جڏهن وشال چين ويو
”چين؟“ مون کيس ڏسندي چيو، ”مون توکي ڪيترا ڀيرا چيو هو، پر تون سدائين چوندو هُئين تہ چين ۾ پڙهيل ڊگريءَ جي پاڪستان ۾ ڪابہ ويليو ڪونھي، هاڻ وري چين؟“
”راهول بہ وڃي ٿو. اسان گڏجي فيصلو ڪيو آهي تہ ميڊيڪل پڙهڻ جي لاءِ چين وينداسين.“ مون وشال ڏانھن ڏٺو. منھنجون اکيون ڀرجي آيون. انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ وشال ۽ سندس دوست راهول گڏجي ميڊيڪل جي تياري ڪئي. لمس ۾ انٽري ٽيسٽ ٻنھي گڏجي ڏني، پر ٻيئي ڄڻا ٿورين مارڪن تان رهجي ويا. پوءِ ٻنھي گڏجي وري نئين سر امپروومينٽ ڪرڻ جو سوچيو ۽ ان جي تياريءَ ۾ لڳي ويا.
اوچتو منھنجي گهر واري ڪمري ۾ گهڙي آئي ۽ اسان ٻنھي کي ايئن بيٺل ڏسي سواليا نظرن سان مون ڏانھن ڏٺائين. اُن وچ ۾ لڙڪ منھنجي اکين مان ڳڙهي اچي منھنجي ڳلن تي پيا هئا.
اهي لڙڪ خوشيءَ جا لُڙڪ هئا.
منھنجي خواهش هئي تہ منھنجا سڀ ٻار يونيورسٽيءَ تائين پڙهن ۽ منھنجي هڪ ڌيءَ ۽ پُٽ ڊاڪٽر ٿين. منھنجون ٻيئي نياڻيون تہ يونيورسٽيءَ تائين پڙهيون. هڪ سنڌيءَ ۾ ايم. اي ڪئي ۽ ٻيءَ باٽني ۾ MSc ڪئي. حالتن سبب هو ميڊيڪل جي انٽري ٽيسٽ ۾ ويھي نہ سگهيون. وشال وڏي محنت ڪئي، سڄيون سڄيون راتيون پڙهيو، پر انٽري ٽيسٽ ۾ ٿورين مارڪن تان رهجي ويو.
وشال جو اها ڳالھہ ڪئي تہ خوشيءَ سبب منھنجا لڙڪ لڙي پيا، جن کي ڏسي منھنجي گهر واري پُڇيو، ”خير تہ آهي... روئين ڇو پيو...؟“
وراڻيم، ”خوشي بہ روئاڙيندي آهي.“
منھنجو اهو جواب کيس سمجهہ ۾ نہ آيو ۽ وشال کان پڇڻ لڳي، ”پڻھين ڇو پيو روئي؟“ منھنجن لُڙڪن تي وشال خود حيران ٿي ويو هو ۽ مُنجهي پيو تہ ابوءَ کي ڇا ٿي ويو آهي.
وشال منھنجو اهڙو پُٽ آهي، جنھن سان منھنجون ٽي نسبتون آهن، پھرين اها تہ هو منھنجو پُٽ آهي. ٻي اها تہ کيس منھنجي جيجل امڙ سانڍيو، هو رهندو ئي امان سان هو. سندس ڪپڙي لٽي، کاڌي پيتي جي ذميواري ڄڻ امان جي هئي. سُمھندو بہ امان وٽ هو. ماڻھنس يعني منھنجي گهر واري، جڏهن مٿس ڪنھن ڳالھہ تان ڪاوڙبي هئي تہ چوندي هُيس، ”وڃ پنھنجي ماءُ ڏانھن.“ ۽ هو اُٿي امان ڏانھن هليو ويندو هو. وشال، امان کي ’امان‘ ۽ منھنجي گهر واري يعني ماڻھنس کي ’امي‘ چوندو آهي.
