سفرناما

مريم جي ديس ۾

هي ڪتاب يوسف سنڌيءَ جي چين ۾ گذاريل سُندر ۽ ساھ سڌير ساروڻين جي روئداد آهي. ڪتاب پنجن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پھريون حصو ”ڏٺم چين چاھ مان“ ۾ اسلام آباد کان گوانچو تائين روانگي ۽ ڪجهہ ٻين هنڌن جي سفر جون ساروڻيون آهن. ٻيو حصو، ”چين جا ڏينھن ۽ راتيون“ جي عنوان سان چين جي شھر نئننگ (Naning) ۾ گذاريل ڏينھن جي روزاني ڊائري آهي، ٽيون حصو ”چيني سياست ۽ سماج“ بابت آهي، چوٿون حصو ”چين ترقيءَ جي رستي تي“ جي عنوان سان ڏنو ويو آهي،  پنجون حصو ’چيني ادب‘ بابت ڏنو ويو آهي، جنھن ۾ چيني اديبن، شاعري ۽ ڪھاڻيءَ بابت مختصر حال احوال سان گڏ ڪجهہ چيني شاعري ۽ ٽن ڪھاڻين جا ترجما ڏنل آھن. 

  • 4.5/5.0
  • 15
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Maryam Jy Des Mein

باجين (Ba Jin)

(25- نومبر 1904ع- 17 آڪٽوبر 2005ع)

