تہ ڪچھري بہ ڪندو آهي، اڳ ۾ بہ هتي ٻہ ٽي ڀيرا آيو آهي ۽ ساڻس ملاقات ٿي هئي. اڄ آيو تہ وشال کي چيائين شاپنگ مال هلون وشال چيو ’ڀلي مون کي هونئن بہ وڃڻون هو، جو ابوءَ لاءِ هڪ جيڪٽ وٺڻون هو. بيجنگ ۾ پائڻ لاءِ.‘
آءٌ، وشال ۽ ڊاڪٽر ذيشان ٽيئي ڊاڪٽر ذيشان جي ڪار ۾ شاپنگ مال پھتاسين. جيڪو هڪ وڏو ۽ مھانگو شاپنگ مال هو. جيڪو تمام وڏو ۽ ڪيترائي ماڙ هو ۽ جنھن ۾ هر شئي موجود هئي. اسان گهمندا ڦرندا هڪ جيڪٽن جي دڪان ۾ گهڙياسين جتي جا اگهہ ڏسي مون کي رڦڻي چڙهي ويئي. پوءِ وري ٻي تي وياسين، جتي مون وشال کي چيو تہ يار مھانگو جيڪٽ خريدڻ جي گهرج ڪونھي. مون کي ڇائو يانگ مان ڪو سؤ سوا يوان وارو جيڪٽ وٺي ڏي. وشال اها ڳالھہ کلندي ڊاڪٽر ذيشان کي ٻڌائي تہ هو بہ کلڻ لڳو ۽ کيس پاتل بنا ٻانھن جي جيڪٽ ڏيکاريندي چيائين، ”مون هيءَ اٺ سؤ يوان ۾ ورتو آهي، پر آهي ڏاڍو سٺو. وشال جيڪڏهن اوهان لاءِ هڪ هزار يوان جي جيڪٽ خريدي تہ اهو بہ گهٽ آهي. پيءُ يا ماءُ تي جيڪو خرچ ڪري ٿو، اهو اجايو نہ پر سجايو هوندو آهي، ۽ اهو خوشي ڏيندو آهي.“
دل ۾ چيم ڊاڪٽر ذيشان تنھنجي پگهار پندرهن هزار يوان آهي ۽ آهين بہ ڇڙو ڇانڊ.... تنھنڪري تون ڀلي وٺ...
هڪ جيڪٽ پسند آئي، جيڪو ورتوسين، وشال گهڻا پئسا ڏنا، نہ ٻڌايائين. پڇيم، ”پشو گهڻي جو آهي؟“ تہ وراڻيائين، ”سستو آهي...“ ٿوري دير مال جو چڪر هڻي، فوٽو گرافي ڪري واپس موٽي آياسين، ڊاڪٽر ذيشان وشال کي چيو تہ ”هلو ماني گڏجي کائون.“ پر وشال چيس تہ ”مون کي ڍؤ لڳو پيو آهي. ٻيو تہ هوٽل تي همراھہ منھنجو اوسيئڙو ڪري رهيا آهن.“ اهو ٻڌي ذيشان چيو، ”ٺيڪ آهي پوءِ ابو ۽ آءٌ ٿا وڃون.“
وشال هوٽل تي هليو ويو، ۽ آءٌ۽ ڊاڪٽر ذيشان سان پاسي واري هڪ ٻي پاڪستاني هوٽل تي ويٺاسين. ان هوچو لو (اسٽريٽ) تي اها ٻي پاڪستاني حلال کاڌي جي هوٽل آهي. جيتوڻيڪ بک مون کي بہ نہ هئي، پر ڊاڪٽر ذيشان سان انڪار ڪري نہ سگهيس ۽ ’آلو ٽينڊا‘ جي هڪ پليٽ گهرائيسين ۽ ڪجهہ سموسا. ڊاڪٽر جي دل رکڻ خاطر اهي کاڌم.
[14 نومبر 2024ع]
رات وشال چيو هو تہ، ”ابو سڀاڻي سوير تيار ٿجو. نئننگ ايئرپورٽ هلنداسين. اسلام آباد مان نئون شيف ايندو، ان کي کڻڻ هلنداسين.“
وشال کي پنھنجي هوٽل لاءِ هڪ سٺي بورچيءَ جي ضرورت هئي. وٽس ٻہ بورچي اڳ ۾ ئي آهن. رضوان ۽ شھزاد راءِ، پر شھزاد وڃان وڃان پيو ڪري، تنھنڪري ٻن سالن جي لاءِ هڪ نئون شيف جيڪو ڪشميري آهي، اڄ پھچندو. نئننگ ايئرپورٽ شھر کان ستاويھه ڪلوميٽر ٻاهر آهي، اسان بہ ان ئي ايئرپورٽ تان بيجنگ روانا ٿينداسين ۽ اتان پوءِ اسلام آباد ۽ اتان ڪنيڪٽ فلائٽ ذريعي ڪراچي وڃبو.
ايئرپورٽ ڏانھن ويندي ٻہ ڀيرا کشين گاڏي غلط نموني هلائي، جنھن ڪري کشين جو پارو چڙهي ويو. کيس وشال بار بار آهستي هلائڻ لاءِ چوندو رهيو، پر محترمہ کشين کي تيز گاڏي هلائڻ جو شوق، تنھن نقصان اهو ڪيس تہ ٻارهن پوائنٽن مان ڇھه پوائنٽون ڪٽجي ويس، جنھن ڪري سڄو ڏينھن موڊ خراب رهيس.
نئون شيف اڄ آرام ڪندو. نالو فيضان شاھہ اٿس، خيال آيم تہ سنڌين ۾ تہ شاهن جي ٻڪري ويائي پئي آهي، پر پنجابين، اردو ڳالھائيندڙن ۽ ڪشميرين ۾ بہ شاھہ سڳورا جام آهن، جنھن کان پُڇ تہ چوندو سيد آهيان. پوءِ الائجي اصلي يا نقلي، وڏي لوڌ آهن. سر فيروز خان نون، پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم پنھنجي ڪتاب ’چشم ديد‘ ۾ لکيو آهي تہ ”پنجاب ۾ جيڪو جمع جي رات ڄمندو آهي، اهو سيد سڏائيندو آهي.“
ڪالھہ کان هڪ نوٽ بوڪ جي گهرج هيم، اڄ واڪ ڪرڻ ويس تہ اسي اسي صفحن جا سڄا سارا ٻہ نوٽ بوڪ وٺي آيس. ’ستن يوانن‘ ۾ وشال ڏٺا تہ چيائين توکي سٺا گهرائي ٿو ڏيان. چيومانس في الحال هڪ گهرائي ڏسان تہ ڪيئن آهي، ٻيا پوءِ وٺنداسين. پاڻ ان ئي مھل هڪ نوٽ بوڪ جو آن لائين آرڊر ڏيئي ڇڏيائين.
*
چين جي معاشي ترقيءَ ۾ اُن جي پنج ساله معاشي رٿائن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. چين جو پھريون پنج ساله منصوبو مائوزي تنگ جي ويجهي ساٿي ۽ چين جي هڪ اهم اڳواڻ ’ڇن يون‘ جي رهنمائي ۽ سرپرستي ۾ جوڙيو ويو. ڇن يون جي سوانح عمري جو اردوءَ ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي، اها مون پڙهي آهي ۽ ڏاڍي دلچسپ آهي. ان منصوبي جي تياري واسطي ڇن يون، روس جو بہ دورو ڪيو. چين جو پھريون پنج سالا منصوبو 1953ع کان 1957ع تائين هو. اهو پھريون منصوبو سوويت يونين جي معاشي ماڊل موجب هو، ان جي رٿابنديءَ تحت 694 وڏا ۽ وچينءَ درجي جا صنعتي پروجيڪٽس لڳائڻا هئا، جن مان 156 سوويت يونين جي مدد سان مڪمل ٿيڻا هئا، ان پنج سالا منصوبي جا هڙئي هدف ڪاميابيءَ سان پورا ڪيا ويا. 595 وچولي درجي جي صنعتي يونٽس جو قيام ۽ انھن مان پيداواري عمل بہ شروع ٿي ويو. ٻي پنج سالا منصوبي بندي ۾ هيوي انڊسٽري کي فروغ ڏنو ويو. صنعت، زراعت، دستڪاري، ٽرانسپورٽيشن، سائنسي ترقي، قومي دفاع جي مضبوطي ۽ شھرين جي زندگيءَ جي معيار کي بھتر بنائڻ جا هدف شامل هئا. هر پنج ساله منصوبي بنديءَ ۾ نوان هدف مقرر ڪيا ويندا هئا. تيرهين پنج ساله رٿا تحت روايتي هيوي انڊسٽري جي بدران جديد انفراسٽرڪچر، شھرن ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ وسيلن جي مناسب استعمال سان فرق کي گهٽائڻ، ماحولياتي صنعت کي فروغ ڏيڻ، ماحولياتي گدلاڻ ۾ ڪمي، وڌيڪ بين الاقوامي باهمي سھڪار، چيني شھرين جي معاشي ثمرن جي شيئرنگ جي حوصلي افزائي، صحت جي حوالي سان جوڙيل هيلٿ ايڪشن پلان تي عمل ڪري، زندگي جي وچولي درجي جي خوشحال سماج جو قيام شامل هو. ان کان سواءِ 2025ع Made in China چيني ساخت جي رٿا تي بہ ڪم هلي رهيو آهي، جنھن جي معنيٰ آهي:
Every one is an entrepreneur, creativity of the masses.
چين جي معاشي ترقي ۽ عام ماڻھوءَ تي اثرن جو مشاهدو رستن تي نت نون ماڊلن جي ڪارين ۽ ماڻھن جي طرز زندگيءَ کي ڏسي ڪري سگهجي ٿو. هتي مون اهڙن اهڙن ماڊلن جون گاڏيون ڏٺيون آهن، جن جا پاڪستان ۾ نالا بہ نہ ٻڌا هئم. ٻي ڳالھہ جيڪا ڏٺم، اها هيءَ تہ پاڪستان ۾ ڊرائيونگ ساڄي پاسي ڪئي وڃي ٿي، جڏهن تہ چين ۾ کاٻي پاسي ڪئي وڃي ٿي.
[15 نومبر 2024ع]
ٻارهين ڌاري ڊاڪٽر وشال، ابوذر اقبال ۽ آءٌ ناشتو ڪري، چانھه پي رهيا هئاسين، جو هڪ پوڙهي چينائڻ، جيڪا صفا غريبڙي پي لڳي. هوريان هوريان اچي اسان جي ڀر ۾ ويٺي ۽ پنھنجو وي چيٽ اڪائونٽ ڪارڊ اڳيان ڪيائين، جنھن تي وشال چيو تہ هيءَ پني پئي. مون پئسا ڪڍي وشال کي ڏنا، جنھن انھن مان 10 يوان کڻي کيس ڏنا ۽ هو اُٿي هلي ويئي. ان سڄي عرصي ۾ جيڪو چين ۾ رهيو آهيان، ڇائو يانگ ۾ مسجد وٺ بيٺل فقيرن کان سواءِ هي مون چوٿون فقير يا فقيرياڻي ڏٺي آهي. وشال ٻڌايو تہ هن کي ڪنھن بہ چيني هڪ ’يوان‘ بہ نہ ڏنو هوندو. سڀني دڪانن تان ٿي آئي آهي. چين ۾ پنڻ تي پابندي آهي، وشال ٻڌايو تہ جيڪڏهن ڪير پوليس کي رپورٽ ڪري تہ ڪر پوليس هن کي کڻي وڃي.
جيتوڻيڪ چين جي حڪومت غربت جي خاتمي ۾ سنجيدہ آهي، پر هيڏي وڏي آباديءَ کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ وقت ۽ وسيلا گهرجن.
مائوزيتنگ انقلابي زرعي سڌارا ڪري غربت جي خاتمي جي سفر جي شروعات ڪئي. ان کان پوءِ ڊينگ زيائوپنگ، جيانگ زمن ۽ هوجنتائو چين ۾ غربت جي خاتمي لاءِ ٺوس قدم کنيا. هاڻوڪي صدر شي چن پنگ ان سفر کي اڳتي وڌائيندي نوي ملين چيني شھرين کي غربت مان ڪڍي هڪ معجزو ڪري ڏيکاريو.
غربت جو خاتمو چين جو اهم مسئلو رهيو آهي، جنھن کي تاريخ جي هر دور ۾ ترجيح ڏني ويئي. 2012ع کان وٺي هر سال 10 ملين يعني هڪ ڪروڙ ماڻھن کي غربت جي لڪير کان مٿي آندو ويو. غريبن جي آمدنيءَ ۾ واڌارو ٿيڻ لڳو ۽ انھن جي تعليم، صحت، رهائش، پاڻي ۽ لباس جي سھوليتن کي يقيني بنايو ويو. چين جي ڪميونسٽ پارٽي هڪ نظرياتي، انقلابي ۽ عوامي جماعت آهي، جيڪا ڪنھن شخصيت ۽ خاندانن جي لاءِ ڪم نہ ٿي ڪري. غربت جو خاتمو پارٽيءَ جو قومي مقصد هو، تنھن ڪري ڪميونسٽ پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ غربت جي خاتمي جي مھم ۾ ڀرپور دلچسپي ورتي ۽ اُن مھم جي تسلسل کي جاري رکيو. تڪليفن ۽ رڪاوٽن جو حل ڳولھيو، عوام جي ڀروسي ۽ يقين کي بحال ڪيو. ان اهم مسئلي کي ترجيح جي بنياد تي کنيو. جيئن چيني حڪومت چيني شھرين جي غذائي گهرجن کي بروقت غذائي شيون مھيا ڪري هڪ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي. تيئن جلد اهو ڏينھن پري ڪونھي، جڏهن چين جو ڪوبہ شھري غريب نہ رهندو.
[16 نومبر 2024ع]
اڄ منھنجي پوٽي ۽ منظر جي پُٽ هيشم جي پھرين سالگرا آهي، بابا جو نالو هاشم هو. ان نسبت سان مون ’هيشم‘ نالو رکيو. هيشم يا هاشم جي معنيٰ آهي ’ورهائيندڙ، تقسيم ڪندڙ، ونڊيندڙ يا ڏيندڙ.‘
هتي نئننگ ۾ مھيني کان وڌيڪ عرصو گذري ويو اٿم. وقت تہ ﷲ جي مھرباني سان سٺو پيو گذري، ڪا تڪليف ڪونھي، پنھنجي مستيءَ ۾ مست، البت هاڻ پويان ٻارڙا ياد اچن ٿا. اُفق، شفق، ايشال، ارباز، حرم، حسن، حسين ۽ هيشم بابا. هتي وري مريم سان سڄو ڏينھن وندريا ويٺا آهيون. اڄ مريم ايتري تہ کلي ۽ ايترو تہ کلايو، جو اصل بس. سوچيان ٿو تہ آءٌ ڪيڏو نہ ورهائجي ويو آهيان، انھن ٻارن جي وچ ۾.
کشين منھنجي مائوزيتنگ سان دلچسپي ڏسي، ان جو هڪ ننڍو اسٽيچو آن لائين گهرايو هو، جيڪو اڄ مون کي ڏنائين تہ ڏاڍي خوشي ٿيم. مون سندس مھرباني مڃي. وشال ٽيون ڏينھن گوتم ٻُڌ جي ٻن ننڍن اسٽيچو جو آرڊر ڏنو، پر اڄ انھن پلاسٽڪ ۾ ڪوٽيڊ ٿيل گوتم جون تصويرون موڪلي ڏنيون، شايد اسان ڳالھہ نہ سمجهي ائين ست يوان پاڻيءَ ۾.
جمع جي ڏينھن هئڻ ڪري Qing Zhens يعني مسجد ۾ وياسين. چيني ٻولي ۾ مسجد کي ’شنگ چن سه‘ چون. مٿيون هال ڀرجي ويو هو، تنھنڪري هيٺين هال ۾ نماز پڙهيم. اتي ڪافي سنڌي بہ مليا، جن ۾ ڊاڪٽر علي زين جيھجو، ڊاڪٽر شھزاد ۽ ڊاڪٽر غلام رسول سولنگي بہ هئا، جيڪو گذريل هفتي وشال کان پاڪستاني پئسا ڏيئي يوان وٺڻ آيو هو. ڏيساور ۾ هيترا جو سنڌي پاڻ ۾ گڏياسين تہ ڄڻ سالن کان واقف هجون ۽ مون کي امداد حسينيءَ جو ٽيڙو ياد اچي ويو.
سنڌي ماڻھو جت
دنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾
سنڌ سڳوري اُت
ڪتابن جي شيلف کي ڏسندي علي زين کي چيم تہ هنن يارن سان منھنجو فوٽو ڪڍ. آءٌ ويٺس ۽ عليءَ فوٽو ڪڍيو. اتي شيلفن ۾ مختلف موضوعن تي ڪتاب رکيل هئا. مون سمجهيو تہ سڀ اسلامي هوندا، سو هڪ ڳاڙهو ڪتاب کڻي ڏٺم، چيني ۾ هو، بيدو ايپ وسيلي انگريزي ۾ ترجمو ڪيم، ڪتاب جو نالو هو، ”چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ جا سؤ سال‘ علي کي چيم تہ ڪتاب تہ ڪم جو آهي. پر آهي چيني ٻولي ۾. علي چيو، ”بيدو ايپ ذريعي پڙهي سگهجي ٿو.“ چيم. ”وارو ڪر کڻ.“ جنھن تي کلڻ لڳو تہ کلندي چيومانس، ”تون کڻي ٻاهر هلي مون کي ڏي.“ جنھن تي کلياسين. چيومانس هجي ها پاڪستان تہ انھن ڪتابن تي ڪڏهوڪا هٿ صاف ٿي چڪا هجن ها. ٻيا ڪتاب بہ ڪميونسٽ پارٽي ۽ چيني ڪلچر بابت هئا. مون علي کي چيو تہ ڏس هي چيني ’ڪافر‘ ڪتاب مسجد ۾ بہ ڪافراڻا ڪتاب رکيو ويٺا آهن تہ جي اوهان جي دل چوي تہ کڻي ويھي پڙهو ۽ ڪميونسٽ ٿيو، جنھن تي سڀ دوست کليا. پاڪستان ۾ تہ مسجدن ۾ پنھنجي مسلڪ کان سواءِ ڪنھن ٻي مسلڪ واري جو قرآن پاڪ جو ترجمو بہ رکڻ نہ ڏيندا آهن. پر هتي مسجد ۾ بہ ڪميونسٽ لٽريچر.
ڊاڪٽر شھزاد سان هڪ چيني ڇوڪرو گڏ هو. ٻڌايائين تہ آءٌ هتان کان پنجاھہ ميل پري ٿو رهان، اتي ٻي ڪنھن سان اُٿي ويٺي ڪونھي، بس هن چينيءَ سان گذارو ڪندو آهيان. اهو ٻڌي ڊاڪٽر علي زين چيس ”واھہ جو ٿو گذارو ڪرين.“ هن ڳالھہ سمجهي، جنھن تي سڀ کلياسين. ڊاڪٽر شھزاد وراڻيو، ”مان موري جو آهيان، دادو جو نہ.“ جنھن تي چيومانس، ”مورو وري دادو کان ڪيترو پري آهي... اثر تہ پون ٿا.“ ٽھڪڙو مچي ويو. ويچارو چينو اسان کي ائين کلندو ڏسي پاڻ بہ کلڻ لڳو.
پوءِ طئي ٿيو تہ، ”ذائقہ“ تي اچو تہ ماني گڏجي کائون. آءٌ ۽ وشال ديدي (ٽئڪسي) ڪري ريسٽورينٽ پھتاسين. علي زين ۽ شھزاد وٽ موٽرسائيڪل هئا. اسان ذائقہ تي پھتاسين تہ هو بہ پھچي ويا. ڊاڪٽر غلام رسول سولنگيءَ کي ڊاڪٽر علي زين کڻي آيو. ڊاڪٽر شھزاد جو ڀائيٽو اسد ﷲ، جنھن جي هتي يونيورسٽي ۾ داخلا ڊاڪٽر وشال ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي هئي ۽ ساڻس اڳ ۾ بہ هڪ ملاقات ٿي چڪي هئي، سو ان چيني نوجوان کي پاڻ سان کڻي آيو. ڊاڪٽر شھزاد چيو تہ ”هي نوجوان هوڏانھن هوندو آهي تہ مون سان گڏ، جي نئننگ هوندو آهي تہ اسد ﷲ سان گڏ.“ جنھن تي علي مذاق ڪندي چيس، ”معنيٰ ٻئي هڪ ئي ٿا گذارو ڪيو.“ پوءِ اسان جا ٽھڪ ڪير روڪي. وري علي زين چينيءَ کي چيو، ”ٻيا پاڪستاني هتي اچي ني ڦنگيوا (گرل فرينڊ) ٺاهيندا آهن، پر هِن هتي اچي توکي پنھنجو“ نان ڦنگيو (بواءِ فرينڊ) ٺاهيو آهي.“ جنھن تي چيني کلندي چيس، ”نہ نہ، آ نان ڦنگيو نہ پر ”ني ڦنگيو“ ٺاهيندو آهيان. اسان جي وچ ۾ ڪافي دير تائين ائين کل ڀوڳ جاري رهي.
اسد ﷲ ٻڌايو تہ ”هي ڇوڪرو، جنھن جو نالو ’يائو هينگ شوائي‘ (Yao heng shuai) آهي، ڇورين جو وڏو شوقين آهي ۽ سڄو ڏينھن ڇورين جي پويان. هفتي جون ٽي راتيون هتي نئننگ ۾ گذاريندو آهي ۽ چوندو آهي تہ هر رات جا ٽي سؤ يوان خرچ ڪري نئين نئين ڇوڪريءَ سان گذاريندو آهيان. هتان ٿي پوءِ يونيورسٽي وينداسين. جتي رشين ڇوڪريون ڏسڻ ٿو گهري.“ ”وڏو ڪو آڙيڪاپ آهي، شاگرد هوندي هيترا پئسا ڪٿان ٿو آڻي.“ مون پڇيو، جنھن تي ڊاڪٽر شھزاد ٻڌايو تہ ٽي هزار يوان اسڪالرشپ ملندي اٿس. سندس ماءُ پيءُ ٻيئي ڌار ڌار ڪاروبار ڪندا آهن. هڪ ئي پٽ اٿن، سو هو ڪمائين ۽ هي کپائي.“ ڊاڪٽر علي زين ۽ شھزاد ٻنھي ساڳئي ڳالھہ ڪئي. ”چيني ڇورا... سڄو ڏينھن ڇورين جي پويان!“
ڪلاڪ کن ڏاڍي سٺي ڪچھري ٿي. ماني گڏجي کاڌيسين، جيڪا وشال پاران هئي. ڊاڪٽر غلام رسول چيو تہ ’سومر جي ڏينھن جيڪڏهن يونيورسٽيءَ گاڏي ڏني تہ سڀ ڊاڪٽر شھزاد وٽ چڪر هڻڻ هلنداسين.“ ڪچھري ڪندي شام جا چار اچي ٿيا. تنھنڪري وري ملڻ جي اميد تي هڪٻئي کان موڪلايوسين.
*
پاڪستان ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل چيو آهي تہ ”وي- پي- اين“ جو استعمال غير شرعي آهي.“ اها تہ عجيب کل جوڳي ڳالھہ آهي، دنيا ۾ جيڪا ترقي ٿئي پئي، ان مان هاڪاري فائدو وٺڻ جي گهرج آهي، پر هتي تہ کوڙيءَ کي ئي گهمرو- جڏهن لائوڊ اسپيڪر ننڍي کنڊ ۾ آيو هو تہ مولوي حضرات چيو تہ ”ان مان شيطان ٿو ٻولي.“ مولانا اشرف ثانوي لائوڊ اسپيڪر کي شيطاني چرخو چئي ان جي خلاف فتويٰ ڪڍي هئي. هاڻ لائوڊ تہ پراڻا ۽ ڄڻ مذاق ٿي ويا آهن، پر پوءِ مولوين ان جو خوب استعمال ڪيو. هاڻ تہ ان جي جاءِ تي الائي ڇا ڇا اچي ويا آهن. هن ملڪ جا حڪمران ۽ مولوي حضرات ملڪ کي ڪھڙي پاسي وٺي پيا وڃن، اها ڳالھہ سمجهہ کان ٻاهر آهي. ڪالھہ حسن مجتبيٰ جو هڪ اسٽيٽس پڙهيم، ”دعا کرو ڪه پياري....... ڪا انتقال پُر ملال پُرامن هوجائي ڪه اب کلوزنگ سيل پر سنا هي. Everything to go.“
اها تہ لائوڊ اسپيڪر جي ڳالھہ هئي، پر ڪٿي پڙهيم تہ جڏهن سعودي عرب جي بادشاھہ ’عبدالعزيز ابن سعود‘ ۾ ٽيلي فون پي لڳرائي تہ سعوديه جي مفتيءَ ان جي مخالفت ڪئي هئي تہ ان مان شيطانيءَ آواز ٿو اچي. شاھہ عبدالعزيز ڇا ڪيو جو مفتي کي پاڻ وٽ گهرايائين. جڏهن مفتي وٽس ويٺو هو تہ اڳيان رکيل ٽيلي فون جي گهنٽي وڳي ۽ شاھہ ٽيلي فون جو رسيور کڻي مفتي کي ڏنو ۽ آپريٽر سان اڳواٽ طئي ڪيو هئائين تہ فون تي قرآن جي تلاوت جاري ڪري ڇڏج. مفتي جڏهن اها ٻڌي تہ خوش ٿيو ۽ فتويٰ ڏنائين تہ فون تان شيطان نہ پر رحمان ٿو ٻولي.
چين پاڪستان کان ٻہ سال پوءِ 1949ع ۾ آزاد ٿيو آهي، پر هن جيڪا ترقي ڪئي آهي، اهو ڏسي دنگ رهجيو وڃجي. سائنس هنن جو ڄڻ تہ ’نئون خدا‘ آهي ۽ سائنسي ايجادن ۽ انھن جي استعمال هن ملڪ کي ڪٿي پھچائي ڇڏيو آهي ۽ اسان سائنس، ۽ جديد علمن جا ويري، پاڪستان ۾ ٽيوٽر بند آهي. وي. پي. اين کي غير شرعي قرار ڏيئي ڇڏيو اٿن. هاڻ ان جي استعمال تي پابندي لڳندي، بجلي، گئس ۽ زندگي جي ٻين لوازمات جي کوٽ ۽ ماڻھن جي بيزاري ڏسي واقعي ائين پيو محسوس ٿئي تہ ”انتقال پُر ملال“ ٿيڻ وارو آهي.
[17 نومبر 2024ع]
گذريل ٻن ٽن ڏينھن کان ٿوري بوريت ۽ بي چيني محسوس ڪري رهيو هئس. ڪالھہ وشال کي چيم تہ ”يار مون کي ڇائو يانگ ڇڏي اچ تہ ٿورو پنھنجي منھن وڙڪي اچان.“ ڪالھہ وري ابوذر بائيڪ کڻي نہ آيو، تنھنڪري وڃي نہ سگهيس. اڄ وري وشال کي چيم ته” مون کي ديدي (ٽئڪسي) ڪرائي ڏي تہ پنھنجي منھن وڃان.“
”پر ايندين ڪيئن؟“ وشال چيو.
”بس پھچي ويندس.“ جواب ڏنم.
وشال هڪ سِمَ ڪڍي، منھنجي موبائيل ۾ وڌي ۽ چيائين تہ ”واٽسپ تي توسان رابطي ۾ رهندس.“
پوءِ ڪار گهرايائين ۽ آءٌ ان ۾ چڙهي وڃي ڇائويانگ جي مسجد اڳيان لٿس. مسجد جو انتظام ’نئننگ اسلامڪ ايسوسيئيشن‘ هلائي ٿي. جنھن ۾ اسان جمع نماز پڙهڻ ايندا آهيون. وشال چيو هو تہ گهمي ڦري ٿڪين تہ مسجد جي ڪيفي ۾ اچي ويھج، ٽئڪسيءَ مان لھي مون بہ منھن ڪيو ڪتاب گهر ڏانھن، جيڪو ٻہ ٽي هفتا اڳ وشال سان گڏ سرسري طور ڏٺو هئم، پر هاڻ تفصيل سان ڏسڻ ٿي گهريم. آءٌ ڪتاب گهر جي سامھون پھتس، جنھن جي مٿان نھايت خوبصورت سونھري چيني اکرن ۾ لکيل هو، Book city of states. سڌو هلندو وڃي اندر گهڙيس. گرائونڊ فلور تي کاٻي پاسي جي اڌ ۾ ڪتابن سان گڏ ڪاپيون ۽ بال پينون ۽ نقشا وغيرہ رکيل هئا. اهي سرسري ڏٺم پوءِ اليڪٽرڪ ڏاڪڻ جي ذريعي پھرين ماڙ تي چڙهيس. رڳو ڪتاب ئي ڪتاب ۽ اهي سڀ ڪتاب موضوع وار رکيل هئا، جيڪي چينيءَ ۾ لڳل خوبصورت چٽڪين جي ذريعي معلوم ٿي ٿيا، ڪتاب گهر ۾ ڪافي مرد، نوجوان، عورتون ۽ ٻار پڻ نظر پي آيا. اتي نئين سال جا ڪئلينڊر، پينو، ڊائريون ۽ ڪاپيون پڻ رکيل هيون. پوءِ وري اليڪٽرڪ ڏاڪڻ جي ذريعي ٻي ماڙ تي ويس. ڦرندي گهمندي ڏٺم تہ مائوزيتنگ جي سوانح عمري اي فور سائيز ۾ چيني زبان ۾ رکيل هئي، جنھن تي پنج سيڪڙو رعايت بہ هئي. جن ڪتابن تي رعايت هئي، انھن جي مٿان هيتري ڪه هيتري رعايت جي ننڍي چٽڪي لڳل هئي. اتي گهمندي ڏٺم تہ سامھون روڊ واري پاسي ڪرسيون رکيل هيون، جن تي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ويٺا ڪتاب پڙهي رهيا هئا ۽ ڪي وري ليپ ٽاپ تي ڪم ڪري رهيا هئا. شيشن مان ٻاهر ڏاڍو خوبصورت نظارو نظر اچي رهيو هو. واپسي ۾ آءٌ بہ اتي ويٺس ۽ پنھنجي ڀر ۾ ويٺل هڪ چينائڻ سان ڪچھري ڪيم. پنھنجو انگريزي نالو ’آئيوا‘ ٻڌايائين. چيائين تہ آءٌ ٻي شھر جي آهيان. ڊاڪٽر آهيان، هتي منھنجو پُٽ ۽ ڌيءَ پڙهن ٿا، انھن وٽ ڪجهہ ڏينھن ٽڪڻ آئي آهيان، پر نئننگ ڏاڍو گرم شھر آهي، چين جي ٻين شھرن جي ڀيٽ ۾. ڀر ۾ سندس ڌيءَ ۽ پُٽ بہ ويٺل هئا، جن ڏانھن اشارو ڪيائين. هو پنھنجي ڪم ۾ مگن هئا. هنن جو اسان ڏانھن ڪوبہ ڌيان نہ ويو. پندرهن منٽ کن گپ شپ کان پوءِ کانئس فوٽو ڪڍڻ جي اجازت گهريم تہ خوش ٿي ۽ پنھنجي ڪلھن تي رکيل چادر لاهي ڇڏيائين. جنھن سان سندس ڪلھا ظاهر ٿي پيا. سندن جوان پُٽ ۽ ڌي کي ڏسي محسوس ئي نہ پي ٿيو تہ همراهڻ ٻن جوان ٻارن جي ماءُ آهي.