امان وري وشال کي وشال بدران ’اشال‘ چوندي هئي. وشال جي بہ امان سان گهڻي لڳندي هئي. امان جيستائين جيئري هئي، تيستائين هو ساڻس گڏ رهيو، پوءِ جڏهن امان 22 آڪٽوبر 2010ع تي وفات ڪئي تہ هو اسان سان رهڻ لڳو. پھرين تہ ويڳاڻون ۽ اٻاڻڪو رهندو هو، پر پوءِ اسان سان هِري مري ۽ ايڊجسٽ ٿي ويو.
امان سدائين اها دعا ڪندي هئي ۽ چوندي هئي تہ ”ڏسجو، منھنجو پٽ اشال وڏو ٿي پڙهي ڊاڪٽر ٿيندو.“
اڄ جڏهن وشال ڊاڪٽر وشال بنجي ويو آهي تہ سوچيندو آهيان تہ امان جي دعا اگهامي ويئي.
وشال سان منھنجي ٽين نسبت اها آهي تہ هو منھنجو پُٽ تہ آهي، پر ان کان وڌيڪ منھنجو دوست آهي.
’ايوو‘ ۾ جڏهن وشال جي دوست حيدر وشال جي اها ڳالھہ ٻڌي تہ آءٌ ۽ ابو پاڻ ۾ دوست بہ آهيون تہ چيائين، ”جب باپ اور بيٽا دوست بن جائين تو پھر ڪيا بات هي.“
مون سدائين اها ڪوشش ڪئي تہ پنھنجي اولاد سان دوستاڻو رويو رکان. منھنجي ان رويي مون کي فائدو بہ ڏنو تہ نقصان بہ. بس اهو بہ زندگيءَ جو هڪ تجربو رهيو، جيڪو هنن لفظن ۾ اظھاري سگهان ٿو تہ،”هڪ پيءُ کي پنھنجي اولاد سان دوستاڻون رويو تہ هلڻ گهرجي، پر کيس پيءُ بہ ضرور ٿيڻ گهرجي ۽ پنھنجي پيءُ واري حق تان دستبردار نہ ٿيڻ گهرجي ۽ ضرورت آهر اهو حق بہ استعمال ڪرڻ گهرجي.“
وشال جي ان فيصلي ۽ منھنجي هائوڪار ڪرڻ کان پوءِ تياريون شروع ڪري ڏنيوسين. هوريان هوريان سڀ مرحلا اُڪري وڃي پار پياسين. ٻين سڀني معاملن ۽ مسئلن جي ڀيٽ ۾ اصل مسئلو پئسن جو هو. ان وقت ايئن سمجهو تہ منھنجي گهر ۾ ٻہ ڪاڄ هئا. 24 فيبروريءَ تي منھنجي ننڍي نياڻي امرتا جي شادي هئي. مون وٽ سواءِ ان جي ٻي ڪا واھہ نہ هئي تہ دڙي ۾ پنھنجي گهر جو اڌ وڪڻان. ان لاءِ بھترين گراهڪ منھنجو ماسات محمد الدين ميمڻ هو. مون کيس اها آڇ ڪئي، هن ها ڪار ڪئي. پر جڏهن سوڌو طئي ٿيو تہ هن ايترو تہ گهٽ اگهہ ڏنو، جو منھنجو ساھہ ئي نڪري ويو ۽ ان مھل هو صفا سڀ رشتا ناتا، لڳ لاڳاپا وساري ويھي رهيو.
ٻاهر نڪتاسين تہ وشال مايوسيءَ مان چيو، ”چاچا پپوءَ تہ پاڻ کي صفا ڦري ڇڏيو پنھنجي مرضي سان اگهہ لڳايائين. ڄڻ مفت ۾ وٺي ويو. هل تہ واپس هلي کيس پئسا واپس ڏيون. گهر نہ ٿا وڪڻون. آءٌ چين نہ ٿو وڃان..“ اهو چئي هو بيھي رهيو. مون سندس هٿ جهليو ۽ چيو، ”پنھنجي سامھون وڏو مقصد آهي، تنھنجي پڙهائي... پاڻ کي جيڪو نقصان ٿئي پيو، ان کي ڏسڻون ڪونھي. بس اڳتي وڌڻون آهي. وقت ايندو تہ ويندا سڀ ڏک ۽ غم لھي ويندا. بس مڙس ماڻھو ٿي.“
پوءِ ڄڻ آءٌ وشال کي گهيلي گهر وٺي آيس.
