سيلف ڊولپمينٽ

ڪامياب زندگي ڪيئن گذارجي؟

ڪتاب ”ڪامياب زندگي ڪيئن گذارجي؟“ جو سنڌيڪارانجنيئر شفقت حسين وڌو آهي، ياد رهي ته هي ڪتاب ريڊرس ڊائيجسٽ تان ترجمو ڪيل مضمونن تي مشتمل آهي.
زندگي گذارڻ هڪ فن آهي ۽ ڪامياب زندگي گذارڻ فن جي اوچائي ۽ اهڙي فنڪاري سڀ ڪنهن کي ناهي ايندي.
هي ڪتاب ”ڪامياب زندگي ڪيئن گذارجي؟“ اهڙي فنڪاري سيکاريندڙ ڪيتريون ئي ڪارگر ڳالهيون ٻڌائي ٿو، جن تي عمل ڪرڻ سان زندگيءَ کي ڪاميابيءَ جي راهه تي هلائي، سفر کي پُر مسرت بڻائي سگهجي ٿو.
Title Cover of book ڪامياب زندگي  ڪيئن گذارجي؟

ڇا خدا جو ڪو نعم البدل به آهي؟

[b] ڇا خدا جو ڪو نعم البدل به آهي؟
[/b]
Is there a substitute for God?
By: David Raphel Klein

اهو سمجهڻ ڏاڍو مشڪل آهي ته آخر ان جي شروعات ڪٿان ٿي: گيليلو؟ صنعتي انقلاب؟ ڊاروِن ازم؟ بهرحال ان رستي تي ڪٿي، مغربي ماڻهوءَ جو خدا مان اهو ايمان ختم ٿيڻ لڳو ته هو سندس ذاتي زندگيءَ ۾ هڪ اڻٽر طاقت ۽ سندس مقدر جي فيصلي ڪرڻ وارو ۽ هن جي عملن بابت آخري فيصلي ڪرڻ وارو جج آهي.
اهو خيال، ته خدا اسان کي پيدا ڪيو آهي. پراڻو رواج تصور ٿيڻ لڳو. اسان جي ارتقا ٿي آهي. جهنم جو تصور ڊيڄاريندڙ نه ٿي لڳو. زندگي گهٽ يا وڌ حادثاتي ٿي لڳي. گناهه فقط سماجي مسئلو ئي رهجي ويو. گهڻن لاءِ ته اهو فقط افسانو ئي ٿي پيو. صديون خدا جي وجود جي اثر هيٺ رهڻ کاڻ پوءِ هاڻ کيس اهي ڳالهيون وهم ۽ وسوسا ٿي لڳيون، ان پٽ جيان، جنهن اهو فيصلو ڪيو هجي ته کيس پيءُ جي سهاري جي وڌيڪ ضرورت ڪانهي ۽ هو پاڻ پنهنجي لاءِ زندگيءَ جو رستو ڳولي ڪڍندو.
هو اڃا تائين غلط ۽ صحيح ۾ يقين رکي ٿو ۽ اڃا کيس اها خبر پئي ٿي ته هن ڪو غلط ڪم ڪيو آهي. پر هن ڀؤ ڪو نه ٿيندو آهي ته اهو غلط ڪم ڪري، هن ڪو خدا کي راضي ڪيو آهي ۽ ان ڪري کيس خدا جي طرفان ڪا سزا ملندي. درحقيقت هن منجهان سزا جو تصور ئي ختم ٿي چڪو آهي. هن فقط پاڻ کي غلط ٿي سمجهيو ۽ وڌ ۾ وڌ ٻيهر اها غلط ڳالهه نه ڪرڻ جو عهد ٿي ڪيو.
ان طريقي سان زندگي گهارڻ ۽ خدا جي حڪمن مطابق صحيح طريقي سان زندگي گذارڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ ۾ وڏو فرق آهي. هاڻي انسان جيڪي وڻيس سو ڪري سگهي ٿو. هن کي فقط پنهنجي فيصلي تي گهڻو اثر سندس والدين جي تربيت جو ۽ ٻين ادارن جو هوندو. جن تي اڃا مذهب غالب هيو. پوءِ توڻي جو هن پنهنجن وڏن جي اخلاقيات کي مسترد ڪري چڏيو هيو، ته به لاشعوري طور تي، انهن تي عمل ڪري رهيو هيو. هو مذهب جي حڪمن تي يقين نه رکڻ جي باوجود به انهن کي مڃي رهيو هو. هو سچائيءَ ۽ برائيءَ ۾ يقين نه رکڻ جي باوجود به انهن بابت ڳالهائي رهيو هيو.
آخر ان متضاد صورتحال ۾ هو ڪيئن ڦاسي پيو آهي؟

