ٽي ايڪڙ ٻني
(ڪھاڻي)
سندس ڳالھہ ٻڌي آءٌ گهڻو ڊڄي ويس. جيتوڻيڪ منھنجو هرگز اهو خيال نہ هو تہ ڪو هو سچ چئي رهيو هو.آءٌ تہ رڳو اُن ڪري فڪرمند هئس تہ کيس انھن ٽن ايڪڙن ۾ بيٺل گند گاھہ ۽ ٻوڙا صاف ڪرڻا پوندا، ڇو تہ ان جو اگهہ وڌي چڪو هو. ٻيو تہ چڪور گهڻا ڏينھن جيئرا رهي سگهندا؟
مون کي ’ايڪس ايڪس‘ ٻڌايو هو. هن چيو تہ ٻنيءَ جو اهو ٽڪر ڪو گهڻو وڏو ڪونھي، بس رڳو ٽي ايڪڙ ۽ هڪ ٻہ گهنٽا آهي، پر عام طور تي ان کي ٽي ايڪڙ ئي چيو ويندو آهي.
صفا سِڌائي ۽ سنوت ۾ ٽي ايڪڙ- اتر واري پاسي ٿورو سوڙهو ۽ ڏکڻ طرف ٿورو ويڪرو- اولھہ واري پاسي هڪ واھہ ٿي وهيو. اهو واھہ مُڙندي هڪ بٺيءَ جي ٻي ٽڪري ڏانھن هليو ٿي ويو ۽ ان جي موڙ تي هڪ شاھہ بلوط جو وڻ آهي. هو سياري ۾ انھن ٽن ايڪڙن تي ڪڻڪ پوکيندا آهن ۽ اونھاري ۾ مڪئي.
تڏهن هو صفا ننڍو ٻن سالن جو مس هو، ۽ هُن ان تي ڌيان نہ ڏنو هو تہ ڪھڙو فصل ڀلو ٿو ٿئي، ڪھڙو نہ، کيس فقط اهو اُلڪو هو تہ شاھہ بلوط جي وڻ تي پکي ايندو يا نہ.
شاھہ بلوط جا وڻ ”اڇي واري“ واري ڳوٺ ۾ ڦٽندڙ سڀ کان گهاٽا وڻ هئا. ان جو مٿو وڏو ۽ گول هوندو آهي. هوا هلندي هئي تہ ان جون نرم ٽاريون لڏڻ سان ’شو- شو‘ جا آواز نڪرندا هئا. وڏڙا چوندا هئا تہ هي وڻ پکين کي پاڻ ڏانھن سڏي ٿو، پر هن اتي ڪڏهن بہ ڪو پکي نہ ڏٺو هو. رڳو ڪارن پَرن وارا پکي ڏٺا هئا، جيڪي ان جي چوٽيءَ تان لھي گم ٿي ويندا هئا.
تڏهن سندس پڙ ڏاڏو جيئرو هو. پوڙهي کي ٻُچي ڏاڙهي هئي. باقي ڳلون وارن کان خالي هُيون. هڪ وقت اهڙو بہ هو جڏهن کيس ياد آهي تہ پڙ ڏاڏهنس هميشہ ٽن ايڪڙ واري ٻاري ڏانھن پيو ايندو ويندو هو. هو اتر کان ڏکڻ ۽ پوءِ ڏاکڻين ڪنڊ کان اتر پاسي چيلھه تي هٿ ڏيو، پيو اڳيان پويان ٿيندو هو. ايئن لڳندو هو، ڄڻ سندس ٽنگن ۾ گوڏا ڪونھن. هو هڪ ٽنگ اڳتي وڌائيندو هو، پوءِ ٻي. ڄڻ کيس هلڻ نہ ٿي آيو، جڏهن واھہ جي ڪنڌيءَ تي هلندي هڪ نينگر کيس سڏي چيو، ”ڏاڏا او ڏاڏا! ڇا تون ٻنيءَ جي هڪ ٽڪري کي روز ماپيندو آهين، تون ڇا ٿو ڪرڻ گهرين؟“
پوڙهي وراڻيو، ”اهو ئي تہ ڪريان پيو.“
”واھہ! تہ اهو تنھنجو ناٽڪ آهي.“ ڇوڪري چيو ۽ پوڙهو کيس گهوريندو رهجي ويو. کيس سمجهہ ۾ نہ ٿي آيو تہ سندس پڙ ڏاڏو ڇوڪري کي ڇو گهوريندو رهيو، اها کيس تڏهن خبر پئي جڏهن ڏاڏهنس کيس ٻڌايو، سندس ڏاڏو جڏهن پھريون ڀيرو ”اڇي واريءَ واري ڳوٺ“ آيو هو تہ اهو هڪ بنجر علائقو هو، جنھن تي فقط بگهڙ جي ڏندن جھڙا نوڪدار ڪنڊا مُڙيل هئا. سندس سڄي ڪٽنب اَلل وهاڻيءَ کان وٺي شام تائين لڳاتار ڪم ڪري سڀ ڪنڊا، ڊڀ ڊاڙون ۽ گندگاھہ ڪڍيو ۽ پٿرن کي اتان هٽائي ٽن ايڪڙن کي صاف ڪيو، پر جڏهن پڙ ڏاڏهنس ٽيھن سالن جو هو تہ سندس گهر کي باھہ لڳي ويئي ۽ سڀ ڪجهہ سڙي ڦلھيار ٿي ويو، تنھن ڪري هنن اها ٻني ’ما‘ ڪُٽنب کي وڪڻي ڇڏي. ان کان پوءِ سندس پڙ ڏاڏو گاڏر طور ڪم ڪندو رهيو.