وقت گذري ويو. ان ڳالھہ کي اٺ ساڍا اٺ سال گذري ويا آهن. وشال، چين ويو، ﷲ جي مھربانيءَ سان ڊاڪٽر ٿيو. کيس پالڻھار سڀ ڪجهہ ڏنو آهي، پر ماسات محمد الدين جو اهو رويو نہ اڃا وشال کان وسريو آهي ۽ نہ مون کان.
نيٺ سڀ مرحلا پار ڪري 24 مارچ 2017ع تي چين پڙهڻ جي لاءِ روانو ٿيو. سندس چين روانگي جي روئداد منھنجي ڊائري ۾ هن ريت لکيل آهي:
[25 مارچ 2017ع]
وشال خير سان ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ چين روانو ٿي ويو. رات ٻارهين بجي ’ٿائي ايئرويز‘ ۾ پھرين بئنڪاڪ ۽ اتان چين. ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو اهو گروپ پنجويھن شاگردن تي مشتمل هو. جنھن مھل هو سڀ لائونج اندر سامان جون ٽراليون گهلي وڃي رهيا هئا تہ مون کي عجيب منظر نظر آيا. مائٽ پنھنجي اولاد سان ڪيتري محبت ٿو ڪري، اهو ٻار تڏهن ئي محسوس ڪري سگهي ٿو، جڏهن هو پاڻ پيءُ يا ماءُ بنجي. ڪن جي اکين ۾ لڙڪ هئا تہ ڪي دل ۾ دعائون گهري رهيا هئا. ڪن پنھنجن پُٽن کي حفاظت لاءِ امام ضامن ٻڌا هئا، تہ ڪي قرآن ۽ درود پڙهي مٿن دَم ڪري رهيا هئا. مائٽ واقعي پنھنجي اولاد لاءِ چريو هوندو آهي. خود منھنجي حالت اها آهي، تہ منھنجي اکين مان لڙڪ بيٺا ئي نہ ٿي. اڃا بہ نٿا بيھن، پر آءٌ پنھنجن لڙڪن کي ٻي معنيٰ ڏيندس. منھنجا لڙڪ خوشيءَ جا آهن. اهو سڀ منھنجي انتھائي غريب پس منظر هئڻ سبب آهي، بابا مزدور هو، پھرين ڍڳا گاڏي هلائيندو هو ۽ پوءِ رازن سان گڏ مزدوري ڪيائين ۽ آءٌ ماستر، جنھن جو ﷲ تعاليٰ کان سواءِ ٻيو تہ ڪو اوهي، نہ واهي.
ايئرپورٽ تي موڪلائڻ مھل مون جڏهن سمير کي روئندي ڏٺو تہ حيران ٿي ويس. وشال وڃڻ مھل کيس پنج سؤ روپيا خرچي ڏني ۽ چُميون ڏنيون. آءٌ سمير جو اهو روپ ڏسي اڃا تائين حيرت ۾ آهيان. وشال کيس گهڻو ڀائيندو آهي. ايئرپورٽ تي سالن کان پوءِ وشال ۽ شھزاد ڀاڪر پائي موڪلايو. ٻئي نون ڏهن سالن کان ڪونہ ڳالھائين. ان ۾ وشال جو گهٽ ۽ شھزاد جو ضد وڌيڪ هو. وشال پنھنجي بائيڪ بہ شھزاد کي ڏيئي ڇڏي، جيڪا هن ٻہ هزار ٻارهن ۾ پنھنجي خرچي ميڙي ورتي هئي.
وشال جي روانگي کان پوءِ آءٌ هڪ خال محسوس ڪندس، اسان جو پاڻ ۾ رشتو پيءُ ۽ پٽ کان وڌيڪ دوستن جھڙو رهيو. آءٌ ساڻس ڪيتريون ئي ڳالھيون شيئر ڪندو هئس.