چين ۾ مون جنھن ليکڪ جا ڪتاب وڌ ۾ وڌ ڳولھيا ۽ انھن جي انگريزي ترجمي جي پُڇا ڪئي، اهو باجين هو. نئننگ جي مرڪزي هنڌ ’ڇائو يانگ‘ جي وڏي بوڪ شاپ تي، جيڪو چار ماڙ هو، ڄڻ تہ ڪتابن جو شھر هو، اتي بہ مون کي سندس ڪنھن ڪتاب جو انگريزي ترجمو نہ مليو. البت اتي باجين جا ڪجهہ ڪتاب چيني ۾ ضرور موجود هئا.
چيني نوبيل پرائز ونر اديب مُويان جون تہ ڪجهہ ڪھاڻيون مون پڙهيون آهن، پر اهو بہ عجيب اتفاق آهي تہ اڄ سوڌي مون باجين جي ڪابہ لکڻي نہ پڙهي آهي. پر چيني ادب جو ذڪر باجين جي ذڪر کان سواءِ ٻُسو ۽ اڻ پورو رهندو.
باجين تمام وڏي ڄمار جي ماڻي ۽ هڪ سؤ سالن جي عمر ۾ 17 آڪٽوبر 2005ع ۾ شنگهائي ۾ گذاري ويو. سندس جنم 25 نومبر 1904ع ۾ چنگڊو ۾ ٿيو.
’باجين گذريل صديءَ ۾ عالمي ادب ۾ سڀني کان گهڻو پڙهيو ويندڙ اديب هو ۽ لڳاتار ويھن سالن تائين دنيا جي سڀ کان وڏي ادبي تنظيم ’چائينيز رائٽرس ايسوسيئيشن‘ جو سربراھہ رهيو. ان تنظيم جي وڏي هئڻ جو اندازو ان ڳالھہ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ ان تنظيم ۾ فقط عورت ليکڪائن جو تعداد هڪ هزار آهي، چوڏهن وائيس چيئرمنن تي مشتمل اها ايسوسيئيشن هيٺين ستن ذيلي ڪميٽين جي نگرانيءَ ۾ ڪم ڪري ٿي.
اديبن جي حقن، رعايتن ۽ ڀلائيءَ جي ڪميٽي، ٻاراڻي ادب جي ڪميٽي، ادبي رسالن جي ڪميٽي، قومي اقليتن جي ڪميٽي، ادبي نقطہ و نظر جي ڪميٽي، فوجي ادب جي ڪميٽي، پرڏيھي ملڪن سان ادبي معاملن جي ڪميٽي. باجين ان وڏي تنظيم جو سربراھہ هو،جنھن جي ميمبرشپ جو هڪڙو ئي شرط آهي تہ درخواست ڏيندڙ مڃيل شاعر ۽ اديب هجي. اها تنظيم چيني ثقافت ۽ نظرياتي ارتقا جي تشھير ڪري ٿي. پارٽي پاليسيءَ جو اڀياس ڪرائڻ، ادبي ايوارڊ ڏيڻ، ادبي نظرين تي تحقيق ڪرڻ ۽ چين جي مختلف قوميتن جي ادب کي وڌائڻ جو ڪم ڪري ٿي. باجين پنھنجي سڄي عمر انھن ڪمن جي واڌاري ۽ ترقيءَ ۾ لڳائي ڇڏي.
ثقافت واري وزارت سان لاڳاپيل ان تنظيم باجين ۽ سندس سھيوڳي اديبن جي پيرن تي هلندي پنھنجو اهو مشن بنايو تہ ادبي ۽ فني ڪم سچ سان جُڙيل رهي. باطل، وهم پرستي ۽ ڪوڙ جي مخالفت ڪرڻ سان گڏ حسن ۽ نيڪي جو ڳاٽ اوچو ڪجي. باجين 1983ع کان وٺي پنھنجي چالاڻي تائين ان تنظيم جو چيئرمن رهيو. (1)
باجين هڪ وڏي جاگيردار گهراڻي ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو ’لي يائو تانگ‘ آهي، باجين ڏهن سالن جو ٿيو تہ 1914ع ۾ سندس ٻاجهاري امڙ گذاري ويئي، ٽن سالن کان پوءِ سندس پيءَ بہ گذاري ويو. 1919ع ۾ سندس ڏاڏي بہ گذاري ويئي.
1919ع چين جي تاريخ ۾ اهم سال رهيو آهي. جڏهن 4 مئي جي تحريڪ هلي، جنھن جو مقصد جاپاني سامراج جي چين تي ميري اک رکڻ ۽ ويڙهو وڏيرن جي نااهل حڪومت جي خلاف احتجاج هو. جمھوري نظرين سان هٿياربند شاگردن جي شروع ڪيل اُن تحريڪ کان چين جو هر ماڻھو متاثر ٿيو ۽ باجين جھڙو نوجوان تہ ان نئين جمھوري سوچ واري سٿ سان سلھاڙجي ويو.
گهريلو سازش کان بيزار ٿي، باجين 1923ع ۾ شنگهائي ڀڄي آيو. پنھنجي ان قدم کي بيان ڪندي هو چوي ٿو، ”ڄڻ ڀُوائتي پاڇي کان ڇوٽڪارو مليم.“ شنگهائي اچي هو نوجوانن جي ان دانشوراڻي تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو، جيڪا وڏيرڪي نظام جي خاتمي جي گهر ڪري رهي هئي.
باجين پنھنجو قلمي نالو روس جي ٻن عظيم شخصيت ’بابا ڪونن‘ ۽ ’ڪروپاتڪن‘ جي لفظن کي ڳنڍي رکيو. ’با‘، باڪونن مان ورتل آهي ۽ ’جين‘ پيٽر ڪروپاتڪن جو بگڙيل چيني اُچار آهي. ايئن نوجوان ’لي يائوتانگ‘ باجين بنجي ويو ۽ باجين ئي سندس دائمي سڃاڻپ بنجي ويو.