جڏهن پڙ ڏاڏھنس پنھنجا ڏينھن ٽي ايڪڙ ٻنيءَ کي پنھنجن پيرن سان ماپڻ ۾ رڌل رهندي گذاريندو هو تہ ڳوٺ جا ماڻھو دھل ۽ توتاڙو وڄائڻ ۾ مصروف هئا. هو شايد ڏھہ ڏينھن يا اڌ کن مھينو ائين ڪندا رهيا. اهي موسيقي جا صفا نوان اوزار هئا ۽ جڏهن انھن اهي وڄائڻ شروع ڪيا تہ هنن سوچيو تہ هو انھن کي خراب ڪري ڇڏيندا. پر دھل ۽ توتاڙو خراب نہ ٿا ٿين.
جڏهن بہ دھل وڄائڻ وارا ڪنھن جي گهر ايندا هئا تہ هو پنھنجي گهر جي ٻاهران آرائش جي لاءِ ڳاڙهو ڪمبل لڙڪائي ڇڏيندا هئا. جڏهن هو سندس گهر ڏانھن اچي رهيا هئا تہ سندس پڙ ڏاڏي بہ ڳاڙهو ڪمبل لڙڪائڻ جي خيال کي رد نہ ڪري سگهي. کيس ياد آهي تہ سندس پڙ ڏاڏو گهر جي چائنٺ تي بيھي حقو پي رهيو هو. هو جڏهن بہ ٻنيءَ تان موٽندو هو تہ حقو پيئندو هو ۽ چوندو هو، ”تون- تون، هي نئون سماج آهي... توکي خبر آهي.“
ان وقت کيس خبر نہ هئي تہ ”سماج“ ڇا هوندو آهي. يا ڪو ’سماج‘ نئون ڪيئن ٿو ٿي سگهي. پڙ ڏاڏهنس ٻڌايس تہ ”زمين جا سُڌارا ٿي رهيا آهن.“
ٽي ايڪڙ زمين واپس ڏاڏهنس کي ملي ويئي ۽ هن ان ۾ ڪڻڪ پوکي. فصل ڀلو ٿيو. جڏهن هوا گهلندي هئي تہ ڪڻڪ جا سنگ هوا ۾ لڏڻ ۽ جهومڻ لڳندا هئا. ايئن لڳندو هو تہ هوا جا وڏا وڏا پير آهن. جيڪي اُتي هر وقت نچندا ٿا رهن، پر جيئن ئي ڪڻڪ سونھري ٿي ۽ منجهس لابارو ٿيڻ وارو هو تہ سندس پڙ ڏاڏو گذاري ويو.
بس، سندس ڀاڳ ۾ اهو ئي هو.
’اڇي واريءَ‘ واري ڳوٺ جو قبرستان داخلي ڪناري تي مٿاهينءَ طرف هو، جتي اڻ تراشيل پٿرن جو وڏو ڍڳ هو. رڳو پڙ ڏاڏهنس جي قبر ٿورو ڀرپرو هئي، جيڪا شاھہ بلوط جي وڻ جي هيٺان هئي. پوڙهي مرڻ کان اڳ پڙ ڏاڏيءَ کي خاص هدايتون ڏنيون هيون. هن ٻني جا ٽي ايڪڙ واپس وٺڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي هئي ۽ هاڻ اتي دفن ٿيڻ سندس حق هو، پوءِ ڀلي هو اُتي اڪيلو ئي ڇو نہ هجي ها. سندس پڙ ڏاڏو ۽ پڙ ڏاڏي سڄي زندگي ڪنھن بہ شئي تي سھمت نہ ٿيا هئا. جيڪڏهن هڪ چوندو هو تہ ڳالھہ هيئن آهي تہ ٻيو چوندو هو نہ ايئن نہ پر هيئن آهي. پر سندس چوڻ هو تہ هن ڀيري هوءَ ايئن ئي ڪندي، جيئن هو چاهي ٿو ۽ کيس شاھہ بلوط جي وڻ جي هيٺان دفنائي ڇڏيو.
ڳوٺاڻن جو چوڻ هو تہ کيس پوڙهي کي ان ٻني ۾ دفنائڻ نہ گهرجي ها. شايد پڙ ڏاڏهنس جو خيال هو تہ سندس پَڙ ڏاڏي اها ڳالھہ نہ مڃيندي. تنھن ڪري هُن ان جي ابتڙ ڳالھہ ڪئي، جيڪا هن گهُري ٿي. نيٺ بہ تہ پوڙهو اهو ڪيئن ٿي سھي سگهيو تہ سندس قبر ٻنيءَ جي ايراضي والاري.
پوءِ هو پنھنجي پڙ ڏاڏي جي ماضيءَ تي ڳالھائڻ لڳو. سندس چوڻ هو تہ ’ما‘ گهراڻي جي ملڪيت ۾ نہ فقط ڳوٺ جي وڏي ايراضي هئي، پر ’زيان‘ ۾ سندس خچرن جو ڪاروبار بہ هو. سندس پڙ ڏاڏو هر روز انھن جو ڇڪڙو ’وي دريا‘ کان شھر جي گهنٽا گهر تائين وٺي ويندو ۽ ايندو هو. اهو سوارين سان ڀريل هوندو هو. سياري جي راتين ۾ جڏهن هو آخري چڪر هڻي واپس ورندو هو تہ ’گهنٽا گهر‘ جي هيٺان هڪ رنڊي سندس اوسيئڙي ۾ بيٺل هوندي هئي. هو اُن جي لاءِ ٻہ گرم پيالا گوشت جي سوپَ جا آڻيندو هو ۽ هوءَ سڄي رات سندس پيرن کي ڇاتين سان لڳائي کيس گرمائش پھچائيندي رهندي هئي. اها طوائف پوءِ سندس پڙ ڏاڏي ٿي. سندس ڏاڏي ننڍن سان ڪڏهن بہ ان جي باري ۾ نہ ڳالھايو هو. سندس پيءُ بہ ان بابت ڪجهہ بہ نہ چيو هو. تنھنڪري هو بہ ان بابت خاموش رهيو.
