اوهان جي لاءِ
ڪيڏو نه مٺڙو ۽ ننڍڙو لفظ آهي؟
۽ زندگيءَ جي معنيٰ؟
ڪيڏي نه وسيع!
جيئن ڪائنات جي وسعت.
ڪيڏي نه سهڻي!
جيئن لطيف جي ٻولي.
ڪيڏي نه سُرهي!
جيئن رابيل جي خوشبو.
ڪيڏي نه محبت ڀري!
جيئن ماءُ جي ممتا.
ڪيڏي نه رنگين!
جيئن ڌرتي جا رنگ.
۽ ڪيڏي نه مختصر ۽ منفرد!
جيئن پرينءَ جي مرڪ
جيئن نينهن جي نهار
جيئن خواب جي ياد
جيئن اڻپورو خط
جيئن منزل جي سوچ
جيئن انتظار جو انت
جيئن پهرينءَ جو چنڊ
جيئن پرهه ڦٽيءَ جو ٻکُ
جيئن سانوڻ جو جُهوٽو
جيئن رسڻ ۽ پرچڻ
جيئن پَهرين مرادَ
جيئن وننگ شاٽ
جيئن پکيءَ جي پهرين اڏامَ
جيئن لڏندڙ لامَ
جيئن چپن جا جام
جيئن آزاديءَ جو گيت
جيئن وڇوڙي جو پَلُ
جيئن رانديڪي جو وجود
جيئن ڌرتيءَ کي سجدو
جيئن انسان جي عزت ۽ عظمت
جيئن آءِ لَو يُو
.....................
اها زندگي ڪٿي آهي؟
ڇا اسين اها زندگي گذاريون پيا؟
يا، ٻي ڪا زندگي جي رهيا آهيون؟ اها زندگي، جنهن ۾ مسئلا ۽ مونجهارا، دک ۽ درد، وڇوڙا ۽ ورلاپ، وڍ ۽ وهه، الجهاءَ ۽ ارمان، بيحسيون ۽ بي وسيون، مجرم ۽ ملزم، ڏوهه ۽ ڏنڀ، گند ۽ ڪچرا، نا انصافيون ۽ نا واجبيون، نا اميدون ۽ نا مرادون، ناڪاميون ۽ ناراضگيون، انڪار ۽ آجيتون، رولڙا ۽ آوارگيون، ڳوڙها ۽ سڏڪا، دوکا ۽ دولاب، مايوسيون ۽ محروميون، بي مروتيون ۽ بي ڍنگيون، ڪٺورتائون ۽ سنگدليون، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ، رهزنيون ۽ ڌاڙا، اغوائون ۽ قتل، نراسيون ۽ نراهه، دلگيريون ۽ دل شڪنيون، سوز ۽ سوزشون، سازشون ۽ شورشون، ڪپتيون ۽ ويساهه گهاتيون، لوڀون ۽ لالچون، ٺڳيون ۽ چوريون، دهشت گرديون ۽ جنگيون، نشا ۽ نڀاڳ، بکون ۽ بيماريون، تاءَ ۽ تپشون، تڪليفون ۽ ملامتون، سوڳ ۽ ماتم، جوائون ۽ جُٺيون، روڄ ۽ راڙا، جفائون ۽ جدايون، ڌڪا ۽ ٿاٻا، جهيڙا ۽ جهڳڙا، نفرتون ۽ ڪلفتون، اوجاڳا ۽ پيڙائون، اونداهيون ئي اونداهيون آهن...
زندگي ڪيئن به آهي: سٺي يا خراب، صحيح يا غلط، ڀلي يا بري، سُکي يا ڏکي، اُجري يا ميري، بي رنگ يا رنگدار، نئين يا پراڻي، انساني يا حيواني، خوبصورت يا بدصورت، باخبر يا بي خبر، روشن يا اونداهه، سُرهي يا ارُهي، دوست يا دشمن، سچيت يا ڪُچيت، سنڍ يا ڳڀڻي، سپتي يا ڪپتي، سچي يا ڪوڙي، محدود يا لامحدود، ڪوجهي يا سهڻي، ترقي پذير يا تنزل پذير، اوچي يا نيچي، سادي يا ڳتيل، پهرينءَ دنيا جي يا ٽين دنيا جي، يا اڃا به ڪجهه ٻي، پر ڪٿي گذارجي پئي، ڪٿي گذري پئي، ته ڪٿي وري گذاري وئي آهي.