اتي هلندي ڪتاب ڏسندي وڃي آٽوبايوگرافيز/ بايوگرافير واري سيڪشن ۾ پھتس، جتي مائوزيتنگ، هو جنتائو، ڊينگ زيائوپنگ ۽ ٻين چيني اڳواڻن بابت چيني ۾ ڪتابن جو وڏو تعداد رکيل هو. اوچتو منھنجي نظر وڃي هڪ ڪتاب تي پئي، جيڪو هو چينيءَ ۾، پر مٿان انگريزي ۾ لکيل هئس From Emperor to Citizen (شھنشاھہ کان شھريءَ تائين) منھنجي تہ خوشيءَ جي حد ئي نہ رهي. اهو ڪتاب اردو ۾ بہ ڇپيل آهي، جيڪو 1985ع ۾ بيجنگ مان ’غير ملڪي زبانن جي اشاعت گهر‘ پاران ڇپرايو ويو هو. جيڪو اردو ۾ ٻن ڀاڱن ۾ ڇپيو هو. ان ڪتاب جي پھرين ڀاڱي جو گذريل ڪيتري ئي وقت کان سنڌي ۾ ترجمو ڪري رهيو آهيان. هتي بہ کڻي آيو آهيان ۽ روز صبح جو ٿورو ٿورو ڪري پيو ترجمو ڪريان. ٽي سؤ کن صفحا ڪري ويو آهيان. ٻيئي ڀاڱا گڏي ست سؤ کن صفحا ٿيندا. انگريزي ڪتاب جي مون کي ڳولا هئي، پر اڄ جو ڏٺم تہ خوشي بہ ٿي تہ مايوسي. ان ڪري مايوسي ٿيم تہ انگريزي ۾ هجي ها تہ ڪر وٺان ها. وري گهر اچي سوچيم تہ پئسا هونئن بہ پيا خرچ ٿيندا آهن، ڇو نہ اهو هڪ سؤ يوان قيمت وارو چيني ايڊيشن يادگار طور وٺان. اڃا ان ٻُڏتر ۾ آهيان. اتي ٻيا جيڪي ڪتاب نظر آيا، هي هئا تہ چيني ۾، پر انھن جي مٿان عنوان چيني سان گڏ انگريزي ۾ بہ لکيل هئا.
1. Chiang Kai shek. A biography (1887-1949)
2. A Biography of MAOTSE Tung- By: Dick wilsun
3. The Legend of grete love. Kong Fansen By: Gao Shan.
4. Mao tse tung and chiang kai sheke.
ٻيا بہ ڪافي مارڪس ۽ اينگلس جي لکڻين جي چيني ترجمن وارا جلد هئا. البت لينن بابت يا ان جو ڪو ڪتاب نظر نہ آيو. مائوزي تنگ تي بہ ڪافي ڪتاب هئا. هوجنتائو، ڊينگ زيائو پنگ، چو اين لائي بابت بہ ڪتاب هئا. پر سڀ چيني ۾. ان سيڪشن جي ڀر ۾ ئي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا بابت لٽريچر رکيل هو. اتان ڏسندو فوٽو ڪڍندو، وري ٽي ماڙ تي وڃي پھتس، جيڪو بہ اهڙو ئي شاندار هو. اتي انگريزي ڪتابن جو هڪ ننڍو سيڪشن هو، جيڪو اڳ ۾ ڏسي ويو هئس. ان جو ٻيھر سرسري جائزو ورتم. هتي نٿينل هاٿورن جي مشھور ناول ’اسڪارليٽ ليٽر’ جو انگريزي ڇاپو بہ موجود هو. ان ڪتاب جو منھنجي دوست پرويز ’ڳاڙهو نشان‘ جي نالي سان سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي.
ڪميونسٽ پارٽي بابت بہ ڪافي لٽريچر هو، پر قيمتون تمام ڳريون هيون، البت چينيءَ ۾ ساڳين ڪتابن جون قيمتون گهٽ هيون. اتان گهمي ڦري وري چوٿين ماڙ تي ويس. ٻولي نہ سمجهندي بہ ڪتابن کي هٿ لائي ڏسڻ، انھن جي خوشبو، جيڪا خوشي ٿي ڏي، اهو سوچي مون کي گلزار جو نظم ياد اچي ويو:
کتابیں جھانکتی ہیں بند الماری کے شیشوں سے
بڑی حسرت سے تکتی ہیں
مہینوں اب ملاقاتیں نہیں ہوتیں
جو شامیں ان کی صحبت میں کٹا کرتی تھیں٬ اب اکثر
گذر جاتی ہیں کمپیوٹر کے پردوں پر
بڑی بے چین رہتی ہیں
انہیں اب نیند میں چلنے کی عادت ہوگئی ہے
بڑی حسرت سے تکتی ہیں
جو قدریں وہ سناتی تھیں۔۔۔۔۔
کہ جن کے سیل کبھی مرتے نہیں تھے
وہ قدریں اب نظر آتی نہیں گهر میں
جو رشتے وہ سناتی تھیں
وہ سارے ادھڑے ادھڑے ہیں
کوئی صفحہ پلٹا ہوں تو اک سسکی نکلتی ہے
کئی لفظوں کے معنیٰ گر پڑے ہیں
بنا پتوں کے سوکھے ٹنڈ لگتے ہیں وہ سب الفاظ
جن پر اب کوئی معنیٰ نہیں اُگتے
بہت کی اصطلاحیں ہیں۔۔۔۔
جو مٹی کے سکوروں کی طرح بکھری پڑی ہیں
گلاسوں نے انہیں متروک کر ڈ الا
زباں پر ذائقہ آتا تھا جو صفحے پلٹنے کا
اب انگلی کلک کرنے سے بس اک
جهپکی گذرتی ہے۔۔۔۔
بہت کچھ تہ بہ تہ کھاتا چلا جاتا ہے پردے پر
کتابوں سے جو ذاتی رابطہ تھا٬ کٹ گیا ہے
کبھی سینے پہ رکھ کے لیٹ جاتے تھے
کبھی گود میں لیتے تھے
کبھی گهنٹوں کو اپنے رحل کی صورت بنا کر
نیم سجدے میں پڑھا کرتے تھے چوتھے تھے جبیں سے
خدا نے چاہا تو وہ سارا علم تو ملتا رہے گا بعد میں بھی
مگر وہ جو کتابوں میں ملا کرتے تھے سوکھے پھول
کتابیں مانگنے٬ کرنے٬ اٹھانے کے بہانے رشتے بنتے تھے
اُن کا کیا ہوگا
وہ شاید اب نہیں ہوں گے
اتي ڏٺم تہ ڏاڪڻيون چڙهي ڪيترائي ٻار مائٽن سميت مٿي چڙهي رهيا هئا. انھن جي پويان چڙهي ويس. ڏسان تہ اهو سڄو ٻارن جي ڪتابن جو سيڪشن هو. ڪيترائي ٻارڙا مائٽن سميت اتي موجود هئا. ڪي ٻار وري پٽ تي ويٺا ڪتاب پڙهي رهيا هئا. سامھون هڪ هال نما هو، جنھن ۾ ڪيتريون ئي ٻارن لاءِ ڪرسيون رکيون هيون، سامھون اسڪرين هئي، جنھن تي ٻارن کي فلمون ڏيکاريون وينديون آهن. ٻارن جا ڪتاب مختلف سائيزن ۾ رنگارنگي ڪارٽونن سان ۽ ٻارن جي ڏانوَ وٽان ڇپيل هئا. ٻارن جي خريدڻ لاءِ رانديڪا بہ رکيا هئا ۽ ٻارن جي کائڻ پيئڻ لاءِ شيون پڻ. پر بوڪ شاپ جي ان ٻاراڻي سيڪشن مون کي گهڻو متاثر ڪيو. سنڌ ۾ تہ ٻارن لاءِ ادب ئي نہ لکيو ۽ ڇپيو ئي نٿو وڃي، سو، سنڌي ٻارن جا هھڙا نصيب ڪٿي؟ اتي ٻارن لاءِ جاپاني ليکڪ ’ڪي. جي ناڪازاوا‘ جو لکيل ڪتاب Barefoot Gen بہ نظر آيو، اهو ڪارٽون ڪھاڻي ڪتاب جاپاني شھرن هيروشيما ۽ ناگا ساڪي تي ٻي جنگ عظيم ۾ اڇلايل آمريڪي ائٽم جي مچايل تباهي جي ڪارٽون ڪھاڻي آهي. ان ڪتاب کي عالمي شھرت حاصل آهي. ان ڪتاب جو دنيا جي لڳ ڀڳ سڀني زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. اردو ۾ پڻ ”نهتي سپاهي، هيروشيما ڪي ڪارٽون ڪھاني“ جي نالي سان ڇپيل آهي.
وري هيٺ لھي آيس ۽ هڪ ڀيرو ٻيھر ڪتاب ڏٺم. نڪرڻ تي دل ئي نہ پي ٿي، پر سوچيم تہ ٿورو هيٺ بہ چڪر ڏيان. اڪيلي گهمڻ جو مزو ئي پنھنجو آهي. پنھنجي مرضي، پنھنجو اختيار. هيٺ لھي ڏٺم تہ بوڪ شاپ جي اڳيان، ڪيتريون ئي ڪرسيون رکيون هيون، جن تي مايون ۽ ڀائيءَ ويٺا هئا. هڪ محترمہ ڊائس تي بيٺي کين ليڪچر ڏيئي رهي هئي. کين اتي ئي بيٺل ڇڏي اڳتي وڌي ويس. سامھون ڏٺم تہ پڪل بادام رکيا هئا. مون هتي پھريون ڀيرو هتي اچي ڏٺا ۽ کاڌا. جيڪي مون کي ڏاڍو وڻيا. هاڻ اڪثر وشال اهي وٺي ايندو آهي. گهوريئڙي مائيءَ کان مون ڏهن يوان جا اهي ورتا ۽ مزي مزي سان کائيندو ان اسٽريٽ وٽ پھتس، جتي رات جو ڄڻ ٻي مارڪيٽ لڳي ويندي آهي. منھنجو ارادو ان شاپ تي وڃڻ جو هو، جتان ڪجهہ ڏينھن مون ۽ وشال شرٽون ورتيون هيون. اڳتي وڌي هڪ دڪان ۾ گهڙيس، جتي اڳ ۾ ٻہ ڀيرا اچي چڪا هئاسين. جيڪو شاپ ’ون ڊالر شاپ‘ وانگر هو. اندر گهڙي رانديڪا ۽ ٻيون شيون ڏٺم. اوچتو پاڻ سان آندل نوٽ بوڪ جو خيال آيو، جيڪو بغل ۾ هئم. اهو نہ هو، ڪٿي ڪري پيو هو- ڏاڍو ڳولھيم، پر نہ ملڻو هو، سو نہ مليو. نوٽ بوڪ بادام وٺڻ مھل تہ مون وٽ هو، پر پوءِ الائجي ڪٿي منھنجي بغل مان ڪري پيو. ان ۾ ٻيو ڪجهہ تہ نہ هو، پر ’تونگ شين‘ شھر جي سفر جي تاثراتن جا پنج ڇھه صفحا لکيا هئم ۽ ارادو هئم تہ واپسي ۾ شنگ جن سه (مسجد) جي ڪيفي ٽيريا ۾ ويھي ڪجهہ کائيندس ۽ وڌيڪ لکندس، پر جيڪا شئي ويئي سا ڪٿي ٿي لڀجي. سڄو موڊ ئي خراب ٿي ويم. شرٽن واري شاپ تي وڃڻ بدران روڊ تي هيڏانھن هوڏانھن ان اميد ۾ نھاريندو پي ويس تہ من ڪٿي ملي وڃي.
مسجد پھچي ڪيفي ٽيريا ۾ گهڙيس ۽ ٻہ يوان ڏيئي پاڻيءَ جي بوتل ورتم ۽ ڪرسيءَ تي ويھي پيئڻ لڳس. تيستائين وشال جي ڪال آئي تہ ”ابو فري ٿي ويا هجو تہ اچان، ڪٿي آهيو.“
”ڀلي اچ! مسجد جي ڪيفي ٽيريا ۾ ويٺو آهيان.“ وراڻيم.
”اوڪي، ڏهن منٽن کان پوءِ ٻاهر نڪري بيھجو.“ وشال چيو.
ان دوران مون اتي رکيل ڪتاب ڏٺا ۽ ڪائونٽر واري ڇوڪري کان ڪتابن بابت پُڇيم. چيائين تہ ”اهي ڪتاب اسان کي گورنمينٽ هتي رکڻ جي لاءِ ڏنا آهن ۽ چاهيو تہ پڙهي سگهو ٿا.“
”ڀلا کڻي وڃڻ جي اجازت ڪونھي؟“ پڇيم.
”نہ... اهي گورنمينٽ ڏنا آهن.“ کلي وراڻيائين.
مون ’شي شي‘ چئي سندس مھرباني مڃي. اڳ ۾ ڊائري ۾ لکي چڪو آهيان تہ اهي سڀ ڪتاب ڪميونسٽ پارٽي، ان جي تاريخ، گورنمينٽ جي ڪمن ۽ چيني ڪلچر بابت هئا. انھن ۾ ڪوبہ اسلامي يا تبليغي ڪتاب نہ هو.
آءٌ ٻاهر نڪري اچي بيٺس ۽ وشال جو انتظار ڪرڻ لڳس. سامھون هڪ ٻي هوٽل نظر آئي، جنھن تي ننڍن اکرن ۾ ’حلال‘ لکيو هو. جن بہ هوٽلن ۾ ’حلال‘ کاڌوملندو آهي، انھن جي ٻاهران ننڍن اکرن ۾ ’حلال‘ لکيل هوندو آهي. وڏن اکرن ۾ لکڻ جي منع آهي، ڪنھن هوٽل تي وڏي اکرن ۾ لکيل هوندو آهي تہ پوليس اچي اهو لھرائي ڇڏيندي آهي.
ٿوري دير ۾ وشال کي پريان بائيڪ تي ايندو ڏٺم. پويان ويٺس تہ کلندي چيائين: ”اميءَ کي چيو اٿم تہ ابو ڇائويانگ ويو ۽ گم ٿي ويو آهي، لڀجي ئي نٿو.“ جنھن تي ڏاڍو کلياسين.
اڃا ٿورو اڳيان وڌياسين جو ماڻھنس جي فون آئي.“ وشو، بابھين مليو؟“ جنھن تي وشال چيس، ”اڃا نہ مليو آهي. اسان سڀ ڳولھيونس پيا.“
”تو اڪيلو ڪو ڇڏيس؟“ نسيم جو آواز آيو، جنھن تي مون کان ٽھڪ نڪري ويو ۽ وڏي سڏ چيومانس ”لڀجي ويس اچان پيو.“
”تون بہ ايئن نڪريو وڃين ۽ پويان ڇوڪرا پريشان.“ ڪاوڙيل لھجي ۾ چيائين، جنھن تي مون کان ۽ پشوءَ کان وڏو ٽھڪ نڪري ويو ۽ وشوءَ کي چيم، ”يار جلدي پُڄائي، فقيرياڻي صفا ڪاوڙيل اٿئي.“
[18 نومبر 2024ع]
هاڻ واپسيءَ جي سنبت آهي. وشال رات چيو تہ في الحال بيجنگ نہ ٿا هلون، جو هِتي ڪم گهڻا آهن، ايتري موڪل ڪرڻ مشڪل آهي، ايندڙ ڀيري جڏهن ايندؤ تہ سڌو بيجنگ اچجو، اتي ٻہ چار ڏينھن رهي، پوءِ نئننگ اينداسين. مون چيو بھتر، اسان تنھنجي وس آهيون. ٿوري دير جي لاءِ مايوسي تہ ٿي، جو سڄو ڏيڍ مھينو بيجنگ وڃڻ جا خواب ڏٺم، پر جڏهن وقت ويجهو آيو تہ پروگرام ئي ڪئنسل. سو ربَ جي رضا سمجهي خاموش رهيس ۽ چيم، ”هاڻ اسان جي واپسي جو پروگرام ڪيئن ٿيو؟“
”30 نومبر تي گوانچو مان ٿائي ايئر لائين جي ذريعي، ڪنيڪٽ فلائيٽ آهي. ٻہ ڪلاڪ بئنڪاڪ ۾ ترسبو، اتان ٻي جھاز ۾ چڙهبو، سامان ڪراچي ۾ ملندو.“
”پر 30 نومبر تہ گهڻي پري آهي، ڪا ويجهڙ جي ڏس.“ چيومانس.
”ابوذر اچي تہ پُڇونس ٿا.“ وشال وراڻيو.
ٿوري دير ۾ ابوذر بہ اچي ويو. کانئس فلائيٽس جا تفصيل پڇيم. ”ساڳئي روٽ تي ويجهي فلائيٽ 27 نومبر تي آهي.“ ابوذر اقبال فلائيٽن جو شيڊول ڏسي ٻڌايو.
”پوءِ ان ۾ ئي بوڪنگ ڪرائي ڇڏ.“ چيم.
”انڪل ايترو جلد.“ ابوذر چيو، ”نہ نہ.. 30 نومبر بھتر رهندي.“ وشال چيو. ڄڻ ويٽو پاور استعمال ڪيائين. جنھن تي مُرڪي پيار مان وشال کي ڏٺم ۽ ابوذر کي چيم، ”ڀلا ٻي ڪا ويجهي تاريخ ڏس.“
ابوذر چيڪ ڪري ٻڌايو تہ، ”ساڳئي روٽ تي 29 تاريخ بہ فلائيٽ آهي.“
”ٺيڪ آهي. نہ 23 نہ 37، بس 29.“
هاڻ 29 نومبر کي گوانچوءَ مان روانگي ٿيندي ۽ وايا بئنڪاڪ ڪراچي پھچنداسين.
*
ديوار چين، دنيا جي ستن عجوبن مان هڪ آهي، جيڪا سڄي دنيا ۾ چين جي سڃاڻپ آهي، ديوار چين ٽوٽل ڇھن هزار ڪلوميٽرن کان ڊگهي بہ آهي ۽ اها ڪنھن هڪ دور ۾ نہ ٺھي آهي. اها ديوار حضرت عيسيٰ عليھ السلام کان ٻہ سؤ سال اڳ چين جي بادشاھہ ’چن شي هو انگ تي‘ چين کي ٻاهرين حملي آورن کان بچائڻ لاءِ ٺاهي، ان عظيم ديوار چين جي تعمير جي شروعات چين ۽ مانچو ڪو گهراڻي جي دور کان ٿي ان زماني ۾ هن ۽ تاتاري چين جا وڏا دشمن هئا. جيڪي وچ ايشيا ۾ ڏاڍا سگهارا سمجهيا ويندا هئا. اها ديوار خليج ليائوتنگ کان وٺي منگوليا ۽ تبت تائين پکڙيل آهي. اها ديوار ويھن کان ٽيھه فوٽ اوچي آهي. ان جي ويڪر هيٺان کان 25 فوٽ ۽ مٿان کان 12 فوٽ آهي. هر ٻن سؤ والن کان پوءِ پھريدارن جي لاءِ محفوظ پناھہ گاهون ٺاهيون ويون آهن. 1987ع ۾ گڏيل قومن جي اداري يونيسڪو ديوار چين کي عالمي ورثو قرار ڏنو. ديوار چين هڪ اهڙو عجوبو آهي، جيڪو ڏسيو ڏندين آڱريون اچيو وڃن، جيئن مصر جا اهرام ڏسڻ سان. پاڻ وٽ سنڌ ۾، اهڙو عجوبو رني ڪوٽ آهي، جنھن بابت اڃا مڪمل معلومات ئي گڏ نہ ٿي سگهي آهي تہ اهو ڪنھن ٺھرايو ۽ ڪھڙي دور ۾ ٺھيو. ديوار چين ۽ مصر جا اهرام آزاد قومن جي ورثي طور ڄاتا سُڃاتا وڃن ٿا ۽ ٻيئي دنيا جي ستن عجوبن ۾ شامل آهن. پر رني ڪوٽ ويچارو غلام ۽ پٺتي پيل ’سنڌي‘ قوم جو ورثو آهي، جيڪو هيڏي عظمت هوندي بہ ڪنھن شمار ۾ ڪونھي.
ديوار چين هڪ حيرت ۾ وجهندڙ اڏاوتي شاهڪار آهي پر اهو پراچين دور جو آهي، اڄوڪي جديد دور ۾ چين اهڙا تہ حيرت ۾ وجهندڙ تعميري شاهڪار کڙا ڪيا آهن جو ڏندين آڱريون اچيو وڃن.
انھن ۾ هڪ عظيم الشان اڏاوتن ۾ هڪ ’گور جيس ڊيم‘ بہ آهي. 14 ڊسمبر 1994ع تي چين ۾ ٽن عظيم الشان (گورجيس) ڊيمن اڏڻ جي شروعات ٿي. اهي ڊيم هوبائي صوبي جي يانگزي نديءَ تي اڏيا ويا. اهو دريا 6357 ڪلو ميٽر ڊگهو آهي. 1931ع ۾ اُن دريا جي ڪري هر سال ٻوڏون اينديون هيون، جنھن ۾ هزارين ماڻھو لڙهي ويندا هئا ۽ فصل تباھہ ٿي ويندا هئا.
40 هزار ڪارڪنن چوڏهن سالن ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو ڪنڪريٽ ڊيم اڏي ورتو، جيڪو سڀ کان وڌيڪ بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽ بہ آهي. اهو ڊيم 7661 فوٽ ڊگهو ۽ 6000 فوٽ اوچو آهي، جنھن جي اڏاوت ۾ پنج لک ٽن اسٽيل استعمال ٿيو ۽ ان جي اڏاوت تي 37 بلين ڊالر خر چ آيو. اهو ڊيم 405 هم چورس ميلن تي آهي. ان عظيم الشان ڊيم جي اڏاوت سبب ٻارهن لک انسانن کي بي گهر ٿيڻون پيو. 13 شھر، 140 ٽائون ۽ 1300 ڳوٺ متاثر ٿيا. هن ڊيم ۾ 42 بلين ٽن پاڻي ذخيرو ڪري سگهجي ٿو. انھن ٽن عظيم ڊيمن جي اڏاوت سان ٻوڏن کي روڪيو ويو، پاڻي آبپاشي جي لاءِ استعمال ٿيو ۽ شمسي بجلي پيدا ڪئي ويئي. هنن ڊيمن جي اڏاوت جي آمريڪا ۽ ورلڊ بئنڪ مخالفت ڪئي ۽ مالي مدد کان انڪار ڪيو. چين اهي وڏا ڊيم تعمير ڪري دنيا تي ثابت ڪري ڇڏيو تہ چين رڳو پلاسٽڪ جا رانديڪا ٺاهڻ وارو ملڪ نہ پر عظيم رٿائون تعمير ڪرڻ جي بہ لائق آهي. انھن ڊيمن مان روزانو 120 سامونڊي جھاز لنگهن ٿا. ماهرن جي راءِ آهي تہ اهي ڊيم هڪ سؤ سالن تائين ڪنھن رڪاوٽ کان سواءِ استعمال ٿيندا رهندا.
1980ع جي ڏهاڪي تائين چين پلاسٽڪ جا رانديڪا ٺاهڻ وارو ملڪ هو، پر 2020ع ۾ چين جي ٽيڪنالاجي، سائنس، انجنيئرنگ ۽ Math جا گريجوئيٽ آمريڪا کان بہ گهڻا هئا. چيني انجنيئر جيڪي حيرت ۾ وجهندڙ تعميري رٿائون تيار ڪيون. انھن ۾ مٿين ٽن عظيم الشان ڊيمن کان سواءِ ٻيون جيڪي اهم رٿائون هيون، انھن ۾ (1) چائنا هاءِ اسپيڊ ريل، (2) پوڊونگ شھر آباد ڪرڻ. چيني حڪومت پاران 1990ع ۾ ’هوان گيو‘ دريا جي ٻي ڪناري تي پوڊونگ شھر آباد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ويھن سالن جي اندر پوڊونگ شھر آباد ٿي ويو. جنھن ۾ فنانس ۽ ٽريڊ زون، شنگهائي ايئرپورٽ ۽ ايڪسپو، هائي ٽيڪ پاور، ڊزني پارڪ موجود هئا. هن نئين شھر ۾ 5 ملين ماڻھو آباد ٿيا. 556 مربع ڪلوميٽرن تي فارم لينڊ جوڙيا ويا، جن جي ڪري هي شھر دنيا جي مقابلي ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد شھر بنجي ويو. هن شھر ۾ ورلڊ ڪلاس هائي ٽيڪ، فنانشل ۽ ٽريڊ سينٽر موجود آهن. هن شھر جي اڏاوت لاءِ چين جي بھترين انجنيئرن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون، جن دلڪش ڊزائين جا برج، ٽنل ۽ عمارتون اڏيون. فنانشل سينٽرن، بئنڪن، مقامي ۽ پرڏيھي سيڙپڪارن ڪمپنين کي متاثر ڪيو. ايئن پوڊونگ شھر دنيا جي عجائبات ۾ شامل ٿي ويو. هي شھر شنگهائي شھر جي ٻي پاسي ”هوان گيو“ دريا جي ڪناري آباد ڪيو ويو آهي.
انھن کان سواءِ شنگهائي يانگ شانگ پورٽ ۽ بيجنگ ايئرپورٽ بہ چين جا حيرت انگيز اڏاوتي شاهڪار آهن. چين جي مصنوعات بھترين پورٽس وسيلي اوڀر ۽ ڏکڻ سمنڊ جي ذريعي تيز رفتاريءَ سان دنيا جي مختلف ملڪن ۾ موڪليون وينديون آهن. ’شنگهائي يانگ شانگ پورٽ‘ جي اڏاوت جي شروعات 2005ع ۾ ٿي ۽ اهو 2020ع ۾ مڪمل ٿيو. ان تي 18 بلين ڊالر لاڳت آئي. هي دنيا جو مصروف ترين ڪنٽينز پورٽ آهي. شنگهائي پورٽ نين ضرورتن تحت اڻپورو هو، ’يانگ شانگ پورٽ‘ نين گهرجن کي پورو ڪيو. دنيا جي ماهرن کي ’يانگ شانگ‘ پورٽ جي باري ۾ تحفظات هئا، جيڪي هن جي تعمير ۽ آپريشن کان پوءِ دور ٿي ويا. 32 ڪلوميٽر برج (پل) کي ”پوڊونگ‘ سان ملايو ويو.منھنجي خيال ۾ چين جي اڏاوتي شاهڪارن مان بيجنگ ايئرپورٽ جو ذڪر پڻ ضروري آهي. ’ڊاڪسنگ انٽرنيشنل ايئرپورٽ‘ چين جي عجائبات ۾ شامل آهي، هن ايئرپورٽ کي ’اسٽارفشس‘ جو نالو ڏنو ويو آهي. هي ايئرپورٽ پنجن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. مسافرن کي هڪ هنڌان کڻي ٻي هنڌ پھچائڻ ۾ اٺ منٽ لڳن ٿا. هن ايئرپورٽ ۾ ميگا اسٽورز ۽ خوبصورت هوٽلون موجود آهن. 2018ع ۾ ان ايئرپورٽ جي ٽن ٽرمينلز تان ڏھہ ڪروڙ مسافر گذريا. نئين ايئرپورٽ تان 2021ع تائين ساليانو ست ڪروڙ ويھه لک مسافر ۽ 20 لک ڪارگو کي هئنڊل ڪرڻ جو هدف رکيو ويو آهي. اهو ايئرپورٽ شھر کان پنجاھہ ڪلوميٽر پري آهي ۽ مسافرن کي تيز رفتار انٽر سٽي ريل ذريعي ويھن منٽن ۾ شھر پھچايو ويندو آهي. هن ايئرپورٽ جي اڏاوت تي 11 بلين پنجاھہ ڪروڙ ڊالر خرچ ٿيا.
[19 نومبر 2024ع]
اسان جي رهائش واري فليٽ هيٺان ڪجهہ دڪان آهن، جن ۾ هڪ دڪان فوٽوگرافيءَ جو آهي. جيڪو هڪ البانوي مسلمان جو آهي، جيڪو ستن سالن کان چين ۾ رهي ٿو ۽ چيني ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي اٿس. اهو دڪان بہ ان چيني ڇوڪري جو آهي. ٻين لفظن ۾ زال ۽ مڙس گڏجي اهو فوٽوگرافيءَ جو شاپ هلائين ٿا. ساڻس اڪثر ايندي ويندي هيلو هاءِ ۽ ٻہ چار ٻول پيا ڳالھائبا آهن. ٻہ ٽي ڀيرا سندس دڪان تي بہ وڃڻ ٿيو، جتي سندس زال سان بہ ملاقات ٿي. هڪ ڀيري اوچتو ويس تہ همراھہ هڪ ٻي چينائڻ سان چُم چٽ ۾ لڳو پيو هو. در کلڻ تي ڇرڪ ڀريائين، پر مون ڌيان نہ ڏنو، جي زالھنس ڏسيس ها تہ اهڙا تہ پادر ٺوڪيس ها، جو ياد ڪري ها ۽ ڌڪا ڏيئي ڪڍي ڇڏيس ها. منھنجي ڌيان نہ ڏيڻ تي هو ڄڻ رليڪس ٿي ويا. چين ۾ اچي ان قسم جا نظارا هاڻ منھنجي لاءِ نوان نہ رهيا آهن. چين جو نئون يا نوجوان نسل، جنھن کي آءٌ ’هائبرڊ چيني نسل‘ چوندو آهيان. اهو هاڻ يورپين طرز جي لائيف ٿو گذاري. ڇوڪري/ ڇوڪرو شراب، سگريٽ، سيڪس هنن جي زندگيءَ جو حصو بنجي ويو آهي. پنھنجو بہ ڪمائين تہ مائٽن جي خرچ تي بہ هلن. اڪثر جوڙا هڪ يا وڌ ۾ وڌ ٻہ ٻار پيدا ڪن ۽ پنھنجا ڌنڌا ۽ نوڪريون ڪن، پئسو ڏوڪڙ بہ جام اٿن، سو پيا ڦٽائيندا آهن.
ان البانوي همراھہ جو نالو مارتل آهي. البانيا يورپ جو پٺتي پيل ملڪ آهي، جيڪو ڪنھن زماني ۾ سوشلسٽ ملڪ هو ۽ سوويت يونين بدران چين جي وڌيڪ ويجهو هو. البانيا جو ڪميونسٽ اڳواڻ ’انور آهوجا‘ هڪ سخت گير اڳواڻ هو، جيئن ٻين سوشلسٽ ملڪن رومانيا جو نڪولائي چائو شسڪو، مشرقي جرمنيءَ جو ايرڪ هو نيڪر ۽ ٻيا هئا. انور آهوجا جي دور ۾ ٻين سوشلسٽ ملڪن جيان البانيا ۾ بہ مذهب تي سخت پابندي هئي. جيستائين انور آهوجا جيئرو هو، تيستائين البانيا ڄڻ بند گهٽي ۾ هو. پوءِ ڪنھن نہ ڇڏيندڙ بيماري سبب ’انور آهوجا‘ خودڪشي ڪري ڇڏي، تنھن کان پوءِ البانيا بند گهٽي مان نڪتو. البانيا يورپين يونين ۾ بہ شامل ڪونھي، جو هو اڃا ان جي معيار تي نہ پھتو آهي. البانيا ڪنھن زماني ۾ عثماني سلطنت جو حصو هو، جنھن ڪري ترڪن جو مٿس اثر آهي. منھنجي مارتل سان ڪافي ڪچھري ٿي، مون جڏهن کيس مٿيون ڳالھيون ٻڌايون تہ حيران ٿيو تہ توکي تہ البانيا جي باري ۾ سٺي ڄاڻ آهي، جنھن تي دل ۾ چيم تہ ڪنھن زماني ۾ هڪ ڪيڙو اسان کي بہ هو ۽ انور آهوجا جھڙي آمر پاران البانوي عوام تي ڪيل ظلمن کي ’پرو لتاري آمريت‘ جو نالو ڏيئي اسان ان جو بچاءُ ڪندا هئاسين. پوءِ ٻڌايائين تہ ’انور آهوجا‘ ملڪ ۾ سخت مذهبي پابنديون هنيون هيون، جنھن ڪري اسان جو مذهبي تشخص بس نالي ۾ وڃي رهيو هو، هاڻ ترڪي جو صدر رجب طيب اردگان، البانيا جي مدد ڪري رهيو آهي. ڪالھہ پڻ مليو تہ بيٺي پير ڪچھري ٿي تہ چيائين دڪان تي اچ، چيومانس تہ شام جو ايندس، پر ڪالھہ شام جو هلڪو بخار ۽ بدن ۾ سور هئڻ سبب وڃي نہ سگهيس.