حقيقت هيءَ آهي تہ کيس پڙ ڏاڏهنس جي باري ۾ گهڻي يادگيري نہ هئي. کيس پنھنجو ڏاڏو چڱيءَ طرح ياد هو. ڏاڏهنس کي ٽي ايڪڙ ٻني جو اُلڪو پڙ ڏاڏهنس کان بہ وڌيڪ هو. هو اُتي مڪئي، ڪڻڪ، مٽر ۽ سرنھن پوکيندو هو. هن ان جي چئني پاسن پٿرن جي ڀت کڙي ڪري ڇڏي هئي. ٻنيءَ مان کڙا پنھنجن هٿن سان ڀوريندو هو ۽ هڪ بہ ٻوٽي جي موجودگي سھي نہ سگهندو هو.
”اڇي واريءَ“ واري ڳوٺ ۾ هڪ مزاحيہ ڪھاڻي پئي ڦرندي آهي تہ هڪ ڀيري ڏاڏا ڪنھن ڪم سان شھر وڃي رهيو هو ۽ اڃا ڳوٺ کان ٽي ميل مس پريان ويو تہ کيس ڪاڪوس جو خيال ٿيو. هو ڊوڙندو ڊوڙندو واپس ڳوٺ پھتو، ڇو تہ کيس اها حاجت هر حال ۾ پنھنجي ٽي ايڪڙ ٻنيءَ ۾ پوري ڪرڻي هئي. پر هو وقت سر پھچي نہ سگهيو ۽ رستي ۾ ئي سندس سھپ ختم ٿي ويئي. تنھنڪري هن ڪُوڻيءَ جي هڪ پتي تي هنگيائين ۽ اهو کڻي اچي پنھنجن ٽن ايڪڙن ۾ ڇڏيائين.
اها ڪھاڻي من گهڙت بہ ٿي سگهي ٿي، پر هن پنھنجي اکين سان ڏاڏا کي مٽي کائيندي ڏٺو هو. اهو خريف جي لاباري جو واقعو هو. ٻنيءَ ۾ هر هلي چڪو هو، ڪڻڪ جي پوکي ٿي چڪي هئي، پر اڃا گؤنچ نہ ٿيا هئا. ڏاڏهنس کيس چڪر ڏيارڻ لاءِ پاڻ سان گڏ ٻنيءَ تي وٺي ويو. جڏهن ڏاڏهنس پنھنجي نڪ جي ڦڙڪندڙ ڇونٽين سان هوا کي سونگهيو تہ هن پُڇيو، ”ڏاڏا، ڇا پيا سونگهيو؟“ ڏاڏاهنس کانئس پڇيو تہ هن ڪڏهن مٽيءَ جي خوشبوءِ سونگهي آهي. پوءِ هن مُٺ جيتري مٽي کنئي ۽ پنھنجي آڱرين سان مَھٽي هيٺ ڪيرائڻ لڳو. پوءِ هن هڪ چپٽي ڀري ۽ وات ۾ وجهي چوسڻ لڳو.
کيس حيرت ٿي، ”ڏاڏا او ڏاڏا- اوهان مٽي پيا کائو.“ هن رڙ ڪئي.
”هائو، ٻچڙا.“
”ڏاڏا تون ڪَڇئون آهين.“
ڏاڏهنس ڏند ڀيڪوڙي کليو. ”ڪَڇئون! هائو... تنھنجو ڏاڏو ڪَڇئون آهي!“ پوءِ سندس ڏاڏا ڳوٺ جو پٽيل بنجي ويو. ان کان پوءِ هو آڪڙ جي هلندو هو. هو ٻاهر ويندو هو تہ گرمين ۾ بنا پٽا پٽيءَ جي چادر ۽ سياري ۾ ڪپھہ سان ڀريل جيڪٽ پائي نڪرندو هو، جڏهن هو ڳوٺ جي گهٽين ۾ نڪرندو هو تہ هر ڪو کيس سلام ڪندو هو. کيس پنھنجي ڏاڏي جي انتظامي صلاحيتن جي ڪا وڌيڪ خبر تہ ڪونھي، پر هڪ پٽيل جي حيثيت سان ٻارهن يا ان کان سال اڌ گهٽ وڌ جي عرصي جي دوران ”اڇي واريءَ“ وارو ڳوٺ هڪ تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ ڳوٺ طور آسپاس مشھور ٿي ويو.
گرمين جي هڪ مُنڌ ۾ ”فينگ شوئي“ جو هڪ ماهر ڳوٺ ۾ آيو. هن اتي جي زمين جي پڙتال ڪئي ۽ فيصلو ڪيو تہ، ”اڇي واري“ واري ڳوٺ ۾ ڪا بہ غير معمولي ڳالھہ ڪونھي. جڏهن ڏاڏهنس کي ڏٺائين تہ کيس شڪ ٿيو تہ ڳوٺ جي پٽيل جي وڏڙن جون قبرون ڪنھن مناسب جاءِ تي نہ آهن، تنھنڪري ڏانھنس کيس ٻني جي ٽن ايڪڙن ڏانھن وٺي ويو.
اڃا هو واھہ جي موڙ تائين ئي پھتا جو ڏاڏهنس کيس بيھڻ ۽ ٿوري دير اوسيئڙو ڪرڻ جي لاءِ چيو. هن جڏهن ڏاڏهنس کان اُن جو سبب پڇيو تہ ڏاڏهنس وراڻيو تہ ”ڪجهہ ٻارڙا آهن، جيڪي هينئر ڏاکڻين ڪناري تي کائڻ جي لاءِ مَٽر چوري ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن اسان اوچتو وڃي سندن مٿان بيھنداسين تہ هو گهڻو ڊڄي ويندا.“
”اوھہ!“ ماهر چيو، ”آءٌ سڄي ڳالھہ سمجهي ويس.“ ۽ پوءِ هو ٻنيءَ جي ٽن ايڪڙن ڏانھن نہ ويا.