1927ع ۾ ’شنگهائيءَ‘ ۾ ڪميونسٽن جي قتل عام جي دوران ’باجين‘ فرانس هليو ويو. 1928ع تائين هو پئرس ۾ رهيو. اتي ئي هن لکڻ شروع ڪيو. انھن لکڻين ۾ هڪ ناول ’تباهي‘ بہ هو. جيڪو 1929ع ۾ ڇپيو. اهو ناول چيني نوجوانن ۾ گهڻو مشھور ٿيو. اهو ناول پيار ۽ انقلاب جي ڪھاڻي آهي. پئرس مان واپس موٽڻ کان پوءِ هن ادب کي ئي پنھنجي ڪئريئر طور چونڊيو.
باجين ڪل ويھه ناول لکيا. سندس ڪھاڻين جو تعداد ستر آهي. سندس لکڻين ۾ انساني آزادي، جمھوريت ۽ انسان جي نفسياتي خود مختياري جي بي انت طلب موجود آهي. هو انساني فطرت بابت گهري ڇنڊڇاڻ ڪندڙ اديبن مان هڪ آهي، سندس سڄي زندگي پنھنجي محبوب وطن چين سان جُڙيل رهي. چيني تاريخ جي باري ۾ هڪ اٿارٽي هو. سندس قلمي زندگي لڳ ڀڳ سٺ سال رهي، سندس لکڻين جا دنيا جي ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا آهن.
ثقافتي انقلاب (1966ع- 1976ع) جي دوران ’باجين‘ بہ عتاب هيٺ آيو ۽ گهڻيون تڪليفون ۽ بي عزتيون سَٺائين. ان جو سبب سندس جاگيردار ڪُٽنب ۾ جنم وٺڻ ۽ پلجڻ هو. پر هو ان ئي جاگيردار سوچ جي خلاف سڄي زندگي وڙهندو رهيو، پر جڏهن انقلاب انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿيندو آهي تہ پوءِ ڄڻ سڄو سماج انڌو ٿي وٺ پڪڙ ۾ لڳي وڃي ٿو. نتيجي ۾ ’باجين‘ جھڙا سچا پچا جاگيردار دشمن تڪليفن جي منھن ۾ اچي ويندا آهن. بيشڪ ثقافتي انقلاب جو دور جبر ۽ انڌ جو دور هو، سڄي چين ۾ ’باجين‘ جو نفرت مان ’حد کان وڌيڪ زهريلو ٻوٽو‘ نالو رکيو ويو. هي اهو ئي باجين هو، جنھن لاءِ لوشيون ’هڪ ترقي پسند فڪر رکندڙ ۽ فنڪار ليکڪ‘ جي سند جاري ڪئي هئي.
پر پوءِ هڪ وقت اهڙو بہ آيو، جڏهن چين ۾ باجين جي عزت ۽ وقار بحال ڪيو ويو ۽ 1999ع ۾ چيني سائنسدانن هڪ نئين لڌل گرھہ جو نالو ’باجين‘ جي نالي تي رکيو. 2003ع ۾ کيس ’عوامي ليکڪ‘ جو خطاب مليو.
باجين ناولن ۽ ڪھاڻين کان سواءِ ٻارن جي لاءِ بہ ڪتاب ۽ مضمون لکيا. هو هڪ غضب جو ليکڪ هو. هڪ هنڌ لکي ٿو، ”منھنجي نظرن جي سامھون ڪيترائي دردناڪ منظر آهن، ٻين جا ڏک ۽ خود منھنجون تڪليفون، منھنجي هٿن کي حرڪتن کي مجبور ڪن ٿيون ۽ آءٌ لکڻ جي مشين بنجي ٿو وڃان.“
باجين 1980ع جي ڏاڪي ۾ پنھنجو مشھور ڪتاب Rondom Thuaghts جي نالي سان ڇپرايو. اهو سندس ڊگهين يادگيرين تي ٻڌل آهي. ڪتاب ۾ ثقافتي انقلاب جي عذابن ڀريل زماني جون ڪيفيتون آهن، جتي هو انساني وقار ۽ انساني حقن جي ضمانت جي گهر ٿو ڪري، سندس ايمان آهي تہ آزاد سوچ ۽ سچ چوڻ جي جرئت سان آمريت جون راهون روڪي سگهجن ٿيون ۽ اهو موقف هن ان وقت پيش ڪيو، جڏهن چيني اديب اڃا ايئن ڪرڻ ۾ هٻڪي رهيا هئا. ڪيترن ئي ليکڪن خاموشي اختيار ڪري ورتي هئي، پر باجين فرض جي چوڪيءَ تي قلم ۽ ڪاڳر کنيو ڦڙتيءَ سان چوڪي ڏئي رهيو هو.
1973ع ۾ باجين جي زال گذاري ويئي. کيس پنھنجي زال سان ايترو تہ پيار هو، جو هن ايندڙ ٻٽيھن سالن تائين ٻي شادي نہ ڪئي. هن پنھنجي زال جي ’رک‘ پنھنجي گهر ۾ رکي ۽ اها وصيت ڪيائين تہ جڏهن آءٌ مران تہ منھنجي خاڪ منھنجي زال جي خاڪ سان گڏي وڃي.
باجين چيني ادب جي ’آسمان‘ جو چمڪندڙ ستارو هو. جيڪو اڄ بہ چيني ادب جي آسمان تي ساڳئي آب ۽ تاب سان چمڪي رهيو آهي. سندس چوڻ هو، ”سچ سان محبت ۽ ايمانداريءَ سان زندگي گذارڻ منھنجو ايمان رهيو آهي.“ ۽ باجين جو هي چوڻ ڪيترو نہ شاندار آهي، ”پنھنجو پاڻ سان سچا رهو، ٻين سان بہ سچا رهو.“

حوالا:
1. چين آشنائي، شاھہ محمد مري، فڪشن هائوس لاهور، 2024ع.