سيلف ڊولپمينٽ

ڪامياب زندگي ڪيئن گذارجي؟

ڪتاب ”ڪامياب زندگي ڪيئن گذارجي؟“ جو سنڌيڪارانجنيئر شفقت حسين وڌو آهي، ياد رهي ته هي ڪتاب ريڊرس ڊائيجسٽ تان ترجمو ڪيل مضمونن تي مشتمل آهي.
زندگي گذارڻ هڪ فن آهي ۽ ڪامياب زندگي گذارڻ فن جي اوچائي ۽ اهڙي فنڪاري سڀ ڪنهن کي ناهي ايندي.
هي ڪتاب ”ڪامياب زندگي ڪيئن گذارجي؟“ اهڙي فنڪاري سيکاريندڙ ڪيتريون ئي ڪارگر ڳالهيون ٻڌائي ٿو، جن تي عمل ڪرڻ سان زندگيءَ کي ڪاميابيءَ جي راهه تي هلائي، سفر کي پُر مسرت بڻائي سگهجي ٿو.
Title Cover of book ڪامياب زندگي  ڪيئن گذارجي؟

ذهني ڇڪتاڻ؟ توهان ان سان منهن ڏئي سگهو ٿا

[b] ذهني ڇڪتاڻ؟ توهان ان سان منهن ڏئي سگهو ٿا
[/b]
Stress? You can manage it
By: Peter G. Hanson