انشاءَ ﷲ منھنجو پِشو جڏهن ’ڊاڪٽر وشال يوسف‘ ٿي موٽندو تہ اسان گڏجي منھنجي خواب موجب ”امان صفوران اسپتال“ کولينداسين. جيئن غريبن جي خذمت ڪري سگهون.
[26 مارچ 2017ع]
وشال فون ڪري حال احوال ٻڌايو تہ، ڪراچي کان بئنڪاڪ، اتان پوءِ ڪنيڪٽ فلائيٽ سبب جھاز بدلائي گوانگسي ۽ اتان وري ٻي جھاز ۾ نئننگ پھتاسين. جتان ايئرپورٽ تان اسان کي بس کڻي يونيورسٽي پھچايو. يونيورسٽي گهڻي وڏي آهي، هاسٽل جو مرمتي ڪم هلي رهيو آهي، تنھنڪري اسان کي هڪ هوٽل ۾ رهايو اٿن، جيڪا يونيورسٽيءَ جي احاطي ۾ ئي آهي. آءٌ ۽ راهول هڪ روم ۾ آهيون، رات برياني کاڌيسين. مزو نہ ڏنائين، اسان کان ماني جا 550 يوان ورتائون. مھيني لاءِ. هڪ سؤ يوان ڏيئي سم ورتم. وڌيڪ ٻڌايائين تہ، ڏهن ڏينھن کان پوءِ ڪلاس شروع ٿيندا. اسان سان گڏ ’سيان‘ جو جيڪو نمائندو آهي، تنھن ٻڌايو تہ هڪ سيمسٽر هلي ويو آهي، اوهان کي ڇھن مھينن کان پوءِ سيپٽمبر ۾ وري فيءَ جا ٻہ لک نوي هزار ڏيڻا پوندا، جنھن ڪري سڀ ڇوڪرا پريشان آهن. اها سيان (Sayan) وارن حرامپائي ڪئي آهي. اهو بہ ٻڌايائين تہ ”هتي سڀئي ڇوڪرا پنھنجي في کڻي آيا آهن. مون ۽ راهول،’ سيان‘ وارن کي ڏيئي غلطي ڪئي. هنن اسان کان ارڙهن هزار روپيا وڌيڪ ورتا آهن. وشال اهو بہ ٻڌايو تہ مھيني جي ماني جي 550 يوان سان گڏ 25 يوان پاڻيءَ جا بہ ورتا اٿن. هتي هر شئي پئسي جي آهي، پاڻي بجلي وغيرہ.
پوءِ وشال وڊيو ڪال ذريعي ڪمرو ڏيکاريو. سٺو صاف سٿرو ڪمرو آهي. ٻڌايائين تہ چيني سڀ هڪجھڙا چھرا آهن، خبر ئي نہ ٿي پوي تہ منجهن فرق ڪيئن ڪجي. اهو بہ ٻڌايائين تہ شام جو پارڪ ۾ وياسين تہ چيني ٻارڙا اسان تي ڄڻ عاشق ٿي پيا، صفا هِري مِري ويا. وشال انھن چيني ٻارن سان گڏ فوٽو بہ ڪڍي موڪليا.
وشال سان ڳالھائڻ، کيس ڏسڻ ۽ حالي احوالي ٿيڻ کان پوءِ منھنجي طبيعت ۾ سڪون اچي ويو. نہ تہ ڪالھہ سڄو ڏينھن ڳوڙها ڳڙندا رهيا. جن جو آءٌ تجزبو ڪندو رهيس. هاڻ ڳوڙها بند ٿي ويا آهن. نتيجو اهو ڪڍيم تہ اهي ڳوڙها ڄڻ وڇوڙي جا هئا. هاڻ رابطا بحال ٿيا ۽ سندس خيريت معلوم ٿي تہ اندر مان اُلڪا ختم ٿي ويا.