اهو شايد ان کان ٻہ سال پوءِ جو وقت هو، جڏهن ڳوٺاڻن ٻيھر دھل وڄائڻ ۽ نغارا وڄائڻ شروع ڪيا. ڊنگ ڊنگ ڊنگ ڊنگ ظاهر آهي تہ ڏاڏاهنس دھل ۽ نغارا وڄائڻ واري دستي جو رُڪن هو، جڏهن هُل ختم ٿيو تہ هو گهر موٽي آيو تہ ڏاڏهنس پڇيس، ”ڇا تي هُل هو. ماڻھو دُهل ڇو وڄائي رهيا هئا.“
”معاشرو بدلجي رهيو آهي.“ ڏاڏهنس وراڻيو.
ڏاڏهينس گذريل سُڌارا ڏٺا هئا، تنھنڪري سوچيائين تہ ٻنين جي ٻيھر ورهاست ٿي رهي آهي. ”ڇا ورهاست جو ڪم اڃا پورو نہ ٿيو آهي؟“
”هو زمين گڏ ڪري رهيا آهن.“ ڏاڏهنس وراڻيو.
اها تڏهن جي ڳالھہ آهي، جڏهن اجتماعي ملڪيت قائم [ڪميون] ڪئي پئي ويئي. ”اڇي واري“ واري ڳوٺ جي هر ڪُٽنب جي زمين هنن ٽن ايڪڙن سميت ورتي ويئي. سموري زمين کي اجتماعي ملڪيت ۾ بدلايو ويو هو.
هنن ڳوٺ جي عوام کي خطاب ڪرڻ جو نظام قائم ڪيو. هڪ وڏي ڪاڪڙي وارو همراھہ سڄو ڏينھن ان بابت ڳالھائيندو رهندو هو تہ عوامي گڏيل ملڪيت جو نظام ڪيترو نہ سُٺو آهي. گهڻو وقت ڪونہ گذريو، جو ڏاڏهنس بيمار ٿي پيو. پھرين کيس اکين ۾ هئڊاڻ ظاهر ٿي ۽ پوءِ باقي سڄو جسم پيلو پئجي ويس. پوءِ کيس دست ٿي پيا، ان حد تائين جو پيٽ ۾ چانورن جو هڪ ڪڻو بہ نہ ٿي ٽِڪيس.
”اڇي واريء“ واري ڳوٺ کي اجتماعي پيداواري ٽيم بنايو ويو، ان ٽيم جي اڳواڻ جي چونڊ ٿي ۽ ڏاڏهنس چونڊجي ويو. پر هو ايترو تہ ناچاڪ هو جو هو ٻنين جي حدبندي ڪندڙ پٿر هٽائي هڪ وڏو پوکي لائق ٻارو ٺاهڻ جي لاءِ ٽيم جا ميمبر بہ مقرر ڪري نہ سگهيو. خزان جي شروع ٿيندي ئي جهوني جي طبيعت ۾ اوچتو بھتري اچڻ شروع ٿي. سڄو سارو مھينو پاسي ڀر ليٽڻ کان پوءِ هن گهر وارن کي چيو تہ کيس ٻنيءَ تي وٺي هلن. هنن کيس ٻنھي ڪَڇن ۾ هٿ وجهي سھارو ڏنو ۽ هلائيندي شاھہ بلوط جي وڻ جي هيٺ وٺي آيا.
”آھہ! سرنھن گُل جهلي رهي آهي.“ جهوني چيو. ان کان پوءِ سندس ڪنڌ ڍرڪي پيو ۽ هُن آخري پساھہ کنيا.
ڏاڏاهنس کي ان ٻنيءَ ۾ نہ دفنايو ويو، ڇو تہ اها ٻني اسان جي ڪُٽنبي ملڪيت نہ هئي. کيس اوڀر ۾ وڏي ڪناري تي دفنايو ويو، جتي کھرن پٿرن جو ڍڳ هو. سندس قبر جو ڪو نالو نشان بہ نہ هو. سندس ڪُٽنب جا ڀاتي جڏهن قبرون صاف ڪرڻ واري ڏيھاڙي تي ابن ڏاڏن جي قبرن تي حاضري ڏيندا هئا، تہ هو فقط شاھہ بلوط جي وڻ هيٺان خوشبودار ڪاڳر ساڙي ايندا هئا.