ان ڪري اهو سوال گهڻ ـ پاسائون آهي، ته زندگي ڇا آهي؟ ان سوال جو جواب هر ٻئي ماڻهوءَ وٽ ٻيو ٿي سگهي ٿو. تنهنڪري ڇا اهو بهتر نه ٿيندو ته اهو سوچجي ته زندگيءَ کي بهتر کان بهترين ڪيئن ڪجي ۽ ڪاميابيءَ سان ڪيئن گذارجي؟
زندگي گذارڻ هڪ فن آهي ۽ ڪامياب زندگي گذارڻ فن جي اوچائي ۽ اهڙي فنڪاري سڀ ڪنهن کي ناهي ايندي.
هي ڪتاب ”ڪامياب زندگي ڪيئن گذارجي؟“ اهڙي فنڪاري سيکاريندڙ ڪيتريون ئي ڪارگر ڳالهيون ٻڌائي ٿو، جن تي عمل ڪرڻ سان زندگيءَ کي ڪاميابيءَ جي راهه تي هلائي، سفر کي پُر مسرت بڻائي سگهجي ٿو.
هن ڪتاب جا سڀئي مضمون زندگيءَ کي ڪاميابيءَ سان گذارڻ ۽ بهتر ڪرڻ جا ڪارگر ۽ پر اثر طور طريقا وضاحت، فصاحت ۽ مثالن سان پيش ڪن ٿا. انهن مضمونن ۾ گهڻيون ئي ڪارائتيون حقيقتون پڻ آهن جيڪي نون گسن جي نشاندهي ڪن ٿيون. مايوسيءَ جي ڪنن مان ڪڍن ٿيون ۽ اميدن جي شاهه راهه تي آڻن ٿيون. اهي مضمون، ماڻهوءَ کي نه فقط نفسياتي مونجهارن مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر جسماني چستي برقرار رکڻ جي سکيا پڻ ڏين ٿا.
هت انهن مضمونن مان ڪي چونڊ ۽ اهم جملا پيش ڪجن ٿا.
• دولت ۽ خوشي: وندر مان حاصل ٿيندڙ مزو عارضي ڇوٽڪارو هوندو آهي.
• ڇا خدا جو ڪو نعم البدل به آهي؟: سماج جو ضرورتن تي ٻڌل اخلاقيات وقت، حالتن ۽ جڳهن مطابق ڦرندڙ گهرندڙ ئي رهندي.
• وقت جي تالي کي ڪيئن کولجي؟: اهي ماڻهو جيڪي وقت تي پنهنجي پهچ رکن ٿا، سي پنهنجي وقت کي سخت ڪم ڪار ۽ پوءِ واندڪائيءَ م ورهائن ٿا.
• زندگيءَ جو هڪ ٻيو سال ڪيئن گذارجي؟: ذهني ڇڪتاڻ، ذهني تضاد ۽ بي آرام راتيون، اهي سڀ زندگيءَ جي بچاءَ جي بنيادي مقصد لاءِ وڌيڪ هاڃيڪار آهن.
• ڪامياب انسان وقت کي ڪيئن بهتر استعمال ڪندا آهن؟: جيئن جيئن توهان پنهنجي روزاني زندگيءَ جي ڪم ڪارين کي خواهه مخواهه جي جهنجهٽن کان آزاد ڪندا ۽ سڌو سنئون بڻائيندا ويندا، ته نه فقط توهان جو وڌيڪ وقت بچندو، پر توهان جي زندگي به وڌيڪ پر لطف ٿيندي ويندي.