وشال ٻڌايو تہ ٻيا ڇوڪرا ڪجهہ بہ کڻي نہ آيا آهن. صفا پريشان لڳا پيا آهن. چيومانس اهو سڀ سندن صحيح رهنمائي نہ ٿيڻ سبب ’سِيان‘ وارا بالادي ڇوڪرن جي صحيح رهنمائي نہ ٿا ڪن، هو ايجنٽ آهن. سندن ڪم شاگردن مان پئسو ڪڍڻ هوندو آهي. پاڻ کي ماما اڪرم سٺي نموني گائيڊ ڪيو، جنھن جو پُٽ پڻ چين ۾ ميڊيڪل ۾ پڙهي ٿو. جنھن ڪري تون گهڻيون شيون کڻي وين. چيومانس تہ هروڀرو ڪنھن ٻي پاڪستاني ڇوڪري سان فري ٿيڻ يا دوستي جي ضرورت ڪونھي. بس تون ۽ راهول گڏ رهجو، جيسين ماحول سمجهو ۽ پنھنجي شين کي هوريان هوريان ۽ مناسب نموني استعمال ڪجو، جيئن گهڻو وقت هلن، البت چيني ٻولي سکڻ لاءِ چيني ڇوڪرن سان لھہ وچڙ ۾ رهجو. انھن جو لھجو، آواز ۽ اُچار سمجهڻ جي ڪوشش ڪجو. مون کي چيائين، ”راهول کي چيم تہ تون ڪنجوس آهين، حيدرآباد ۾ گهڻي ڪنجوسپائي ڪندو هئين. پر توسان ليکو نہ ڪندو هئس، پر هتي پئسي پئسي جو حساب ڪنداسين.“ راهول چيو، ”ٺيڪ آهي.“ مون کلندي وراڻيومانس، ”هڪ ديوان ۽ ٻيو ميمڻ گڏيا آهيو، ڪٿي ايئن نہ ٿئي تہ خرچ بچائڻ جي چڪر ۾ ٻئي بُک مرو.“ تہ وشال وڏو ٽھڪ ڏنو.
[29 مارچ 2017ع]
وشال سان مسلسل رابطو رهي ٿو. پارس ساڻس وڊيو ڪال ذريعي ڳالھائيندي رهندي آهي. منھنجي موبائيل نوڪيا. دٻلي آهي، جنھن ۾ اها سھوليت ڪونھي، جيسين نئين موبائيل ۽ زونگ جي سم وٺان يا موبلينڪ کي زونگ ۾ ڪنورٽ ڪرايان. زونگ جي ڪال سستي ٿي پوي.
ڪالھہ وشال ٻڌايو تہ پاڪستان مان هڪ ڇوڪري آئي آهي، جنھن وٽ اي. ٽي. ايم ڪارڊ نہ آهي، وٽس پئسا بہ ڪونھن. هِتان هُتان وٺي پئي ڪم هلائي. مون کيس چيو تہ مون وٽ ٻن اڪائونٽن جا ڪارڊ آهن، هڪ يو. بي. يل جو ۽ ٻيو حبيب بئنڪ جو، تون ڀلي منھنجو حبيب بئنڪ وارو ڪارڊ استعمال ڪر. سندس مائٽ سعودي عرب ۾ آهن، مون کين اڪائونٽ موڪليو، پر سعودي عرب مان ان ۾ پئسا منتقل نہ پيا ٿين. ابو، تون بئنڪ مان پروسيجر پُڇي ٻڌائي. آءٌ بئنڪ ويس ۽ کيس پُڇي پروسيجر ٻڌايم. اڄ ٻڌايائين تہ ان ڇوڪريءَ جا پئسا اچي ويا آهن، جيڪي کيس ڪڍرائي ڏنم. چيومانس پرڏيھه ۾ ڪنھن جي مدد ڪرڻ سٺي ڳالھہ آهي، پر ڇوڪري کي چئج تہ مائٽن کي چوي تہ ٿورا ٿورا پئسا موڪلين. اڄ ڪلھہ مني لانڊرنگ وغيرہ جا معاملا آهن، ايئن نہ ٿئي جو ڳالھہ ڳچيءَ ۾ پوي.