هاڻ هو ٽن ايڪڙ ٻنيءَ تي مڪئي ۽ سرنھن پوکي نہ ٿي سگهيا. اهو ڳوٺ جي ٽن بھترين ٻنيءَ جي ٽڪرن مان هڪ هو، جيڪو مڪئي پوکڻ جي لاءِ وقف ڪيو ويو هو. مڪئي جا سنگ ڳئون جي ڪنن وانگر لڳندا هئا، جيڪي مڪئي جي ٻوٽي جي لٺ سان لڳل هئا. کيس سدائين ايئن لڳندو هو، ڄڻ انھن ٽن ايڪڙن ۾ ڍڳين جو هڪ ڌڻ بيٺل هو، جيڪو ڪيڏي مھل بہ ڊوڙي ٻاهر نڪري ايندو، انھن سالن ۾، ان ٻي رڌ پچاءُ جي لاءِ ٻارڻ واسطي ڪاٺيون ۽ ٻيو سڀ ڪجهہ، پيداواري ٽيم هر ڪنھن کي سندس ڪم جي مد ۾ ڏنل سيڪڙي جي حساب سان ڏنو ويندو هو. شروع ۾ ماڻھن کي کائڻ جي لاءِ صفا گهٽ ملندو هو ۽ سندن سوئر صفا ڳري ڪَنڊا ٿي ويا هئا ۽ سندس وار هئڊا ٿي ويا هئا. ’اڇي واريءَ واري ڳوٺ‘ ۾ هر ڪو چور بنجي ويو ۽ ٻنين مان ان چورائڻ جون سَٽون سٽڻ لڳو. هن بہ ايئن ڪيو، هو ٽي ايڪڙ ٻني ۾ اندر هليو ويو ۽ مڪئي جي ڏانڊين جي وچ ۾ پوکيل سويابين جا پتا گڏ ڪرڻ لڳو. پتا گڏ ڪرڻ کان پوءِ هو مٽر بہ کڻڻ لڳو. هو سڀ گهر کڻي ويو، جتي پتا سوئرن کاڌا ۽ مٽر گهر ڀاتين اوٻاري کاڌا. هن ٽي ڀيرا ڪاميابيءَ سان ايئن ڪيو، پر چوٿين ڀيري جهلجي پيو ۽ ٽيم جي اڳواڻ سندس ٽوڪري کسي ورتي ۽ کيس ٺاهوڪڙي سيکت ڏنائين.
”هي ٽي ايڪڙ منھنجي ڪُٽنب جا هئا.“ هن چيو.
”ڇا چيئي؟“ ٽيم جي سربراھہ چيو، ”هڪ ڀيرو ٻيھر چئو، مون صحيح نہ ٻڌو.“
ٽيم جي سربراھہ کيس چماٽون هنيون. هن وري ڪجهہ بہ نہ چيو. گهر پھچي هُن پڻھنس کي ٻڌايو تہ کيس ٽيم جي سربراھہ مار ڪڍي آهي، پر پڻھنس ماٺ ۾ رهيو. فقط دھل ۽ توتاڙو کڻي پنھنجي گهر جي پويان ويو ۽ اُتي رکي آيو. سندس خيال هو تہ هو ٻيھر اهي وڄائيندو، پر پڻھنس چيس تہ هو اهي هو پوڙهي ڇينگ جي گهر رکي آيو هو، پر پوڙهي اهي موٽائي ڏنا، جو پوڙهي جو پُٽ ڳچ وقت کان اهي ڪٻاڙييءَ کي وڪڻڻ جي چڪر ۾ هو، تہ جيئن چور بازار مان چانور وٺي اچي، تنھنڪري پوڙهي ڇينگ چيس تہ هو اهي پاڻ وٽ رکي ڇڏي.
هن اهي پنھنجي گهر جي پويان خالي هنڌ تي رکي ڇڏيا. پوءِ وري اهي هڪ ڊگهي عرصي تائين وڄائڻ جي نوبت نہ آئي. هڪ سال ’زهو‘ نالي هڪ همراھہ وٽن ڪجهہ چانور اُڌارا وٺڻ آيو، وٽن ماپڻ لاءِ ڪو اوزار نہ هو، پر زهو چين تہ وٽن جيڪو توتاڙو آهي، اوهان ان توتاڙو جي منھن ۾ چانور وجهي ماپيو.
سندس پيءَ توتاڙو کڻي آيو. ان اندر نون ڄاول ڪوئن جو ٿاڪ هو. هنن ان توتاڙو جي مدد سان چانور ماپي زهو کي ڏنا، جنھن انھن جي کچڻي ٺاهي ۽ سڀ هڙپ ڪري ڇڏيائين.
زهو ڳوٺ جي وڏي خواري ڪرائي، ٻين علائقن جون پيداواري ٽيمون اسان تي کلنديون هيون تہ ”سفيد واريءَ واري ڳوٺ“ جا ماڻھو ڪنھن پراڻي زماني جي ڏڪاريل ماڻھن جو ٻيو جنم آهن.
جڏهن هو ستن سالن جو هو تہ سندس ماءُ بيمار ٿي پيئي. سندس چيلھه ٻيڻي ٿيندي ويئي، ڄڻ مٿس ڪنھن وزني ٻوري رکي ڇڏي هُجي ۽ هوءَ آسمان طرف ڏسي نہ ٿي سگهي. پڻھنس کيس سندس چاچيءَ وٽ شھر موڪلي ڇڏيو ۽ هو اتي اسڪول ۾ داخل ٿي ويو. ان کان پوءِ هو ڳوٺ کان ڄڻ ڪٽجي ويو. پوءِ کيس خبر پئي تہ سندس پيءُ پنھنجي ڏاڏي جي جواني وانگر گاڏر بنجي ڇڪڙو هلائڻ لڳو هو. بس فرق رڳو ايترو هو تہ پڻھنس شھر ۾ سواريون نہ ڳولھيندو هو. هو گهوڙا گاڏي ۾ شھر مان ڇيڻا ۽ ٻيو گند گڏ ڪرڻ ايندو هو.