• اهي غلطيون جيڪي ڪامياب انسان نه ڪندا آهن: زندگيءَ ۾ سواءِ سٺن دوستن ۽ مددگارن جي، ڪا به ڪاميابي اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. دوست نه ٺاهي سگهڻ ۽ دوستي نه نڀائي سگهڻ جي صلاحيت ئي اڪثر ماڻهن جي ناڪاميءَ جو سبب هونديون آهن.
• زندگيءَ لاءِ ڪو خواب ڏسو ۽ ان کي حقيقت ۾ بدلايو: ڪاميابيءَ لاءِ جدوجهد ڪنهن مقصد جي مقرر ڪرڻ کان پوءِ ئي شروع ٿيندي آهي... اهو ضروري آهي ته توهان پاڻ کي تصوراتي طور تي اهو مقصد پورو ڪندي ڏسو... اسان جون زندگيون ڪاميابيءَ لاءِ آهن، نه فقط انهن ڪاميابين مان مزو ماڻڻ لاءِ، پر انهن جو جستجو لاءِ به.
• پنهنجي ذهني توانائي ڪيئن وڌائجي؟ اسان جي ذهانت لاءِ مقرر ڪيل رواجي معيار ڪنهن به فرد جي ذهانت چڪاسڻ لاءِ تمام نا ڪافي آهن... وڏا تخليقي ۽ ذهين ماڻهو عام ڪري کليل ذهن وارا، آزادي پسند، تصوراتي ۽ مزاح پسند هوندا آهن.
• توهان ذهني طور ڦڙت رهي سگهو ٿا: روزمره جي هڪجهڙي زندگيءَ کا مايوسي، جلد ئي ذهانت جو خاتمو آڻيو ڇڏي... دماغي لچڪ ۽ بهتريءَ ڏانهن رغبت اهڙا عنصر آهن جيڪي دماغ کي متحرڪ رکندا اچن ٿا.
• ذهني ڇڪتاڻ؟ توهان ان سان منهن ڏئي سگهو ٿا: ذهني ڇڪتاڻ ۾ سٺي نموني گذارڻ لاءِ سڀ کان ڪارآمد شي آهي پاڻ تي ضابطو ۽ ڪنٽرول رکڻ.
• ٿَڪَ سان منهن مقابل ٿيڻ جا 5 ـ طريقا: ٿڪاوٽ ڀل توهان کي جسماني محسوس ٿئي، پر اها عام طور تي ذهني ڇڪتان جي به هڪ وڏي نشاني هوندي آهي. خاص ڪري ڊپريشن / گهٻراهٽ ۽ ڪاوڙ ان جا وڏا سبب هوندا آهن.
• مردن جي بابت جنسي راز...: پيار ڪرڻ ۽ جنسي لطف اندوزيءَ ۾ فرق آهي... عورتون پيار ڪرڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏينديون آهن. ان جي ابتڙ مرد خودبخود ارپيل جنسي لطف اندوزيءَ کي وڌيڪ چاهيندا آهن.
• پنهنجن جوان ٻارن کي جنسيات سان منهن ڏيڻ ڪيئن سيکارجي؟: ٻار عام طور پنهنجي پيءُ ماءُ کي ماڊل طور استعمال ڪندا آهن... توهان جي ٻار کي اهو احساس هجي. ته ڪنهن به موضوع تي هو توهان سان ڳالهائي سگهي ٿو... اهو بلڪل ٿي سگهي ٿو ته هو توهان وارو رستو اختيا نه ڪن، پر هو توهان جي اصولن سان سچا رهندا، پنهنجي وقت ۽ حالتن پٽاندر.
• انسان جو وجود...: پنهنجن پسنديده سوچن کي وري وري ورجائڻ ئي آهستي آهستي اسان جي ذهن کي نون احساسن لاءِ آماده ڪري ڇڏيندو آهي ۽ صحتمند ذهن هوريان هوريان اتي اچي پهچندو آهي، جتي هو ماضيءَ ڏانهن ڳوڙهن ڀريل اکين بدران پيار ڀري مرڪ سان نهاريندو آهي.