فيملي ڊاڪٽر هئڻ جي ناتي، اها منهنجي خوش نصيبي آهي ته مان ماڻهن جي اصلي زندگيءَ جا حقيقي روپ ڏسي سگهان ٿو. منهنجا تقريبن 4000 مريض آهن ۽ تقريبن ٻيا 50 مريض پنهنجي اسپتال، آفيس يا سندن گهر ۾ روز ڏسندو آهيان. مون اهو ڏٺو ته نه فقط ڪهڙي بيماري ڪهڙي مريض کي هئي، پر اهو به ڏٺم ته ڪهڙي قسم جو مريض هر بيماري لاءِ پسنديده مريض هيو. هڪڙو عام جزو جيڪو بيمار ماڻهن ۾ عام طور هوندو هيو، اهو هيو ته انهن جو پنهنجي زندگيءَ سان غلط رويو، خاص ڪري ذهني ڇڪتان سان منهن ڏيڻ جو طريقو درست نه هيو.
ذهني ڇڪتاڻ هڪ خاص ذاتي ردعمل آهي. ڪو به واقعو ڪنهن خاص ماڻهوءَ کي مثبت ذهني ڇڪتاڻ ڏئي سگهي ٿو، ته وري ساڳيو ئي واقعو ٻئي ماڻهوءَ کي منفي ذهني ڇڪتاڻ ۾ مبتلا ڪري سگهي ٿو. سو ذهني ڇڪتاڻ شاندار به ٿي سگهي ٿي ۽ شديد نقصانڪار به.
توڻي جو اڄڪلهه ميڊيا ان باري ۾ ڪافي وٺ پڪڙ ڪئي آهي، پر پوءِ به اڪثر ماڻهن وٽ انهي صورتحال سان وقت تي منهن ڏيڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو. سو خيال ڪريو. جيڪڏهن توهان وقت تي انهن ذهني مونجهارن کي منهن ڏئي نه ٿا سگهو، ته پوءِ شڪست لاءِ تياري ڪري وٺو، جنهن ۾ توهان کي ڪا بيماري لڳي سگهي ٿي يا موت ذرا جلدي اچي ويندو.
ذهني ڇڪتاڻ ۾ سٺي نموني گذارڻ لاءِ سڀ کان ڪارآمد شي آهي پاڻ تي ضابطو ۽ ڪنٽرول.
هڪ تجرباتي پراجيڪٽ ۾ ٻه گروپ ٺاهيا ويا. هڪ گروپ جي ڪم ڪرڻ دوران، هنن جي ڀرسان هڪ ٽيپ رکي وئي، جنهن ۾ هل هنگامو، مشينن جو آواز ۽ نامانوس ٻولين جا آواز، جيڪي ذهن کي درهم برهم ڪري سگهن ٿا، ڀريل هئا، هلائي وئي. ٻئي گروپ وٽ ٽيپ سميت هڪ بٽڻ به هيو، جنهن ذريعي هو انهن آوازن کي ڪهڙي وقت به بند ڪري سگهيو ٿي.
ٻيو گروپ، وٽ بٽڻ هيو، ان جي پيداوار پهرين گروپ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هئي، جنهن وٽ اهو ڪنٽرول جو بٽڻ ڪو نه هيو. هتي مزيدار ڳالهه اها هئي ته حقيقت ۾ ڪنهن به اهو ڪنٽرول بٽڻ ڪو نه دٻايو هيو. فقط اهو ئي آسرو ته بٽڻ موجود آهي، ڪافي هيو.
هتي هي سبق ملي ٿو: اهو تمام ضروري آهي ته هر ڪنهن وٽ اهڙا ذاتي ”ڪنٽرول بٽڻ“ هئڻ کپن. انهن جي هجڻ سان توهان آرام سان پنهنجي چوگرد موجود ڇڪتاڻ سان گڏ گذاري سگهو ٿا. اهو سکڻ تمام ضروري آهي ته انهن ڳالهين کي نظر انداز ڪيو، جن تي توهان ڪنٽرول نه ٿا ڪري سگهو ۽ اهڙين ڳالهين تي ڪنٽرول ڪرڻ سکو، جن تي توهان ڪنٽرول ڪري سگهو ٿا.
اهم ڳالهه اها آهي ته توهان پنهنجي زندگيءَ ۾ رونما ٿيندڙ واقعن جي اڪثريت تي ڪنٽرول ڪري سگهو ٿا.
هيٺ ست اهڙا نقطا ڏنل آهن جيڪي توهان کي اهڙي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ بنياد ٿي سگهن ٿا. پر عموماً انهن سڀني نقطن ۾ توهان جي طرفان شعوري ڪوشش تمام ضروري آهي. آهستي آهستي اهي توهان جي ذهن جي اهڙي عادت ٿي ويندا جهڙي طرح ڪي خراب عادتون پنهنجو پاڻ ٿيو وڃن. مثال طور دٻاءَ ۾ هٿ تڪڙو سگريٽ ڏانهن وڌڻ يا ڪا ننڊ جي گوري وٺڻ وغيره. اهڙيءَ طرح توهان پنهنجي زندگيءَ جا ڪيئي سال وڌائي سگهو ٿا. جيڪڏهن توهان انهن جبلتن تي مهارت حاصل ڪيو ته پوءِ توهان سخت دٻاءَ ۾ به ذهني ڇڪتاڻ مان مزو حاصل ڪري سگهو ٿا.

[b]1. مزاح جي حس
[/b] تجربن وسيلي ثابت ٿيو آهي ته کلڻ جي ڪري جسم ۾ اينڊروفن جي ليول وڌي ٿي، جنهنڪري جسم ۾ سور جي تڪليف گهٽجيو وڃي ۽ نتيجي ۾ بيماريءَ خلاف بدن ۾ مدافعت وڌيو وڃي. کل توهان کي توهان جي مسئلن جا نوان رخ به ڏيکاريندي، خاص ڪري جڏهن توهان پنهنجو پاڻ تي کلو.

[b]2. متناسب ۽ صحيح غذا
[/b] ڇڪتاڻ کي منهن ڏيڻ لاءِ صحيح غذا واپرائڻ تمام ضروري آهي، جنهن سان گهربل مقدار ۾ ڪئلريون به ملن ۽ توهان جو گهربل وزن به برقرار رهي. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته 50% ڪاربو هائيڊريٽ (چانور، پٽاٽا ۽ اهڙيون ٻيون شيون)، 30-35% گيهه/ تيل، 15-20% پروٽين (گوشت، داليون، کير ۽ ٻيون شيون)، 50gm فائبر/ ڌاڳيدار شيون جهڙوڪ: پالڪ، ساون پنن واريون سبزيون وغيره، وٽامن ۽ معدنيات مناسب مقدار ۾ ۽ خاص ڪري پاڻيءَ جا 8 گلاس روزانو واپرائجن.