وشال واٽسپ تي تصويرون موڪليندو رهندو آهي. جن ۾ پاڪستاني ڇوڪرين سان بہ هونديون آهن. پارس کي چيم تہ ”چوينس تہ پاڪستاني ڇوڪرين کان بچج.“
جواب ۾ وائيس ميسيج ڪيائين، ”ابو کي چئو، ٽينشن نہ وٺي. آءٌ انھن ڇوڪرن مان نہ آهيان، جيڪي ڇوڪرين جي پويان هوندا آهن.“
[30 مارچ 2017ع]
وشال سان ڳالھايم، سڪون ملي ويو. ٻڌايائين تہ 50 يوان فيرويل پارٽيءَ جا ورتا اٿن. 40 يوان ڏيئي ’چيني سکڻ‘ جو ڪتاب ورتو اٿم. ٻڌايائين تہ جم جا سڄي سال جا تيرهن سؤ يوان ٿا وٺن، جنھن ۾ في الحال داخلا نٿو وٺان. هتي حيدرآباد ۾ وشال سالن کان ريگيولر ’جم‘ تي ويندو رهيو آهي. جنھن ڪري سندس باڊي بہ سڍول ٿي ويئي آهي ۽ ڏورا بہ نڪري پيا اٿس. چيومانس في الحال تون جوگر پائي شام جو رننگ ڪندو وڃج. اهو بہ ٻڌايائين تہ اڄ ٽي ڪلاس ٿيا، هاڻ هوريان هوريان ڪلاس وڌندا. بھرحال همراھہ خوش نظر آيو، چيومانس، يونيورسٽيءَ جي ڪنھن سُٺي پوائنٽ تي ڪا سُٺي تصوير ڪڍي موڪل تہ پرنٽ ڪڍرائي، فريم ڪرائي هڻان، جيئن هر وقت توکي ڏسندو رهان.
[31 مارچ 2017ع]
وشال ٻڌايو تہ اڄ اسان سڀ ڇوڪرا جمع جي نماز پڙهڻ جي لاءِ مسجد وياسين، جتي رڳو چيني هئا. خطبو بہ چينيءَ ۾ ڏنائون. اسان جي وڊيو بہ ڀريائون. وشال جي اها ڳالھہ ٻڌي مون کي حيرت ٿي ۽ چين جي ان ڏورانھين شھر نئننگ ۾ مسلمان رهن ٿا. پھرين خيال آيم تہ چوانس نماز ڪمري ۾ ئي پڙهندو وڃج، مسجد ۾ نہ ويندو ڪر، دھشتگرديءَ جي ڪري سڄي دنيا ۾ مسلمانن، خاص ڪري پاڪستانين تي وڏي نظر ٿا رکن. پر پوءِ خيال بدلائي ڇڏيم تہ چين ۾ مسلمانن کي مذهبي آزادي آهي، تڏهن تہ نئننگ ۾ مسجد آهي ۽ ان ۾ جماعت سان نماز ٿئي ٿي، ٺيڪ آهي. مسجد ۾ وڃڻ سان ڪافي ماڻھن سان ميل جول ٿئي ٿي ۽ ان سان وشال کي چين جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو موقعو ملندو. وشال ننڍي هوندي کان ئي نمازي آهي، چار وقت پابنديءَ سان پڙهندو آهي، باقي فجر جي ڪونہ پڙهي. آءٌ وري چار ئي وقت نماز ڪونہ پڙهان پر فجر جي نماز سعيو ڪري پڙهندو آهيان. ايئن گهر ۾ مذاق ۾ ڪڏهن چوندو آهيان، ”اسان ٻيئي پيءُ ۽ پُٽ گڏجي نماز جا پنج ئي وقت پورا ڪندا آهيون.“
ٻڌايائين تہ يونيورسٽي ڏاڍي سُٺي آهي، وڻڪاري بہ سٺي اٿس، چيومانس يار گلن جا تہ فوٽو ڪڍي موڪل، اهو بہ ٻڌايائين تہ يونيورسٽيءَ ۾ مارڪيٽ بہ آهي، جتان شاگرد سامان سڙو وٺندا آهن. ٻڌايائين تہ ڇنڇر ۽ آچر موڪلون آهن، سومر کان وري ڪي چيني ڏڻ آهن، جنھن ڪري هفتو موڪل آهي، پڇيومانس، ”شھر ويا آهيو؟“ چيائين، ”اڄ ويا هئاسين، پر ڀُلجي وياسين، پوءِ دوست کان فون ڪري پڇيوسين. ڪيئن اچون تہ ٻڌايائين 18 نمبر بس ۾ چڙهي اچو.“ ٻڌايائين تہ ابو، هتي گاڏين جو ڪو مسئلو ڪونھي، هڪٻئي جي پويان منٽ منٽ ۾ بسون اچن ٿيون.