[b]1. هو عام راءِ معلوم ڪرڻ وارو پرچارڪ ٿي ويو آهي
[/b] ائين جيئن ڪيترن ئي قديم ماڻهن عيسائي مذهب اختيار ڪرڻ وقت پنهنجا پراڻا ديوتا به ان ۾ شامل ڪري ڇڏيا. اهڙيءَ طرح جديد ماڻهن پنهنجي پوري اخلاقيات کي هڪ ٻي انداز ۾ بدلائي ڇڏيو. اها آهي سماج جي ضرورت. اڳ جيڪو ڪم خدا جي خلاف ڏوهه ليکبو هيو، هاڻي ”سماج دشمن“ سمجهيو ٿي ويو. گناهه بدلجي جرم ٿي پيو. زندگيءَ جي مختلف ڳالهين کي مذهبي نقطي نظر سان ڏسڻ بدران ان کي صفائي، قابليت يا سماجي قدرن جي نالن سان سڏيو ٿي ويو. چوري فقط ان ڪري ئي خراب هئي جو صداقت چڱي پاليسي هئي. ٻي ڪنهن سان ناجائز تعلق فقط ان ڪري خراب ٿي سمجهيو ويو جو ان سان توهان جو پاڻ ۾ ناتو ٽٽي ٿي سگهيو. جيڪڏهن توهان ڪنهن مذهبي گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪئي ته فقط هڪ روايت کي عزت بخشڻ خاطر.
اهڙيءَ طرح سماج جي ضرورتن تي ٻڌل اخلاقيات وقت، حالتن ۽ جڳهن مطابق ڦرندڙ گهرندڙ ئي رهندي. ان ۾ ڪي به مقرر اصول نه ٿا ٿي سگهن. اجتماعي راءِ ئي اصول مقرر ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿي ۽ اجتماعي راءِ معلوم ڪندڙ پرچارڪ ان اخلاقيات جون ماضيءَ ۾ ڪي به پاڙون کتل نه ٿو ڏسي. جو اسان کي تسلي ڏئي سگهي. مثال طور فرائڊ جي نظر ئي ڪافي ماڻهن جي اخلاقي نقطي نظر کي تبديل ڪري ڇڏيو.
هڪ ممڪن مثال تي غور ڪيو، ڪا گورنمينٽ موجوده ڊيٽا موجب ڪنهن ڏوهه جي سزا موت مقرر ڪري ٿي، جڏهن ته اڳ ۾ ساڳي ڏوهه جي سزا اها نه هئي. جيئن روس ۾ گورنمينٽ جي ملڪيت جي چوريءَ جي سزا موت مقرر ڪئي وئي. هڪ دفعو سماج جي ضرورت آهر مقرر ڪيل سزا عمل ۾ آندي وئي، ته پوءِ سماج ۾ رهندڙ ڪير ان کي غير اخلاقي چئي سگهندو؟
هڪ نظر اڃا اڳتي ڏسو. سمجهو ته ڪا حڪومت ڪنهن ماڻهوءَ جي وجود کي سماج لاءِ خراب سمجهي. ان جي لاءِ موت جو حڪم جاري ڪري ٿي. مثال طور نازي حڪومت سٺ لک يهودين کي سماج لاءِ هاڃيڪار سمجهيو هيو. اسان ان کي پراڻي خدائي قانون مطابق غلط سمجهيو؟ جيڪڏهن سماج جو ضرورتون انسان جي لاءِ اعليٰ قانون جي حيثيت رکن ٿيون ته پوءِ اسان ان کي ڪهڙيءَ طرح اخلاقي بنيادن تي غلط ثابت ٿا ڪري سگهون؟ هڪ دفعو جڏهن جرمن حڪومت اهو قانون پاس ڪيو، ته پوءِ هر نازي اخلاقي طور ان ڳالهه سان ٻڌل هيو، ته اهو ان تي عمل ڪري ۽ يهودين کي ختم ڪري. جيڪڏهن اسان کي ان ڳالهه تي يقين ئي ڪونهي، ته خدا اسان کي پيدا ڪيو آهي، ته پوءِ آخر ڇو انسان جي زندگي مقدس آهي؟
جيڪڏهن انسان جي زندگيِءَ کي ختم ڪرڻ کي، عقلي طور تي نه ٿو نندي سگهجي جيستائين قانون خود ان کي نندي، ته پوءِ انهن کان گهٽ ڏوهن لاءِ ڇا ڪجي؟ مثلن دوکو، زوري زنا، ٻار ڪيرائڻ، ملاوٽ وغيره. اسان جي نئين ڪوڊ مطابق، ڇا اسان ڪنهن به عمل کي، چاهي اهو ڪيترو به ڏکوئيندڙ ڇو نه هجي. عقلي طور نندي سگهون ٿا، جيستائين ان بابت ڪو قانون ڪونهي ۽ ماڻهن جا ٺاهيل قانون مختلف آهن. حقيقت ۾ ڇا مغربي دنيا اڳ ۾ ئي مٿي بيان ڪيل جرمن بابت ٺاهيل قانون بدلايا يا ختم نه ڪيا آهن ڇو ته انهن جي باري ۾ تصور ۽ ٽيسٽ بدلجي چڪا آهن؟

