مردن بابت جنسي راز، جيڪي عورتن کي معلوم هئڻ کپن
[/b]
Sex secrets about men-women should know
By: Barbara De Angelis
لڳ ڀڳ سورهن سالن کان وٺي آءٌ هزارين عورتن ۽ مردن کي هڪ ماهر جي حيثيت سان صلاح مشورا ڏيندي رهي آهيان. ان دوران انهن کان مون ڪافي ڪجهه سکيو آهي ته رشتا ڪيئن ٽٽن ۽ ڳنڍجن ٿا. ڪافي اهڙا مشاهدا حاصل ٿيا جن مان اها خبر ٿي پئي ته مرد ائين ورتاءُ ڇو ٿا ڪن. جنهن مرد سان گڏ توهان زندگي گذاري رهيون آهيو ان کي وڌيڪ پر لطف بنائڻ لاءِ آءٌ توهان کي پنج راز ٻڌائي رهي آهيان.
[b]1. مرد جڏهن جذباتي طور ڪنهن ڳالهه جو اظهار نه ڪري سگهندا آهن، ته هو جنسي اظهار ڪندا آهن.
[/b] ڪافي مرد اهڙين جذباتي ڳالهين بابت ڳالهائي نه سگهندا آهن. مثال طور خوف، نا اميدي، هراس، وغيره. سو هو جنس کي انهن اڻ ڳالهايل جذبن جي نيڪال جو ذريعو بنائيندا آهن.
اهڙن لمحن دوران ويجهو ٿيڻ ڪڏهن ڪڏهن مسئلا پيدا ڪري ڇڏيندو آهي. مڙس جسماني آسودگي حاصل ته ڪندو آهي پر اندروني طور هو ساڳئي جذباتي ڇڪتاڻ ۾ هوندو آهي. جڏهن ته زال محسوس ڪندي آهي ته سندس مڙس ساڻس زيادتي ڪئي آهي، جو فقط پنهنجي فرسٽريشن کي ختم ڪرڻ لاءِ هن کي استعمال ڪيو اٿائين. سالن تائين مان بي انداز مردن کان اهو سوال پڇيو ته، ”هو جڏهن اهڙي صورتحال ۾ پنهنجي زال سان همبستري ڪندا آهن ته سندن ڪهڙا احساس هوندا آهن؟“ سندن جواب اهو هوندو آهي ته، ”سندن پاسي ۾ ڪو هجي. جنسي طور طريقو ئي اهو ذريعو هوندو آهي جنهن سان کين ٻيهر اطمينان ۽ ويجهڙائي حاصل ٿيندي آهي.“
گيري ۽ فرن جو مثال وٺو. هڪ دفعي فرن ٻڌائڻ لڳي. ”جڏهن به گيري ڪنهن ڳالهه تي منجهيل هوندو آهي ته هو ان متعلق ڪو نه ڳالهائيندو آهي، ان بجاءِ هو جنسي طور مشتعل ٿي ويندو آهي.“ گيري به اها ڳالهه مڃي، ته فرن صحيح آهي. هڪٻئي جي نقطي نظر سمجهڻ کان پوءِ هي جوڙو مطمئن ٿي ويو. بعد ۾ فرن ٻڌايو، ”هاڻي جڏهن به گيري ڪنهن ڇڪتاڻ ۾ مبتلا هوندو آهي ته اسين ٻئي ڪجهه وقت ڪڍي هڪٻئي جي آغوش ۾ سهارو وٺندا آهيون ۽ ڪجهه دير کان پوءِ اسين واقعي هڪٻئي جي ويجهو وڌيڪ حقيقي طرح سان اچي ويندا آهيون.“
ٻئي دفعي جڏهن توهان اهو محسوس ڪيو ته توهان جي مڙس جي اڳرائيءَ ۾ ڪي دٻيل جذبا حڪم ڪندڙ آهن، ته ڪوشش ڪري هن کي سهارو ڏئي، پوءِ هن جا ڏک سک اوريو. پهريان چئو: ”پيارا مون کي پنهنجي آغوش ۾ جهل.“ پوءِ هن کان پڇو ته هن جي دماغ ۾ ڪهڙا لاوا پچي رهيا آهن. ائين توهان ٻئي پاڻ کي وڌيڪ ويجهو محسوس ڪندا ۽ ان کان پوءِ ٿيندڙ پيار ۾ اصل مزو به هوندو.
[b]2. مرد پر اعتماد عورتن لاءِ خاص ڪشش محسوس ڪندا آهن
[/b]ڪافي عورتون اها شڪايت ڪنديون آهن ته سندن مڙس هنن جي ڪا به تعريف ڪو نه ٿا ڪن، جوڙيءَ جي حيثيت ۾ فقط مڙس جي ڳالهه کي وزن رهي ٿو ۽ کين نظر انداز ڪيو ٿو وڃي. جڏهن ته عام طور اهو ظاهر هوندو آهي ته عورتون ڄاڻي واڻي پاڻ گهٽ رول ادا ڪنديون آهن، جيئن سندن مڙس پاڻ کي وڌيڪ اهم سمجهن.