[b]3. مختلف شغل
[/b] ذهني ڪشمڪش مان نڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ٻي ڪنهن اهڙي شغل ۾ مصروف ٿي وڃجي جنهن ۾ ايتري ئي ڪشمڪش هجي، پر ان ۾ ذهن ۽ جسم جا مختلف حصا ڪم ڪن. مثال طور ٽينس جو رانديگر اسٽاڪ مارڪيٽ جي ڪاروبار ۾ پناهه وٺي سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح هڪ اقتصاديات جو ماهر وري ٽينس کيڏي ذهن جو بار هلڪو ڪري سگهي ٿو ۽ پنهنجي عام وهنوار مان نڪري سگهي ٿو.

[b]4. ٿيڻ جوڳا مقصد مقرر ڪرڻ
[/b] اهو تمام ضروري آهي ته ماڻهو پنهنجا مقصد واضح طريقي سان مقرر ڪري، پر اهي مقصد پوري ٿيڻ جوڳا به هجن. صحيح طور تي مقصد اهو ئي مقرر ڪري سگهندو جنهن کي پنهنجي خبر صحيح طور تي هوندي. جيڪڏهن توهان ماڻهن سان واسطيداري رکڻ چاهيو ٿا ته پوءِ توهان باقي زندگي ڪنهن ڪمري ۾ بند ٿي ڪري ڪو نه گذاريندؤ. اهڙيءَ طرح حقيقت پسند مالياتي مقصد خوشيءَ لاءِ پڻ تمام اهم آهن. اندازو لڳايو ته توهان سال، ٻن ۽ پنجن کان پوءِ ڪٿي هوندؤ. پوءِ پنهنجي مقصد جي حصول لاءِ ٽائيم ٽيبل ٺاهيو.

[b]5. سڪون حاصل ڪرڻ جو فن
[/b] ڇا توهان دٻاءَ جي باوجود سڪون سان هوندا آهيو؟ جيڪڏهن نه، ته توهان تازه دم ڪندڙ ٿوري ننڊ ڪرڻ جو فن سکو. گهڻا ماڻهو ٻن هفتن جي وئڪيشن ملهائي تازه دم ٿيندا آهن. ڪي وري هفتي ۾ هڪ ڏينهن مڪمل آرام ڪري تازا توانا ٿي ويندا آهن، ته ڪي اهڙا ماڻهو به هوندا آهن جيڪي روزانو ڪم کان پوءِ شام جو پاڻ کي آرامده محسوس ڪندا آهن، پر توهان ڪي اهڙا جوان به ڏٺا آهن جيڪي ڏهن تائين انگ ڳڻيندي ڪجهه لمحن لاءِ اگهور ننڊ ۾ اچي وڃن ۽ پوءِ جاڳڻ تي پاڻ کي تازه دم محسوس ڪن؟ اهڙي قسم جي ڪجهه لمحن واري ننڊ توهان جي نبض ۽ ساهه کڻڻ جي رفتار کي گهٽائيندي آهي ۽ جسم اندر ڇڪتاڻ جي مدافعت لاءِ ڪافي قدرتي ماحول پيدا ڪندي آهي.

[b]6. پنهنجي پيشي جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ۽ تياري
[/b] صحيح نوڪريءَ ۾ توهان کي پنهنجي ذهانت جي مڪمل اوچائيءَ تي هئڻ کپي ۽ ان نوڪريءَ سان وابسته هنر مڪمل طور تي توهان کي اچڻ کپن. صحيح تياري توهان کي پنهنجي نوڪريءَ ۾ وڏي اطمينان ڏيندي. ان سان گڏوگڏ اهو به فائدو توهان کي ٿيندو ته توهان ۾ دٻاءَ جي ليول گهٽجي ويندي.