[b]2. عارضي نگران ـــــــــــــ والدين
[/b] اهڙيءَ طرح همراهه پنهنجي پيءُ جو گهر ڇڏيو ته هو پنهنجو پاڻ گذارو ڪندو. پر ڇا هو ان جوکم لاءِ واقعي قابل آهي؟ هو پنهنجي زندگيءَ لاءِ مقرر ڪيل معيار پنهنجي سامهون ئي ختم ٿيندي ڏسي پيو. چڙ هن کي وڪوڙي وئي آهي، پر هو ان کان جند نه ٿو ڇڏائي سگهي. هو زندگي براءِ لذت ۽ عياشي جو قائل نه آهي، پر هن وٽ ڪو اهڙو دليل به ڪونهي جو ان نظريي جي دعوائن کي رد ڪري سگهي، ۽ سڀ کان وڏي تڪليفده ڳالهه جنهن هن جون ۽ سڀني جون اکيون حيرت ۾ ڦاڙي ڇڏيون آهن، اها آهي سندن اولاد جي هنن خلاف بغاوت.
اوهان هڪ ماڊرن مغربي والدين جي بيوسيءَ تي ڪجهه غور ڪريو. اهي ماڻهو جن ۾ اڃا اهو عقيدو باقي آهي ته خدا ڏسي ٿو، ٻڌي ٿو ۽ سزا ڏي ٿو، ته پوءِ هن جا ٻار جيڪي هن اڄوڪي دور ۾ پرورش وٺي رهيا آهن اهي هن کان پاسائتا ٿيندا ويندا. ساڳيو مثال انهن ٻاهرين لڏي ايندڙن جو آهي. آمريڪا ۾ اهي پاڻ ته اهي ٻوليون ڳالهائيندا هيا پر سندن اولاد انهن کي ٺڪرائي انگريزي ڳالهائڻ شروع ڪيو. هڪ سيڪيولر ۽ آزاد معاشري ۾ ٻار ٻين کي جيڪو ڪجهه ڪندي ڏسندو، ان کان کيس نه ٿا روڪي سگهون. هن ۾ اهي قدر جذب ٿيندا ويندا جيڪي معاشري جا هوندا. مذهبي مدرسا، جهنم جو خوف، ذاتي تجربا ـ اهي سڀ سيڪيولر ٿيڻ کان دير ته ڪرائي سگهن ٿا پر ان کان بچائي نه ٿا سگهن.
جڏهن ته غير مذهبي والدين يا اهي، جيڪي فقط ظاهري طور تي مذهبي عقيدا رکن ٿا سي ته پنهنجن ٻارن تي ڪو به اثر نه ٿا وجهي سگهن. هنن کي ڪنهن به عقيدي نه هئڻ جي ڪري شديد خالي پڻي جو احساس آهي، پر هو مشڪل سان ئي پنهنجي اولاد جي لاءِ مثالي انسان جو ماڊل ٿي سگهن ٿا، ڇو ته سندن هڪڙو پير ته مادي عقيدي جي دنيا ۾ هوندو آهي ۽ ٻيو پير وري پراڻي اخلاقيات جي دنيا ۾. آخر هو پنهنجي اولاد کي ڪهڙيءَ طرح صحيح رستي تي هلڻ جي تلقين ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته هو پاڻ ئي ڪنهن کي صحيح سمجهڻ کان قاصر آهي؟
اهڙا والدين ان بنيادي سوال جو جواب ڏيڻ کان مڪمل قاصر هوندا آهن، جن جو مذهب ڪو ته جواب ڏيندو هيو ته ”آخر انسان جي وجود جو ڪهڙو مقصد آهي؟“ جيڪڏهن ڪو پيءُ ماءُ ٻار کي اهو ٻڌائي ته زندگيءَ جو مقصد ڪونهي. ته پوءِ هو ڪيئن ان ٻار کي نشي ڪرڻ کان روڪيندو؟ حقيقت ۾ هو ان ٻار کي آخر ڪهڙيءَ طرح قائل ڪندو ته خودڪشي نه ڪجي؟ جيڪڏهن اهو نوجوان زندهه رهي ٿو ته فقط انهن سببن لاءِ جيڪي مڪمل طور هن جي پنهنجي اندر لاءِ هوندا.