رات ذائقہ تي ويٺا ڪچھڙي ڪري رهيا هئاسين ۽ نئين شيف فيضان کي بہ سڏي پاڻ سان ويھاريوسين. هفتو کن ٿي ويو اٿس، پر اڃا هَڄيل هَڄيل ٿو رهي ۽ اڪثر اندر ويٺو هوندو آهي. اڳ ۾ بہ ٻہ ٽي ڀيرا چيومانس تہ ”يار ٻاهر اچي ويھندو ڪر، ڪجهہ دنيا جھان جو واءُ سواءُ بہ وٺ.“
اڄ ويٺا ابوذر کي تنگ ڪري رهيا هئاسين. عمران کان پڇيم تہ صبح جو ابوذر نہ آيو هو ڇا...؟ تہ وراڻيائين، ”ها انڪل ابوذر آئي تھي.“ پوءِ تہ مون کي موقعو ملي ويو، جنھن تنھن کي چوڻ شروع ڪيم، ”عمر آئي تھي“، ”عمران آئي تھي“، ”شھزاد گئي هي“، ”رضوان جاتي هي.“ جنھن تي سڀني ائين چوڻ شروع ڪيو. ”انڪل چانھہ پيتي هي.“ ”وشال بھائي هاسپيٽل جاتي هي.“ سو ڏاڍو کلياسين. مون فيضان شاھہ کي بہ سڏي ويھاريو. مس مس کليو هو. چيومانس فيضان توکي هاڻ ٽي سال رهڻو آهي، سو تون بہ هڪ ني ڦنگيو (گرل فرينڊ) ٺاهي، چيني گرل فرينڊ پنھنجي نان ڦنگيو (بواءِ فرينڊ) جي وڏي خدمت ڪندي آهي. مٿس خرچ بہ ڏاڍو ڪندي آهي. باقي هڪئي وقت هڪ ني ڦنگيو ٺاهج. جي ٻي ٺاهيءَ ۽ پھرين کي خبر پئجي ويئي تہ پوءِ تنھنجو خير ڪونھي... وچ بازار ۾ گلي ۾ هٿ وجهندي دير ئي نہ ڪندئي. اهو تہ ٺھيو، عزت هونئن بہ پاڻ پاڪستانين جي ڪونھي، سا جنھن جي هوندي، ان جي ويندي، باقي پوءِ اهو سڀ خرچ، جيڪو تو تي ڪيو هوندو، ايئن اهو پائي پائي جو ڇڪي حساب وٺندئي. جنھن تي فيضان سميت سڀ کلڻ لڳا. رضوان چيو، ”انڪل! هتي رهيو تہ ڏيڍ مھينو آهي، پر سمجهي سڀ ويو آهي. پر انڪل توهان تہ ڏيڍ مھيني ۾ ڪا گرل فرينڊ نہ ٺاهي....!؟“ کلندي چيومانس، ”وشال جي امي گڏ نہ هجي ها تہ ڪوشش ضرور ڪريان ها.“
جنھن تي وشال سميت سڀ ڏاڍا کليا.
”پر عمران بہ اڃا ڪا ني ڦنگيو ناهي ٺاهي. الائجي ڇو؟“ پُڇيم. جنھن تي رضوان چيو، ”عمران ڪو بناني نھين آتي.“ جنھن تي عمران سميت سڀئي ڏاڍو کلياسين.
*
ڪجهہ ڏينھن اڳ جڏهن جمع نماز پڙهي آياسين ۽ ذائقہ تي ويھي چانھه پي رهيو هيس تہ شھزاد کان پڇيم، ”تون ڪليسا ويندو آهين؟“ ڪليسا لفظ تي شھزاد ٿورو مُنجهيو. جنھن تي هڪدم چيم، ”چرچ.“ شھزاد عيسائي آهي ۽ اصل پنجاب جو آهي. ”نہ انڪل پاڪستان ۾ هوندو هئس تہ ڪڏهن ڪڏهن سنڊي تي سروس ۾ شريڪ ٿيندو هئس، پر جڏهن کان نئننگ آيو آهيان تہ چرچ نہ ويو آهيان.“ شھزاد جواب ڏنو.
”هتي نئننگ ۾ ڪو چرچ آهي؟“ شھزاد کان پڇيم.
”ها، هتي آهي. ٻہ ٽي ميل پنڌ تي.“ شھزاد وراڻيو تہ چيومانس، ”ڪڏهن وقت ڪڍ تہ چڪر هڻي اچون... ڪنھن سَنڊي تي، جيئن سروس ۾ بہ شريڪ ٿي سگهون.“
”ٺيڪ آهي هلنداسين.“ شھزاد چيو. جنھن تي اتي ويٺل عمر چيو، ”انڪل شھزاد الائجي ڪڏهن وانڌو ٿئي، سڀاڻي آءٌ وانڌو آهيان، اوهان چئو تہ اوهان کي وٺي هلان.“
”ان ۾ وري پُڇڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي، بس سڀاڻي هلنداسين، ڊن ٿا ڪريون.“ وراڻيومانس.
ٻي ڏينھن عمر آيو، پر جھڙوڪر کيس ڳالھہ وسري ويئي. مون بہ نہ چيومانس، ائين ٻہ ٽي ڏينھن گذري ويا. ڪالھہ وري ڳالھہ نڪتي تہ عمر چيو، ”انڪل سڀاڻي هلئون.“
جنھن تي کلندي چيومانس، ”سڀاڻي، سڀاڻيءَ وارو يا ڪو ٻيو.“
ڳالھہ سمجهي ويو، مُرڪي چيائين ”سوري انڪل، منھنجا ڪلاس هئا، ان ڪري هلي نہ سگهياسين. سڀاڻي پڪ سان هلنداسون.“
اڄ ٻارهين بجي ڌاري آءٌ ۽ وشال پھرين تہ ’بئنڪ آف چائنا‘ وياسين، جو وشال کي ڪجهہ ڊالر چائنيز يوان ۾ چينج ڪرائڻا هئا. آءٌ شھر ۾ رولاڪي جو ڪوبہ موقعو نہ وڃائيندو آهيان. چين ۾ ڪنھن زماني ۾ فقط هڪ ئي بئنڪ هوندي هئي، ’پيپلز بئنڪ آف چائنا‘، جنھن سان سڄو ڪاروهنوار هلايو ويندو هو. هاڻ تہ چين ۾ ايتريون تہ بئنڪون آهن، جو انھن جا نالا پڙهي پڙهي ماڻھو ٿڪجي ٿو پوي. ’بئنڪ آف چائنا‘ جي هن برانچ جي ٻاهران ’اخباري اسٽال‘ ڏٺم تہ اخبار وٺڻ جي خواهش ٿي، پر ان ننڍي ڪئبن نما اسٽال تي، جيڪا هڪ مائي هلائي رهي هئي، سڀ اخبارون ۽ رسالا چيني ۾ هئا.
موٽي آياسين تہ عمر اوسيئڙو ڪري رهيو هو. چانھه چڪو پي عمر چيو، ”انڪل هلون.“
مون اٿندي چيو، ”دير ڇا جي!“
آءٌ لانگ ورائي عمر جي پويان بائيڪ تي ويٺس ۽ اسان روانا ٿي وياسين. ڇائو يانگ پھچي اسان اڳتي وياسين تہ عمر ٻڌايو تہ هاڻ اسان ’اولڊ نئننگ‘ ۾ داخل ٿيا آهيون. واقعي بہ اها اولڊ هئي، هاڻ رستا بہ سوڙها ٿي ويا هئا. عمارتون بہ پراڻيون، دڪانن تي ايتري رونق بہ نہ هئي. روڊ جي ٻنھي پاسن وڻ ۽ گلڪاري ساڳئي هئي. عمر ٻڌايو تہ هي وڻ گهڻا پراڻا آهن ۽ هنن جھڙا وڻ هاڻ ٻين هنڌن تي نظر نہ ٿا اچن. پوءِ هڪ ڪالونيءَ وٽان لنگهياسين، جنھن جي ٻاهران فوٽ پاٿ تي جهونا ڪرسيون وجهيو ويٺا هئا. عمر ٻڌايو تہ هي رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جي ڪالوني آهي، جنھن ۾ رٽائرڊ سرڪاري ملازم رهن ٿا. گهر تہ حڪومت جا آهن، پر حڪومت هنن کان انھن گهرن جي مسواڙ طور ٿورا پئسا ڪٽيندي آهي ۽ هي پينشن جي پئسن مان مزي سان گذارو ڪن ٿا.
هاڻ رستا اهڙا نظر اچي رهيا هئا، ڄڻ حيدرآباد ۾ پھچي ويو هجان. هتي عمارتون پراڻي طرز جون هيون، اهو ڏسي سوچيم تہ استاد سقراط صحيح چيو آهي تہ ”هڪ شھر ۾ ٻہ شھر هوندا آهن. هڪ اميرن جو ۽ ٻيو غريبن جو.“ پر پاڻ نئننگ جي حوالي سان هيئن چئون تہ ’نئننگ شھر جا بہ ٻہ پاسا آهن، هڪ پراڻو ۽ ٻيو نئون.‘ عمر، ذائقہ کان پاڪستاني چانھه ورتي هئي، جيڪا اُتي کيس هڪ دوست کي ڏيڻي هئي، جنھن تازو اتي چيني چانھه جو دڪان کوليو هو. چيني چانھه ٿڌي ٿئي ۽ پاڪستاني گرم، سو عمر کيس چيو هو تہ ”سيارو اچڻ وارو آهي، تون پاڪستاني چانھه هلائي.“
عمر پنجاب جو آهي ۽ هتي گوانگسي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي ٿو. پڙهائي کان سواءِ هو هلڪا ڦلڪا ڪم بہ ڪندو آهي. ڏينھن جي ماني ٻہ وقت وشال وٽ کائيندو آهي،جنھن جا وشال کانئس پئسا نہ وٺندو آهي. جيڪڏهن هر روز ان ماني جا پنجاھہ يوان رکجن تہ بہ پندرهن سؤ ٿين. ان جي بدلي ۾ عمر هوٽل جا هلڪا ڦلڪا ڪم ڪندو آهي. ايئن ٻنھي جو ڀلو ٿئي ٿو. عمر ڏاڍو تيز نظر آيم، هڪ گرل فرينڊ بہ ٺاهي اٿس، جيڪا سندس ئي عمر جي آهي ۽ پوليس واري آهي، اصل تہ نئننگ جي آهي، پر ڊيوٽي ’تونگ شين‘ ۾ اٿس. هر هفتي ايندي آهي تہ پاڻ ۾ ملندا آهن، جي ڪنھن هفتي نہ ايندي آهي تہ عمر ساڻس ملڻ جي لاءِ ’تونگ شين‘ ويندو آهي. گذريل هفتي سندس گرل فرينڊ ڊيوٽي جي ڪري نہ آئي هئي تہ عمر ساڻس ملڻ جي لاءِ ويو هو ۽ منھنجي چوڻ تي منھنجي لاءِ تغاريءَ واري ويٽنامي ٽوپي وٺي آيو هو. جيڪا مون ٻڏتر سبب تونگ شينگ مان نہ ورتي. هاڻ عمر پندرهن بدران ويھن يوانن ۾ وٺي آيو. يعني ترت فيصلو نہ ڪرڻ سبب پنج يوان وڌيڪ ڀريم. هاڻ ان تغاري نما ٽوپي کي پاڪستان ڪيئن پھچايان ان اُلڪي ۾ آهيان.
عمر ٻڌايو تہ هو پنھنجي ’ني ڦنگيو‘ سان شادي ڪندو، پر پنجن سالن کان پوءِ، جو ان وچ ۾ سندس ڊگري بہ ڪمپليٽ ٿي وڃي ۽ سندس ني ڦنگيو پنج سال جيڪو گورنمينٽ جاب ڪرڻ جو بانڊ ڀري ڏنو آهي. اهو بہ پورو ٿي وڃي. عمر ٻڌايو تہ سندس ني ڦنگيو کي ڪتابن پڙهڻ جو شوق آهي ۽ پڙهندي رهندي آهي، جڏهن مون کيس اوهان جي رائيٽر هئڻ جو ٻڌايو تہ چيائين هاڻ سنڊي تي اينديس تہ انڪل سان ملنداسين، پوءِ گڏجي ڪيڏانھن چڪر هڻڻ هلنداسين. چيومانس، ڪيڏانھن چڪر ڀلي نہ بہ هڻون، پر ڪتابن جو شوقين تنھنجي ني ڦنگيو سان ملي خوشي ٿينديم.
عمر بہ هتي رهندڙ ٻين شاگردن وانگر ننڍا وڏا ڪم ڪاريون، ڪري ٿو، جنھن مان پنھنجو خرچو پاڻي ڪڍڻ سان گڏ ڪجهہ سيونگ بہ ڪندو ٿو رهي.
اسان عمر جي چيني دوست جي چانھه جي شاپ تي پھتاسين، پر هو ان مھل نہ هو، عمر سندس لاءِ چانھه اتي ويٺل همراھہ جي حوالي ڪئي ۽ چرچ هلڻ جي لاءِ ايپ وسيلي ٽئڪسي گهرائي. عمر چواڻي تہ سندس بائيڪ جي چارچ گهٽ آهي، بائيڪ اسان اتي ئي بيھاري، جيڪا چرچ ڏسي پوءِ اچي کنئيسين. واپسيءَ ۾ عمر جي چيني دوست سان بہ ملاقات ٿي، جنھن اسان کي مِٺي ۽ ٿڌي چيني چانھه پياري.
اتي ئي فوڊ اسٽريٽ بہ آهي، جيڪا ڄڻ تہ حيدرآباد جي ريشم گهٽي. عمر چيو انڪل ڪجهہ کائبو. پر مون کي بُک نہ هئي، تنھنڪري انڪار ڪيم. ان دوران ’ديدي‘ بہ اچي ويئي ۽ اسان ان ۾ چڙهي چرچ ڏسڻ روانا ٿياسين. مون چيس شھزاد تہ چيو هو تہ چرچ صفا ويجهو آهي، هي تہ گهڻو پري آهي. جنھن تي چيائين تہ مون پنھنجي گرل فرينڊ کان پُڇيو، جنھن چيو تہ نئننگ جو سڀ کان وڏو چرچ هي ئي آهي، جيڪو سڄو ڏينھن کليل رهندو آهي ۽ منھنجي گرل فرينڊ جو گهر بہ هتان کان ويجهو آهي.
ٽئڪسي مکيہ روڊ ڇڏي هيٺ لٿي. فرلانگ ڏيڍ هلڻ کان پوءِ اچي چرچ جي اڳيان بيٺي. ٽئڪسيءَ مان لٿاسين. اسان جي اڳيان چرچ هو. منھنجي سدائين اها خواهش رهي تہ چرچ ڏسان ۽ ان جي سروس ۾ شريڪ ٿيان. هڪ ٻہ ڀيرا حيدرآباد ۾ ارادو ڪيم، پر وڃي نہ سگهيس. جيتوڻيڪ اڄ اڱاري جو ڏينھن ۽ شام هئڻ سبب سروس تہ نہ هئي، بھرحال چرچ ڏسڻ جي خواهش پوري ٿي. سروس هال ڪافي مٿي ۽ خوبصورت ڳاڙهي رنگ سان ٺھيل هو. ان جي مٿان صليب لڳل هو. چرچ جي اڳيان ڪيترائي سوٽيڊ بوٽيڊ همراھہ بيٺا هئا، جيڪي سڀ چيني هئا. جيڪي اتي ڊنر ۾ شرڪت جي لاءِ آيا هئا. چرچ جي اڳيان خوبصورت گُل ۽ ٻوٽا هئا. سامھون يسوع مسيح ۽ سينٽ ميري جا اسٽيچو ڀتين ۾ لڳل هئا. ڀر ۾ چيني ٻولي ۾ چرچ جي اڏاوت بابت لکيل هو. اسان ٻيئي اهو پاسو ڏسي ڏاڪڻيون چڙهي مٿي هال ۾ پھتاسين. سامھون نھايت خوبصورت هال هو، جنھن جي ٻنھي پاسن ڪاٺ جون خوبصورت بئنچون رکيل هيون. هر بئنچ تي ڳاڙهي ڪلر ۾ انجيل جو چيني ترجمو رکيو هو، جيڪو سروس جي دوران شرڪت ڪندڙ پڙهندا آهن، انھن ڊيسڪن جي اڳيان اسٽيج هو، جنھن جي هڪ پاسي يسوع مسيح جي نھايت خوبصورت تصوير رکيل هئي، ٻي پاسي نھايت خوبصورت ڪرسي رکيل هئي، جنھن تي فادر ويھي خطبو ڏيندو آهي. ان جي ڀرسان بائبل جو هڪ پراڻو نسخو رکيل هو، جنھن ڪرسي تي مون ويھي فوٽو ڪڍايو، چرچ جي ڀتين تي يسوع مسيح جون خوبصورت ۽ من موهيندڙ مُرڪ واريون تصويرون پينٽ ٿيل هيون. سڄو چرچ اندر توڙي ٻاهر، خوبصورت آر ڪيٽيڪٽ جو نمونو هو. آءٌ ۽ عمر اڃا اندر بيٺا چرچ جي مووي ٺاهي رهيا هئاسين تہ هڪ ’چيني سسٽر‘ اندر گهڙي آئي ۽ چينيءَ ۾ چيائين، ”اوهان جي ڪھڙي مدد ڪري سگهان ٿي.“ عمر چيس تہ ”مھرباني اسان پاچيستان مان آيا آهيون. بس چرچ ڏسڻ جي خواهش هئي، ان ڪري آيا آهيون.“ سسٽر اسان کي ويلڪم ڪيو ۽ پوءِ اسان ٻاهر نڪري آياسين. عمر چيس تہ اسان ڪي سووينئر خريد ڪرڻ ٿا گهرون، ڇاڪاڻ تہ سووينيئر جو چرچ جو شاپ بند ٿي چڪو هو. هوءَ ويئي، سا هڪ چينيءَ کي وٺي آئي، جيڪو خبر پئي تہ فادر آهي. هن اسان کي کيڪاريو ۽ سسٽر کي ڪجهہ چيو ۽ هو اسان کي پاڻ سان وٺي ويو ۽ هڪ ننڍي ڪمري جو تالو کوليائين. اندر هڪ ننڍو شاپ هو، جنھن ۾ ننڍا ڪراس ۽ عيسائيت سان وابستہ ٻيون شيون ۽ چيني زبان ۾ انجيل يسوع مسيح جا ننڍا بت ۽ نھايت خوبصورت تصويرون رکيل هيون. ان مھل منھنجي خواهش ٿي تہ ’مائيڪل اينجلو‘ جي ٺاهيل يسوع جي تصوير ’دي لاسٽ سپر‘ وٺان. جو اها مون کي ڏاڍي وڻندي آهي، پر اها اتي موجود نہ هئي. تنھنڪري ڏھہ يوان ڏيئي يسوع مسيح جي هڪ ٻي خوبصورت تصوير خريد ڪيم. فادر پڇيو تہ، ”اوهان ڪئٿولڪ آهيو؟“ ”نہ اسان مسلمان آهيون.“ جنھن تي هنن تعجب مان خوشيءَ جو اظھار ڪيو. جڏهن عمر کيس ٻڌايو تہ آءٌ ليکڪ آهيان تہ هنن ٻنھي اسلام عليڪم چئي مون سان هٿ ملايو، اسان سندن ٿورا مڃيا ۽ ٻاهر نڪري آياسين. هن چرچ جو انتظام ”نئننگ سئٽر ڊي چيئرٽي والنٽيرس ايسوسي ايشن“ پاران هلايو ٿو وڃي، جنھن جو بنياد 2016ع ۾ رکيو ويو ۽ ان جي رجسٽريشن نئننگ سول افيئرس بيورو ۾ جون 2019ع ۾ ڪرائي ويئي.
اسان چرچ جي ٻاهر نڪري آياسين ۽ چرچ جي مٿي نظر ڪئيسين، جنھن جي مٿان چيني ۾ لکيل هو ”Jesus loves you (يسوع مسيح اوهان سان پيار ڪري ٿو.)
حضرت مسيح عليھ السلام جي زندگيءَ مون کي سدائين متاثر ڪيو. سائين محمد ابراهيم جويي ”اينڊ بلائٽن“ جي ڪتاب جو ”ٻارن جو مسيح“ جي نالي سان ترجمو ڪري، نہ فقط سنڌي ادب ۾ واڌارو ڪيو، پر مون جھڙن سيکڙاٽن کي يسوع جي زندگي ۽ تعليم کان واقف ڪرايو. اهو ڪتاب ۽ حضرت يسوع جي زندگي تي مون جيڪو بہ ڪتاب پڙهيو، ان مون کي متاثر ڪيو.
هينئر مون کي حضرت يسوع مسيح جون ڪجهہ چوڻيون پيون ياد اچن:
- مبارڪ آهي اهو، جنھن پنھنجي زبان جي حفاظت ڪئي، ۽ ڪنو لفظ نہ ڳالھايو.
- شھوت پرست ماڻھو سدائين غمگين رهندو آهي.
- گهڻي ۽ اجائي ڳالھائڻ سان دل زنگجي ٿي ۽ ماڻھو ﷲ تعاليٰ کان پري ٿي ويندو.
- دانائي ۽ سياڻپ جو نقطو، نالائق نادان کي نہ ٻڌايو
- جنھن علم سکيو ۽ عمل نہ ڪيو، اهو قيامت جي ڏينھن خلق آڏو خوار ٿيندو.
- جنھن ڳالھہ جي پڪ نہ هجي، اها ڪچھري ۾ نہ ڪجي.
- ڀلو عمل اهو آهي، جيڪو ﷲ تعاليٰ جي رضا خاطر ڪيو وڃي.
*
عمر ۽ آءٌ جڏهن واپس ’ذائقہ‘ پھتاسين تہ وشال پڇيو، ”ابو مزو آيو؟“ ”بلڪل تمام گهڻو، دل خوش ٿي وئي.“ ۽ پوءِ منھنجي هٿ مان يسوع مسيح جي تصوير وٺي ڏسي کلندي چيائين، ”ڪڏهن گوتم، ڪڏهن ڪنفيوشس ۽ هاڻ جيزس ڪرائسٽ. ماڻھو تنھنجي لاءِ چوندا تہ چريو آهي.“ جنھن تي کلندي چيومانس، ”اهي چرين جا تہ ڪم آهن.“



[20 نومبر 2024ع]
اڄ ڏينھن ٿڌو ۽ سيانڊڙو محسوس ٿي رهيو هو. سوير اُٿي پارڪ ۾ وڃي ڪسرت ڪيم ۽ پوءِ ڊبل روٽي وٺي آيس. ٿوري دير کان پوءِ نسيم اُٿي چانھه ڪاڙهي، جنھن ۾ ڊبل روٽي ٻوڙي ناشتو ڪيوسين. کشين جي ڀيڻ وانگ ين ڇنگ چار ڏينھن اڳ واپس موٽي آئي. هاڻ هوءَ پنھنجي فليٽ ۾ شفٽ ٿي رهي آهي، جنھن لاءِ سڄو ڏينھن ٿي سامان سھيڙي ۽ کوکا ٻڌي پاڻ ۽ کشين انھن کي ٽيپ هڻنديون رهيون ۽ گهر جو ڪافي سامان جيڪو ڪچري طور نڪتو، اهو ڪالھہ ’وانگ ين ڇنگ‘ ٻہ ٻورا ڀري ايڪيھن يوانن ۾ ڪٻاڙي واري کي وڪڻي ڇڏيا. وشال کي اها ڳالھہ ٻڌايم تہ کلندي چيائين، ”اها خالي بوتل بہ نہ اُڇلي، سڀ ميڙي وڪڻندي آهي.“
وانگ ين ڇنگ سوير اٿندي آهي ۽ ٻاهر وڃي فروٽ ۽ ڀاڄيون وٺي ايندي آهي، جيڪي پوءِ رڌيندي آهي ۽ ٻئي ڀيڻيون کائينديون آهي. چيني ماڻھو هونئن بہ سوير اٿي وڃي ڀاڄيون ڀُتيون وٺي ايندا آهن.
ڪالھہ چرچ ڏسي ٽئڪسي ۾ موٽياسين پي تہ ٽئڪسي واري پڇيو، ”توهان شنچيان جا آهيو؟“، ”نہ پاچيستان جا.“ عمر جواب ڏنس. شنچيان جنھن کي پاڻ وٽ سنڪيانگ چيو ويندو آهي. شنچيان جي اڌ آبادي مسلمانن تي مشتمل آهي ۽ ماضي ۾ ٿيل دھشتگردي جي واقعن سبب گهڻا چيني کين شڪ جي نظرن سان ڏسندا آهن. شنچيان يا سنڪيانگ صوبو چين جي اولھه ۾ آهي، جنھن جون سرحدون هندستان، افغانستان، پاڪستان ۽ منگوليا سان ملن ٿيون. هن صوبي جي آبادي ٻہ ڪروڙ سٺ لکن کان وڌيڪ آهي، جنھن مان اڌ آبادي ايغور مسلمانن جي آهي، ايغور ترڪي نسل جا آهن. ڪشميري اڳواڻ مرحوم شيخ عبدﷲ پنھنجي آتم ڪھاڻي ”آتش چنار“ [جنھن جو مون اختصاريل سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي.] ۾ لکيو آهي تہ شنچيان/ سنڪيانگ جو اڳ ۾ نالو ’ترڪمستان‘ هوندو هو. سنڪيانگ صوبي ۾ عليحدگي پسند تحريڪ هلي رهي آهي. چيني حڪومت ان تحريڪ کي چٿڻ لاءِ سختيءَ کان ڪم وٺي رهي آهي. انساني حقن جي عالمي تنظمين موجب ڏھہ لک ايغور مسلمانن کي ڪئمپن ۾ حراست ۾ رکيو ويو آهي، جتي تعليم ۽ تربيت ڏني ويندي آهي، جيئن سندن عليحدگي پسند سوچ ختم ٿئي ۽ هو پرڏيھي اسلامي تنظيمن جي هٿن ۾ نہ کيڏن. چين ايغور جي مسلمانن جي ڪئمپن کي نظرياتي تعليمي ادارا اقرار ٿو ڏي. پھرين تہ چين پوري ڪوشش ڪئي تہ نرم قدمن سان مسلمانن جي اصلاح ڪئي وڃي، جڏهن نرميءَ مان هاڪاري نتيجا نہ نڪتا تہ سخت پاليسي اختيار ڪئي ويئي.
شنچيان (سنڪيانگ) چين جو اهو صوبو آهي، جنھن جي پکيڙ چين جي ڪل پکيڙ جو 5/1 آهي. چين جو چاليھه سيڪڙو ڪوئلو سنڪيانگ ۾ ملي ٿو. هتي آئل ۽ گئس جا ويھه سيڪڙو ذخيرا آهن. سنڪيانگ دنيا سان ڳنڍڻ لاءِ چين جو ”گيٽ وي“ آهي. سنڪيانگ کان سواءِ سي پيڪ ۽ بيلٽ اينڊ روڊ رٿا جو تصور بہ نٿو ڪري سگهجي. ايغور جا انتھاپسند مسلمان پرڏيھي مداخلت ۽ سھڪار سان ڪيتريون ئي دھشتگرد ڪاروايون ڪري چڪا آهن. اهي ڪاروايون ’ايسٽ ترڪمستان اسلامڪ موومينٽ‘ ڪيون هيون.
ايغور جي مسلمانن جي دعويٰ آهي تہ اهو علائقو سدائين سندن رهيو آهي ۽ چين جي ’هان‘ سندن علائقي تي حملو ڪري قبضو ڪيو ۽ کين اقليت ۾ بدلايو پيو وڃي. انھن جون روايتون مختلف آهن ۽ پاڻ کي چينين کان ڌار ٿا سمجهن. ’اروڪئي‘ ۽ ’ڪا شغر‘ اتان جا مشھور شھر آهن. جتي مسجدن ۾ ٻانگون ڏنيون وڃن ٿيون. انھن جي دڪانن جا سائن بورڊ عربي رسم الخط ۾ لکيل هوندا آهن. ايغور جا مسلمان سڄي چين ۾ هوٽلون هلائين ٿا، سندس تِڪا ڏاڍا مشھور آهن، هو نج پج ڪاروباري همراھہ آهن، ٻين لفظن ۾ پاڻ کين ’چيني پٺاڻ‘ چئي سگهون ٿا.
چين ۾ مسلمانن جو سرڪاري انگ اکرن موجب تعداد ٻہ ڪروڙ 82 لک آهي، پر غير سرڪاري ذريعا اهو تعداد وڌيڪ ٻڌائين ٿا، چين جي آئين جي آرشيڪل 36 موجب هر شھريءَ کي مذهبي آزادي ڏني ويئي آهي، البت رياستي ادارن تي پابندي هنئي ويئي آهي تہ هو مذهب جو پرچار نہ ڪن. چين ۾ جن مذهبن کي سرڪاري طور تي تسليم ڪيو ويو آهي، انھن ۾ اسلام، عيسائيت، ٻڌ ڌرم ۽ تائومت شامل آهن.
چين جي ڪرنسي نوٽن تي جن پنجن ٻولين ۾ لکيو ويو آهي، انھن ۾ ايغور ٻولي بہ شامل آهي، جنھن جي رسم الخط عربي آهي، ان کان سواءِ باقي جيڪي چار ٻوليون آهن، انھن ۾ چيني، منگولين، تبتي ۽ چونگ ٻوليون آهن. چيني کان سواءِ باقي چارئي ٻوليون چين جي اوڀر، ڏکڻ، اولھه ۽ اُترين علائقن ۾ ڳالھيون ۽ سمجهيون وڃن ٿيون ۽ انھن سڀني جي رسم الخط ڌار ڌار آهي.
مون سنڪيانگ جو مسئلو سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. ان سلسلي ۾ ٽم مارشل جي ڪتاب جاگرافي جا قيدي (Prisoners of Geogrophy) ۾ اهو مسئلو هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي. ”ڏکڻ اوڀر چين ۾ نيم خودمختيار ۽ سرڪش صوبو شنچيانگ آهي. جنھن جي اصلوڪي آبادي ايغور مسلم آهي. جيڪي ترڪ زبان سان ملندڙ ٻولي ڳالھائين ٿا. شنچيانگ جون سرحدون اٺن ملڪن سان ملن ٿيون. جن ۾ روس، منگوليا، قازقستان، ڪرغستان، تاجڪستان، افغانستان، پاڪستان ۽ هندستان شامل آهن. شنچيانگ جتي ماضي ۾ بہ مسئلو هو، اتي مستقبل ۾ بہ رهندو. ايغورن 1930ع ۽ 1940ع ۾ ٻہ ڀيرا ”اتر ترڪستان جي نالي سان پنھنجي آزاد رياست جو اعلان ڪيوهو. 2009ع ۾ هتي نسلي فساد ٿيا هئا، جنھن جي نتيجي ۾ ٻہ سؤ ماڻھو مارجي ويا. چين لاءِ شنچيانگ حڪمت عملي جي لحاظ کان اهم آهي. تنھن ڪري هو اجازت نہ ڏيندو تہ اتي آزادي جي تحريڪ پاڙون پختيون ڪري. اهو فقط اٺن ملڪن سان سرحدون نہ ٿو ملائي، پر ان وٽ تيل آهي ۽ چين جي ائٽمي هٿيارن جي آزمائش جي آماجگاھہ بہ آهي. هي علائقو چين جي معاشي حڪمت عملي ’ون بيلٽ، ون روڊ‘ جي ڪنجي پڻ آهي. هي هڪ نرالي ڍنگ وارو رستو آهي، جيڪو سامونڊي رستي سان ڳنڍي ٿو.