هزارين لائق (ٽئلنٽيڊ) عورتون فقط ان ڪري ڪو خاص ڪم ڪار نه ڪنديون آهن ته جيئن هو پنهنجن ويجهن لاءِ گهٽ ٿي ڪري، وڌيڪ پر ڪشش لڳن. ان جي ابتڙ هنن جا ساٿي هنن جي انهيءَ رويي کي ڏيکاءُ واري نماڻائي سمجهي، کانئن دوري اختيار ڪندا آهن.
اهي مرد جيڪي تربيت جي لحاظ کان قابل هوندا آهن سي عام ڪري پاڻ جهڙين عورتن ڏانهن ئي ڇڪبا آهن. سوين مردن کان مون اهو سوال پڇيو ۽ لڳ ڀڳ سڀني اهو جواب ڏنو ته پر اعتماد عورتون کين وڌيڪ وڻنديون آهن. مان عورتن کي اها صلاح ڏيندي هيس ته اهي پنهنجين صلاحيتن، سٺين خصوصيتن ۽ ڪاميابين جي باري ۾ لکن ۽ پوءِ اها لسٽ پنهنجن مڙسن کي ڏيکارين. هنن جي رپورٽ مطابق، هنن جا مڙس سندن انهن سٺن انڪشافن تي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ انهن عورتن کي وڌيڪ پيار مليو.
[b]3. مرد پاڻ سان ٻارن جهڙو رويو پسند نه ڪندا آهن
[/b] جيترو گهڻو توهان پنهنجي مڙس جي ماءُ وارو ڪردار ادا ڪنديون، هو به توهان سان اهو ورتاءُ اختيار ڪندو. هن جو توهان لاءِ رومانس محسوس ڪرڻ تقريباً جڏهن توهان هن جي ڪپڙن تان مٽي ڇنڊي رهيون هجو يا هن کي روزمره جا ڪم ياد ڏيارينديون هجو، مطلب ته هن سان ٻار جيان ورتاءُ ڪنديون هجو.
آخر عورتون ماءُ وارو ڪردار مردن سان ڇو اختيار ڪنديون آهن؟ هڪڙي عورت هيئن بيان ڪيو، ”جڏهن مون کي احساس ٿيڻ لڳندو آهي ته مڙس مون تي گهڻو ڌيان نه ٿو ڏي ته مان خودبخود ماءُ واري رول ۾ اچي ويندي آهيان، هن جي پسند جا کاڌا تيار ڪندي آهيان، سندس ڪمري جو سامان سهيڙيندي آهيان ۽ موٽ ۾ مون کي ان ٿورائتي پٽ وارو شڪريو ملندو آهي.“
زندگيءَ جي شروعاتي اوسر دوران پنهنجي ماءُ کي ڏسندي توهان ٻين جي گهرجن جو خيال رکڻ سکيو هيو. جڏهن توهان جو سٻنڌ ڪنهن مرد سان ٿيو ته لاشعوري طور تي توهان هن سان ماءُ وارو ورتاءُ ڪرڻ شروع ڪنديون. پر جيترو توهان ماءُ جو ڪردار وڌيڪ ادا ڪنديون، اوترو ئي توهان جي مڙس لاءِ توهان کي ڪنهن جذباتي انداز ۾ ڏسڻ ڏکيو ٿيندو.
اها عادت ڪيئن ترڪ ڪجي؟ جڏهن توهان جو مڙس توهان کان اهو پڇي ته هن جون چاٻيون ڪٿي آهن، ته پاڻ تي دٻاءُ وجهندي کيس نرميءَ سان جواب ڏيو ته ”مون کي خبر ڪونهي.“ کيس ڇڏيو ته ڀلي پاڻ ڏسي. هروڀرو هن جي پويان نه ڦرو ۽ نه ئي کيس ڪپڙن بابت صلاح ڏيو ته کيس ڇا پائڻ کپي. ان جي بدران هن کي باشعور، قابل ۽ با اعتماد انسان جيان سمجهي اهڙو ورتاءُ ڪيو.
شروع شروع ۾ زندگي ۾ ڪجهه گڙٻڙ ضرور ٿيندي، پر آهستي آهستي کيس اهو احساس ضرور ٿيندو ته اهي ڳالهيون هوءَ هن لاءِ ڇڏي رهي آهي، ته ڀلي هو پاڻ انهن جو خيال ڪري. هو وري توهان کي ان عورت جي روپ ۾ ڏسڻ شروع ڪندو، جنهن کي هن پسند ڪيو هيو.