هر ڇنڇر تي پڻھنس سندن مسواڙي گهر مان اها ’ڪرفتي‘ ميڙڻ ايندو هو، جتي چاچيھنس رهندي هئي. هن جي گاڏيءَ جي ٻانھين ۾ هڪ خاڪي ٿيلھو لڙڪيل هوندو هو، جنھن ۾ ڪچالو، گوبي يا سائو بصر هوندو هو. اهو ٿيلھو هو چاچي جي گهر ڇڏيندو هو، پوءِ هو عوامي بين الخلائن مان ڪرفتي ميڙڻ هليو ويندو هو. پوءِ اهو بالٽين ۾ ڀري گاڏيءَ ۾ رکيل ڪاٺ جي ڊرم ۾ وجهندو ويندو هو. پوڙهو گهوڙو گهڻو فرمانبردار هو ۽ اُتي چُپ ڪريو بيٺو هوندو هو. ڪڏهن سندس منھن اوڀر ڏانھن هوندو هو تہ ڪڏهن اولھہ ڏانھن، پر سندس پُڇ سدائين هيٺ لڙڪيل هوندو هو. سندس پيءُ رات ٽڪڻ لاءِ چاچھينس جي گهر نہ ٽڪندو هو، پر سدائين کيس آچر گذارڻ لاءِ پاڻ سان گڏ ”سفيد واريءَ واري ڳوٺ“ وٺي ويندو هو. اها واپسي گاڏي جي پاڃاريءَ تي ويھي ٿيندي هئي.
هاءِ اسڪول مان پڙهي نڪرڻ تائين هر هفتي جي رات هو پنھنجي پيءُ سان گڏ ڪرفتيءَ واري گاڏي ۾ سفر ڪندو هو. ان عرصي جي دوران گهڻو ڪجهہ ٿيو. جھڙوڪ: سندس امڙ گذاري ويئي ۽ سندس پيءُ ڌڪي لھڻ سبب پنھنجي ٽنگ ڀڃائي ويٺو ۽ هوريان هوريان سندس سڀ وار اڇا ٿي ويا. هن ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ پوءِ هڪ اخبار ۾ نوڪري ڪئي.
هڪ ڀيري هو ”سفيد واريءَ واري ڳوٺ“ آيو تہ پڻھنس کي چيائين تہ هو نوڪري ڇڏي ڪو ڌنڌو ڌاڙي ڪرڻ جو پيو سوچي. کيس اهو ڏينھن چڱي طرح ياد هو، سندس گهر جي اڱڻ ۾ ڪيترائي ماڻھو اچي گڏ ٿيا هئا ۽ هو گهر جي پويان، دھل ۽ توتاڙو بہ ڪڍي آيو هو. توتاڙي کي زنگ بہ لڳي ويو هو، پر پوءِ بہ استعمال جي لائق هو.
جڏهن هو وڄائڻ لڳو تہ ايترو تہ آواز هو، جيڪو مُردن کي بہ جاڳائي ٿي سگهيو. کيس سمجهہ ۾ نہ آيو، کيس ايئن لڳو تہ شايد هو ڳوٺ جي مندر ۾ ڪا تقريب ڪرڻ پيو وڃي، هو حيران هو تہ اهڙي وڏي تقريب ڇو ٿي رهي آهي.
اڱڻ ۾ بيٺل ماڻھن مان ڪنھن چيو، ”هو وري زمين جي ماپ ڪري رهيا آهن. هو زمين جي ماپ ڪري رهيا آهن.“
”وري سُڌارا؟“ هن چيو.
”تون واقعي شھري ماڻھو آهين.“ ان همراھہ چيو. ”توکي اها بہ خبر ڪونھي تہ زمين جي پڙتال جو مطلب ڪھڙو آهي؟“
کيس يقينن خبر هئي تہ زمين جي پڙتال جو مطلب ڪھڙو آهي، شھر جي ڀرپاسي ۾ موجود ڪيترن ئي ڳوٺن جي زمين جي پڙتال ڪئي ويئي هئي. نہ رڳو زرعي زمين جي، پر سڄي ڳوٺ جي. ’اڇي واريءَ واري ڳوٺ‘ جي اولھہ جي ٽن ڳوٺن تنگ شاهي گهراڻي جو باغ کي خالي ڪرايو پي ويو. ان کان سواءِ ڀرپاسي جا ڊزن کن ٻيا ڳوٺ بہ خالي ڪرايا پي ويا.
ان ڏينھن شام جو ’سفيد واري واري ڳوٺ‘ جا ماڻھو گهڻو پُرجوش هئا. ان پڙتال سان گڏ معاشرو هڪ ڀيرو ٻيھر بدلجي رهيو هو. هاڻ هو وڌيڪ عرصو هاري نہ رهندا ۽ سندن اولاد بہ هاري نہ رهندو. هر ڪُٽنب کي چڱي موچاري رقم ملڻ واري هئي ۽ هر ڪو انھن پئسن کي ڪتب آڻڻ جون رٿائون رٿي رهيو هو. هو بازار ۾ مسواڙ تي دڪان وٺي سگهيا ٿي يا گوانگزو مان آندل ڪپڙي جو ڪاروبار ڪري سگهن ٿا. پوءِ وري کين اهو اُلڪو اچي ٿيو تہ جيڪڏهن اهو ڪپڙو نہ وڪيو تہ هو ڇا ڪندا. بھتر اهو ٿيندو تہ ٽن ڦيٿن واري سائيڪل تي ڇڪجندڙ ڇڪڙي تي هو کاڌي پيتي جون شيون وڪڻڻ شروع ڪن، جنھن سان نقصان جو امڪان گهٽ هو.
پر سندس پيءُ گهر ۾ ويٺو پنھنجي پريشانين کي شراب ۾ غرق ڪندو رهيو. اڌ بوتل ختم ڪرڻ کان پوءِ سندس چھرو روغني پگهر ۾ ٻڏي ويو.
”ڇا واقعي آءٌ هاري نہ رهندس؟“ پڻھنس پُڇيو.