هنن جي بين الاقوامي ايغور ڪانگريس (World Ughur Congress) جرمني ۾ قائم آهي ۽ اتر ترڪستان آزادي جي تنظيم ترڪي ۾ قائم آهي. پر ايغور عليحدگي پسندن وٽ ’دلائي لاما‘ جھڙي قيادت ڪونھي، تنھنڪري هنن جو مقصد بين الاقوامي طور تي نامعلوم آهي. چين انھن کي انھن طريقن سان رکڻ گهري ٿو. اهو پنھنجي بنائي ٿو تہ جيئن هن جا سرحدي ملڪن سان تعلقات وڌ ۾ وڌ سٺا رهن، تہ جيئن هنن کي منظم آزادي جي هلچل لاءِ رسد جا رستا نہ ملي سگهن ۽ انھن کي ٻين جي هٿ چڙهڻ کان روڪي سگهجي.“ (صفحو 70-71-72).
[21 نومبر 2024ع]
پُٽ هجن تہ اهڙا، صبح جو گهران اُٿي، جيئن ئي ’ذائقہ‘ تي ويس تہ ڏٺم تہ ٻہ پيڪٽ هڪ ننڍو ۽ هڪ وڏو پيڪٽ پيو هو. ننڍو پيڪٽ کوليم تہ ان مان مائوزيتنگ جو اسٽيچو نڪتو. ٻيو کوليم تہ ان مان هڪ چپل نڪتي. دل ۾ آيم تہ مائو جا ٻہ اسٽيچو تہ اڳ ۾ ئي مون وٽ آهي، هڪ کشين گفٽ ڪيو ۽ ٻيو وشال گهرائي ڏنو هو. هي ٽيون وري ڇو؟ ڪٿي ڀُل ۾ تہ ڪونہ آيو آهي. چپل بہ تہ آن لائين گهرائي هئيسين، وري هيءَ ٻي ڇو؟ وشال آيو تہ پُڇيومانس تہ چيائين، ”مون سوچيو تہ متان مائو جو اسٽيچو توکي ڪنھن دوست کي نہ ڏيڻون پوي. سو هڪ وڌيڪ گهرائي ڇڏيم.“ ٻي چپل گهرائڻ بابت پڇيومانس تہ چيائين ”اوهان اڇو ڪلر پسند ڪيو هو، پر مون ڪارو گهرايو هو، پوءِ ياد آيم تہ اوهان تہ اڇو ڪلر پسند ڪيو هو. سو ٻي گهرائي ڇڏيم.“ مون کيس ڏسندي چيو، ”يار ٻي گهرائڻ جو ڪھڙو فائدو، اجايو خرچ ٿو ڪرين.“ “ابو ٻيئي واري واري سان پائج غير ضروري شئي تہ ڪونھي، ڪم اچي ويندي.“
ڪجهہ ڏينھن اڳ جڏهن ڇائويانگ ۾ ڪتاب گهر تي ’ڦو اي‘ (Puyi) جي آتم ڪھاڻي ”شھنشاھہ کان شھريءَ تائين“ جي پھرين ڀاڱي جو چيني ايڊيشن ڏٺم تہ دل سٽ کاڌي تہ يادگار طور وٺان جو ان ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري رهيو آهيان، ان مھل نہ ورتم. گهر اچي وشال کي ڏيکاريم تہ بيجنگ جي پبلشر ”فارين لينگويج پريس“ سرچ ڪري ڏس تہ هن ڪتاب جو انگريزي ڇاپو آهي. وشال ان ئي مھل سرچ ڪري انھن کان پڇيو، جواب آيو تہ انگريزي ڇاپو ڪونھي. البت چيني آهي. جنھن جي قيمت چيڪ ڪئيسين تہ سورهن يوان هئي، جڏهن تہ ڇائو يانگ جي بوڪ شاپ تي هڪ سؤ يوان هئي. ان ڪري بہ لنوايم جو اهي پاڪستاني چار هزار پي ٿيا. وشال پڇيو ابو وٺڻون آهي،چيم ها، پر چيني ۾ آهي، دل چوي ٿي تہ يادگار طور وٺي وڃان. پر ٻڏتر ۾ آهيان. وشال ان مھل مون کي ٻين انگريزي ڪتابن جي فھرست تعارف سميت کولي ڏني تہ چيڪ ڪر، سرسري طور ڏٺم، پر انھن جون قيمتون ڏسي ٻي ڪنھن ڪتاب خريد ڪرڻ جو ارادو نہ ٿيم. وشال کي چيم تہ ٻيو ڪوبہ ڪتاب وٺڻون ڪونھي، ٿوري دير کان پوءِ وشال چيو تہ مون ”شھنشاھہ کان شھري“ تائين جو آن لائين آرڊر ڪري ڇڏيو آهي. اڄ مائو جو اسٽيچو ۽ چپل آڻي ڏنو. ڪلاڪ کن کان پوءِ ٽپال واري هڪ نھايت خوبصورت پئڪيٽ آڻي ڏنو. کوليم تہ اهو ئي ڪتاب هو. ڇپائي ۽ پنو نھايت خوبصورت هو. ڪتاب جو اهو پھريون ڀاڱو ”منھنجي زندگي جو پھريون اڌ آهي.“ ان جو ٻيو ڀاڱو في الحال اداري وٽان بہ ختم ٿيل آهي. شنھشاھہ کان شھريءَ تائين جي ان پھرين ڀاڱي جو مون ترجمو لڳ ڀڳ مڪمل ڪري ورتو آهي. باقي ٽيھارو کن صفحا بچيا آهن، جيڪي پرينھن تائين مڪمل ٿي ويندا.
”فارين لينگويج پريس“ پبلشنگ اداري جو بنياد 1952ع ۾ پيو، جيڪو دنيا جي 43 ٻولين ۾ ڪتاب ڇپرائي ٿو، جنھن ۾ ادب کان سواءِ ڪميونسٽ پارٽي آف چين وغيرہ جا ڪتاب بہ ڇاپي ٿو. ادارو سال ۾ مختلف موضوعن تي ڇھن سون کان بہ وڌيڪ ڪتاب ڇاپي ٿو، جن ۾ چيني کان سواءِ انگريزي، فرينچ، اسپينش، جرمن، جاپاني، روسي، عربي ۽ پورچو گالي ٻوليون شامل آهن. ڪنھن زماني ۾ هي ادارو اردوءَ ۾ پڻ ڪتاب ڇپيندو هو ۽ پاڪستان ۾ اهي نھايت سستي اگهہ تي وڪامندا هئا. انھن مان ڪيترائي ڪتاب مون وٽ پڻ آهن، جن ۾ ’ڦو اي‘ جي آتم ڪھاڻي ’شھنشاھہ کان شھري تائين‘ پڻ شامل آهي. فارين لينگويجز پريس، جي لوگي تي لکيل آهي. “A Marxist- Leninist- Maoist publishing House” فارين لينگويج پريس، چين جي هڪ سؤ بھترين پبلشنگ ادارن مان هڪ آهي، ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو تہ چين ۾ ڪتابن جي ڇپائي ڪيتري نہ وڏي تعداد ۾ ٿئي ٿي ۽ انھن جي ڪيتري نہ قدرداني آهي.
ڪتاب وشال کي ڏيکاريم تہ چيائين ”ڪتاب جو انگلش ايڊيشن جي جانچ بہ ڪندا رهنداسين.“
اهو ٻُڌي مون سوچيو، ”يار وشال ايترو بہ نہ ڀانئين جو روئڻ نہ لڳان.“ اولاد جڏهن پيءَ جو اندر پڙهي وٺي، سندس ننڍڙين ۽ اهڙين خواهشن جو بہ احترام ڪري، جن تي هو سمجهي تہ پئسن جو زيان آهي، (چينيءَ ۾ ڪتاب وٺڻ جيڪو ٻولي نہ اچڻ سبب پئسن جو زيان ئي چئبو) پر پوءِ بہ هو پيءُ جي خواهش بنا هٻڪ پوري ڪري تہ پيءُ جي اکين ۾ خوشيءَ جا لڙڪ تہ ايندا نہ.
*
29 نومبر تي ٽڪيٽ بوڪ ٿي نہ سگهي. ابوذر اقبال ٻڌايو تہ ان ۾ فقط ست ڪلو سامان هٿ ۾ کڻڻ ٿا ڏين. باقي ٻيو سامان کڻڻ نہ ٿا ڏين. مون چيو اهو وري ڪيئن. چيائين، ”ايئر لائين شايد پاليسي بدلائي آهي.“ مون چيس ”يار پوءِ ڇا ٿيندو. منھنجون موڪلون تہ ختم پيون ٿين.“ نيٺ 3 ڊسمبر جي گوانچو مان ٿائي ايئر لائينز وسيلي روانگي جي ٽڪيٽ بوڪ ٿي، جيڪا وشال مون کي وي چيٽ تي موڪلي ڏني. هاڻ پڪ ٿي 3 ڊسمبر تي گوانچو وايا بئنڪاڪ، ڪراچي پھچنداسين. وشال چيو تہ سومار جي ڏينھن ’ايوو سٽي‘ ٿا هلون. اتي سندس دوستن منور ۽ حيدر هوٽلون کوليون آهن، اهي بہ ڏسڻيون آهن ۽ ٽريڊ مارڪيٽ جو بہ جائزو وٺڻو آهي. هاڻ ڏسجي تہ اهو پروگرام بيھي ٿو يا نہ؟
اڄ هتي هلڪو سيانڊڙو محسوس ٿيو. پاڻ تہ اهڙي سيانڊڙي کي ماڱاريون ئي ڪونہ، پر چينين کڻي آٿر چاڙهيا آهن. ڪوٽ، سوئيٽر ۽ جيڪٽ پائڻ شروع ڪري ڇڏيا اٿن.
[22 نومبر 2024ع]
پاڪستان ۾ هئس تہ گرمي، ٿڪاوٽ، پريشانين ۽ ڊپريشن سبب حال احوالن کان نڪري ويو هئس ۽ هڪ ڀيري ڊاڪٽر وشال کي فون تي چيم، ”پشو، آءٌ ايترو تہ ٿڪجي پيو آهيان، جو جڏهن چين ايندس تہ مون کي هڪ اي. سي وارو ڪمرو ڏج تہ سڄو ڏينھن ان ۾ ستو پيو هُجان ۽ سالن جا ٿڪ لاهيان.“
نئننگ پھتس تہ ڊاڪٽر وشال ايئر ڪنڊيشنڊ ڪمرو ئي اسان جي حوالي ڪيو. ڏينھن جو تہ ان ۾ نہ سُمھندو آهيان،پر رات جو بہ ٻہ ٽي ڪلاڪ مس سمھندو آهيان. پوءِ ٻاهر اچي صوفي تي ليٽي پوندو آهيان، ڇاڪاڻ تہ اي. سي جي ٿڌاڻ سبب منھنجي ٻانھن ۾ سخت سور پوڻ شروع ٿيندو آهي. ٻين لفظن ۾ تہ ٿڌاڻ سبب مون کي ٻانھن ۾ سور پوڻ شروع ٿي ويندو آهي. پاڪستان توڙي هتي علاج ڪرائڻ جي باوجود وقتي فائدو ٿئي ٿو. البت ڪسرت سبب گوڏن کان هيٺ جيڪا تڪليف ٿيندي هئي، اها گهٽجي ويئي آهي. اڄ بہ سوير ٻاهر اچي صوفي تي ليٽس تہ وشال پنھنجي ڪمري مان ٻاهر نڪتو ۽ مون کي سُتل ڏسي، پنھنجي ڪمري مان چادر کڻي اچي منھنجي مٿان وڌائين تہ منھنجي اک کلي ۽ مُرڪي اکيون ٻوٽي ڇڏيم.
*
حيدرآباد ۾ جڏهن پيپلز بسيون شروع ٿيون هيون تہ ڏاڍا خوش ٿياسين، جو گهٽ ۾ گهٽ حڪومت کي عوام جي ڀلائيءَ جو ڪوتہ ڪم ياد پيو. اها سروس گهڻي سستي ۽ سُٺي آهي، اها شروع ٿي تہ مون جھڙن بہ ان ۾ سفر شروع ڪيو. نھايت سستي ۽ آرامدہ ۽ گاڏي کاتي کان نسيم نگر چوڪ تائين ويندڙ سوزوڪين جي آزار مان جند ڇُٽي، جن جا موالا ڊرائيور حد کان وڌيڪ بدتميز هوندا هئا. اهي اليڪٽرڪ بسيون جيڪي چين کان ورتيون ويون، انھن کي ماڻھن ڳاڙهي بس چوڻ شروع ڪيو. نئننگ ۾ آيس تہ هتي بہ اهي بسون هلندي ڏٺم، جن جا اسٽاپ مقرر آهن، اتي ئي بيھن، ماڻھو چڙهن ۽ لھن. پاڻ واريون حيدرآبادي ڳاڙهيون بسون تہ وک وک تي بيٺيون هونديون آهن. هنن بسين جو ڪرايو، ٻہ يوان آهي، پوءِ جتي بہ لھو. پر مون هِتي اهو ڏٺو آهي تہ اهي بسيون اڪثر خالي پيون وينديون آهن. هڪ ٻہ مسافر ئي هوندو اٿن، هونئن تہ هتي چين جا ماڻھو ايترا سکيا ستابا ٿي ويا آهن، جو پنھنجي ڪارن ۽ موٽرن جا ڌڻي آهن، جي اهي نہ تہ موٽرسائيڪل ۽ سائيڪل تہ هر ڪنھن وٽ آهي. هڪ ڏينھن دوستن سان ويٺي انھن بسين جو ذڪر نڪتو ۽ چيم تہ انھن ۾ ماڻھو تہ چڙهن صفا گهٽ ٿا،پوءِ بہ حڪومت هلائي ٿي. بند ڇو نہ ٿي ڪري، جنھن تي چيائون تہ اها ٽرانسپورٽ سستي ۽ عوام جي سھوليت خاطر آهي ۽ خاص ڪري پوڙهن شھرين لاءِ. جيڪي انھن بسين ۾ چڙهندا آهن، حڪومت انھن جو گهڻو خيال رکندي آهي. سب وي وانگر هيءَ بس سروس جنھن سڄي نالي جو مخفف بي. آر. ٽي آهي. ان جون پڻ خوبصورت اسٽيشن ۽ روٽ آهن، چيني زبان ۾ ان ٽرانسپورٽ سسٽم کي Gong Jiro che چيو وڃي ٿو. سب وي تہ ڪمال جي سروس آهي، سڄي شھر ۾ مٿان ٽريفڪ جا روڊ ۽ هيٺان سب وي جا روٽ. جيڪي هيٺ ٽي ٽي چار چار ماڙ بہ آهن، زمين دوز اهو نظام سچ تہ حيرت انگيز آهي. چين جي نئين اڏيل شھر ’پوڊونگ‘ ۾ ڪنھن ٻڌايو تہ 21 ماڙ بہ سب وي آهن، اندازو لڳايو تہ اهو ڪيترو هيٺ هوندو ۽ ان جي اڏاوت ۾ انجنيئرنگ جو ڪيڏو نہ ڪمال چئبو، ٽيون ڏينھن جڏهن عمر سان ان سب وي جي ڪمال ڪاريگري جو ذڪر نڪتو ۽ چيم ’خدا نہ ڪري، جيڪڏهن زلزلو يا ڪا ٻي قدرتي آفت اچي تہ تباهي مچي ويندي، جنھن تي عمر چيو تہ هي اهي ڏاڍيون مضبوط ٿا ٺاهين، جن جي ڊهڻ يا نقصان ٿيڻ جو امڪان گهٽ آهي. دل ۾ چيم ”انسان ڀلي ڪيترو بہ سگهارو هجي،پر قدرت جي طاقت اڳيان ڪابہ حيثيت نہ ٿو رکي.“
*
جمع جو ڏينھن هئڻ سبب نماز پڙهڻ وياسين. هر ڀيري جمع تي ڪافي دوست ملندا هئا، پر اڄ ڪنھن سان بہ ملاقات نہ ٿي. ٻاهر نڪتس تہ وشال مون کي ’نو وال حراري‘ جو ڪتاب 21 lessons for the 21st century ڏنو، چيائين تہ علي زين جيھجو ڏيئي ويو آهي، گذريل هفتي علي مليو هو تہ چيائين مون وٽ هڪ ڪتاب پيو آهي، اوهان لاءِ کڻي ايندس. مون سمجهيو تہ ڪو چيني ادب بابت هوندو. بھرحال ’نوال حراري‘ جو هي ڪتاب زبردست آهي، جيڪو جلد پڙهبو.
غني خان پشتوءَ جو تمام وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس شاعري جو منظوم اردو ترجمو ’مشتاق علي شان‘ ڪيو آهي، جيڪو فڪشن هائوس پاران ڇپرايو ويو آهي، اڄ ڪنھن غني خان جو هڪ خوبصورت نظم هڪ گلوڪارا جي آواز ۾ موڪليو، جنھن ۾ پشتو شعر جي هيٺان سنڌي ۽ اردو ترجمو بہ ڏنل هو ۽ نظم هن ريت آهي.
وايه وايه مُلا جانان؟
[ٻڌاءِ ٻڌاءِ مولوي]
زندگي سوال آهي يا جواب
زندگي وصال آهي يا جنون
سڪون آهي يا بي قراري
زندگي امام آهي يا گلفام
منبر آهي يا محراب
زندگي خواب آهي يا سراب
ٻڌائي ٻڌائي مولوي
زندگي فرعون آهي يا ان جو غرور
جنون آهي يا سرور
نمرود جو سونو تخت آهي
يا منصور جو رنگين موت
حُسين جي مسڪراهٽ آهي
يا يزيد جي مستيءَ ڀري مغروري
بھار آهي يا گلاب
ڳُجهو آهي يا نروار
ٻڌاءِ ٻڌاءِ مولوي
زندگي سوال آهي يا جواب؟
مسجد مان نڪري ٻاهر بيٺاسين تہ سليمان مليو، جيڪو تنزانيا جو آهي. ڪجهہ ڏينھن اڳ هوٽل بند ٿيڻ مھل وشال، رضوان، عمران ۽ آءٌ ويٺا ڪچھري ڪري رهيا هئاسين تہ هو اندر گهڙي آيو هو، ۽ چارجر جي پُڇا ڪيائين تہ جيئن هو موبائيل چارج ڪري سگهي. وشال کيس ڏني ۽ هن موبائيل چارج تي لڳائي. ان مھل اسان جي اڳيان پيپسي جو هڪ ٽن رکيو هو، جيڪو عمران کي کڻي فرج ۾ رکڻون هو، پر ڪچھري جي ڪري رکي نہ سگهيو. سليمان اهو ڏٺو تہ چيائين، ”پي سگهان ٿو.“ وشال چيس، ”ڀلي.“ تہ هو پيئڻ لڳو. جنھن تي سڀني کي سندس منھنجي پڪائيءَ تي حيرت ٿي. اڄ مليو تہ هيلو هاءِ ٿي. وشال مون کي ٻڌايو تہ ”سليمان وڏو استاد آهي، اگهہ ڦٽائڻ ۽ ٻين جي روزي تي لت ڏيڻ وارو.“ پُڇيم، ”ڪيئن؟“ چيائين، ”اسان پاڪستانين طئي ڪيو هو تہ ٻہ سؤ يوان کان گهٽ في ڪلاڪ ٽيوشن نہ پڙهائينداسين، پر هي اسان جي جاءِ تي وڃي سٺ يوانن ۾ پڙهائڻ لڳو.“ جنھن تي کلندي وشال کي چيم، ”بس هي امير آفريقي ملڪن جا غريب باشندا آهن، سو مٿن ميار نہ ڪندو ڪر.“
[23 نومبر 2024ع]
کشين جي وڏي ڀيڻ ’وانگ ين ڇنگ‘ سوير اٿندي آهي ۽ ٻاهر وڃي سيڌو سامان وٺي ايندي آهي، ٽيون ڏينھن جڏهن چيومانس تہ تنھنجي مما ڏاڍي سٺي آهي، پر اوهان مون کي ساڻس ملائڻ جي ڳوٺ ڪڏهن وٺي هلندا تہ چيائين تہ جي وشو ۽ کشين نہ ٿا هلن تہ تون ۽ آئي (چيني ۾ چاچيءَ کي آئي چون) مون سان گڏ جي هلو، پر مون خيال نہ ڏيکاريو تہ هن پنھنجي موبائيل مان پنھنجي ڳوٺ، پنھنجي مائٽاڻي گهر ۽ فمئلي جا فوٽو ڏيکاريا، جن مون کي گهڻو متاثر ڪيو، پر هاڻ جڏهن سومر تي ’ايوا‘ جي ٽڪيٽ بوڪ ڪرائي ڇڏي اٿئون تہ واپسيءَ کان پوءِ اهو پروگرام ٺھڻ ممڪن نہ لڳو. تنھنڪري مون اهو چئي سندس ٿورو مڃيو. ”مون سڄا سارا ٻہ مھينا اوهان کي هلڻ لاءِ چيو، پر ڪير بہ سنجيدو نہ ٿيو. هاڻ منھنجي طبيعت هلڻ تي آمادہ ڪونھي.“
ٽيون ڏينھن ’وانگ ين ڇنگ‘ ڇا ڪيو، ٻارن جا ڪيترائي ڪپڙا وٺي آئي ۽ سڀني جي غير موجودگيءَ ۾ نسيم کي ڏنائين تہ ننڍڙن ٻارن لاءِ منھنجي طرفان گفٽ آهن، پر وشو سميت ڪنھن کي بہ نہ ٻُڌائج. نسيم مون کي ٻڌايو ۽ ڏيکاريا تہ ٻُڏتر ۾ اچي ويس، جو ويچاري پاڻ بہ مڙس جي تڙيل ۽ ڏکاري آهي، ٻار بہ مڙس کسي ورتا اٿس، الائجي ڪيئن ٿو گذر سفر ٿيس. سو وري الائجي ڪيترن پئسن جا تحفا وٺي آئي آهي، بھرحال مون نسيم کي چيو تہ دل سان ڏنا اٿس تہ سندس مھرباني، پر شايد پنھنجو پيٽ ڪٽيو اٿس. مون کي مٿس ڏاڍو رحم ايندو آهي، ان ڏينھن مٿي تي هٿ رکي چيومانس تہ ”وانگ ين ڇنگ“ تون منھنجي ڌيءَ وانگر آهين. اسان سنڌي ماڻھو نياڻين جي مٿي تي هٿ رکي دعا ڪندا آهيون تہ ”خوش ۽ سدا سھاڳڻ رهين.“ جنھن تي خوش ٿي.
چين ڀلي ڪيترو بہ ترقي ڪري ويو هجي، آئين ۽ قانون ۾ عورتن کي ڪيترا بہ حق ڏنل هجن،پر مرد انقلابي رياست جو هجي يا دقيانوسي- عورت تي سدائين هٿ کڻندو آهي، جيتوڻيڪ هڪ پاسي جتي چيني عورت گهڻي آزاد آهي، اتي چيني مرد جو موچڙو اڃا بہ مٿس کنيو پيو آهي. وانگ ين ڇنگ کي بہ سندس مڙس ماريندو هو ۽ کيس ڪٽڪو ڏيئي ٻار کسي گهران ڪڍي ڇڏيائين. ڪڏهن ڪڏهن ڳالھائيندو اٿس، تڏهن بہ ڏاڍيون گاريون ڏيندو اٿس. هڪ چيني فئملي سان گڏ رهڻ جو فائدو اهو ٿيو آهي، جو سندن سماجي زندگي ۽ هلي چليءَ بابت گهڻيون خبرون پون ٿيون. کشين ۽ وانگ ين ڇنگ جو پيءُ جيڪو پوليس ۾ هو، تنھن جا کشين جا ماءُ ’وانگ هي ڪؤ‘ کان سواءِ ٻي مائي سان بہ لاڳاپا هئا ۽ ان کي پنھنجن لفظن ۾ سُريت ڪريو ويھاريو ويٺو آهي. پوليس وارو ڪٿي جو بہ هجي، پاڪستان جو يا چين جو، پر پنھنجن اختيارن جو ناجائز فائدو ضرور وٺي ٿو، نہ تہ چين جي ماضيءَ جي ’ون چائلڊ پاليسيءَ‘ هئڻ جي باوجود بہ چار ٻار ڄڻڻ جي هر ڪنھن ۾ تہ همت نہ هوندي.
اڄ بہ سوير ٻاهر ويئي ۽ سامان وٺي آئي. آءٌ ٻاهر ويٺو هئس تہ فروٽ ڇلي وڍي ڦارون ڦارون ڪري اچي منھنجي اڳيان رکيائين. پوءِ ٻہ مڪئيءَ جا ٻہ وڏا سنگ بہ رڌي آئي، جيڪي گهڻا لذيذ هئا، مڪئي جا سنگ هونئن بہ مون کي گهڻا وڻندا آهن، سو نيراني چٻڪ چٻڪ ڪندو هڪ سڄو کائي ويس. وانگ ين ڇنگ اڄ هڪ ٻيو ڳاڙهو فروٽ بہ وٺي آئي، جيڪو ڪجهہ هفتا اڳ مون ’هوچو لو‘ تي بيٺل هڪ گاڏي تي ڏٺو هو. پر وري نہ ڏٺم. ڪنھن ننڍي بم جھڙي ان ڳاڙهي کل واري فروٽ جو نالو ’ڊريگن‘ آهي، جيڪو فقط چين ۾ ٿئي ٿو. ان جو ذائقو ناسپاتيءَ جي ذائقي سان ملندڙ جلندڙ آهي.
ڪجهہ ڏينھن اڳ عمر چيو هو تہ ”’انڪل ڇائو يانگ‘ کان ٿورو اڳيان هڪ ڪتاب گهر آهي، جيڪو بہ تمام وڏو آهي، ڪڏهن دل چوي تہ هلي ڏسي اچجي.“ مون چيس ”منھنجو هر وقت موڊ آهي، تون جڏهن بہ وانڌو ٿئين مون کي وٺي هلج.“ ان ڏينھن چرچ ڏسڻ وياسين تہ واپسيءَ ۾ دير ٿي وڃڻ سبب وڃڻ جو پروگرام ڪئنسل ڪري ڇڏيوسين. ڪالھہ چيائين تہ ”سڀاڻي هلنداسين.“ اڄ مون چئين بجي تائين اوسيئڙو ڪيومانس، پر نہ آيو تہ اُٿي گهر وڃڻ لڳس. اڃا فليٽ تائين پھتو ئي نہ هئس تہ پويان عمر بہ بائيڪ کڻي اچي پھتو ۽ چيائين، ”انڪل، معاف ڪجو، رات چئين بجي تائين آءٌ پنھنجي ’ني ڦنگيو‘ سان گڏ هئس، سو اڄ جلد جاڳ نہ ٿي سگهي. موڊ هجي تہ هلئون.“ مون چيس، ”يار انتظار اشد من الموت وانگر مون ٻارهين کان وٺي تنھنجو اوسيئڙو ڪيو، جنھن مون کي ٿڪائي ڇڏيو آهي، پر هلئون ٿا.“
ائين ذائقہ تي موٽي آياسين. عمر ناشتو ڪيو (چئين بجي)، پوءِ وشال کي چيوسين تہ ديدي گهرائي ڏي. ٿوري دير ۾ ديدي بہ اچي ويئي. اسان ان ۾ ويٺاسين ۽ Guangnu zhung Autounomous Region library روانا ٿي وياسين. جيڪا اتان کان ٻارهن تيرهن ڪلوميٽر پري هئي. عمر کان پڇيم تہ ”تو واري ’ني ڦنگيو‘ بہ اچڻي هئي، پر اها نہ آئي....؟“ جواب ڏنائين ”رات چئين بجي تائين گڏ گهمياسين، ان ڪري ٿڪل آهي ۽ هينئر ستل آهي. ستين ساڍي ستين تائين اتي هونداسين تہ پاڻ کي اچي جوائن ڪندي.“
هڪ هنڌان لنگهندي کاٻي پاسي عمر هڪ خوبصورت عمارت ڏانھن اشارو ڪيو ۽ چيائين تہ ”هي گوانگسي صوبي جو گورنمينٽ هائوس يعني سيڪريٽريٽ آهي، جتان گوانگسي ريجن جو ڪاروهنوار هلايو وڃي ٿو ۽ هي مرڪزي شاهراھہ آهي، جيئن پاڻ وٽ شاهراھہ دستور يا اهڙي قسم جي ڪا ٻي شاهراھہ.“ وغيرہ.
چين ۾ ڪيترائي صوبا ۽ ريجنس اندروني طور خودختيار آهن، انھن ۾ گوانگسي ريجن بہ آهي، نئننگ ان جي گادي جو هنڌ آهي.
ديدي اڳتي وڌي ويئي ۽ نيٺ ڦرندي گهرندي اچي اسان کي لئبريري جي اڳيان لاٿائين. لئبريري جو ٻاهريون نظارو ئي نھايت سُھڻو هو. گل ۽ گلڪاري تہ هن شھر جي سڃاڻپ آهي، تڏهن تہ کيس ”گرين سٽي“ چيو وڃي ٿو.
اسان گيٽ ٽپي اندر گهڙياسين، ڏٺم تہ ٻاهر بہ ڪجهہ مايون ۽ ٻارڙا ويٺا ڪتاب پڙهي رهيا هئا. کاٻي پاسي هڪ ننڍي ڍنڍ ٺھيل هئي، جنھن ۾ ننڍيون توڙي وڏيون، اڇي ۽ سونھري رنگ جون مڇيون تري رهيون هيون. ڏاڪڻيون چڙهي سيڪيورٽي گيٽ مان ڪراس ڪري لئبريري ۾ اندر گهڙياسين. نھايت خوبصورت هال هو، جنھن جي ٻن پاسن کان ننڍا شيلف ٺھيل هئا، جن ۾ چيني زبان ۾ ڪتاب رکيل هئا، جيڪي گهڻو ڪري سرڪاري طور تي ڇپيل ڪميونسٽ پارٽيءَ جي لٽريچر ۽ شي چن پنگ جي تقريرن جا مجموعا هئا. اسان لفٽ ۾ چڙهي پھرين ٻي ماڙ ۽ پوءِ ٽي ماڙ پھتاسين. نھايت خوبصورت ۽ سھڻي ڇپائي ٿيل ڪتاب شيلفن ۾ رکيل هئا. پُڇڻ تي هڪ هنڌ انگريزي ڪتابن جو ڏس مليو، شيلف بہ ڏٺاسين، پر شيڪسپيئر ۽ ڪجهہ ڪلاسيڪي انگريزي ليکڪن جي ڪتابن کان سواءِ باقي سڀ چينيءَ ۾ هئا. البت هڪ ڳالھہ حقيقت بنجي منھنجي سامھون آئي تہ ٻاهريون ادب ججهي انگ ۾ چيني زبان ۾ ترجمو ٿيل نظر آيو. اتي مون هيلن ڪيلر جي آپ بيتي بہ چينيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڏٺي. هيلن ڪيلر جي ان آتم ڪھاڻي جو مون ڪيترائي سال اڳ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو ۽ 2004ع ڌاري روزاني هلال پاڪستان جي عورتن جي صفحي ’سگهڙين سٿ‘ ۾ پنھنجي نياڻي ’امرتا ميمڻ‘ جي نالي سان ڇپرايو هو. اهي اخبارون ٿي سگهن ٿيون تہ منھنجن فائلن ۾ ڪٿ پيل هجن. ان آتم ڪھاڻي جو ترجمو گهڻا سال پوءِ ’پرويز علي خاصخيلي‘ پڻ ڪيو، جيڪو روشني پبليڪيشن وارن ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو آهي.