[b]7. آسوده گهريلو زندگي
[/b] جيڪڏهن توهان پنهنجن دوستن جي دائري کي مضبوط رکڻ ۾ ڪافي توانائي ۽ وقت صرف ڪيو آهي ۽ توهان کي گهر جي طرفان ڪافي ٽيڪ آهي ته پوءِ روزانو واري دٻاءَ کان توهان کي ڪافي ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو. ان جو مقصد اهو آهي ته توهان جيڪڏهن گهريلو طور تي مطمئن آهيو ته پوءِ توهان کي روزانو ڪم ڪار جي دٻاءَ کان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو. جيڪو سال ۾ هڪ دفعو وئڪيشن ملهائڻ کان گهڻو وڌيڪ بهتر آهي.
اها ڳالهه توهان جي پنهنجي چونڊ تي ڇڏيل آهي. توهان پاڻ کي ڪنهن به دٻاءَ ۽ ڇڪتاڻ کي منهن ڏيڻ لاءِ مضبوط ڪري سگهو ٿا، جنهن سان توهان وڌيڪ بهتر ۽ ڊگهي زندگي گذاري سگهو ٿا، پر شعوري ڪوشش سان هيٺ ٽي خاص اصول ڏنل آهن، جن سان توهان ڇڪتاڻ کي منهن ڏئي سگهو ٿا.
1. پاڻ کي ٽيڪ ڏيندا اچو
ننڍڙا ننڍڙا انعام وڌيڪ اهم آهن، بنسبت ڪنهن وڏي انعام جي، جيڪو سالن جي قربانيءَ کان پوءِ مليو هجي. اها ڳالهه اسان سڀ ڄاڻون به ٿا. خاص ڪري ٻارن جي پالنا ۾ به اها ڳالهه اهم هوندي آهي.پر اهو وڏو الميو آهي ته ساڳيو اصول اڪثر ڪري اسان پاڻ تي لاڳو ڪو نه ڪندا آهيون. سالن جا سال محنت ڪرڻ ۽ ڪنهن وڏي مقصد لاءِ لڳاتار ڪوشش توهان جي صلاحيتن کي ڪافي ڪمزور ڪري سگهي ٿي ۽ توهان ذهني دٻاءَ جو شڪار به ٿي سگهو ٿا. سو ان وچ ۾ پنهنجين ننڍڙين ڪاميابين تي خوش ٿي ڪري پاڻ لاءِ جشن ملهايو.
2. ڀتين کي پٿر هڻڻ بند ڪريو
انهن سڀني وڻندڙ پر ڪنٽرول ۾ نه اچڻ جوڳن جوازن کي نظرانداز ڪرڻ سکو. عام طور تي ائين ٿيندو آهي جو لاشعوري طور تي ماڻهو پنهنجن مسئلن ۽ ذهني ڇڪتاڻ جو ڪارڻ اهڙين حالتن کي سمجهڻ شروع ڪندا آهن جن کي ڪو به تبديل ڪو نه ڪري سگهندو آهي، پر جيڪڏهن توهان پنهنجي ذهن جي تربيت اهڙيءَ طرح ڪندؤ جو ان ڀت جي پٺيان ڏسي سگهو ته پوءِ توهان کي پنهنجن مسئلن جي اصل سببن جي خبر پوندي ۽ توهان اهو به محسوس ڪندؤ ته توهان انهن سان منهن به ڏئي سگهو ٿا.
3. فقط انهن ڳالهين لاءِ پريشان ٿيو جن تي توهان جو ضابطو نه آهي
حقيقي طور ضابطي ۾ نه اچڻ جهڙيون حالتون جهڙوڪ قدرتي مصيبتون، ٻوڏون، طوفان وغيره ۽ واقعي خراب قسمت وغيره ڇڪتاڻ ۽ دٻاءُ پيدا ڪري سگهن ٿيون پر خوش قسمتيءَ سان اهي واقعا گهٽ ئي ٿيندا آهن.
مستقبل لاءِ ايترو به پريشان نه ٿيو، ڪجهه ان جا روشن پهلو به ڏسو. پنهنجو پاڻ کي هلائڻ ۾ چستيءَ وارو رول اختيار ڪريو ۽ سڄي حياتي ڪنهن موڳي سياح جيان مٽر گشت ڪندي نه گذاريو.

(ڊسمبر 1989ع تان ورتل)