وشال جون ڳالھيون ٻڌي خوشي ٿيندي اٿم تہ ڀلي دنيا جھان ڏسي، تجربا پرائي جيڪي کيس ايندڙ وقت جي عملي زندگيءَ ۾ ڪم ايندا.
[4 اپريل 2017ع]
پشوءَ سان ڳالھہ ٻولھہ ٿي، چيائين تہ ڪمرو بدلايان ٿو. راهول صفا سست آهي. صفائي بہ نہ ٿو رکي ۽ پاڻ سان ڪو سامان سڙو بہ نہ آندو اٿس، سڀ شيون منھنجون ٿو استعمال ڪري. چيومانس گڏجي هڪڙي سائيڪل وٺون، پر اها ڳالھہ بہ نٿو مڃي وغيرہ. چيومانس، جيڪڏهن توکي راهول سان رهڻ ۾ مزو نٿو اچي تہ ڀلي ڪمرو بدلائي. پر روم پارٽنر ڪو سُٺو ڪج. ٻڌايائين تہ هتي بائيڪ هلائڻ نٿا ڏين، گهڻا ماڻھو سائيڪلن تي اچن وڃن، ٻين ڇوڪرن بہ سائيڪلون ورتيون آهن. آءٌ بہ وٺان ٿو. مون کيس ٻڌايو تہ چيني انقلاب جو باني چيئرمن مائوزي تنگ بہ سائيڪل تي پنھنجي آفيس ايندو ويندو هو. اهو نہ رڳو صحت لاءِ سٺو عمل آهي، پر ٻارڻ جي بہ بچت ٿئي ٿي. اڄ مون وشال جي اڪائونٽ ۾ چار هزار جمع ڪرائي ڇڏيا. ٻڌايائين تہ پنج سؤ يوان جم ۾ داخلا وٺڻ تي ڏنم. جم کان سواءِ وشال کي مزو ئي نٿو اچي. ٻڌايائين تہ چيني ٻولي سيکارڻ جا ڪلاس ڇھين اپريل کان شروع ٿيندا. باقي ميڊيڪل جا ڪلاس هلن پيا.
[8 اپريل 2017ع]
رات امرتا ميسيج ڪري چيو تہ سڀاڻي 8 اپريل تي وشال جي سالگرا آهي، مون چيس تہ اٺين مارچ تي هئي. پوءِ چيومانس هاڻ مون کي گهڻو ڪجهہ وسري ٿو وڃي، ٿي سگهي ٿو وشال جي سڀاڻي اٺين اپريل تي سالگرا هجي، مون امرتي ۽ پارس کي چيو تہ وشال کي فون ڪري کيس سالگرا جون مبارڪون ڏجو، پنھنجي پاران بہ ۽ منھنجي پاران بہ. ٿوري دير اڳ پارس ٻڌايو تہ وشال جي دوستن وشال جي سالگرا ملھائي، جنھن جون تصويرون بہ وشال موڪليون آهن. من اڇلَ کاڌي تہ اهي تصويرون ڏسان، پنھنجي پشوءَ کي ڪيڪ ڪاٽيندي ڏسان، پر مون وٽ تہ دٻلي موبائيل آهي، جنھن ۾ واٽسپ جي سھوليت نہ اهي. ان ڪري صبر ئي ڪرڻون پيو. ٻيو تہ هينئر سفر ۾ آهيان. گوجرانوالا وڃي رهيو آهيان، انجمن ترقي پسند مصنفين جي مرڪزي ڪنوينشن ۾ شرڪت جي لاءِ وِشال کي سالگرا مبارڪ.