اتي ڪيترائي ماڻھو ڪتاب چونڊي، ڪمپيوٽر جي سامھون انھن جا فوٽا اسڪين ڪري، پوءِ وي چيٽ تي انھن جي ڪرائي جي ادائيگي ڪري کڻي وڃي رهيا هئا. جن ڪتاب کنيا ٿي انھن جا نالا بہ اسڪرين تي آيا ٿي تہ جن واپس ٿي ڪيا تہ انھن جا بہ نالا اسڪرين تي آيا ٿي. ائين هر ڪو ڪتاب گهر کڻي وڃي سگهيو ٿي. ان سھوليت ۽ چينين جي ڪتابن پڙهڻ جي شوق ۽ ذوق گهڻو متاثر ڪيو. ڪافي عورتون، ڇوڪريون، مرد ۽ ٻارڙا اُتي ڪرسين تي ويٺا ڪتاب پڙهي رهيا هئا. لئبريري جي ٽنھي طبقن تي ڪيترائي هال هئا، جن ۾ پڙهندڙ خاموشيءَ سان پڙهي رهيا هئا. مون ڏٺو تہ عمر پنھنجو شولڊر بئگ ڪلھن ۾ پايو پي هليو ۽ ٻين چينين کي بہ پاتل هئا. دل ۾ آيم تہ، جي پاڪستان هجي ها تہ اهو ٻاهر ئي رکرائين ها ۽ جي ڀُل چڪ ۾ عمر اندر کڻي وڃي ها تہ ڪي نظرون لڳاتار سندس تعاقب ڪنديون رهن ها تہ ڪٿي همراھہ ڪو ڪتاب نہ کڻي شولڊر بئگ ۾ وجهي، پر هتي اهڙي ڪا ڳالھہ ڪونہ هئي. البت ڪئميرا جي اک کان ڪنھن بہ ماڻھوءَ جي چرپر لڪيل نہ هئي.
ڪتاب ڏسندي ڪجهہ ڪتاب اهڙو بہ ڏٺم، جن لاءِ منھنجي دل سٽ کاڌي تہ مون وٽ هئڻ گهرجن ۽ انھن جو مطالعو ضروري آهي. انھن مان هڪ ڪتاب جيتوڻيڪ چيني ۾ هو، پر ان جي ڪور تي انگريزي ۾ بہ نالو لکيل هو، Ten Novels and their Authors. ڪتاب جو ليکڪ وليم سمرسٽ ماهم (1965-1874) هو. سمرسٽ ماهم پڙهندڙن لاءِ ڪو نئون نالو ڪونھي. اهو ڪتاب انگريزيءَ مان ترجمو ٿيل هو. ڪتاب ۾ جن ڏهن ناولن ۽ انھن جي ليکڪن جي فڪر جو جائزو ورتل هو، انھن ۾ ڪتاب جو پھريون ’باب آرٽ آف فڪشن‘ بابت آهي، باقي فھرست هن ريت آهي:
1. Henry fielding and Tom Jones
2. Jan Asten an pride and Prejudice
3. Sitongda and Red and Black
4. Balzac and old man Gari.
5. Charles dicknens and David cupper field
6. Flaubert ard Madam Borary
7. Her man Melville and Moby Dick.
8. Emily Bronte and wuthering Hieghts.
9. Dostoevsky and Kara Mazo Brothers
10. Tolstoy and war and Peace.
آخريون باب Concluscun جو آهي. ٻيا بہ ڪيترائي ڪتاب هئا. جن ۾ Rise and fall of Adom and eva [آدم ۽ حوا جو عروج ۽ زوال] خوبصورت تصويرن سان موجود هو. ڪوريا جي جنگ تي بہ هڪ نھايت خوبصورت ڪتاب موجود هو، جنھن ۾ ڪوريا جي ٻن حصن ۾ ورهائجڻ جي ڪھاڻي بيان ڪيل هئي.
ڪتابن جو ذڪر ڪيم تہ صفحن جا صفحا لکڻا پوندا.
هن لئبريري ۾ هر مھيني لئبريري پاران مختلف هالن ۾ ادبي، ثقافتي ۽ تعليمي پروگرام بہ ٿين ٿا، جن جي ٻارهن مھينن جو شيڊول هر سال جنوري ۾ پڌرو ڪيو ويندو آهي. جن ۾ آن لائين بہ شرڪت ڪري سگهجي ٿو، انھن مان ڪن جي معمولي فيس بہ هئي.
اسان ڏيڍ ٻہ ڪلاڪ ڪتاب ڏسندا، انھن جا فوٽو ڪڍندا رهياسين. عمر چيو تہ انڪل مون کي ڪتابن سان تہ دلچسپي ڪونھي، پر اڄ هيترا سارا ۽ هيترن موضوعن تي ڪتاب ڏسي سوچيان پيو تہ وانڌڪائي جي وقت ۾ انھن مان فائدو وٺجي. مون چيس، ”ڪتاب توکي فائدو ئي ڏيندا.“ عمر کي چيني ڳالھائڻ تہ ايندي آهي، پر ٿوري گهڻي پڙهڻ بہ ايندي آهي.
هاڻ اسان واپس ورڻ جي ڪئي، جو ساڍي ستين بجي عمر جي ”ني ڦنگيو“ سان ملڻو هو. کيس ڪتابن جو شوق هو ۽ منھنجو بہ خيال هو تہ ساڻس ملي مون کي بہ ڪتابن بابت وڌيڪ ڄاڻ ملندي. ڪو ڪتابن جو شوقين ملي تہ ٻيو ڇا گهرجي. اسان واپس وڃڻ جي لاءِ لفٽ ذريعي هيٺ لھي آياسين، اتي بيھي فوٽو ڪڍي رهيا هئاسين، جو هڪ وردي پاتل مائي اُتي آئي ۽ عمر کان پڇيائين تہ ڪٿان جا آهيو. ”پاچيستان.“ عمر وراڻيو، ”تہ پوءِ اوهان سامھون ميوزيم ضرور ڏسو. اوهان جو وقت سجايو ويندو.“
اسان ڀرسان ئي هڪ هال ۾ گهڙياسين، سامھون لکيل هو. ”جاپان- چائنا سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي.“
اندر گهڙياسين تہ پھرين وزيٽر بوڪ تي نظر پئي، تہ جيڪو بہ ميوزيم وزٽ ڪري تہ ان تي پنھنجي صحيح ڪري ۽ تاثرات لکي. مون ان تي پنھنجو نالو سنڌي ۽ انگريزي ۾ لکيو. جڏهن دھلي ويا هئاسين، تڏهن بہ مون ساهتيہ اڪيڊميءَ جي وزيٽر بوڪ تي پنھنجا تاثرات ”سنڌيءَ“ ۾ لکيا هئا.
ميوزيم ننڍڙو پر نھايت خوبصورت هو. مون کي ان جي جيڪا خاص ڳالھہ نظر آئي، متاثر ڪيو ۽ منھنجي ڄاڻ ۾ اضافو ڪيو، ان ۾ قديم چيني اسڪرپٽ هو، جنھن جا اکر مڇيءَ جي شڪل وانگر هئا ۽ ٻيون بہ تصويري شڪليون هيون. منھنجي خيال ۾ اهو شروعاتي چيني ٻوليءَ جو اسڪرپٽ آهي. ان کان ٿورو اڳيان هڪ وڏي پٽي تي هڪ ٻيو تصويري اسڪرپٽ رکيل هو، جن جي هيٺان هاڻ استعمال ٿيندڙ الفابيٽ جا اکر بہ لکيل هئا. مون کي هڪدم موهن جي دڙي جو اسڪرپٽ ياد اچي ويو ۽ انھن جا فوٽو ڪڍيم ۽ مووي ڀريم. جيڪڏهن اهو ميوزيم نہ ڏسان ها تہ سچ پچ تہ هڪ وڏي معلومات کان رهجي وڃان ها.
نئننگ ۾ ٻيون بہ ڪيتريون ئي ڏسڻ جھڙيون شيون آهن، جن مان ڪي ڏٺم تہ ڪي رهجي ويون. پر جي هيءَ لئبريري ۽ ميوزم نہ ڏسان ها تہ سچ پچ تہ پاڻ کي محروم سمجهان ها. هن لئبريري جو بنياد 1931ع ۾ رکيو ويو ۽ ان جي عمارت 55000 اسڪوائر ميٽرن تي مشتمل آهي. لئبريري جي ڪارڪردگيءَ کي نظر ۾ رکندي ڪلچر ۽ ٽورزم جي وزارت پاران هن لئبريري کي ”فرسٽ ڪلاس لئبريريءَ“ جو ايوارڊ بہ ڏنو ويو. لئبريري ۾ 120000 کان بہ وڌيڪ قديم ۽ جديد ڪتاب ۽ مخطوطا وغيرہ محفوظ آهن، جيڪو تمام وڏو ذخيرو آهي.
ميوزيم ۽ لائبريري جي عمارت مان ٻاهر نڪري روڊ جي ڀرسان ٺھيل نھايت خوبصورت بئنچن تي ويھي ٿڪ ڀڳوسين ۽ پاڻي پيتوسين. وڻن جي ڇانوَ ۾ ان بئنچ تي ويھي سامھون روڊ تي هلندڙ گاڏين کي ڏسندي طبيعت ۾ تازگي اچي ويئي. هتي رستي جي ڀرسان ماڻھن جي ويھڻ ۽ ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ڪيتريون ئي خوبصورت ڪاٺ جون بئنچون کُتل هيون. اُتي ٿوري دير ويھي پوءِ اٿي سب وي اسٽيشن وڃڻ لڳاسين. عمر چيو تہ سندس ”ني ڦنگيو“ هڪ اسٽيشن اڳيان ايندي.
اسٽيشن تي پھچي هيٺ لٿاسين. سب وي هڪ عجيب جھان آهي. جنھن بابت پويان بہ لکي آيو آهيان، اسان ايندڙ اسٽيشن تي لھڻ لاءِ آٽوميٽڪ ٽڪيٽ مشين مان چار چار يوان ڏيئي ٻہ ٽڪيٽون ورتيون. ٻہ ٽوڪن نڪري آيا، عمر هڪ ٽوڪن مون کي ڏنو ۽ اسان اڳيان وڌياسين. اندر وڃڻ لاءِ ٽوڪن گيٽ تي ٽچ ڪياسين تہ کلي پيا. اهو ٽوڪن سنڀالي رکڻون آهي، جو جيئن ئي پنھنجي منزل واري اسٽيشن تي پھچبو تہ سب وي مان لھي، ٻاهر نڪرڻ مھل اهو دروازي جي سوراخ ۾ وجهبو تہ دروازو کلي ويندو ۽ اوهان ٻاهر نڪري ايندا.
سب وي هڪٻئي جي پويان اچن، جيئن تہ اسان کي تڪڙ نہ هئي، سو آرام سان هلندا، ڪچھري ڪندا اُتي بيٺا رهياسين. ٻہ سب وي ڇڏي ٽيءَ ۾ چڙهياسين ۽ ٻن منٽن اندر ايندڙ اسٽيشن تي اچي لٿاسين. سب وي مان لھي، ٻاهر نڪتاسين تہ ڄڻ هڪڙي دنيا مان نڪري ٻي دنيا ۾ پھچي ويا هجون. پاتال مان نڪري مٿي ڌرتيءَ تي پھچي وياسين جتي ڪار جھان زندگي پنھنجي رفتار سان هلي رهيو هو. سامھون ئي سبزي ۽ گوشت مارڪيٽ هئي، عمر کي چيم تہ، ”هل تہ اندران ڏسي اچون.“ اها سبزي، فروٽ ۽ گوشت مارڪيٽ ڪافي وڏي هئي. ان ۾ ڀانت ڀانت جون ڀاڄيون ۽ ميوا رکيا هئا. گوشت واري پاسي اسان ڪونہ وياسيون، ان صاف سٿري مارڪيٽ مان سرسري چڪر هڻي ٻاهر نڪتاسين. عمر پندرهن آر. ايم. بي ڏيئي هڪ فروٽ شاپ تان پنھنجي ”ني ڦنگيو“ لاءِ ’اسٽرابيري‘ ورتيون ۽ پوءِ اسان روڊ ڪراس ڪري ٻي پاسي آياسين ۽ مقرر هنڌ ڏانھن هلڻ لڳاسين، جتي عمر جي ”ني ڦنگيو“ (گرل فرينڊ) اچڻي هئي، عمر چيو تہ، ”ميري والي ڪھہ رهي هي، ڪار کڻي ٿي اچان، جيئن انڪل سان ڪچھري بہ ٿي وڃي ۽ کيس ڪار ۾ واپس ڇڏي پوءِ پاڻ بہ بِھائي هلنداسين.“ اصل ۾ عمر ۽ سندس ني ڦنگيو کي بھائي وڃڻون هو. جتي ميراٿن ريس ٿي رهي هئي. عمر جي گرل فرينڊ ’ميراٿن ريس‘ ڏسڻ جي شوقين هئي. عمر مون کي بہ هلڻ جي صلاح هنئي، پر جيئن تہ پرينھنءَ اسان کي ايوا (Yiwa) وڃڻو آهي. تنھنڪري مون سندس مھرباني مڃي. ان سالياني ميراٿن ريس تي ماڻھن کي پھچائڻ لاءِ نہ رڳو سب وي جا وقت وڌايا ويا هئا، پر ٻہ وڌيڪ سب وي پڻ هلايون ويون هيون. مون عمر کان پڇيو تہ، ”پوءِ ڪرايا بہ وڌايا هوندن.“ عمر وراڻيو نہ. پاڻ وٽ تہ اهڙن موقعن تي گاڏين جي هٿرادو کوٽ ڪري، ڀاڙا وڌائي، ماڻھن جا کيسا خالي ڪيا ويندا آهن.
عمر بار بار پنھنجي گرل فرينڊ لاءِ ’ميري والي‘ چئي رهيو هو، جنھن تي آءٌ دل ئي دل ۾ کليس ٿي. جھڙوڪ ’ميري والي ڪو پسند هي.“ ”ميري والي ڪھہ رهي هي.“ ”ميري والي آرهي هي.“ اسان ٻيئي هلندا مقرر جاءِ تي اچي اتي رکيل بئنچ تي ويٺاسين، اهو روڊ ٿورو پاسيرو هو، پر پوءِ بہ گاڏين ۽ ماڻھن جي اچ وڃ جاري هئي. هلڪي اونداهي پڻ هئي، شام جا ساڍا ست ٿي رهيا هئا. وڻ جي هيٺان بئنچ تي ويھي اسان ڪچھري ڪندا رهياسين. عمر پنھنجي گرل فرينڊ سان رابطي ۾ هو ۽ ٻڌايائين تہ لوڪيشن موڪلي اٿمانس، پندرهن منٽن ۾ پھچي ويندي. ٿوري دير کان پوءِ عمر چيو ”ميري والي“ اچي ويئي آهي. هوءَ سامھون ئي پنھنجي ننڍي ڪار جهليو بيٺي هئي. ”ني هائو“ چئي مرڪي ملياسين. عمر مون کي گهڻو ئي ڪار ۾ اڳيان ويھڻ جي لاءِ چيو، پر آءٌ ڪار جو در کولي پويان ويھي رهيس. سندس ني ڦنگيو، جنھن جو نالو Fu- Gui- Shi هو، مون کي هڪ ٿيلھي کڻي ڏني تہ اوهان جي لاءِ سوکڙي آهي، جنھن ۾ هڪ فريم ٿيل خوبصورت خطاطي سان ڪو چيني جملو لکيل هو.
ان سان گڏ ٻہ ٻيون بنا فريم ٿيل تصويرون ۽ هڪ چيني ڳاڙهو ڪتاب هو، جيڪو چيني ڪميونسٽ پارٽي پاران پنھنجن ميمبرن لاءِ ڪورس طور ترقي لکيل هو. نالو اٿس، Rudaing Jiji Fenz, Pecxum- Jiao CAI (Active Party Member Traning Materials. هن چيو تہ ڪوشش ڪنديس تہ اهو انگريزي ۾ ملي وڃي تہ اوهان کي ڏيندس، Fu. Gui. Shi ڇاڪاڻ تہ پوليس ۾ هئي، تنھنڪري هوءَ ڪميونسٽ پارٽي جي مرحليوار ڪورس ڪري ميمبر ٿي ويندي. هتي فوج سميت جيڪي بہ فورسز آهي، تن جي ڪميونسٽ پارٽي جي اسڪولن ۾ تربيت ڪئي ويندي آهي. چين جي پوليس کي ’پيپلز پوليس‘ سڏيو وڃي ٿو. جيڪا ’پيپلز فورس منسٽري آف پبلڪ سيڪيورٽي‘ جي ماتحت آهي. ان جو مشن آهي ”پارٽيءَ جي وفادار رهي، عوام جي خدمت ڪري، اڻ ڌري رهي ۽ نظم و ضبط جي پابندي ڪري.“
عمر جي ’ني ڦنگيو‘ جو خانداني پسمنظر جيئن تہ پوليس ۾ ڀرتي ٿيڻ وارو آهي. سندس پيءُ بہ پوليس وارو هو، تہ ڏاڏو بہ، تنھنڪري هن کي بہ پوليس ۾ ڀرتي ٿيڻ جو شوق هو. جڏهن تہ عمر جو پيءُ وري پاڪستاني فوج ۾ صوبيدار هو.
مون انھن تحفن تي سندس مھرباني مڃي ۽ کيس پاڻ سان آندل اجرڪ جواب ۾ سوکڙي طور ڏنم، جنھن تي ڏاڍي خوش ٿي ۽ اشارن سان چيائين تہ اها اوڍينديس. ٻي اجرڪ مون عمر کي تحفي طور ڏني Fu-Gui- Shi جو اهو ڪتاب آڻڻ جو مقصد اهو، هو تہ عمر کيس لئبريري مان هڪ ڪتاب ”ڪميونسٽ پارٽي جا هڪ سؤ سال“ جيڪو چيني ۾ هو، ان جو فوٽو ڪڍي موڪليو هو، ”انڪل پُڇي پيو، هي ڪتاب انگلش ۾ ملي ويندو.“ جنھن تي چيائين تہ، ”پُڇا ڪريان ٿي، پر مون وٽ ٻيو پيو آهي، جيڪو انڪل لاءِ کڻي ٿي اچان.“
اسان ڪچھري ڪندا ڪار ۾ پنھنجي ماڳ روانا ٿياسين. وچ ۾ الائجي ڪھڙي ڳالھہ نڪتي تہ عمر چيو، ”هي پوليس واري هئڻ جي باوجود بہ خدا نہ ڪري مون سان ڪو مسئلو ٿيو تہ منھنجي مدد نہ ٿي ڪري سگهي ۽ جي تيز گاڏي هلائيندي ڪا غلطي ڪيائين يا چالان ٿي تہ سندس پوليس جي نوڪري سندس ڪم نہ ٿي اچي سگهي.“ جنھن تي کلندي چيومانس، ”ابا پوءِ تون بہ ڍائين! باقي پوليس جي نوڪري ڪھڙي ڪم جي. پوليس هجي تہ ڀلي پنھنجي... پاچيستاني... ٿوم کي زعفران بنائڻ واري...!“
منھنجي اها ڳالھہ ترجمو ڪري ۽ انھن جي پس منظر سان پنھنجي ني ڦنگيو کي ٻڌايائين تہ هوءَ بہ کلڻ لڳي.
ائين ڪچھري ڪندا، پنھنجي ماڳ تي رسي وياسين ۽ ذائقہ تي ويھي چانھه پتيسين. هڪٻئي کي تحفا ڏيندي فوٽو ڪڍيانسين. جڏهن مون پيڪ ٿيل اجرڪ کولي کيس اوڍائڻ گهري تہ اشارن سان هوٽل ۾ ويٺل ٻين چينين ڏانھن اشارو ڪيائين تہ، ”چيني پبلڪ جي سامھون تحفا کولي انھن جي نمائش پسند نہ ڪندا آهن.“ تہ مون بہ نہ کولي. ٿوري دير ڪچھري ڪري عمر ۽ سندس ني ڦنگيو ’بِھائي‘ روانا ٿيا ۽ آءٌ فليٽ تي هليو آيس. تہ ڏٺم تہ مون واري مائي ڪاوڙي ويٺي هئي ۽ مون کي ڏسندي ئي چيائين، ”تون بہ صفا گم ٿيو وڃين. جھڙوڪر چين نہ پر دڙو هجي.“
[24 نومبر 2024ع]
دنيا جا انقلاب! انھن جا اڳواڻ، انھن جي زندگي، جدوجھدون ۽ پاليسيون منھنجي مطالعي جا پسنديدہ موضوع رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي، جو مون ڪيترن ئي انقلابي ۽ سياسي اڳواڻن جي جيونين جا سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا آهن ۽ ڪجهہ ڪتاب مُرتب پڻ ڪيا اٿم. پھريون ڪتاب جنھن جي تلخيص مون 1987ع ۾ هڪ ننڍي ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي، اهو سرحدي گانڌي خان عبدالغفادر خان جي جيوني ”منھنجي زندگي ۽ جدوجھد“ جي نالي سان ڇپيو. ان کان پوءِ هيستائين الائي ڪيترن اهڙن ڪتابن جا ترجما ڪري چڪو آهيان، جيڪي ڪتابي صورت ۾ ڇپيا آهن. منھنجي ترجمي ڪيل ڪتاب ”چي گويرا جي ڊائري“ جا هيستائين ڇھه ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. ستين ڇاپي لاءِ فائينل پروف ڏسي روشني پبليڪيشن جي حوالي ڪري آيو آهيان. هيستائين جيڪي اهڙا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، انھن ۾ حضرت محمد رسول ﷲ صہ، ڀورو بگهڙ (ڪمال اتا ترڪ جي ڪھاڻي)، آزاديءَ ڏانھن ڊگهو سفر (نيلسن منڊيلا جي آتم ڪھاڻي) لينن: جنھن تقديرون بدلايون، هوگوشاويز، زندگي ۽ جدوجھد، صحرا ۾ ستل قذافي، اڏارون آڪاس ۾، (اردن جي راڻي نور الحسين جي آتم ڪھاڻي)، هڪ سؤ تاريخ ساز شخصيتون (مائيڪل هارٽ) عالمي تاريخ جون نراليون شخصيتون، ابراهام لنڪن: جهوپڙي کان صدارت تائين، آزادي ۽ انقلاب وغيرہ شامل آهن. ڪجهہ ٻيا ڪتاب بہ ترجمو ڪيا اٿم، جن ۾ ڪشميري اڳواڻ شيخ محمد عبدﷲ جي آتم ڪھاڻي، ”آتش چنار“ جي تخليص ۽ ترجمو، سڀاش چندر بوس تي سندس ڀائيٽي ’سسرڪمار بوس‘ جو ڪتاب، جيڪو نئين دنيا پبليڪيشن پاران ڇپجي رهيو آهي.
هتي چين ۾ اچي، مون وڌ ۾ وڌ چيني انقلاب ۽ ان جي اڳواڻن بابت مطالعو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، انھن ۾ مائوزي تنگ، ڊينگ زيائو پنگ ۽ ٻين چيني اڳواڻن بابت وڌ ۾ وڌ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي جستجو ۾ هوندو آهيان. خاص ڪري مائو، جيڪو پنھنجي دور جو وڏو انقلابي هو، هُن انقلاب جي اڳواڻي ڪري چين کي پرمار قوتن کان آزاد ڪرايو، اتي چين کي ترقي ڏيارڻ لاءِ بہ وڏا ڇال ڏنا. جن مان ڪجهہ ناڪام بہ ٿيا، پر مجموعي طرح مائوءَ جو انقلاب هڪ ڪامياب انقلاب هو ۽ سندس قيادت ۾ چين پنھنجي نئين سڃاڻپ حاصل ڪئي.
انقلاب کان پوءِ چين کي تيزيءَ سان ترقي ڏيارڻ لاءِ مائوزي تنگ ’گريٽ ليپ فارورڊ‘ يعني ”اڳتي وڌڻ جي لاءِ ڇال“ ڏيئي فاصلو طئي ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي. ان مقصد جي لاءِ هن چيني عوام ۾ هڪ نئون جذبو پيدا ڪيو.
انقلاب کان پوءِ چين ترقيءَ جي لاءِ روسي ماڊل اختيار ڪيو، پر مائوءَ کي ان تجربي کان پوءِ احساس ٿيو تہ روسي ماڊل چين جي لاءِ قبوليت جوڳو ڪونھي، ڇو تہ چيني ۽ روسي معاشري ۾ گهڻو فرق هو. چين هڪ زرعي ملڪ هو، جنھن جي اڪثريت هارين جي هئي، جيڪي صنعتي لحاظ کان پٺتي پيل هئا، ورڪنگ ڪلاس جو تعداد بہ گهٽ هو. ساڳئي طرح ٽيڪنيڪي پيشہ ور بہ چين وٽ نہ هئا، جيڪي وڏين صنعتي رٿائن کي هلائي سگهن. اهڙين حالتن ۾ مائوءَ فيصلو ڪيو تہ چين کي پنھنجي ترقي لاءِ پنھنجو رستو پاڻ ڳولھڻون پوندو.
’گريٽ ليپ فارورڊ رٿا‘ پنھنجو رستو پاڻ ڳولھڻ جي رٿا هئي. ان رٿا جو پھريون قدم آبپاشيءَ جي نظام کي اثرائتو ۽ بھتر بنائڻ هو. ان مقصد جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ واھہ کوٽيا ويا. پُليون اڏيون ويون، پاڻي جا ذخيرا محفوظ رکڻ جي لاءِ ڊيم اڏيا ويا. رٿا جي ڪاميابيءَ لاءِ چين جي لکين هارين کي شامل ڪيو ويو. جيتوڻيڪ هو سکيا ورتل نہ هئا، پر انھن ۾ اهو جذبو پيدا ڪيو ويو تہ هو ڪم ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ پنھنجا روزمرہ جا اوزار کڻي اچن، سائيٽ تي سندن رهڻ جي لاءِ بيرڪون اڏيون ويون تہ جيئن وقت جو ذيان نہ ٿئي. ماني اهي گڏجي ڪينٽين ۾ کائيندا هئا ۽ ڪم جي وقت جي سختيءَ سان پابندي ڪئي ويندي هئي، سندن تربيت فوجي طريقي سان ڪئي ويئي هئي. هو صبح جو سوير اٿي پنھنجا اهي اوزار فوجي طريقن سان رائفلن وانگر ڪلھي تي رکي قطار جي صورت ۾ ڪم تي ايندا هئا. [مون هِتي جي ميوزمن ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي وڏيون وڏيون تصويرون پينٽ ٿيل ڏٺيون] جنھن جو نتيجو اهو نڪتو تہ سندن محنت جي ڪري آبپاشي جي نظام کي بھتر بنايو ويو. جيتوڻيڪ ان ۾ ٽيڪنالاجيءَ جي لحاظ کان خاميون هيون، پر اڻ سکيا ورتل هارين اهو ڪم ڪري ڏيکاريو، جنھن جي دنيا کي توقع نہ هئي.
نئين آبپاشي نظام پوکي راهي جي اوزارن جي بھتري، هَر وسيلي زمين کيڙي ان جي گهرائيءَ ۾ ٻج پوکڻ، انھن سڀني گڏجي اُپت ۾ واڌارو ڪيو ۽ ’ڪميون سسٽم‘ مڪمل طور تي عمل ۾ آندو ويو. هر ڪميون ۾ هزارين هاري گهراڻن کي شامل ڪيو ويو. جيڪي گڏيل پوکي راهي ڪندا هئا ۽ ڪميون ۾ تعليم ۽ تربيت ۽ مختلف پيشي وراڻيون سکيائون ڏنيون وينديون هيون. چيني پريس ۾ ان رٿا جي ڪاميابيءَ جي وڏي پئماني تي پروپيگنڊه ڪئي ويئي. خود مائوزي تنگ بہ مختلف علائقن جو دورو ڪيو ۽ عام ماڻھن جي انقلابي جذبي کان گهڻو متاثر ٿيو.
صنعتي ترقي جي لاءِ اسٽيل جو هئڻ ضروري هوندو آهي. ان کوٽ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ بٺيون لڳايون ويون، جتي ڏينھن رات اسٽيل ٺاهڻ جي لاءِ استعمال ٿيندڙ ٿانوَ ۽ اوزار سڀ بٺين ۾ وڌا ويا ۽ لڳ ڀڳ ٽي ملين ٽن اسٽيل استعمال ڪيو ويو هو، جيڪو هڪ ناقابل يقين عمل هو.
ٻنين کي ڇيھون رسائيندڙ جيت بہ موجود هئا ۽ پکي بہ، تنھنڪري انھن جي خلاف مھم هلائي ويئي. خاص ڪري جهار/ جهرڪين کي هڪ هڪ ڪري ماريو ويو تہ جيئن هو فصلن کي نقصان نہ رسائين، جهار جي خلاف ان مھم جي گهڻي تشھير ڪئي ويئي ۽ جنھن گهڻي ۾ گهڻيون جهرڪيون ماريون، تنھن کي ’هيرو‘ قرار ڏنو ويو.
’ڪميون سسٽم‘ وسيع ڪيو ويو. ڪميون سسٽم ۾ هارين وٽ نہ ڪا زمين هئي نہ وري ڪو مال وجهو، اها سڀ ڪميون جي ملڪيت هئي. ڪميون جي لاءِ جيڪو معاوضو ڏنو ويندو هو، ان جو اصول اهو هو تہ جنھن گهراڻي کي جيتري گهرج هوندي، ان کي اوترو ڏنو ويندو. حڪومت پاران مختلف ڪميونن ۾ اهو مقابلو بہ شروع ٿيو تہ ڪنھن جي پيداوار گهٽ ۽ ڪنھن جي وڌ آهي.
سرڪاري عملدارن پاران ان رٿا جي ڪاميابيءَ جي لڳاتار پروپيگنڊه ڪئي پي وئي ۽ زرعي پيداوار کي زوري ڪميون کان کسي رياست جي ذخيري ۾ گڏ ڪيو پي ويو. 1959ع ۾ ايم. ٽي 450 ٿي ويئي، جيڪا دنيا جي ڪنھن بہ وڏي ملڪ يعني آمريڪا کان بہ گهڻي ٿي ويئي هئي. پر اصل حقيقت اها هئي تہ سرڪاري عملدار غلط انگ اکر ڏيئي ان رٿا کي ڪامياب بيان ڪندا هئا. پر هارين جي حالت غربت ۽ مفلسيءَ واري هئي. جن عملدارن کي خبر هئي، اهي مائوءَ جي سامھون بيان ڪري نہ ٿي سگهيا. تنھنڪري سرڪاري پروپينگنڊه جي ذريعي ڪاميابيءَ جون ڪھاڻيون هيون. مائوزي تنگ پاران جيڪا رٿا تيار ڪئي ويئي هئي تہ چين جي عوام جي مدد ۽ جذبي سان مشڪلاتن تي قابو پاتو وڃي، پر چين جي لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو اهو ئي هو تہ وٽس انفرادي قوت ۽ توانائي تہ موجود هئي، پر چيني هارين جي گهڻائي نہ رڳو اڻ پڙهيل هئي، پر ٽيڪنيڪي طور تي پٺتي پيل بہ هئي. ان ڪري انجنيئرن، سائنسدانن ۽ اڏاوتي ماهرن جي سخت کوٽ هئي. واهن، پلين، آبي ذخيرن ۽ ڊيمن جي جيڪا اڏاوت ڪئي ويئي، اها ٽيڪنيڪي طور تي ڪمزور هئي، اهو ئي سبب هو تہ جڏهن برساتون پيون تہ ڪيتريون ئي پليون ٽٽي ويون. ڊيمن ۾ پاڻي ڀرجي ويو، جنھن ٻوڏ جھڙي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي، جيڪا ڳوٺن ۽ ٻنين کي پاڻ سان وهائي ويئي، پر سرڪاري طور تي ان ڳالھہ جو اعتراف نہ ڪيو ويو. جنھن جهار (جهرڪيون) کي ماريو ويو تہ ان سان بہ فصلن کي نقصان رسيو، ڇو تہ جهرڪيون جيت جڻا کائي وينديون آهن، جن جي ڪري فصل محفوظ رهن ٿا، پر جڏهن جهار/ جهرڪيون ختم ٿي ويون تہ جيتن جڻين فصلن کي خراب ڪري ڇڏيو. اسٽيل ٺاهڻ جي لاءِ جڏهن وڻ وڍي ٻارڻ طور استعمال ڪيا ويا تہ ان جو آبھوا تي اثر پيو ۽ جڏهن ڪميون مان زوري اناج گڏ ڪيو ويو تہ سرڪاري عملدارن هارين جي گهرن ۾ جيڪو اناج هو، اهو بہ پاڻ سان کڻي ويا، جنھن هارين کي فاقن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو، پر چيني عملدارن پنھنجي غلط رپورٽن ۾ رٿا جي ڪاميابيءَ کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو، پر ڳالھہ لڪي نہ سگهي ۽ مائو کي ان جي ناڪامي بابت ٻڌايو ويو.