”جڏهن تو وٽ ٻني ئي نہ رهندي.“ هن جواب ڏنو، ”تہ پوءِ تون پڪ سان هاري نہ رهندين.“
پڻھنس ٽي ايڪڙ زمين تي هلڻ جي رٿ ڏني. هو سمجهي سگهيو ٿي تہ پڻھنس ڇا محسوس ڪري رهيو هو، ان زمين جي نئين سر ورهاست ٿي. اها کانئن ورتي ويئي، پر هو پنھنجي ”سفيد واريءَ واري“ ڳوٺ ۾ تہ رهيا، جنھن کي هو روزانو ڏسي ٿي سگهيو، هاڻ کيس ڳوٺ ڇڏڻون پوندو ۽ ڪنھن کي بہ خبر نہ هئي تہ ان ٽي ايڪڙ ٻنيءَ جو ڇا ٿيندو ۽ هاڻ اها ٻيھر سندن ٿيندي يا نہ.
هو پيءُ سان گڏ ٻنيءَ تي هليو ويو. ان رات چنڊ گهڻو سُھائو هو ۽ پڻھنس، پڙ ڏاڏاھنس وانگر نظر اچي رهيو هو ۽ چيلھه تي هٿ رکي اُترين ڪنڊ کان ڏاکڻي ڪنڊ تائين وک ۾ وک ڏيئي هلڻ لڳو هو، گوڏن کي موڙڻ کان سواءِ ڄڻ سندس ٽنگن ۾ گوڏا ئي نہ هجن.
هن اُتي ست ڦيرا ڏنا. پوءِ سندس پيءُ جون ٽنگون ٿڪجي پيون ۽ پنھنجي پيشاني زمين تي ٽيڪي جهُڪي ويو. کيس سمجهہ ۾ نہ پي آيو تہ سندس پيءُ ٻني جو احترام ڪري رهيو آهي يا ان پوڙهي جو، جيڪو اتي دفن ٿيل آهي. سندس پيءَ ”سفيد واريءَ واري ڳوٺ“ مان نڪري، شھر جي ڏکڻ اولھہ واري حصي ۾ ٺھندڙ هڪ نئين ڪالونيءَ ۾ منتقل ٿي ويو. هو پنھنجي گهراڻي جون سڀئي موروثي شيون، دھل ۽ توتاڙو بہ کڻي آيو هو. پر هو تيز رفتار شھري زندگيءَ جو عادي ٿي نہ سگهيو. هو چوندو هو تہ کيس اڪثر ائين ٿو لڳي تہ ڄڻ هو جنھن عمارت ۾ رهي پيو، اها کاٻي ۽ ساڄي جهومي رهي آهي ۽ هو اڪثر رات جو سُمھي نہ سگهندو هو.
هو پنھنجي پيءُ سان رهي نہ سگهيو، پھرين تہ هن هر هفتي پندرهين ڏينھن ساڻس ملڻ جي لاءِ ايندو هو، پر پوءِ سندس لاءِ وقت ڪڍڻ ڏکيو ٿي پيو ۽ هو ٽن چئن مھينن کان پوءِ اچڻ لڳو. جنھن جو سبب اهو هو تہ سندس ڪمپني برآمدات ۾ مصروف هئي، جنھن ۾ سندس ڪاروبار تمام سٺو هلي رهيو هو. ان کان سواءِ جڏهن چار ڏوڪڙ گڏ ٿيس تہ هن اها رقم جائيداد جي خريد ۽ وڪري ۾ سيڙائي ڇڏي.
شھر تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو هو. اهو وڏو ٿي ڪنھن ٻوڏ وانگر چئني ڏسائن پکڙجي ويو هو. ”تنگ خاندان جو شاهي باغ“ ٽن سالن ۾ مڪمل ٿي ويو ۽ اهو جديد علائقي ۾ بدلجي ويو هو ۽ ’شي آن‘ جو سڀ کان وڌيڪ خوبصورت حصو بنجي ويو هو. ان جو اگهہ في ايڪڙ ٻارهن لک يوان تائين وڃي پھتو هو ۽ ان تي ٺاهيل ’وال‘ چوويھه هزار يوان في وال جي حساب سان وڪرو ڪيا ويا. اهي حصا جن تي اڃا ڪم نہ ٿيو هو تن جي چوڌاري حڪومت واڙ لڳائي ڇڏي هئي. پوءِ انھن مان ڪڏهن ڪنھن جي تہ ڪڏهن ڪنھن جي نيلامي ڪري ٿي ڇڏيائين. هن هر نيلاميءَ ۾ حصو ٿي ورتو، پر وٺڻ ۾ ڪامياب نہ ٿي ٿيو، ڇو تہ انھن جون قيمتون تمام گهڻيون هونديون هيون، پر جڏهن ”سفيد واريءَ واري ڳوٺ“ جي اُن حصي جي نيلامي ٿي تہ هن چٽا ڀيٽيءَ جي سخت ڪوشش ڪئي، هو سڄي ڳوٺ کي خريدڻ ۾ تہ ڪامياب نہ ٿيو، پر نيٺ کيس ٽن ايڪڙن جا ترقياتي حق ملي ويا.
جڏهن، اها خبر هن پنھنجي پيءُ کي ٻڌائي تہ پوڙهي ٽن ڦيٿن وارو ڇڪڙو ڀاڙي تي ڪيو ۽ پوءِ دھل ۽ توتاڙو ان تي رکي ٽن ايڪڙن تي ويو. هن جي ڪمپنيءَ جي نوڪرن، ساڻس گڏجي ٽي ڏينھن ۽ ٽي راتيون وڏو هُل بکيڙو ڪيو، جو نيٺ دھل ئي ڦاٽي پيو ۽ توتاڙو بہ خراب ٿي پيو. سندس چوڻ هو تہ هن اها ٽي ايڪڙ ٻني ئي وٺڻ ٿي گهري، پوءِ ڀلي ان لاءِ ڪمپنيءَ جا هڙئي وسيلا استعمال ڇو نہ ٿي وڃن ها. جيڪڏهن هو اهو نہ وٺي ها تہ ڪر چريو ٿي وڃي ها.