[b]4. مرد انهن عورتن کي چاهيندا آهن جيڪي جسماني طور هنن مان لطف حاصل ڪنديون آهن
[/b] پيار ڪرڻ ۽ جنسي لطف اندوزيءَ ۾ فرق آهي. منهنجن ڪيترن ئي ورتل انٽرويوئن ۾ اها ڳالهه بنهه چٽي ٿي پئي ته عورتون پيار ڪرڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏينديون آهن، ان جي ابتڙ مرد خودبخود ارپيل جنسي لطف اندوزيءَ کي وڌيڪ چاهيندا آهن.
ڪيرين ۽ ٽم ٻئي تقريبن 30 سالن جا آهن. هو ٻئي پنهنجي شادي شده زندگيءَ بابت شڪايتون کڻي مون وٽ آيا. ڪيرين جي خيالن ۾ ٽم فقط جسني آسودگيءَ ۾ خوش هيو، جڏهن ته ٽم کي ڪيرين کان اها شڪايت هئي ته هن فقط رومانس ٿي چاهيو.
ڪيترين ٻين عورتن جيان ڪيرين به اهو سمجهيو هيو ته جڏهن ٽم جنسي طور هن کي استعمال ڪندو هيو، ته ان وقت هن کي ڪيرين لاءِ ڪو به پيار جو جذبو ڪو نه هوندو هيو. پر حقيقت ان جي ابتڙ هئي. ٽم جي چوڻ موجب جڏهن به هو جذباتي هوندو هيو ته پنهنجي زال لاءِ وڌيڪ پيار محسوس ڪندو هيو.
هو ٻئي هڪ تجربي تي راضي ٿيا. ٽم هن سان پنهنجي پيار جو اظهار ڪندو هو ۽ هوءَ ان دوران جسماني طور تي هن مان وڌيڪ لطف حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. ان جو نتيجو تڪڙو ۽ حيرت انگيز نڪتو. ڪيرين ٻڌايو ته هن کي پوءِ اندازو ٿيو ته جڏهن سندس مڙس هن جي ضرورت محسوس ڪندو هيو ته ان وقت واقعي هو کيس وڌيڪ چاهيندو هيو.
[b]5. آخر ڇو مڙس بعد ۾ مختلف ورتاءُ ڪندو آهي؟
[/b] هڪڙي عورت ٻڌايو ته جنسي پيار ڪرڻ پڄاڻان سندس مڙس بستري تان هڪدم ٽپو ڏئي اٿندو آهي. هن جي چوڻ مطابق اتي وڌيڪ سمهڻ هن کي بي قرار ڪري ڇڏيندو آهي. پر زالهنس کي اهو گمان هيو ته هو هن کان نفرت ٿو ڪري. ان ڪري اها دوري اختيار ٿو ڪري.
ڪيترين ئي عورتن اها شڪايت ڪئي آهي ته پيار پڄاڻان سندن مڙس هنن کان دور ٿي ويندا آهن. اها ڳالهه هو سمجهي نه سگهيو ته مرد ائين پنهنجي جذبات تي ٻيهر ڪنٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ ڪندا آهن. هڪ طاقتور ذاتي تصور مرد لاءِ تمام ضروري ۽ اهم آهي ۽ پنهنجي بچاءَ کي مڪمل طور تي ڦٽو ڪرڻ هن لاءِ نفسياتي طور تي تمام هاڃيڪار ثابت ٿيندو.
هڪ مرد جنهن جو مون علاج ڪيو هيو، مون کي ٻڌايو ته ”پيار ئي هڪ اهڙو فعل آهي جنهن ۾ مان پاڻ کي جذباتي طور مڪمل آزاد محسوس ڪندو آهيان، پر ان کان پوءِ مون کي محسوس ٿيندو آهي ته پاڻ کي مجتمع ڪيان ۽ ٻيهر مرد بڻجان.“
جيڪڏهن اها ڳالهه توهان کي سجهي وئي آهي ته پوءِ ڪنهن نه ڪنهن سمجهوتي تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو. ڪجهه جوڙن اهو محسوس ڪيو ته مڙس کي گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه منٽن جي خاموشي ڏيڻ تمام ضروري آهي. ان کان پوءِ ئي هن سان ڪا ڳالهه ٻولهه ڪري سگهجي ٿي. ان ضرورت کي سمجهڻ کان پوءِ توهان پنهنجين گڏ گذاريل خاموش گهڙين کي وڌيڪ بهتر سمجهي سگهندو.
هاڻي جڏهن توهانکي هنن رازن جي خبر پئجي چڪي آهي، ته انهن کي استعمال ڪري پاڻ مان ويڇا ختم ڪريو، ڇو جو مرد يا عورت نيٺ به ته ساڳي ڳالهه چاهيندا آهن يعني پنهنجي ويجهي ماڻهوءَ سان پيار ڪرڻ ۽ جواب ۾ پيار جي موٽ.
(مئي 1991ع تان ورتل)