’گريپ ليپ فارورڊ‘ دوران هڪ ٻي مھم جوئي ڪري ريڊلائن جي اڏاوت شروع ڪئي ويئي، جنھن جو مقصد صنعتي زونز کي آمريڪي حملن کان محفوظ رکڻ هو. ريڊلائين جي تعمير تي ڪنسٽرڪشن جي پنجاھہ سيڪڙو بجيٽ خرچ ٿي. صنعتي زون ڳجهن ماٿرين ۽ غارن ۾ اڏيا ويا. ڪجهہ وقت کان پوءِ چين جا آمريڪا سان لاڳاپا بھتر ٿي ويا ۽ روس سان ڇڪتاڻ وارا. جنھن جي نتيجي ۾ ريڊلائن تي سيڙپڪاريءَ جا هاڪاري نتيجا نڪري نہ سگهيا.
مائوءَ، صحت جي لاءِ انقلابي پاليسي جي شروعات ڪئي، هارين کي پرائمري صحت جي سکيا ڏني ويئي. صحت جي لاءِ هر ڳوٺ کي موبائيل سروس مھيا ڪئي ويئي. حفاظتي طريقن تي زور ڀريو ويو. مائوءَ جي صحت پاليسي ڪامياب ويئي. جيئڻ جي عمر 35 سالن مان وڌي سراسري 63 سال ٿي. ’ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن‘ چين جي صحت پاليسي کي واکاڻيو.
گريٽ ليپ فارورڊ رٿا، جنھن مقصد سان شروع ڪئي ويئي هئي، اهو ڪامياب ٿي نہ سگهي. جنھن جي نتيجي ۾ مائوءَ، پاران چو اين اين لائي، ليوشائوچي ۽ ڊينگ زيائو پنگ کي اها ذميواري سونپي ويئي تہ هو حالتن کي بھتر بنائين. ٽئي اڳواڻ معاشي بحاليءَ جا قائل هئا، جڏهن تہ مائو سوشلزم تي زور ڏيئي رهيو هو. مائوزي تنگ جي نظريي موجب نظرياتي سياست سرمائي کان وڌيڪ اهم هئي. ليو شائوچي ذهين، محنتي ۽ ديانتدار اڳواڻ هو. سندس نظم ۽ ضبط جي ڪري سندس ساٿي گهڻو احترام ڪندا هئا. ڊينگ زيائو پنگ متحرڪ ۽ سگهاري شخصيت جو مالڪ هو. سندس حوالي جيڪو بہ ڪم ڪيو ويندو هو، اهو وڏي عزم سان پورو ڪندو هو. ڊينگ رڳو سوچيندڙ نہ پر عمل ڪرڻ وارو اڳواڻ هو. سندس نظر ۾ آئيڊيالوجيءَ جي گهڻي اهميت نہ هئي. هن پھريون ڪم اهو ڪيو تہ هارين کي زمين جا ننڍا ننڍا ٽڪرا ڏنا تہ جيئن هو پنھنجي اُپت ڏيئي سگهن ۽ پنھنجو مال وجهو پالي سگهن. کين ان ڳالھہ جي بہ موڪل ڏني ويئي تہ پنھنجي آمدني وڌائڻ جي لاءِ ڪو ڪم ڪري سگهن. ان پاليسيءَ جي نتيجي ۾ نہ رڳو ڏڪر جو خاتمو ٿيو، پر هارين پنھنجن ٻنين تي پوکي راهي ڪري پنھنجي ڪُٽنب جي پالنا ڪئي ۽ 1962ع ۾ چين جنھن معاشي گهوٽالي مان گذري رهيو هو، ان جو خاتمو ٿيو.
[25 نومبر 2024ع]
ڪالھہ ’گريٽ ليپ فارورڊ رٿا‘ تي لکندي مائوءَ جي شروع ڪيل ثقافتي انقلاب جو پڻ خيال ايندو رهيو، حقيقت ۾ گريٽ ليپ فارورڊ رٿا جي ناڪاميءَ سان مائوزي تنگ جي پوزيشن گهڻي متاثر ٿي ۽ پارٽيءَ ۾ بہ مائوءَ جي مخالف ۾ آواز اٿڻ شروع ٿيا. ليو شائوچي جنھن کي مائو جو جانشين سمجهيو ويندو هو، پارٽي ڪانفرنس ۾ کليل نموني مائو جي مخالفت ڪئي ۽ ان ڳالھہ جي وضاحت ڪئي تہ ’گريٽ ليپ فارورڊ رٿا‘ ترقيءَ بدران پسماندگيءَ جو سبب بني. جنھن هارين جي اڪثريت کي بک ۽ پسماندگي ۾ مبتلا ڪيو. ليوشائوچي جي تقرير کان پوءِ مائو پنھنجي هڪ جنرل کي ان جو جواب ڏيڻ جي لاءِ چيو. جنھن مائو جي ڏاهپ ۽ قائداڻي صلاحيت جي واکاڻ ڪئي ۽ اها ڳالھہ ورجائي تہ مائو جي شخصيت جي ڪري ئي چين پنھنجن مسئلن تي قابو پاتو آهي. ان تقرير کان پوءِ مائو پاڻ هڪ ڀيرو ٻيھر ڳالھائڻ جي لاءِ اُٿي بيٺو. هن ڀيري مائو پنھنجي تقرير ۾ ان ڳالھہ ڏانھن اشارو ڪيو تہ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ ڪجهہ بورجوا عنصر شامل ٿي ويا آهن، جيڪي چين کي ان سوشلزم طرف وٺي وڃي رهيا آهن، جنھن پاسي خروشچيف روس کي پھچايو آهي، ان کان پوءِ پارٽي ۾ پنھنجن مخالفن تي حملا ڪيا. سڀ کان ججهي تنقيد ليوشائوچي تي ٿي، جنھن کي چين جو خروشچيف چيو. پرليو شائوچي ۽ ڊينگ زيائو پنگ ان ڳالھہ تي سھمت هئا تہ خرابي جي پاڙ پارٽيءَ جي تنظيم ۾ آهي.
گريٽ ليپ فارورڊ جي ناڪاميءَ تي پارٽي تي سخت تنقيد ٿيڻ لڳي ۽ ايئن پي لڳو تہ پارٽي تان مائوءَ جي اٿارٽي ڪمزور ٿي ويئي آهي. مائو ان صورتحال جو مقابلو ڪيو ۽ ڪجهہ وقت جي لاءِ بيجنگ ڇڏي اڪيلائيءَ ۾ هليو ويو. اتي هن نئين صورتحال جو تجزبو ڪيو ۽ ان نتيجي تي پھتو تہ پارٽي ۾ ڪجهہ بورزوا عنصر آهن، جيڪي رڪاوٽون پيدا ڪري رهيا آهن. تنھنڪري ضروري آهي تہ ثقافتي انقلاب جي ذريعي اهڙن عنصرن جو خاتمو ڪيو وڃي. ثقافتي انقلاب جي شروعات شاگردن کان ٿي. هُنن پنھنجي استادن جي خلاف قدم کنيا، جن جي نظرن ۾ اهي بورزوا هئا ۽ جيڪي ڪلاسن ۾ بورزوا نظريا پڙهائيندا هئا. مائو شاگردن کي ”ريڊ گرينڊ“ جو خطاب ڏنو ۽ اهو بہ اظھار ڪيو تہ اهي ناانصافيءَ جي خلاف بغاوت ڪري رهيا آهن.
ثقافتي انقلاب کي وڌيڪ متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ مائو هڪ ڊگهي عرصي کان پوءِ ’تيانن من اسڪوائر‘ آيو، جتي لکين ماڻھن سندس آجيان ڪئي ۽ نوجوانن جذبات ۾ اچي ”مائو زندھہ باد“ جا نعرا هنيا. مائوءَ عوام کي خطاب ڪندي چيو، ”هو بورزوا ڪلچر جو خاتمو ڪن ۽ چين کي صحيح معنيٰ ۾ سوشلسٽ بنائين.“
انقلابن جي هڪ خصوصيت هيءَ بہ آهي تہ جڏهن ان جي اهم اڳواڻ تي تنقيد ٿيندي آهي، جيئن چين ۾ مائوءَ تي ٿي. اهڙين حالتن ۾ يا تہ پارٽيءَ ۾ سڌارا ڪيا ويندا آهن ۽ ان جي ڪمزورين کي دور ڪري پارٽي اڳواڻ پنھنجو اثر ۽ رسوخ سگهارو ڪري ٿو ۽ جيڪي پارٽي تي تنقيد ڪن ٿا، تن کي اهميت ڏيندو آهي. ٻيو طريقو هي هوندو آهي تہ پنھنجي آمريت کي سگهارو ڪرڻ جي لاءِ پارٽيءَ تي تنقيد ڪندڙن کي ڪڍيو ويندو آهي ۽ انھن کي غدار قرار ڏيئي انھن جي خلاف پروپيگنڊه ڪئي ويندي آهي تہ جيئن عوام ۾ انھن جي خلاف جذبا پيدا ٿين ۽ انھن جي حيثيت ختم ٿي وڃي.
چين جي ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ جيڪو بحران آيو هو، مائو ان جو سوچي سمجهي مقابلو ڪيو. مائو جيئن تہ چين ۾ انقلاب آندو هو. هن ڪومنتانگ سان فيصله ڪن ويڙهاند ڪئي هئي ۽ جاپاني مزاحمت ڪارن جي خلاف مزاحمت ڪئي هئي، انھن ڪاميابين سندس شخصيت کي گهڻو اهم بنائي ڇڏيو هو. تنھنڪري جڏهن مٿس تنقيد ٿي تہ ان کي مُنھن ڏيڻ جي لاءِ هن ”ثقافتي انقلاب“ جو بنياد وڌو ۽ ايئن مائو هڪ ڀيرو ٻيھر انقلابيءَ جي حيثيت سان ماڻھن جي سامھون آيو.
چيني هڪ زندہ قوم آهي. مائوزي تنگ جي وفات کان پوءِ چين جي ڪميونسٽ پارٽي بہ شخصيت پرستيءَ جي خول مان ٻاهر نڪتي. ان ماضيءَ جي غلطين جو باقاعدہ جائزو ورتو ۽ پارٽيءَ جي ٻارهين ڪانگريس ۾ هڪ تفصيلي قرارداد منظور ڪئي، جنھن ۾ مائوزي تنگ جي خذمتن جو اعتراف بہ ڪيو ويو ۽ ثقافتي انقلاب جي سنگين غلطي تي مٿس تنقيد بہ ڪئي ويئي. گڏوگڏ پارٽي جي قيادت پنھنجي ان خاميءَ تي قوم کان معافي بہ ورتي تہ جڏهن مائوءَ اها مھم هلائي تہ ان جي ميمبرن سندس ساٿ ڏنو. اها قرارداد ”چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ جي تاريخ جي باري ۾ قرارداد“ جي نالي سان عوامي جمھوريه چين جي ’غير ملڪي زبانن جي اشاعت گهر بيجنگ‘ پاران ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي ويئي آهي. جنھن جو اردو ايڊيشن هينئر منھنجي سامھون آهي. تنھنڪري زندہ قوم تلخ تجربن جي بٺيءَ مان گذرڻ کان پوءِ ڪيئن نہ ڪُندن بنجي وڃي ٿي، قرارداد ۾ چيو ويو آهي:
”رڳو اُن ڪري تہ ڪامريڊ مائوزي تنگ زندگيءَ جي آخري سالن ۾ غلطيون ڪيون، فِڪر مائوزي تنگ جي سائنٽيفڪ قدر ۽ قيمت جي نفيءَ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ اسان جي انقلاب ۽ تعمير ۾ سندس رهنما ڪردار کان انڪار ڪرڻ بنھه غلط ڳالھہ ٿيندي ۽ ساڳئي نموني اها ڳالھہ بہ غلط هوندي تہ ڪامريڊ مائوزي تنگ جي قولن جي باري ۾ عقيدي پرستيءَ وارو رويو اختيار ڪيو وڃي. هن جيڪي ڪجهہ چيو، ان کي اهڙي ناقابل ترميم سچائي تصور ڪيو وڃي، جنھن جو هر هنڌ ميڪانڪي انداز ۾ اطلاق ڪري سگهجي ٿو ۽ ديانتداريءَ سان اهو نہ مڃيو وڃي تہ هن زندگي جي آخري سالن ۾ غلطيون ڪيون ۽ نين ڪارروائين جي دوران بہ انھن غلطين تي هوڏ ٻڌي بيٺو رهڻ جي ڪوشش ڪجي.“ (صفحو-9)
چيني قوم اُن تجربي مان جيڪو قيمتي سبق سکيو، اهو سڀني قومن جي لاءِ سکڻ جو هڪ مثال آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي:
”ثقافتي انقلاب جي سبقن ۽ پارٽيءَ ۾ موجود صورتحال کي نظر ۾ رکندي اها ڳالھہ اڻ ٽر ٿي وڃي ٿي تہ پارٽيءَ جي اندر جمھوري مرڪزيت جو ٺوس نظام قائم ڪيو وڃي. اسان کي اهڙن اڳواڻن تي مشتمل اجتماعي پارٽي قيادت جي مارڪسي اصول تي سختي سان عمل ڪرڻ گهرجي، جيڪي عوامي جدوجھد ۾ اُڀريا آهن ۽ اسان کي هر قسم جي شخصيت پرستيءَ تي بندش وجهڻ گهرجي.“
اهو آهي هڪ زندھہ قوم جو طريقو. غلطيءَ جو کليل دل سان اعتراف ڪيائون. ان غلطي مان سبق سکيو. پنھنجي اڳواڻ جي خوبين، خامين، غلطين ۽ ڪارنامن جو متوازن انداز ۾ جائزو ورتائون. ان سائنٽيفڪ طرز عمل جو نتيجو اهو آهي جو چين اڄ ڪٿي وڃي پھتو آهي ۽ نہ ئي وري هنن پارٽي کي ڪنھن هڪ خاندان جي حوالي ڪيو. مائو جي زال بہ ثقافتي انقلاب دوران غلطيون ڪيون تہ مٿس بہ ڪيس هلايائون. ڊينگ زيائوپنگ جي پُٽ تي بہ ڪرپشن جي الزام ۾ ڪيس هليو.
مائوزي تنگ جي انقلابي شخصيت جو راز سندس زوردار شخصيت تہ آهي، پر ان جو سھرو سندس فڪر تي بہ آهي. هو اشتراڪيت جو پھريون فرد هو، جنھن مارڪسزم کي سولو بنائي، مقامي رنگ ۾ پيش ڪيو. ڪميونزم، جيڪو مارڪس ۽ لينن جي نظر ۾ ڪارخاني/ صنعتي مزدور جي ذريعي ئي اچي سگهيو ٿي. مائوزيتنگ، هارين کي بہ ان جي طاقت بنائي ڇڏيو. سندس لکڻيون ”سليڪٽيڊ ورڪس آف مائوزيتنگ“ جي نالي سان دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ڇپيل آهي.
مائوزيتنگ ستاويھن سالن يعني پنھنجي وفات تائين ڄڻ تہ ملڪ جو بي تاج بادشاھہ هو. پر هو سرڪاري خزاني مان ڪل ڇھه سؤ يوان يعني نوي ڊالر ماهوار پگهار کڻندو هو. ان ۾ بہ 1970 ۾ ويھه سيڪڙو گهٽتائي ڪري ڇڏي. سندس اصل آمدني ڪتابن جي رائلٽيءَ مان ٿيندي هئي.
*
[26 نومبر 2024ع]
ڊاڪٽر وشال واري فليٽ جي بلڪل سامھون وارن فليٽن مان هڪ فليٽ ۾ ڪو موالو چيني ٿو رهي ۽ چوٿين پنجين ڏينھن ان جي دڙ ۽ رڙين جا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. چيني ٻوليءَ ۾ چوندو تہ الائي ڪُڄاڙو پيو آهي. پر سندس دڙڻ جي اسٽائيل مان لڳندو آهي تہ جوڻھس تي گار جي ناڙي پئي پيس. پيئن تہ اڪثر چيني ٿا، پر ڪوشش اها هوندي اٿن تہ وڦلن يا آئوٽ نہ ٿين. بھرحال هي چيني يار صفا ڪو نانگو آهي. اڪثر دٻيو ويٺو هوندو آهي. جوڻھنس کي... اڄ جو دڙڻ جا آواز آيا تہ سامھون وشال بہ ويٺو هو، پڇيومانس ”پشو- چيني موالو... ڇا پيو چوي؟“ ”جوڻھنس کي گاريون پيو ڏي..“ جنھن تي کلي پيس ۽ وشال کي چيم تہ مون کي چينيءَ ۾ ٻڌائي ۽ نوٽ ڪرائي تہ زالھنس کي ڪھڙيون پيو گاريون ڏي. وشال کلندي چيو، ”ڪتاب ۾ لکندين ڇا ابو؟“ هائو. جنھن تي سندس ڀرسان ويٺل کشين کي چيائين، ”ابو چوي ٿو تہ مون کي چينيءَ ۾ گاريون لکائي تہ ڪتاب ۾ لکان. جو مون کان وڌيڪ توکي گاريون اينديون هونديون جو تون چينڻ آهين.“ جنھن تي کشين وڏو ٽھڪ ڏنو. مون وشال کي چيو، جيڪڏهن چينين ۽ سنڌين ۾ گارين جو مقابلو ٿئي تہ چيني پاڻ سنڌين کان اصل ڪونہ کٽن. پاڻ وٽ نيون نيون گاريون ٺاهيندڙ اهڙا تہ ماهر ويٺا اٿئي جو اصل بس. جنھن تي وشال کلي پيو ۽ اها ڳالھہ کشين کي ترجمو ڪري ٻڌايائين. جنھن تي هو ايترو تہ کلي جو سندس اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو.
جڏهن ماٺ ٿي تہ مون وشال کي چيو، پاڻ سنڌ جي جنھن خطي ۾ رهون ٿا، ان کي ’ماڃر‘ چيو ويندو آهي. جنھن لاءِ مشھور آهي تہ ”ماڃر جي ڍنڍن ۾ ايتريون مڇيون ڪونھن، جيتريون ماڃر جي ماڻھن جي پيٽ ۾ گاريون آهن.“
اها ڳالھہ وشال لاءِ بہ نئين هئي. سو کلندي چيائين، ”معنيٰ پاڻ گارين ڏيڻ جا ماهر آهيون.“
اسان ٻنھي وڏا ٽھڪ ڏنا تہ کشين بہ کلڻ لڳي. خبر نہ آهي تہ اسان جي وڏن ٽھڪن تي يا وري اهو سوچي تہ ابوءَ کي ڪھڙيون چيني گاريون ٻڌايان.
ٽھڪن دوران مون ڊائري کولي ۽ وشال کي چيم ”لکائي گاريون!“
۽ وشال گاريون لکائڻ شروع ڪيون. [پر سچ اهو آهي تہ گارين ڏيڻ ۾ چيني بہ وڏا اُستاد آهن. وشال جون لکايل گاريون لکيم تہ سھي، پر هتي لکڻ کان معذرت ٿو ڪريان.]
*
اسان سنڌي ماڻھن جو مزاج بہ عجيب آهي. ٻين جي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ ۽ انھن جي ذاتي زندگي ۽ فيصلن تي راءِ ڏيندي دير ئي نہ ڪندا آهيون، اڪثر ماڻھن جو مزاج اهو بنجي ويو آهي تہ هو جيڪو چون ٿا، اهو صحيح آهي ۽ باقي ٻيا سڀ غلط ۽ هو اهو بہ سمجهندا آهن تہ سندن چيل/ ڪيل ڳالھہ تي عمل ڪيو وڃي. ڪجهہ ڏينھڻ اڳ جڏهن مون فيس بوڪ تي لکيو تہ، ”منھنجي چيني ننھن مون کي مائوزي تنگ جو مجسمو تحفي طور ڏنو“ تہ... هڪ ٻن همراهن لکيو تہ، ”اوهان جي پُٽ هڪ چيني ڇوڪري سان پرڻجي زيادتي ڪئي آهي، هو ڪنھن سنڌي ڇوڪري سان پرڻجي ها، جيئن اها سنڌي ڇوڪري سُکي جيون گهاري ها.“ مون کي مِٺيان تہ ڏاڍي لڳي، پر کين ڪو تيز جواب ڏيڻ بدران چپ رهيس.
يا وري جڏهن مريم سان تصور رکندو آهيان تہ لکندا آهن، ”مريم کي سنڌي سيکاريو.“ هاڻ هڪ ڏيڍ سال جي ٻارڙيءَ کي ڪيئن سنڌي سيکارجي. هونئن بہ مريم جي مادري ٻولي چيني آهي، جو سندس امڙ چيني آهي ۽ پدري ٻولي سنڌي- کيس چين ۾ رهڻون آهي، اتي سنڌي سندس ڪنھن بہ ڪم جي ڪونھي. البت وڏي ٿي جيڪڏهن هوءَ سنڌي سِکي ٿي يا اسان ساڻس سنڌي ۾ ڳالھايون ٿا، اهي لفظ جَهپي ادا ڪري ٿي تہ زبردست. پر بھرحال مٿس زور ڀري نہ ٿو سگهجي.
اها سڀ اسان سنڌي ماڻھن جي ڊگهي غلاميءَ جو نتيجو ۽ غلاماڻي نفسيات آهي.
*
اسلام آباد کان گوانچو ايندي جھاز ۾ منھنجي ڀر ۾ جيڪو همراھہ ويٺل هو، اهو ’ووهان“ وڃي رهيو هو. ”ووهان“ جي نالي وٺڻ سان اڳ کڻي ماڻھن کي ڇا بہ ياد هجي، پر هاڻ ’ڪورونا‘ ياد اچي ٿي، جنھن سڄي دنيا کي لوڏي ڇڏيو.
جڏهن نئننگ پھتس تہ مون سوچيو تہ اتي ڪورونا جو ضرور ڪو ذڪر ٿيندو، ڇو تہ اها بَلا چين جي هئي، پر جيئن اتي ڪنھن کي سوشلزم جو نالو وٺندي نہ ٻُڌم، تيئن اتي ڪورونا بہ ڪنھن کي ياد نہ هئي، ڄڻ ڪجهہ ٿيو ئي نہ هو. چين تہ پنھنجي جاءِ تي، پر هاڻ ڪٿي بہ ڪو اهو ذڪر نہ ٿو ٿئي. ڄڻ ماڻھن جي ذهنن مان اها ڳالھہ ميسارجي ويئي آهي. حيرت آهي. هڪ اهڙي بيماري جنھن دنيا کي لوڏي ڇڏيو. ڪاروهنوار بيھاري ڇڏيو، ماڻھن جي دلين ۾ موت جي ڊپ اچي واسو ڪيو هو، جنھن ساھہ ئي سُڪائي ڇڏيو هو، ان جو ذڪر بس هاڻ تاريخ جي ڪتابن ۾ وڃي رهندو تہ ”ڪورونا“ بيماري جي ڊپ سبب سڄي دنيا لاڪ ڊائون ٿي ويئي.
دنيا مان لاڪ ڊائون هوريان هوريان ختم ٿيو، پر چين ۾ سڀ کان آخر ۾ اهو ختم ڪيو ويو. ڊاڪٽر فيصل محمود ٻڌايو تہ هڪ رات اوچتو اعلان ڪيو ويو تہ ”سڀاڻي کان لاڪ ڊائون ختم. تہ ٻي ڏينھن چيني ماڪوڙين وانگر گهرن مان نڪري آيا ۽ ايئن محسوس ٿيو تہ ڪجهہ ٿيو ئي نہ هو.“
مون چيومانس، ”ايندڙ وقتن ۾ ضرور اهو بہ انڪشاف ٿيندو تہ اها ڪورونا واقعي بيماري هئي يا ڪابايولاجيڪل وار.“
انھن ڏينھن ڊپ اندر ۾ ايترو تہ واسو ڪري ويٺل هو، جو هڪ ڀيرو منھنجو دوست ذوالفقار ڪانڌڙو حيدرآباد ڪنھن ڪم سان آيو ۽ مون وٽ بہ گهر آيو. ڪورونا جي ڪري هٿ ملائڻ کان جهليو ويو هو، سو مون ذوالفقار ڪانڌڙي سان هٿ نہ ملايو. ٻي ڀيري جڏهن ذوالفقار ڪانڌڙو مليو تہ مون کي چيائين، ”ڪورونا وارن ڏينھن جڏهن توسان ملڻ آيس تہ تو هٿ بہ نہ ملايو.“
جنھن تي مون کي ڏاڍي شرمندگي ٿي.
ڪورونا وارن انھن عجيب و غريب ڏينھن جي دوران مون ڊائري بہ لکي هئي، جيڪا ڪڏهن موقعو مليو تہ ڇپائبي.
[28 نومبر 2024ع]
رات ايوا (Yiwa) مان موٽياسين تہ مون پھريون ڪم اهو ڪيو تہ ”شھنشاھہ کان شھريءَ تائين“ جو جيڪو باقي ڏيڍ صفحو ترجمي کان رهيل هو، اهو ڪري پورو ڪيم. ان ڪتاب جو پھريون ڀاڱو ”منھنجي زندگيءَ جو پھريون اڌ“ ڪالھہ 27 نومبر تي چين ۾ ترجمو ڪري پورو ڪيم. پھريون ڀاڱو 368 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي چيني ايڊيشن جي پويان لکيل آهي تہ ”ڦو اي جي اها آتم ڪھاڻي چيني تاريخ جو هڪ باب آهي، ان کان سواءِ چيني تاريخ مڪمل چئي نہ ٿي سگهبي.“ ڪتاب کي ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا. اها حقيقت بہ آهي تہ ان ڪتاب مان وڏو سبق اهو ٿو ملي تہ فرد ذاتي مفاد لاءِ ڪيئن غداريون ڪندا آهن.
هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو پاڪستان ۾ منھنجي لئبرري ۾ پيل آهي، موٽڻ سان ئي پھريون ڪم اهو ڪندس تہ ان جو ترجمو شروع ڪندس ۽ هي ترجمو ٿيل ڀاڱو ڪمپوزنگ تي ڏيندس. هن ڪتاب ۾ ’ڦو اي‘ پنھنجي استاد ايف جانسٽن جي ڪتاب Twilight in forbidlin city جو بہ ڪيترائي ڀيرا ذڪر ڪيو آهي ۽ ان ڪتاب ۾ جانسٽن جي ڪن لکيل ڳالھين کي رد بہ ڪيو اٿس. هاڻ ان ڪتاب جي ڳولا ڪبي. هٿ چڙهيو تہ پڙهبو.
مُرڪ پبليڪيشن واري مرتضيٰ لغاري سان ڳالھايم تہ منھنجي ترجمو ڪيل جاپاني ناول ”هل تہ ڳوٺ موٽي هلون“ جي هاڻ ڇپائي شروع ڪرائي، چيائين، ”ڏينھن ٻن ۾ شروع ٿو ڪريان.“
اڄ سڄو ڏينھن جُھڙ ۽ موسم ٿڌي رهي. موسم ٿڌي ٿي تہ معنيٰ چينائي گم، گهرن مان ئي نہ ٿا نڪرن. هينئر شام جا ست (پاڪستان ۾ شام جا چار) ٿيا آهن، هيڏي مھل وڏي رونق لڳل هوندي آهي، پر سرديءَ رونقون گهٽائي ڇڏيون آهن. هونئن هھڙي سردي، جنھن کي پاڻ ”سردڙي“ چئون، ماڱاريون ئي ڪونہ.
هاڻ جيئن جيئن پاڪستان واپس ورڻ جا ڏينھن ويجها ٿيندا پيا وڃن، تيئن پاڪستان ۾ جيڪي روزانو سور ملن ٿا، بجلي ۽ گئس نہ هئڻ، مھانگائي ۽ ٻيا معاملا ياد اچڻ تي ڪيفيت ئي بدلجيو وڃي. ائين ٿو محسوس ٿئي تہ جنت مان نڪري دوزخ ڏانھن وڃڻ جو پروانو اچي ويو آهي. اڄ وانگ ڦان ۽ ٻي وانگ جنھن جو نالو وسري ويو اٿم، جيڪي کشين جون ماسيون آهن، گهر آيون، ٻيئي سُٺيون، دور انديش ۽ سمجهدار مايون آهن. ٻنھي اسان جي بوفي هوٽلن تي دعوت ڪئي هئي. مون کين هوٽل تي هلي لنچ ڪرڻ جي صلاح هنئي، پر هنن چيو تہ في الحال وڃون ٿيون. مون ٻنھي کي اجرڪن جا تحفا ڏنا، جنھن تي ڏاڍيون خوش ٿيون ۽ موڪلائڻ مھل بہ سندن ڪنڌن ۾ پيل هيون. جيڪي کين ڏاڍيون سُٺيون پي لڳيون. سنڌي اجرڪ جو بہ پنھنجو شان آهي.
[29 نومبر 2024ع]
رات اٺين ڌاري واڪ ڪندي، گوانگسي يونيورسٽيءَ جي گيٽ واري بوڪ شاپ تي ويس. هاڻ اُن رستي سان ڄڻ تہ منھنجي اُنسيت ٿي ويئي آهي. جڏهن بہ هن پاسي واڪ ڪرڻ ايندو آهيان تہ اهو ئي بوڪ شاپ منھنجي منزل هوندو آهي. ڪتاب تہ سڀ چيني ۾ هوندا آهن، اهي تہ نہ وٺندو آهيان، بس رڳو اٿلائي پُٿلائي ڏسندو آهيان، پوءِ ڪڏهن ڪا بال پين يا ڪو ننڍو نوٽ بوڪ وٺي ايندو آهيان. ائين مون وٽ ڳچ جيتريون پينون ۽ ڪجهہ نوٽ بوڪ گڏ ٿي ويا آهن.
اڄ ڪتاب اٿلائي پٿلائي ڏسي رهيو هئس، جو هڪ ڪتاب تي وڃي نظر پئي، جيڪو اڳوڻي آمريڪا جي پرڏيھي وزير ۽ ڊپلو ميٽڪ هينري ڪسنجر جي باري ۾ هو، ڪتاب جو نالو تہ چيني ۾ لکيل هو، پر مٿان ٽائيٽل تي ڪسنجر جو فوٽو ۽ انگريزي ۾ نالو لکيل هو ”هينري ڪسنجر“. مون ڪتاب جو فوٽو ڪڍيو ۽ بيدو ٽرانسليشن جي ذريعي ان جي انگريزي ٽرانسليشن ڪيم، لکيل هو:
Kissinger biography
The first person to open us Relations of to 60 years of international diplomacy.
Translation by chen zibo and Jiang xian. From, “Ben Guangwei.”
هينري ڪسنجر جون آمريڪا ۽ چين جي لاڳاپن قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار رهيو آهي ۽ اڄ اهو عجيب اتفاق آهي تہ هينري ڪسنجر سال اڳ اڄوڪي ڏينھن يعني 29 نومبر 2023ع تي سؤ سالن کان بہ وڏي عمر ۾ وفات ڪئي. اها ڳالھہ ياد ايندي ئي خيال آيم تہ جيڪڏهن هينري ڪسنجر، پاڪستان جي سھڪار سان چين جو ڳجهو دورو نہ ڪري ها تہ چين ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ رنڊڪ دور نہ ٿئي ها، ۽ انھن لاڳاپن جو فائدو اهو ٿيو تہ اقوام متحدہ مان فارموسا يعني تائيوان کي تڙي اها سيٽ ’عوامي جمھوريه چين‘ کي ڏني ويئي. ايئن چين گڏيل قومن جي ميمبر ٿيڻ سان گڏ سلامتي ڪائونسل جو مستقل ميمبر ٿيو ۽ کيس ويٽو جا اختيار مليا.