کيس Tunnel vision جي بيماري هئي. (اکين جي ان بيماري ۾ نظر فقط هڪ مرڪز کي ڏسي سگهي ٿي ۽ اُن جي ڀرپاسي جون شيون گهڙي وڃن ٿيون). ايتري جو هو پنھنجو پاڻ کي بہ ڏسي نہ ٿي سگهيو. هن پنھنجي اسٽاف کي پنھنجو موقف سمجهائيندي چيو تہ هو ڊگهي عرصي کان ٽن ايڪڙن جي ان ٻاري تي نظرون کپايو ويٺو هو ۽ ان جي گذريل دورن تي بہ سوچيندو رهيو هو. اهو کانئن ورتو ويو، پوءِ ورهايو ويو، وري ورتو ويو ۽ وري ورهايو ويو. معاشرو بدلجي رهيو هو. معاشري ۾ اهي تبديليون زمين جي سُڌارن جي شڪل ۾ ٿينديون هيون، پر زمين سدائين ٽي ايڪڙ ٻني ئي رهي. ان جا سُڌارا ڪيترن نسلن جي تقدير جي ڪھاڻي ٻڌائين ٿا.
جڏهن ’ايڪس ايڪس‘ پنھنجي ڪھاڻي ختم ڪئي تہ مون کيس اهي ٽي ايڪڙ ڏيکارڻ جو چيو. جيڪي سڌا هئا ۽ جيئن مون کي توقع هئي، ان جي چوڌاري واڙ لڳل هئي. ان تي ڪوبہ فصل پوکيل نہ هو ۽ ان ۾ ماڻھو جي قد جيترو گاھہ ۽ وڻ بيٺل هئا. ندي گم ٿي چڪي هئي، پر شاھہ بلوط جو وڻ اڃا بيٺل هو، جيڪو هڪ ناياب وڻ هو، ۽ ان جو ٿڙ ايترو تہ ٿلھو هو، جو اهو ڀاڪرن ۾ ڀرڻ جي لاءِ ٻن ماڻھن جي گهرج هئي. سندس چوٽيءَ جو تاج بہ گهاٽو هو، اوچتو ڏاکڻين پاسي کان چَھڪار ٻڌڻ ۾ آئي ۽ هڪ پکي هوا ۾ اُڏريو، اهو هڪ ڊگهي پُڇ وارو عجيب جھڙو پکي هو، جيڪو اسان هڪدم سُڃاڻي ورتو. اهو هڪ جنگهلي چڪور هو. ان ٻہ ڀيرا ٻوڙن تي تيزيءَ سان پر ڦڙڪايا ۽ پوءِ اسان جي نظرن کان گم ٿي ويو.
هتي ڪو چڪور ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ اهو صحيح آهي تہ چڪور اُڏري سگهي ٿو، پر ان جي اُڏام ايتري ديرپا ۽ هو گهڻو پري تائين اُڏري نہ ٿو سگهي ۽ ان واڙ جي ٻاهر تہ رڳو عمارتون هيون تہ اهو هتي ڪيئن آيو؟ اسان ٻيئي حيرت ۾ هئاسين.
”سفيد واريءَ واري ڳوٺ ۾ چڪور هوندا هئا نہ؟“ مون پُڇيو.
”اهو ممڪن ڪونھي.“ هن چيو، ”مون ڳوٺ جي اندر ڪڏهن بہ ڪو چڪور نہ ڏٺو.“
مون اندازو لڳايو تہ ٽن ايڪڙن کي واڙ لڳڻ کان پوءِ گندگاھہ، وڻ ٻوٽا ۽ چڪور هڪئي مھل ۽ اوچتو پيدا ٿيا، ڇو تہ ان ٻاري تي فقط هڪ ڍورو هو، جنھن ۾ ڪڏهن بہ مَڇيون نظر نہ پي آيون، پر ڇا هيترا سال گذرڻ کان پوءِ ان ۾ مَڇيون تري ڪونہ رهيون هيون؟
اوچتو ’ايڪس ايڪس‘ چيو، ”اهو منھنجي ڏاڏي جو ڀوت هو.... ها نہ؟“ سندس ڳالھہ ٻڌي آءٌ بہ ڊڄي ويس، جيتوڻيڪ منھنجو هرگز اهو خيال نہ هو تہ هو سچ چئي رهيو هو. مون کي تہ فقط اهو اُلڪو هو تہ کيس انھن ٽن ايڪڙن تان گندگاھہ ۽ وڻ ٽڻ صاف ڪرڻا پوندا، ڇو تہ ان جي قيمت تمام گهڻي وڌي چڪي هئي. پوءِ چڪور گهڻا ڏينھن جيئرا رهي سگهندا؟
هڪ سال ٻيو بہ گذري چڪو آهي. مون ’ايڪس ايڪس‘ کي وري نہ ڏٺو آهي، نہ ئي وري سندس باري ۾ ڪجهہ ٻڌو اٿم- هڪ ڏينھن آءٌ انھن ٽن ايڪڙن ڏانھن ويس تہ اتي هڪ مختلف قسم جي رڪاوٽ هئي. واڙ جي جاءِ تي اوچي ڳاڙهي رنگ جي ڀت ڏنل هئي، اندر ڪابہ اڏاوت ٿي نہ رهي هئي ۽ شاھہ بلوط جو وڻ اڃا تائين اتي بيٺو هو. گند گاھہ ۽ وڻ ٻوٽا بہ ماڻھوءَ جي قد جيترا هئا. اُن ڀت جي اولھندي ڪنڊ وٽ لوھہ جو هڪ وڏو دروازو ڏنل هو، جنھن کي هڪ ٿلھو ڪلف ڏنل هو. دروازي تي هڪ وڏي تختي لڳل هئي، جنھن تي لکيل هو ’ٽي ايڪڙ زمين جو هڪ ٻارو‘.