• ڇا توهان پاڻ کي جسماني طور بهتر ڏسڻ چاهيو ٿا؟: ورزش کان اڳ ۾ پنهنجي جسم کي گرمائڻ تمام ضروري آهي. اهو ٿي نه ٿو سگهي ته توهان جسم کي ساڻائيءَ واري حالت مان هڪدم ڦڙتيءَ واري حالت ۾ آڻي سگهو.
هر هڪ مضمون جو عنوان ۽ مواد ايڏو ته عام فهم آهي جو ان بابت ڪنهن ڳوڙهي سوچ ويچار ۽ ڇنڊ ڇاڻ جي گهرج محسوس نه ٿي ٿئي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو مون مضمونن بابت الڳ الڳ ويچار ونڊڻ کان ڪنارو ڪيو آهي.
هنن مضمونن جي هڪ انفراديت اها به آهي ته اهي سڀئي مضمون ”ريڊرس ڊائجسٽ“ (Reader`s Digest) جي مختلف شمارن تان ترجمو ڪيل آهن. ”ريڊرس ڊائجسٽ“ مشهور بين الاقوامي رسالو آهي، جيڪو دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾، هر مهيني لکن جي تعداد ڇپيو آهي ۽ جنهن کي ڪروڙين ماڻهو پڙهندا آهن. ان رسالي جي مختلف شمارن تان، جن جي نشاندهي لڳ ڀڳ هر مضمون جي آخر ۾ ڪيل آهي، هي اهم مضمون، نوجوان کاهوڙي ليکڪ ۽ مترجم، سڄڻ، انجنيئر شفقت حسين وڌي صاحب سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيا آهن، ته جيئن سنڌي پڙهندڙ به انهن مضمونن مان لاڀ پرائي سگهن ۽ پنهنجين زندگين کي ڪاميابين، ڪامرانين ۽ مسرتن سان ڀرپور بڻائي سگهن.
انجنيئر شفقت حسين وڌي صاحب جو هن ڪتاب کان اڳ، هڪ ٻيو اهم ڪتاب ”آبشار“ (2000ع) پڙهندڙن ۾ بيحد مقبوليت ماڻي چڪو آهي جيڪو جڳ مشهور لبناني فلسفي جبران خليل جبران جي پهرين عربي منظوم مجموعي ”المواڪب“ جي انگريزي ترجمي بعنوان ”دَ پروسيشن“ (The procession) جو سنڌي ترجمو هئو.
سنڌي ٻوليءَ ۾ وديسي ٻولين جي ڪتابن جا ترجما گهڻي ڀاڱي اردو ٻوليءَ ۾ ٿيل ترجمن تان ڪيا وڃن ٿا، جنهنڪري مواد ۾ ڏنل سچو فڪر ۽ فن پنهنجي حقيقي سونهن وڃائي، ميڪ اپ زده ٿي، بگڙيل روپ اختيار ڪري ٿو، پر شفقت صاحب ائين ناهي ڪيو. هن اردوءَ جي اڻ ـ سونهين پُل جي مدد وٺڻ بدران، سنئون سڌو انگريزيءَ مان هي مضمون سنڌي ٻوليءَ جي لباس ۾ آندا آهن (خيال ساڳيا آهن. ٻولي ٻي آهي) جنهن لاءِ شفقت صاحب جَس لهڻي.
شفقت صاحب لفظن سان گڏ رنگن جي ٻولي ڳالهائيندڙ، خوبصورت نقاش به آهي. سندس پينٽنگس جي نمائش، 2001ع ۾، لاڙڪاڻي، ، ”مڌر گيلريءَ“ ۾ ٿي. جنهن ۾ هن جي شهڪارن کي گهڻي دلچسپيءَ، مان ۽ شان سان ڏٺو ۽ پسند ڪيو ويو. سندس اڪثر شهپارا شاهه لطيف، عمر خيام، خليل جبران ۽ شيخ اياز جي چونڊ شعرن جي عڪاسي ڪندڙ پڻ آهن.
رياضت ٻرڙو
8 ـ آڪٽوبر 2002ع
قمبر