هينري ڪسنجر وڏو ليکڪ پڻ هو. ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيائين. سندس هڪ ڪتاب ”ڊپلوميسي“ جيڪو 1994ع ۾ ڇپيو. ان جو اردو ترجمو پڻ ٿيل آهي، جيڪو جهلم جي بوڪ ڪارنر پبلشر ڇپرايو ويو آهي. اهو مون محترم غلام نبي سومري کان وٺي پڙهيو هو. ڇا تہ ڪتاب آهي. عالمي سياست سان دلچسپي رکندڙن لاءِ هي ڪتاب پڙهڻ ضروري آهي.
هينري ڪسنجر 1923ع ۾ جرمني جي شھر ’يوريا‘ ۾ ڄائو هو. پڻھنس ماستر هو، جيڪو يھودي هو. جرمنيءَ ۾ هٽلر اقتدار ۾ آيو تہ يھودين تي ظلم شروع ڪري ڇڏيائين. جنھن جي نتيجي ۾ هو ڪُٽنب سميت لنڊن آيو، جتان هو 1943ع ۾ آمريڪا پھتو. آمريڪا ۾ ڪسنجر هڪ شيونگ برش ٺاهيندڙ ڪارخاني ۾ ڪم بہ ڪندو هو ۽ شام جو پڙهندو هو. ننڍپڻ جي واقعن جي ڪري منجهس تمام گهڻي احساس ڪمتري هئي. ڪسنجر اسٽيج تي ڳالھائي نہ سگهندو هو. پوءِ هڪ وقت اهڙو بہ آيو، جڏهن سڄي دنيا سان مخاطب ٿيندو رهيو. 1948ع ۾ ’هاورڊ يونيورسٽي‘ ۾ داخل ٿيو ۽ سياسيات ۾ ماسٽرس ۽ پي. ايڇ. ڊي ڪيائين ۽ پڙهائڻ شروع ڪيائين. عملي سياست ۾ گهڙيو تہ پوءِ صدر رچرڊ نڪسن جو نيشنل سيڪيورٽيءَ جو صلاحڪار ۽ پرڏيھي وزير ٿيو. هينري ڪسنجر وڏي عمر جي باوجود روزانو ارڙهن ڪلاڪ ڪم ڪندو هو. کيس 1973ع ۾ ’امن جو نوبيل پرائز‘ بہ مليو. گذريل سٺ سالن ۾ دنيا ۾ جيڪي بہ اهم سفارتي مرحلا آيا، ڪسنجر انھن جو حصو رهيو. دنيا ۾ هزارين سفارتڪار آهن، انھن ۾ هڪ سؤ کي بين الاقوامي حيثيت حاصل آهي، پر هينري ڪسنجر فقط هڪ هو.
هينري ڪسنجر 1971ع ۾ پاڪستان جي صدر يحييٰ خان جي مدد سان چين ۽ آمريڪا ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرايا. يحييٰ خان چيني قيادت مائوزيتنگ ۽ چو اين لائي کي راضي ڪيو ۽ پوءِ صدر نڪسن کي تيار ڪيو. يحييٰ خان ٻنھي کي پنھنجي هٿ سان خط لکندو هو. خط ٽائپ ان ڪري نہ ڪرائيندو هو تہ ڪٿي اهو راز اخبارن تائين پھچي نہ وڃي. ايتريقدر جو جولاءِ 1971ع ۾ هينري ڪسنجر پاڪستان آيو. جنرل يحييٰ خان جي اسٽاف هينري ڪسنجر جھڙي هڪ ڳوري همراھہ کي ميڪ اپ ڪرائي، گاڏي ۾ ويھاريو، ان جي اڳيان پويان پروٽوڪول ۽ سيڪيورٽيءَ جون گاڏيون لڳايون ۽ کيس ايبٽ آباد روانو ڪري ڇڏيو، جڏهن تہ اصلي هينري ڪسنجر کي جھاز ۾ ويھاري چين روانو ڪري ڇڏيو. ائين چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ نفرت جي ديوار ڊٺي. ان کان پوءِ صدر نڪسن چين جو دورو ڪيو ۽ آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيا.
هينري ڪسنجر هڪ سفارتڪار سان گڏ دانشور بہ هو. اوهان سندس ڏاهپ جو اندازو اُن ڳالھہ مان لڳائي سگهو ٿا. جڏهن نواز شريف پنھنجي ٻي حڪومتي دور ۾ کانئس پُڇيو تہ، پاڪستان کي آمريڪا سان ڪھڙي قسم جا لاڳاپا قائم ڪرڻ گهرجن. جواب ۾ هينري ڪسنجر کلندي وراڻيو، ”اوهان جيڪڏهن آمريڪا جا دشمن آهيو تہ اوهان جي بچڻ جون اميدون آهن، پر جيڪڏهن اوهان سندس دوست آهيو تہ پوءِ اوهان جو موت يقيني آهي.“ ان هڪ جملي مان سندس ڏاهپ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
*
صبح سان جاڳي واش روم ۾ ويس تہ نلڪي ۾ پاڻي نہ هو ۽ وري بلب کولڻ لاءِ بٽڻ آن ڪيم تہ بلب نہ ٻريو. ”هان، بجلي ڪونھي، پاڪستان ۾ اچي ويو آهيان، يا خواب پيو ڏسان.“ ذهن ۾ خيال آيم ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ آيم، ”بجلي تہ نہ هلي ويئي آهي.“ وري خيال آيم ”چين ۾ بجلي ويندي تہ ڪونھي.“ بھرحال ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ آئي، سو ماٺڙي ڪري ٻاهر صوفي تي ليٽي پيس. ٿوري دير کان پوءِ نسيم اُٿي. هن بہ بلب جو بٽڻ آن ڪيو، پر بلب نہ ٻريو.“ بجلي ڪونھي ڇا؟“ هن مون کان پڇيو، ”نہ ڪونھي.“ جواب ڏنم. ”چين ۾ بہ اها مصيبت بجلي وڃڻ جي.“ هوءَ ڀڻڪي ۽ اچي ڀر واري صوفي تي ويھي رهي. ”چين ۾ بجلي ويندي تہ ڪونھي، پر اڄ شايد ڄاڻي واڻي بند ڪئي اٿن، پاڻ کي ياد ڏيارڻ لاءِ تہ اوهان چئن ڏينھن کان پوءِ پاڪستان وڃڻ وارا آهيو، تنھنڪري اسان سان گڏجي جيڪا اوهان ڪانگ جي ٽور بدلائي مور واري ڪئي آهي، اها ڇڏي ڏيو. هنن بجلي ان ڪري وڃائي آهي، تہ جيئن پاڻ پاڪستان هلڻ کان اڳ پنھنجي اوقات تي موٽي اچون.“ سندس صوفي تي ويھندي ئي مون چيو، منھنجي ذهن ۾ هڪدم خيال آيو تہ ”بجلي جي بل وغيرہ جو ڪو مسئلو ٿي سگهي ٿو.
ٿوري دير کان پوءِ وشال ننڊ مان اٿيو تہ کيس بجلي نہ هئڻ جو ٻڌايم. پاڻ هڪدم موبائيل کنيائين ۽ ڪي انگ اکر ملايائين ۽ پوءِ واش روم هليو ويو. ٻي گهڙي بجلي اچي ويئي. مون وشال کان بجلي وڃڻ جو سبب پڇيو تہ چيائين، ”بجلي جو بل پيارڻ وسري ويو هو، جيڪو موبائيل ايپ ذريعي جمع ڪرائي، ميسيج موڪليم ۽ بجلي جيڪا هنن بل نہ پيارڻ سبب ڪري بند ڪري ڇڏي هئي، سا کولي ڇڏيائون“
شروع شروع ۾ ’بجلي‘ اسان جي ذهنن تي ايترو تہ سوار هئي، جو ننڊ مان اُٿي پھرين اهو سوچي فون چارج تي لڳائيندو هوس تہ متان بجلي نہ هلي وڃي ۽ فون چارج ٿيڻ کان رهجي نہ وڃي.
بجلي آئي تہ پاڻي بہ گرم ٿيو ۽ اسان فريش ٿي جمع نماز پڙهڻ جي لاءِ هيٺ لھي آياسين. نماز پڙهڻ لاءِ فيضان شاھہ کي بہ وٺي وياسين. اڄ نئننگ ۾ منھنجو آخري جمع آهي. ايندڙ جمعو پاڪستان ۾ هوندس. وشال کي چيم تہ نماز پڙهي، تون ڀلي هليو اچج، آءٌ اتي ڪلاڪ ٻہ وڙڪي پوءِ ايندس. نماز پڙهڻ کان پوءِ مسجد مان ٻاهر نڪتاسين تہ وشال چيو، ”ڇا پروگرام آهي؟“ چيم ”گهر ٿا هلون جو طبيعت ۾ مزو ڪونھي، سڀاڻي ايندس.“
حقيقت ۾ رات کان وٺي طبيعت ۾ مزو ڪونھي، ٻانھن ۾ بہ سور پيو پوي تہ پيٽ بہ ڀريو پيو آهي، اهڙي حالت ۾ رولاڪيءَ ۾ ڪھڙو مزو اچي ها.
نئننگ ۾ ايندي ويندي پيو ڏسندو آهيان تہ ڪن ڪن هنڌن تي چئني پاسن وڏيون لوهي چادرون ڏنل هونديون آهن، انھن جي اندر ننڍا ٽرالا، ۽ ٻيون مشينون بيٺيون هونديون آهن يا ڪنھن مھل وري ان دائري مان ٻاهر پيون نڪرنديون آهن. خبر پئي، اهڙن دائري جي اندر ترقياتي ڪم پيو ٿيندو آهي. اندر ئي اندر کوٽائي ڪري، کوٽيل مٽي وغيرہ ٽرالن ذريعي مڪمل طور تي پيڪ ڪري ٻاهر ڪڍندا آهن ۽ ٻاهران بہ مٽيريل ريتي، بجري وغيرہ ائين آڻيندا آهن. نہ ڌوڙ نہ ڇائي، نہ متبادل روڊ، نہ روڊ تي پيل ۽ ٽڙيل پکڙيل مٽيريل ۽ سامان جا ڍڳ، ايندڙ ويندڙ گاڏين ۽ پبلڪ کي پريشاني. ائين محسوس ئي نہ ٿيندو آهي تہ اندر ڪو زبردست ڪم هلي رهيو آهي. پوءِ جڏهن اهي چادرون هٽايون وينديون آهن تہ سڄو تيار ٿيل ڪم سامھون هوندو آهي. اها آهي چينين جي ڪمال ڪاريگري- پاڻ وٽ اهڙن ترقياتي ڪمن دوران روڊن، رستن ۽ آسپاس جي کوٽائي، مٽي ۽ گاڏين جي اچ وڃ جي دوران جيڪو ڪجهہ ٿيندو آهي، اهو پاڻ کان لڪل نہ آهي.
[30 نومبر 2024ع]
رات ذائقہ ريسٽورينٽ تي هڪ مصري مليو. ذائقہ هوٽل جي گراهڪن ۾ چينين سان گڏ فارينرس بہ آهن، خاص ڪري انڊين، افغاني، ڪشميري، تاجڪستاني ۽ يمني مون کي نظر ايندا آهن. شاگردن لاءِ ماهوار ميس ۽ سٺي رعايت سبب شاگرد بہ ايندا آهن.
مصري سان تعارف ٿيو. هڪدم پڇيائين، ”پاڪستان ۾ عمران خان سُٺو حڪمران هو.“
وراڻيومانس رڍون مڙيئي ڪارٻو ٿيون. عمران هجي يا نواز شريف ۽ زرداري سڀني کي اقتدار ۾ آڻڻ ۽ ڪڍڻ واري ملٽري آهي ۽ عوام جي مسئلن سان ڪنھن کي بہ دلچسپي ڪونھي. منھنجي نظر ۾ عمران خان هڪ بي وقوف حڪمران هو. نواز ۽ زرداري ڪرپٽ ترين. عمران جي ذهنيت فاشسٽ آهي. جنھن تي چيائين، ”مصر ۾ حڪمران بہ ڪرپٽ آهن. اهي سڀ ملٽري مان آيا آهن ۽ انھن جي بہ بس ميڙ ميڙان، ”پنھنجن کيسن ڏانھن اشارو ڪندي چيائين تہ کلندي چيومانس تہ، ”شڪر ڪر تہ مصري حڪمران رڳو کيسا ٿا ڀرين پر اسان جا حڪمران تہ پئسن جا جھاز ڀريو دبئي ۽ لنڊن کنيو وڃن.“ جنھن تي ڏاڍو کليو، پوءِ چيائين، ”ضياءَ الحق تہ ڏاڍو سٺو حڪمران هو، جنھن پاڪستان کي وڏي ترقي وٺرائي.“
”پاڪستان ۾ سڀني بُراين جي پاڙ جنرل ضياءَ الحق جي حڪمراني ۾ هئي. ضياءَ الحق تہ اسلام کي پنھنجي حڪمراني لاءِ استعمال ڪيو ۽ غير ضروري طور تي پنھنجي حڪمرانيءَ کي ڊيگهہ ڏيارڻ لاءِ وڃي آمريڪا جي ڪڇ ۾ ويٺو.“
”لعنت ﷲ.... ضياءَ الحق اسلام کي بہ استعمال ڪيو توبہ....“ چيائين، پوءِ پڇيومانس، ”مصر جي خبر ڏي. ڇا پيو ٿئي.“ جنھن تي چيائين، ”جنرل عبدالفتاح السيسي ڪنڌ تي چڙهيو ويٺو آهي، سو ڪنھن چڱائيءَ جي اميد ڪونھي.“
همراھہ ساٺيڪو کن سالن جو هو، سندس زال ۽ هڪ چيني دوست بہ گڏ هئس، ڪچھري ڪندي ماني لڳي تہ آءٌ اٿيس، جنھن تي زور ڀريائين تہ ويھه تہ گڏجي کائون، پر مون سندس مھرباني مڃي ۽ اُٿي اچي پنھنجي مخصوص ٽيبل تي ويٺس. ماني کائي دنگ ڪيائين تہ وڃڻ مھل موڪلائڻ آيو ۽ نيڪ تمنائن جو اظھار ڪيائين. مون کي کانئس نالو پُڇڻ وسري ويو. پر سندس ڳالھين مان محسوس ٿيو تہ جنرل السيسي جي حڪمرانيءَ جو مخالف ۽ ڪنھن حد تائين ’اخوان السلمون‘ جو حمايتي ٿي لڳو. جو پنھنجي ڳالھين ۾ بار بار ”مسلم امه“ جي زوال ۽ اسلامي ملڪن جي نااهل ۽ ڊڪٽيٽر حڪمرانن جو ذڪر ٿي ڪيائين.
*
وشال مون کي ڄڻ جياري ڇڏيو آهي. سُٺا شوز، سُٺيون شرٽون، سٺيون پينٽون، سٺا پرفيومز. منھنجي سڄي زندگي سادگي ۾ گذري آهي. نہ ڪڏهن سٺي ڪپڙي لٽي جي نہ بوٽن ۽ سئنڊلن جي. نہ ٻي ڪنھن شئي ڏانھن ڌيان ۽ خيال. بس جيڪو آيو، سو اگهيو. هتي آيس تہ وشال هڪڙو فرسٽ ڪلاس بوٽ ڏنو، جيڪو بي حد نرم ۽ سٺو آهي. پوءِ جيڪٽ، جوراب، شرٽون وغيرہ. سو صفا من ٿي ويو آهيان، ڪالھہ وشال جي الماڙي ۾ هڪ سوئيٽر ڏٺم، وشال کي چيم، ”يار واھہ جو آهي.“ تہ هڪدم کڻي مون کي ڏنائين ۽ نہ نہ ڪيم، پر همراھہ اصل نہ مڙيو. ۽ اڄ اهو پايو پيو هلان. موسم ٿڌي ٿي ويئي آهي ۽ سوئيٽر گرم آهي. واھہ وشال زندھہ باد!.
مريم جو روز صبح جو هڪ فوٽو ڪڍندو آهيان، فوٽو ڪڍڻ لاءِ فون سامھون ڪندو آهيان تہ آڱر مٿي کڻندي آهي ۽ پوءِ سڌي مون وٽ هلي ايندي آهي ۽ ڳالھہ ڳالھہ تي چوندي آهي، ”شي شا...“ سندس اهو آواز ٻڌي گد گد پيو ٿيندو آهيان ۽ چوندو آهيانس ”هيلو بيوٽي فل چائينز سنڌي بي بي.“ جنھن تي ماڻھنس کلندي آهي ۽ چوندي آهي. ”ابو ماليا هاف چائينز هاف پاڪستاني.“ آءٌ وري چوندو آهيانس، ”چونگو، پاتيا، ڦنگيو.“ (يعني چين پاڪستان دوستي). جنھن تي کلندي آهي. وشال جي وني کشين بہ وشال وانگر ئي اسان جو وڏو خيال رکندي آهي. ٻاهران ايندي آهي تہ سنڌيءَ ۾ پُڇندي آهي. ”ابو، امي، ماني کاڌي.“ سنڌيءَ جو هڪ اهو ئي جملو ياد اٿس. باقي چيني انگريزي ۽ اشارن جي زبان ۾ ڪم پيا هلائيندا آهيون. جواب ۾ آءٌ چوندو آهيانس ”پائو لا...“ يعني مون کي ڍوءَ ٿيو پيو آهي. جڏهن بہ ٻاهران ايندي آهي تہ ڪيڪ، پيسٽريون ۽ الائي ڪھڙيون ڪھڙيون مٺايون وٺي ايندي آهي ۽ زور ڀريندي آهي تہ ”ابو، امي، کائو.“ هاڻ اسان ڪيترو کائي ڪيترو کائون... هاڻ تہ کشين ۽ مريم سان ايتري تہ اُنسيت ٿي ويئي اٿئون، جو کانئن جدا ٿيندي دل ڏکي ٿي. پر ڇا ڪجي، سدائين تہ هتي رهڻون ڪونھي.
اڄ فيس بوڪ تي جمن سوهي منھنجي ڪتاب ”اڄ نہ پَسان سي“ تي ڏاڍو سٺو تبصرو لکيو آهي، جيڪو مون بہ شيئر ڪيو. رئوف نظاماڻيءَ بہ ڪجهہ هفتا اڳ ساڳئي ڪتاب تي فيس بوڪ تي تبصرو لکي شيئر ڪيو هو، جيڪو روزاني ’سنڌ ايڪسپريس‘ ۾ پڻ ڇپيو. اهي ٻئي مضمون اصغر گُگو پاران مون تي ترتيب ڏنل ڪتاب ۾ شامل ڪندس.
اڄ طبيعت ۾ ٿورو مايوسي ۽ ٿڪاوٽ رهي. گهر اچي ڪتاب ”چيني ادب“ کولي پڙهيم. جيڪو اسلام آباد مان ورتو هئم. ڪتاب جي هن شعر گهڻو متاثر ڪيو، جيڪو هڪ پراڻي چيني شاعر ”چوان چي (263-210)“ جو آهي.
ماڻھو چون ٿا
زندگي ڏکي آهي،
پر آءٌ تہ پنھنجا ڏينھن گذاري سگهان ٿو،
آزاديءَ سان گهمندي ڦرندي
منھنجي سامھون اڱڻ ۾
انھن گلن سان جنجهيل وڻن جي وچ ۾،
۽ انھيءَ نرم ۽ ملائم ڇانوَ ۾
منھنجا خيال عدم ڏانھن وڃي ٿا نڪرن
پر اُتي هوريان هوريان هلندي
دوستن ۽ مائٽن جا چھرا اُڀرن ٿا
۽ پوءِ چؤڏس اونداهي
سو دل جو غبار ڪڍان ٿو
لفظن ۾
انھن لفظن مان مجسم ڪريان ٿو
پنھنجي مايوسيءَ کي
۽ پوءِ هي شعر
اوڀر ڏانھن اُڏندڙ پکين جي هٿان
روانو ڪري ٿو ڇڏيان.
[پھرين ڊسمبر-2024ع]
سنڌ ۾ اڄ سنڌ جو ثقافتي ڏيھاڙو ملھايو پيو وڃي، ان ثقافتي ڏيھاڙي جي حوالي سان مون سميت مختلف ماڻھن جا پنھنجا خيال ۽ رايا آهن. اهو ثقافتي ڏيھاڙو منھنجي خيال ۾ تہ سال 2010ع ۾ جڏهن آصف علي زرداري پاڪستان جو صدر هو تہ سنڌي ٽوپي پائي ڪنھن ملڪ جي دوري تي ويو هو ۽ واپس وريو هو، يا اتي هو تہ ڊاڪٽر شاهد مسعود سنڌي ٽوپيءَ تان چٿر ڪئي تہ اسان جي ڪي. ٽي. اين جي تڏهوڪي سرواڻ ميان علي قاضيءَ موقعي مان فائدو وٺي اهو ڏينھن ملھائڻ جو اعلان ڪيو هو. تڏهن سڀني غيرت ۾ وڏيون ريليون ڪڍي ٽوپي اجرڪ جو ڏينھن ملھايو هو. تڏهن آءٌ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل هئس ۽ دڙي ۾ ڪڍيل ريلي ۾ مون بہ شرڪت ڪئي هئي ۽ تقرير ڪئي هيم. منھنجي تقرير ٻڌندڙن کي گهڻي وڻي هئي. مون کان پوءِ ارباب وزير ميمڻ تقرير ڪئي تہ هن منھنجي تقرير جي واکاڻ ڪئي هئي. پوءِ اڳتي هلي ڪي. ٽي. اين ڌار ۽ ٻين ميڊيائي ادارن اهو ڏيھاڙو ڌار ڌار ملھائڻ شروع ڪيو ۽ پاڻ ۾ ڪامپيٽيشن ڪندا هئا. هاڻ ڪجهہ سالن کان گڏجي ملھائين ٿا. ڪلھه مون فيس بوڪ تي ان حوالي سان هڪ پوسٽ رکي هئي.
”هر سال ڊسمبر ۾ ميڊيا جا ادارا سنڌي ثقافتي ڏيھاڙو ملھائيندا آهن. جنھن جو وڌ ۾ وڌ فائدو بہ اشتھارن جي صورت ۾ کين ئي ٿيندو آهي. غريب سنڌي قرض کڻي پنھنجي ٻارڙن جون فرمائشون پوريون ڪندا آهن.“
بھرحال آءٌ ثقافتي ڏيھاڙي ٽوپي اجرڪ ڏينھن ملھائڻ جي خلاف ناهيان.
*
جڏهن کان هتي آيو آهيان، تڏهن کان مون کي محترم رسول بخش پليجو ياد ايندو رهندو آهي. پليجي صاحب مائوزيتنگ تي جيڪو ڪتاب لکيو، ان سنڌ جي سياسي ڪارڪنن کي گهڻو متاثر ڪيو. مون مائوزيتنگ تي ڪجهہ ٻيا بہ ڪتاب پڙهيا آهن، پر پليجي صاحب جي ان ڪتاب منھنجي ذهن تي جيڪو اثر ڇڏيو، اهو ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيو. چين اچڻ کان اڳ جڏهن اهو ڪتاب ٻيھر پڙهيم تہ مزو اچي ويو. هن جنھن انداز سان مائوزيتنگ جي شخصيت کي پنھنجي لفظن جي جادوگريءَ سان بيان ڪيو آهي، اهو ڪمال جو آهي. جيتوڻيڪ ڪتاب مختصر ۽ پرائمري سطح جو آهي، پر ان کان وڌيڪ مائو جي شخصيت تي سنڌيءَ ۾ ٻيو ڪو ڪتاب نہ لکيو ويو آهي. اڄ جڏهن اهڙي پوسٽ ڇڏيم تہ منھنجي دوست عبدالڪريم سومري چيو تہ، ”پليجي جون ساروڻيون لکو.“... مون پليجي تي هڪ مضمون لکڻ جي شروعات بہ ڪئي هئي، هڪ صفحو لکيو بہ هو، پوءِ رهجي ويو ۽ ٻي ڀيري جڏهن لکڻ چاهيم تہ اهو لکيل پنو نہ مليو، جنھن سبب لکي نہ سگهيس، پر اهو صفحو اسڪول ۾ منھنجي ڪنھن فائل ۾ پيل آهي، هاڻ ويندس تہ اهو صفحو ڳولھي ذهن ۾ جيڪو پليجي صاحب جي باري ۾ اٿم، اهو لکندس. پليجي صاحب تي منھنجي ان اسٽيٽس ڇڏڻ تي دوستن جيڪي رايا ڏنا، انھن ۾ شبير شر جو رايو ڏاڍو دلچسپ آهي، لکي ٿو: ”اها حقيقت آهي تہ سنڌ ۾ لکڻ پڙهڻ جو رواج پليجي صاحب وڌو، سُٺا ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا. جڏهن ساڻس ملندا هئاسون تہ پھريون سوال اهو هوندو هو تہ اڄ ڪلھہ ڪھڙو ڪتاب پيا پڙهو. ليکڪ ڪير آهي، ڇا پيو لکي، پوءِ اهو ٿيندو هو تہ ڪوئي نہ ڪوئي ڪتاب پڙهي، ڪم جون ڪي اهم ڳالھيون ياد ڪري پوءِ ويندا هئاسون. مسئلو تڏهن ٿيندو هو، جڏهن اوچتو نياپو ايندو هو تہ پليجو صاحب سکر پھچي ويو آهي ۽ حبيب هوٽل ۾ ويٺو توهان کي ياد ڪري، پوءِ تہ ڪچھريءَ ۾ رات گذري ويندي هئي. پر ڪچھري نہ کٽندي هئي.“
مون پاڪستان ۾ يا ڪجهہ سفرنامن ۾ پڙهيو هو تہ چين ۾ هاڻ مائو جو ڄڻ نالو بہ ڪونھي، پر منھنجي تجربي ۽ مشاهدي موجب جڏهن هڪ ٻہ نسل گذري وڃن ٿا تہ پوءِ اهڙيون شخصيتون فقط علامت ۽ احترام جوڳي حيثيت حاصل ڪري وڃن ٿيون. مائو سان بہ ائين آهي. مائو جو حمايتي ۽ مخالف نسل ڪڏهن ڪو گذري ويو. نئين نسل کي گذريل اڳواڻن سان ڪا دلچسپي نہ ٿي رهي. ٻيو تہ چين جو سڄو سماج هڪ لحاظ کان ڄڻ تہ غير سياسي آهي. حڪومت پاران ڪن قدمن سبب چيني ڪن ٻين پاسن سوچين ئي ڪونہ ٿا. هتي مون مائو جي باري ۾ چيني ٻولي ۾ ڇپيل ڪتابن جو بہ وڏو انگ ڏٺو ۽ مائو جي تصوير وارو هڪ نھايت خوبصورت ڪئلينڊر بہ ڏٺم ۽ ڪجهہ بيج بہ. باقي اها حقيقت آهي تہ جنھن کي پاڻ ”فڪِر مائوزيتنگ“ چئون ٿا، سرڪاري سطح تي هاڻ ان کي عمل نہ ٿو ڪيو وڃي. حڪومتي پاليسيون بلڪل ٻيون آهن ۽ مون کي اهو چوندي هٻڪ محسوس نہ پئي ٿئي تہ جيڪڏهن چيني حڪومت ۽ ڪميونسٽ پارٽي انھن پاليسين تي هلي ها تہ اڄ چين اڃا بہ پٺتي پيل ملڪ هجي ها. ڊينگ زيائوپنگ، چين جا دروازا ٻين ملڪن لاءِ کولي ڄڻ تہ هن جي ترقي جا رستا کوليا. باقي اهو چوندي ڪونھي تہ چين هينئر سوشلسٽ نہ پر صنعتي ملڪ آهي ۽ سرمائيداريت جون سڀ ڪثافتون موجود آهن.
گذريل ٻن ٽن ڏينھن کان اڪيلو ’ڇائو يانگ‘ وڃڻ جو پي سوچيم. پر سستيءَ سبب ويٺو ئي رهندو هئس. اڄ وشال کي چيم، ”يار ٽئڪسي گهرائي ڏي تہ ڇائو يانگ وڃان.“
وشال آن لائن ٽئڪسي گهرائي ۽ ڇائويانگ روانو ٿيس. اتي پھچي مسجد وٽ لٿس، پوءِ هلندو ونڊو شاپنگ ڪندو هڪ ننڍي شاپ تي بيٺس، جتي نئين سال جا ڪئلينڊر، جنتريون، بيج ۽ پراڻا سڪا وڪامي رهيا هئا، جن کي مون وڏي شوق سان ڏٺو. هڪ ڪئلينڊر جنھن تي مائوزيتنگ جي ڏاڍي خوبصورت تصوير ڇپيل هئي، وٺڻ جو خيال ٿيو ۽ ٻہ ٽي مائو جي تصوير وارا بيج بہ پسند ڪيم، پر اتي ويٺل مائي صاحبہ پئسا ايترا تہ ٻڌايا، جو هڪدم يوٽرن وٺندي سوچيم، ”اڳ ۾ ئي گهڻيون شيون ورتيون اٿم. وڌيڪ وٺي ڇا ڪندس.“ پوءِ اهي ڇڏي اڳتي وڌي ويس. اتان سِڌو بوڪ شاپ تي ويس، جنھن تي اڳ ۾ ٻہ ڀيرا آيو هئس، هيٺ مٿي چڪر لڳايم، ٿوري دير اتي ويٺس ڪتاب ڏٺم، پر اڄ مون کي اُتي الائي ڇو مزو نہ آيو ۽ عجيب بي چينيءَ جو احساس ٿي رهيو هو. وشال، مريم ۽ وشال جي وني کشين کان جدا ٿيڻ جي تصور مون کي بي چين ٿو ڪري ڇڏي. وشال سان اهي ٻہ مھينا مون غير جذباتي ٿي گذاريا، هو مون کان اٺ سال پري رهيو، منھنجو محبوب پُٽ، منھنجي ڌيءَ امرتا چوندي آهي تہ ”ابو توکي وشال سان عشق آهي.“ جواب ۾ چوندو آهيانس تہ ”مائٽ جو هر اولاد سان عشق ئي هوندو آهي.“
بوڪ شاپ تان واپسي تي اچي مسجد جي ڪيفي ٽيريا ۾ ويٺس ۽ هڪ ڪوڪ وٺي اها پيئندو شيشي مان ٻاهريان نظارا ڪرڻ لڳس ۽ چين جي ترقيءَ تي سوچڻ لڳس. چين جي ترقيءَ جو هڪ راز سخت نظم و ضبط ۽ قانون تي سختي سان عمل ڪرائڻ ۾ بہ آهي. اوڻيھه ويھه تہ هر هنڌ ٿئي ٿي. قانون هوندي بہ آمريڪا ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۽ ان قسم جا واقعا عام جام ٿين ٿا، پر چين ۾ ائين ڪونھي، مون کي ڪجهہ دوستن ٻڌايو تہ چيني ماڻھو پوليس کان گهڻو لنوائين ٿا. هڪ دوست ٻڌايو تہ هڪ چينيءَ سان پارٽنرشپ هيم، ٽوڙيم تہ پئسا ڏيڻ لاءِ تيار نہ هو. کيس بار بار چيم تہ منھنجو حساب ڪتاب ڏي، پر ڏيڻ جي لاءِ تيار نہ هو. نيٺ هڪ ڏينھن چيومانس تہ جيڪڏهن چوويھن ڪلاڪن ۾ نٿو ڏينءَ تہ سُڀاڻي پوليس ۾ ٿو وڃان. همراھہ ٻي ڏينھن اچي ماٺ مٺيءَ ۾ مون کي حساب ڪتاب ڏيئي ويو. چين ۾ جيڪڏهن گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرجن تہ ٻيئي ڌريون نہ وڙهن نہ هڪٻئي تي اُلرون ڪن. اتي ئي بيٺا رهن. پوليس اچي ڪيمرائن جو جائزو وٺي، پوءِ جيڪو ڏوهاري ٿئي، اهو ٻي کي نقصان جا جيترا پئسا چوي اهو ڀري ڏي، ٿڏي تي انصاف، نہ ريڙھہ نہ پيڙھہ، نہ گار نہ گند، نہ وري بھانا هلن.
اڌ ڪلاڪ کن اتي ويھي، اٿي وڃي هيڏانھن هوڏانھن وڙڪڻ ۽ جھان ڏسڻ لڳس. پوءِ ’ون ڊالر‘ شاپ ۾ گهڙي ويس. خبر ناهي تہ منھنجي اندر ۾ ڪو ٻار ويٺل آهي يا ٻاراڻي عمر کي پھچي ويو آهيان. جو رانديڪا ڏسان ٿو تہ انھن وٽ بيھو رهان ۽ انھن کي پيو ڏسندو آهيان. اُن دوڪان ۾ شيشي جو هڪ ”پينگوئن“ پکي جو اسٽيچو ڏٺم تہ هڪدم دل ٿي تہ کڻي ورتم. ڏھہ يوان ڏيئي کڻي ٻاهر آيس، جيڪو پوءِ وشال ڏٺو تہ کليو. چيومانس ”پشو، تنھنجو ابو بہ مريم وانگر ٻار ٿي ويو آهي.“
ٻاهر نڪتس ۽ ڇائو يانگ ۾ وڙڪڻ لڳس. تيسين وشال جي ڪال اچي ويئي تہ ”ابو ڇا پروگرام آهي؟“ وراڻيومانس، ”ڀلي اچ، مسجد جي ڪيفي جي ٻاهر اچي ٿو بيھان.“
آءٌ هلندو، آسپاس ڏسندو اچي مسجد جي ڪيفي جي ٻاهران بيٺس، ٿوري دير ۾ وشال بہ بائيڪ کڻي پھچي ويو ۽ آءٌ ساڻس گڏ اچي ’ذائقہ‘ تي پھتس.
[2 ڊسمبر 2024ع]
بائيسو مان موٽياسون تہ ڏاڍا ٿڪل هئاسين. دل چيو تہ اچي لت کوڙي سمھي رهجي. پر سُمھڻ جي مھل نہ هئي. اڃا گهڻا ڪم اُڪلائڻا هئا. سامان پيڪ ڪرڻو هو. جيڪو ٽڙيو پکڙيو پيو هو. گذريل ٻن ڏينھن کان انھن جي پيڪنگ ڪندا رهياسين، پر محسوس ٿيو تہ اسان جيڪو شوق ۽ بنا سوچڻ سمجهڻ جي فرمائشن ۽ پنھنجي پسند تي سامان وٺندا ويا هئاسين، اهو سڀ کڻڻ ممڪن ڪونہ هو. سو سامان جي درجي بندي ڪئيسين. ٻارڙن جا رانديڪا ۽ فرمائشن وارين شين جي پھرين پيڪنگ ڪئي سين. ڪجهہ ٻيون بہ ضروري شيون پيڪ ڪيوسين. هتان جيڪي پاڻ سان ٻہ چار پڙهڻ لاءِ ڪتاب کڻي ويو هئس، جن ۾ لڇمڻ ڪومل جي آتم ڪھاڻي ’وهي کاتي جا پنا‘ ۽ اسلام آباد مان ورتل چيني ادب جا ڪتاب ۽ ورتل نوٽ بوڪ ڪڍي وشال جي حوالي ڪيم، پنھنجا سڀ ڪپڙا، پينٽون ۽ شرٽون، بوٽ، سئنڊل ۽ دوستن ۽ نياڻين لاءِ ورتل چپلون بہ ڪڍي وشال جي الماڙيءَ ۾ رکيم. ڪپڙا ۽ سئنڊل وغيرہ ان خيال سان تہ انشاءَ ﷲ مارچ ۾ وري بہ اچبو. ايئن ٻيو بہ ڪجهہ سامان ڇڏڻون پيو، وشال هيٺان ڪانٽو کڻي آيو. جڏهن تي پنجويھن پنجويھن ڪلو جون ٻہ بيگون توري ڌار رکيوسين. ٽي هئنڊ بيگ بہ ٺاهياسين. ٿائي ايئر لائين ۾ في فرد پنجويھه ڪلو سامان ۽ هٿ ۾ ست ست ڪلو کڻڻ جي اجازت هئي.
بائيسو مان موٽي سڌو هوٽل تي آياسين، چانھه جو ننڍو ڪوپ پي مون رضوان، فيضان ۽ عمران کان موڪلايو. هنن سان ڏاڍو سٺو وقت گذريو هو. ٽيئي ڏاڍا ڏکارا ٿيا ۽ چيآءٌ ”انڪل هم آپ ڪو مس ڪرينگي.“ وراڻيومانس، ”انشاءَ ﷲ مارچ ۾ وري بہ گڏ آهيون.“
انھن کان موڪلائي آءٌ ٻاهر نڪري آيس ۽ ’هو چولو‘ (اسٽريٽ) تي بيھي ايندڙ ويندڙ گاڏين کي ڏسڻ لڳس. رات جو اُتي وڏي رونق هوندي آهي. اڄ بہ اها ساڳئي رونق هئي، پر منھنجو من اُداس هو. هوچولو پنھنجي جاءِ تي، پر نئننگ سان هڪ عجيب اُنسيت ٿي ويئي هئي ۽ ايئن محسوس ٿيڻ لڳو هئم تہ نئننگ منھنجو پنھنجو شھر آهي. هن شھر ۾ مون ٻہ مھينا ڏاڍي سڪون ۽ اطمينان سان پنھنجي پُٽ، ننھن ۽ پوٽي مريم فاطمہ جي ساٿ ۾ گذاريا هئا.
جڏهن نئننگ آيو هئس تہ وشال چيو هو، ”نئننگ سان عجيب انسيت ٿي ويئي اٿم. هِتان نڪرڻ تي دل ئي نہ چوندي اٿم.“ پر اڄ مون سان بہ اهائي حالت آهي، اها ئي ڪيفيت اٿم. هنن ٻن مھينن ۾ هن شھر مون کي پنھنجو ڪري ڇڏيو. منھنجو وشال هاڻ مستقل طور تي ڄڻ هن ئي شھر جو رهاڪو آهي. منھنجي پوٽي مريم فاطمہ جنھن ۾ منھنجو سنڌي رت شامل آهي، هن ئي شھر ۾ جنم ورتو. ايئن هي شھر نئننگ ڄڻ منھنجي ايندڙ نسلن جي تاريخ ۾ لکجي ويو آهي.
آءٌ ’هوچولو‘ ڏيئي اڳتي ٿو وڌان، مون ان سڄي جاءِ کي پنھنجي اکين جي ماڻڪين ۾ سمائڻ سان گڏ احترام سان جهُڪي الوداع ڪرڻ ٿي گهريو. اڳتي وڌندو ويس. وڌندو ويس. پوءِ موڙ وٽ وڃي بيھي رهيس. ڀرپاسي کي ڏسڻ لڳس، ڳچ دير بيٺو رهيس، پوءِ مُڙيس ۽ هوريان هوريان واپس ورڻ لڳس. رستي ڄڻ منھنجا پير پڪڙي ورتا هئا.
گهر پھچي پھرين سامان جي پئڪنگ جي گورگ ڌنڌي مان وانڌو ٿيس ۽ پوءِ ڪمري مان ٻاهر اچي صوفا تي پنھنجي مخصوص جاءِ تي ويھي رهيس. وشال بہ سامھون اچي ويٺو. منھنجي مريم جي کل کل پي پئي. کشين ۽ سندس ڀيڻ بہ ويٺيون هيون. پوءِ سڀ هوريان هوريان پنھنجن پنھنجن ڪمرن ۾ سمھڻ جي لاءِ هليون ويون. آءٌ ۽ وشال الائجي ڪيتري دير تائين خاموش ويٺا رهياسين. رات جو هڪ ٿيو تہ وشال چيو، ”ابو، سُمھون، چئين بجي اُٿڻون آهي.“
آءٌ ها ڪري اٿيس، پر ائين لڳو تہ مريم سمھڻ جي موڊ ۾ نہ هئي. وشال کيس ٻانھن ۾ کنيو ۽ مون سندس چھري، اکين، هٿن ۽ ننڍڙن پتڪڙن پيرن تي چميون ڏنيون تہ هوءَ کلڻ لڳي. جڏهن گوانچو ايئرپورٽ تي لٿا هئاسين تہ مريم اسان کي شوخ نظرن سان ڏٺو هو ۽ اسان جي ويجهو بہ نہ آئي، هاءِ اسپيڊ ٽرين ۾ نئننگ ايندي وشال پنھنجي سيٽ تان اتي اسان وٽ آيو هو ۽ چيائين، ”ابو، مريم صفا ناراض لڳي پئي آهي تہ هي ڪير آهن، هنن کي ڇو پيا وٺي هلو.“ هفتو کن تہ هوءَ اسان سان نہ ٺھي، پوءِ رت، نيٺ رت کي ڇڪيو ۽ ڪجهہ گهڙيون بہ اسان کان پري نہ ٿي ويئي.
اڄ موڪلائڻ مھل مريم کلي تہ منھنجو اندر بھار بھار ٿي ويو. مريم منھنجي مٺي مريم تنھنجي اها مُرڪ ۽ کل آءٌ ڪڏهن بہ وساري نہ سگهندس.
[3 ڊسمبر 2024ع
گوانچو ايئرپورٽ- چين]
لڳ ڀڳ ٻہ مھينا ائين گذري ويا، جو خبر ئي نہ پئي. آڪٽوبر جي نائين تاريخ هن ئي ايئرپورٽ تي لٿا هئاسين. ڊاڪٽر وشال، سندس وني کشين ۽ مريم فاطمہ اسان کي وٺڻ آيا هئا ۽ اڄ ڊاڪٽر وشال ۽ ابوذر اقبال ڇڏڻ آيا ۽ بورڊنگ وغيرہ سڀ ڪرائي پوءِ روانا ٿيا.
صبح جو چئين بجي جاڳي تياري ڪئيسين. جو پوڻين پنجين ابوذر اقبال بہ اچي ويو. سامان کڻي، ٽئڪسي ڪري ”هاءِ اسپيڊ ٽرين اسٽيشن نئننگ“ پھتاسين، جيڪا 6 لڳي 49 منٽن تي هلي ۽ ڏهين بجي اچي گوانچو سب وي اسٽيشن تي لاٿائين. جتان ٻہ سب وي مٽائي، ايئرپورٽ جي ٽرمينل 2 تي لٿاسين. بورڊنگ ڪرائي، سامان وغيرہ جمع ڪرائي، هاڻ اچي گيٽ A-149 تي ٿائي ايئرويز جي فلائيٽ جو اوسيئڙو ڪري رهيا آهيون. جيڪا وايه بئنڪاڪ ڪراچي پھچندي. بئنڪاڪ ۾ ٻہ ڪلاڪ اسٽي آهي، اتان کان پوءِ ڪراچي ساڍن چئن ڪلاڪن جي مسافري آهي.
وشال پاڻ سان گڏ ابوذر اقبال کي بہ وٺي آيو. موڪلائڻ مھل ابوذر چيو ”انڪل! اسان اوهان کي مس ڪنداسين.“ کيس پيار مان مِٺي ڏيندي چيم، ”اڄ مون کي ائين پيو محسوس ٿئي تہ اسان جا ٻہ پُٽ ابوذر ۽ وشال اسان کي ايئرپورٽ ڇڏڻ آيا آهن.“ وشال کان موڪلايم، پر تڪڙ ۾، جو منھنجون اکيون ڀرجي آيون هيون. کيس چمي ڏيئي سندس منھن ۾ ڏسڻ کان سواءِ اندر گهڙي ويس. مون نہ پي چاهيو تہ هو مُنھنجا لڙڪ ڏسي ۽ ملول ٿئي. ايئرپورٽ ۾ اندر جڏهن نظرن کان اوجهل ٿياسين تہ اسان هڪٻئي کي پري کان باءِ باءِ ڪيو. ٻہ مھينا ڪيترو تہ جلد گذري ويا. بلڪل ائين جيئن مُٺ مان واري. زندگي بہ ائين ٿي گذري. جنم کان وٺي ٻُڍاپڻ ۽ پوءِ مري وڃڻ، هڪ گول چڪر آهي. جيڪو ڦرندو ٿو رهي ۽ خبر ئي ڪونہ ٿي پئي جو ماڻھو وڃيو قبر ڀيڙو ٿئي.
مون گيٽ 149 جي آسپاس جو چڪر لڳايو ۽ هڪ ننڍي بوتل منرل واٽر جي کنيم. 22 يوان ۾. ڄڻ ڏنگ لڳي ويو. اها بوتل عام طور ٻن يوانن ۾ ملي، سو ڇڏي، سامھون رکيل ڪولر مان پاڻي پيتم. ان دوران اعلان ٿيو تہ ٿائي ايئرويز جو جھاز گيٽ 149 بدران 151 کان ويندو، سو هينڊ بيگ وغيرہ کڻي ٿورو دير پاڻ اچي گيٽ نمبر 151 وٽ ويٺاسين. جتي ٿائي ايئرويز جو جھاز لڳي چڪو آهي ۽ مسافرن کي چڙهڻ جي لاءِ چيو پيو وڃي. قطار ڊگهي آهي، تنھنڪري تڪڙ بدران ويٺا ٿا رهون. جيئن رش گهٽ ٿئي، هونئن بہ اسان جون سيٽون S.35, S.H-35 آهن، جيڪي ڪير بہ نہ کڻندو. تنھنڪري ڊگهي قطار ۾ بيھي پاڻ کي ڇو ٿڪائجي.
بورڊنگ مھل هٿ جو سامان وڌي وڃڻ سبب ڪجهہ ڪتاب نوٽ بوڪ ۽ ٻيو هلڪو سامان ڪڍي واپس وشال کي ڏنم، جيئن ڪجهہ هلڪائي ٿئي. ڪتابن ڇڏڻ تي افسوس ٿيو تہ وشال چيو، ”ڪو دوست ايندو تہ ان هٿان ڏياري موڪليندس.“
[بئنڪاڪ ايئرپورٽ]
گوانچو مان ٻن ڪلاڪن جي ٿائي ايئرويز ۾ مسافري ڪري بئنڪاڪ پھتا آهيون. ٿائيلينڊ، جنھن کي ڪنھن زماني ۾ ’سيام‘ چيو ويندو هو. بئنڪاڪ ان جي گادي جو هنڌ آهي. هتي ’آئيني بادشاهت‘ آهي. ايئرپورٽ بہ ڪافي وڏو ۽ خوبصورت آهي، جنھن ۾ ڊيوٽي فري شاپس جا دڪان آهن، جيڪي ڊيوٽي فري جي نالي ۾ ”ڦرڻ“ جي ڊيوٽيءَ جا دڪان آهن. شراب ۽ ٻيون شيون عام جام وڪرو ٿي رهيون آهن. بئنڪاڪ هونئن بہ سياحت لاءِ ايندڙ ماڻھن لاءِ گهڻي ڪشش رکي ٿو.
ايئرپورٽ جي وچ ۾ اسٽيل مان ٺھيل هڪ وڏي ۽ هڪ ننڍي سفيد هاٿين جا وڏا، خوبصورت ۽ نھايت جاذب نظر مجسما ٺھيل آهن. سفيد هاٿي ٿائيلينڊ جي سُڃاڻپ آهي ۽ فقط ٿائيلينڊ ۾ ملي ٿو، جيئن پانڊا فقط چين ۾ ملن ٿا.
هتي اسان جو ٻہ ڪلاڪ اسٽي آهي. فلائيٽ ڪنيڪٽ آهي ۽ هاڻ سڌو ڪراچي. مون انھن ٻن ڪلاڪن جو اهو فائدو ورتو تہ ايئرپورٽ گهمي ڦري ڏٺم ۽ هاڻ هتي ويھي فلائيٽ جي انتظار ۾ آهيون. سامھون هڪ ننڍي اسٽيج تي ٿائي فنڪارائون ڪارن ڪپڙن ۾ گٽار وڄائي پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري رهيون آهن، جن جو مدر آواز ڪنن ۾ ٻُرائجي رهيو آهي. ٿائلينڊ ملڪ سياحت جو وڏو مرڪز آهي. ملڪ جي ڪُل آبادي ساڍا ڇھه ڪروڙ آهي ۽ هتي هر سال چار ڪروڙ سياح اچن ٿا، يعني آبادي جو سٺ سيڪڙو يعني هر روز هڪ لک سياح ٿائلينڊ اچن ٿا ۽ هر ڪلاڪ ۾ 4800 سياح ملڪ ۾ گهڙن ٿا. ٿائلينڊ سياحت مان هر سال لڳ ڀڳ سٺ ارب ڊالر ڪمائي ٿو. ٿائلينڊ ۾ ٻارهوئي مھينا هڪجھڙي موسم رهي ٿي.
ڪجهہ ڏينھن اڳ ابوذر، وشال ۽ مون پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ مارچ ۾ جڏهن وري چين ايندس تہ ملائيشيا ۽ ٿائيلينڊ جو چڪر هڻنداسين. مون چيو مون کي ٿائيلينڊ سان دلچسپي ڪونھي، پر ان بدران ويٽنام ۽ انڊونيشيا هلجي تہ بھتر. بھرحال جڏهو ڪا مينھن تڏهوڪيون چِڪون.
گوانچو کان ايندي نسيم چيو، ”هروڀرو پئي هلان. مريم ياد پئي اچيم.“
دل ۾ چيم، ”حالت منھنجي بہ اهائي آهي، پر هاڻ هلئون پيا.“ رات جڏهن مريم کي چھري، هٿن ۽ ننڍڙن پتڪڙن پيرن تي چميون ڏيئي موڪلايم تہ کلڻ لڳي ۽ منھنجي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. سب وي ۾ وشال مريم سان فون تي وڊيو ڪال تي ڳالھايو تہ هو ” هو هو“ ڪرڻ لڳي ۽ جتي آءٌ نسيم ويھندا هئاسين ۽ اشارن ۾ چوڻ لڳي تہ ”ڪٿي آهيو.؟“ سندس جهرڻي جھڙي کل هينئر بہ ڪنن ۾ پئي ٻُرائجي.
[هوائي جھاز ۾]
بئنڪاڪ کان ڪراچي جو سفر ساڍن چئن ڪلاڪن جو آهي. جيڪو انشاءَ ﷲ خير سان پورو ٿيندو ۽ وڃي پنھنجن ٻچڙن سان ملنداسين. گوانچو ۾ ايئرپورٽ تي منھنجي عينڪ جي پن نڪري ويئي، جيڪا لاهي بيگ ۾ رکيم، جنھن ڪري لکڻ ۾ ٿوري ڏکيائي پئي ٿئي. ٻہ مھينا چين ۾ گذارڻ ۽ ان دوران چين جي ترقي جي پنھنجي ملڪ سان ڀيٽ ڪندي افسوس اهو پي ٿيو تہ اسان ترقي بدران تيزيءَ سان منزل ڏانھن وڌي رهيا آهيون. ملڪ جو آئيندو ڇا آهي ان جي هڪ جهلڪ قيصر بنگالي جي انٽرويو مان پئي ٿي، جيڪو چوي ٿو تہ ”ملڪ جي معيشيت پنھنجي جاءِ تي پر ملڪ ئي ٻُڏي رهيو آهي.“
*
ٻي پاسي اهي تجزيا آهن تہ ڪي. پي. ڪي ۽ بلوچستان هاڻ نو رٽرن پوائنٽ تائين پھچي چڪا آهن. پنجاب تہ هونئن ئي ’ماءِ باپ‘ آهي، پر سنڌ ۽ سنڌين جو آئيندو ڇا ٿيندو، ان بابت ڪجهہ چئي نہ ٿو سگهجي، رات وچ ۾ جيڪڏهن ڪجهہ ٿيو تہ سنڌ في الحال تہ جيڪي حڪمران هوندا، انھن جي بلي هوندي، پر پوءِ جيڪي لساني، ثقافتي، معيشتي ۽ ٻيا مسئلا اٿندا، انھن لاءِ هڪ ڊگهي مُدي واري ڊائلاگ جي گهرج پوندي. اردو ڳالھائيندڙن جي تنظيمن جي بلئڪ ميلنگ ۾ اچڻون پوندو. ستر سالن کان بہ وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي، پر هو ذهني طور تي سنڌ ۽ سنڌين کي پنھنجو نٿا سمجهن ۽ هڪ مخصوص ذهنيت ۽ سپيرارٽي ڪامپليڪس جو شڪار آهن. بھرحال اهي وڏا معاملا آهن، پر اسان وٽ ڪي تنظيمون نہ آهن، جيڪي انھن پاسن ڏانھن هينئر کان ئي هوم ورڪ ڪن.
جھاز ۾ اسان سان گڏ ڪراچي جا ٻہ ڪاٺياواڙي ميمڻ عبدالصمد ۽ محمد طلحه بہ گڏ هئا. جيڪي ڏاڍا سٺا همراھہ هئا، گوانچو ۾ بورڊنگ مھل مون عبدالصمد جيڪو منھنجي اڳيان بيٺو هو، ان کي چيو، بئنڪاڪ ۾ ٻي جھاز تائين پھچڻ ۾ اسان جي رهنمائي ڪجو، جو اتي وقت تمام گهٽ يعني ٻہ ڪلاڪ آهي ۽ متان اسان ايئرپورٽ جي ورن وڪڙن ۾ گم ٿي نہ وڃو ۽ محمد طلحه جيڪو پڻ عبدالصمد سان گڏ هو، ان وشال کي سٺو ريسپانس ڏنو ۽ هڪٻئي کي پنھنجا وي. چيٽ نمبر ڏنا، جن تان پوءِ وشال اسان سان گوانچو ايئرپورٽ تي ڳالھايو. هو پاڻ ۾ ڪاٺياواڙي يعني ’ڪرو ڪرو‘ واري ٻولي ڳالھائي رهيا هئا، تہ پوءِ اسان پاڻ ۾ سنڌي ۾ شروع ٿي وياسين. پوءِ تہ هنن بار بار اسان کي جوس ۽ پاڻيءَ جون بوتلون ٿي ڏنيون، جنھن تي سندن مھرباني مڃي چيم تہ ”يار اسان کي ضرورت نہ آهي. تنھنڪري تڪليف نہ ڪيو.“ دل ۾ آيم تہ آهن تہ وري بہ سنڌي نہ. اها مھمان نوازي جي عادت ڪٿي ٿي وڃي.“ طلحه چيو تہ، ”اوهان جو پُٽ اسان کي اوهان جي پارت ڪري ويو آهي، سو هاڻ اسان جو اهو فرض آهي، ڪراچي تائين اها ذميواري نباهيون.“ هنن اسان کان هٿ بئگون وٺي بہ پاڻ کنيون. هنن ٻڌايو تہ اسان هر ٽين، چوٿين مھيني چين ايندا آهيون ۽ موبائيل ايسيسريز جو بزنيس ڪندا آهيون. چين مان اهو سامان وٺي باءِ ايئر يا باءِ سي (Sea) ڪراچي موڪليندا آهيون ۽ اسان کي سٺي روزي ملي ويندي آهي.
عبدالصمد ۽ محمد طلحه جيترا ڪيترائي ماڻھو آهن جيڪي ائين ڪاروبار ڪن ٿا ۽ سٺو ناڻو ڪمائين ٿا.
چين هڪ اهڙو ملڪ آهي، جنھن جي تاريخ ۾ جهاتي پائڻ سان ان جا ڪيترائي دور نظر اچن ٿا. چيني تاريخ پڙهبي تہ ان ۾ چيني شھنشاھہ شي هوانگ تي (259-210 ق. م) جي وڏي اهميت آهي، هن پھريون ڀيرو فوجي طاقت سان چين کي متحد ڪيو ۽ جيڪي سُڌارا لاڳو ڪيا، انھن چين جي تھذيبي ٻڌيءَ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، جيڪي اڃا تائين اثرائتا آهن، شھنشاھہ شي هوانگ تي (چين ۾ کيس سي هوانگ بہ چيو وڃي ٿو) ننڍيون ننڍيون جاگيردار رياستون ختم ڪيون ۽ ملڪ کي منظم ڪري جيڪي سڌارا لاڳو ڪيا، انھن ۾ هن سڄي حڪومتي جاگيرداري نظام کي رد ڪري ڇڏيو. سڄي سلطنت کي 36 صوبن ۾ ورهايو. هر صوبي جو هڪ گورنر هوندو هو. جنھن کي شھنشاھہ مقرر ڪندو هو. ’شي هوانگ تي‘ اهو فرمان پڻ جاري ڪيو تہ صوبائي گورنر جو عھدو وراثتي بنياد تي نہ ڏنو وڃي. جنھن سان اهو سلسلو هليو تہ ڪجهہ سالن کان پوءِ هڪ گورنر هڪ صوبي مان ٻي صوبي ۾ بدلي ٿيڻ لڳو. جيئن ڪو گورنر بااختيار ٿيڻ يا بغاوت ڪرڻ يا انتشار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش نہ ڪري. شي هوانگ تي، ملڪ ۾ رڳو سياسي ۽ فوجي گڏپ تي ئي صبر نہ ڪيو، پر هن واپاري شعبي کي بہ منظم ڪيو. هن سڄي ملڪ ۾ ماپ ۽ تور جو هڪ گڏيل نظام لاڳو ڪيو. سڪن کي معيار بخشيو. مختلف اوزارن ۽ ڇڪڙن جي دُرين کي بھتر بنايو، رستن، ندين ۽ نھرن جي اڏاوت ۽ کوٽائيءَ جي نگراني ڪئي. هن سڄي چين ۾ منظم قانونن جو ضابطو لاڳو ڪيو ۽ تحريري زبان کي معياري بنايو.
شھنشاھہ جو سڀني کان مشھور (يا وڌيڪ بدنام) ڪم سندس اهو قدم هو، جو هن 213 قبل مسيح ۾ هڪ فرمان تحت چين ۾ سڀني ڪتابن کي ساڙائي ڇڏيو. البت ڪجهہ ڪتابن کي ان حڪم کان آجو رکيو، جيڪي زراعت ۽ طب جي موضوع تي يا وري ”چن گهرائي“ جي تاريخ بابت هئا. يا وري شريعت پسند ليکڪن جي فلسفياڻين لکڻين تي ٻڌل هئا، پر ٻين سڀني مڪتبہ فڪر جي لکڻين کي ڪنفيوشس جي لکڻين سميت تباھہ ڪيو ويو. البت هن اهو حڪم جاري ڪيو تہ سڀني ڪتابن جون ڪاپيون شاهي ڪتب خاني ۾ محفوظ رکيون وڃن، جيڪو گاڌي جي هنڌ ۾ هو، انھن ڪتابن ساڙائڻ جي ڪري ڪنفيوشس مت جي ليکڪن ’شي هوانگ تي‘، تي لعنت ملامت ڪئي ۽ کيس آمر، وهم پرست، حرامي ٻار ۽ ننڍڙو ماڻھو قرار ڏنو، جڏهن تہ ٻي طرف چيني اشتراڪيت پسندن کيس هڪ ترقي پسند مفڪر جي حيثيت سان داد ڏنو.
دنيا جي ستن عجوبن مان هڪ عجوبو ديوار چين (Great wall) جنھن کي چيني زبان ۾ وان لي چانگ چنگ (Wan li chang chang) سڏيو ويندو آهي، جيڪا ڏھہ هزار ميل ڊگهي، ۽ ويڪري ايتري آهي جو ان تي ٽي گهوڙا هڪئي وقت ڊوڙي سگهن ٿا، ٻن ٻن ميلن جي مفاصلي تي ان ۾ ننڍا ننڍا قلعا ٺاهيا ويا آهن، تہ جيئن ان ۾ هر وقت فوج موجود رهي. اها بہ شھنشاھہ ’شي هوانگ تي‘ حملي آورن کان بچاءَ لاءِ ٺھرائي. جنھن ۾ پوءِ وقت بوقت ٻيا حڪمران خاندان واڌارو ڪندا رهيا.
’شھنشاھہ شي هوانگ‘ تي اهو پھريون حڪمران هو، جنھن چين کي متحد ڪيو، سندس سياسي اقتدار اهميت وارو هو، سندس ٻيا ڪم ۽ ڪارناما ياد هجن يا نہ هجن، پر ’ديوار چين‘ ڪڏهن بہ نہ وسرندي.
ڊاڪٽر مائيڪل هارٽ پنھنجي مشھور ڪتاب The 100 A Raking of the most influential persons of All time ۾ (جنھن جو سنڌي ترجمو راقم ”100 تاريخ ساز شخصيتون‘“ جي نالي سان ڪيو آهي ۽ ان جا ڪيترائي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن)، ’شي هوانگ تي‘ کي سترهين نمبر تي رکيو آهي. جڏهن تہ پنھنجن اثرن جي لحاظ کان مائوزيتنگ کي 89 نمبر تي رکيو آهي.
چين جي تاريخ جي مختلف دورن جي ورقن کي مون پويان ڪٿي ڪٿي ورايو آهي. پر هن موقعي تي ’شي هوانگ تي‘ جو ذڪر بہ ضروري هو.
*
هوائي جھاز جي اُڏام ڪراچي ڏانھن جاري آهي، اسان کي وٺڻ لاءِ پارس سان گڏ سمير بہ هوندو. ارباز بہ شھدادپور مان آيل آهي. مون پارس کي چيو تہ اُفق ۽ شفق کي بہ کڻي اچجو، گذريل ٻن مھينن دوران منھنجي وڏي ڌيءَ پارس جنھن نموني گهر سنڀاليو ۽ هلايو، ۽ ننڍن وڏن مسئلن کي منھن ڏنو، ان لاءِ کيس داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نہ ٿو سگهجي.
ٿوري دير اڳ ٿائي فضائي ميزبانڻيون کائڻ پيئڻ لاءِ ٽري ڏيئي ويون... مون ٻہ ڀيرا ائپل جوس وٺي پيتو، جيڪو ڏاڍو مزيدار هو. جڏهن تہ منھنجي اڳيان پويان ۽ پاسي ۾ ويٺل نوجوان مسافرن وائين ۽ بيئر وٺي ان سان شغل ڪرڻ لڳا. ٻاهرين ملڪن جي فلائيٽن ۾ اهو وکر بہ پيش ڪيو ويندو آهي، جيڪو پاڻ واري ’پي. آءِ. اي‘ وٽ ممنوع آهي.
پيٽ پوڄا ڪري بند ڪئيسين تہ ميزبانڻيون ٿانوَ ٿپا کڻي ويون تہ مون ٿائي ايئرويز جو رسالو Thai sky shap کڻي ڏسڻ شروع ڪيو تہ جھاز جون بتيون گُل ٿي ويون تہ آءٌ بہ سيٽ پويان ڪري اَهلي پيس ۽ اکيون تڏهن کوليم، جڏهن جھاز ۾ بتيون ٻريون ۽ ڪراچي ايئرپورٽ تي ليڊنگ جي انائوسمينٽ ٿي. مون ڪلمون ڀري روح تي وڌو تہ نيٺ خيريت سان پنھنجي سنڌ وطن پھچي ويس. سامان ٽرالي تي کڻي، اها گهليندي، ڪاغذي ڪاروائي پوري ڪري ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪتاسين تہ سامھون ارباز، سمير ۽ پارس بيٺا هئا ۽ ارباز ”نانا بابا نانا بابا“ چئي ڊوڙي اچي ڀاڪر وڌا. سامان جي ٽرالي سمير ۽ پارس سنڀالي ۽ سڌو اچي گاڏي ۾ ويٺاسين ۽ پنھنجي ماڳ حيدرآباد روانا ٿي وياسين.