[b]3. مون کي ان جو دليل ڏيو
[/b] ڪنهن به باغي نوجوان سان بحث ڪيو ته آخر هو اهڙا ڪم ڇو ٿو ڪري، جن کي اڳيون نسل ناپسند ڪندو هيو، غير ذميواراڻو ۽ خراب سمجهندو هيو؟ ته توهان وري وري اهو ئي ٻڌندو ته ”آخر ڇو نه ڪيون؟“ ان ”ڇو نه ڪيون؟“ جو جواب ڏيو. جيڪڏهن توهان انهن وچ وارن ماڻهن مان آهيو جن جو عقيدو ته ختم ٿي چڪو آهي، پر پنهنجي زندگيءَ کي مجتمع رکڻ لاءِ هو ظاهري طور ان ۾ ويساهه رکن ٿا، ته توهان وٽ انهن باغي نوجوانن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ڪو به جواب ڪو نه هوندو. توڻي جو توهان ٿورن گهڻن اخلاقي اصولن تحت رهو ٿا. پر توهان وٽ ان ”ڇو“ جو جواب ڪو نه هوندو. دراصل اتي ئي انهن والدين ۾ هڪ عجيب گناهه جو احساس اندر ۾ هوندو آهي، جڏهن سندن اولاد جو ساڻن ڏک وارو رويو هوندو آهي يا وري اهي هنن کي ٿڏي ٻين مزن ۾ غرق ٿي ويندا آهن.
نوجوان باغيءَ جي ”آخر ڇو نه؟“ جون گهٽ ۾ گهٽ ٻه معنائون هونديون آهن: ”مون کي ڪير روڪيندو؟“ ۽ ٻيو ”مون کي ڪو سبب ڏيو جنهن کي منهنجو ذهن مڃي؟“ ڇو جو نوجوان ماڻهو عام طور اندر ۾ ڏاڍو بيوس هوندو آهي. هو ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه ۾ يقين ڪرڻ چاهيندو آهي. هن کي مسلسل تلاش هوندي آهي. دماغ کي فرحت ڏيندڙ منشيات، ٻڌ ازم، پيار، علم نجوم، هڪ نئون سماج، بنياد پرستي، زندگي براءِ خوشي، بي معنيٰ زندگيءَ جو نظريو وغيره ـ ڪجهه به، سواءِ پنهنجي والدين جي عقيدي جي، جن کي هو بي ايمانيءَ وارو ۽ بزدلاڻو سمجهندا آهن.

[b]4. نوجوان باغيءَ جو اڃا ڪو به عقيدو ڪونهي
[/b] اهو تجربو ته سڄي تهذيب جو بنياد ڪنهن به مضبوط اخلاقي بنياد تي ڪونهي ۽ ان تهذيب کي. هن جي خيال مطابق، وقت به وقت منافقت جو ڊوز ڏنو ويو آهي ۽ هن کي ان تهذيب ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه نظر نه ٿي اچي جيڪا هن جي زندگيءَ کي ڪا معنيٰ ڏئي، اهو هڪ صدمو آهي جنهن هن کي بي حس، گم سم ۽ منجهيل بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هو ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ جي قابل نه رهيو آهي. دراصل هو ڪنهن به ڳالهه بابت پر يقين ڪونهي. فقط هڪ لفظ جيڪو ان فائديمند اخلاقي بنيادن کان سواءِ سماج جي باري ۾ سندس ذهن ۾ اچي ٿو. اهو آهي: چڙ.
ان کان سواءِ مادي پرستيءَ جا ڪافي ٻيا نتيجا پڻ آهن. مثال طور دوزخ جي خوف کان ته هن پاڻ کي آزاد ڪرايو، پر ان سان گڏ هن کان جنت جي اميد کسجي وئي. بس هو زندهه رهيو ۽ مري ويو. قصو ختم. ان جي ابتڙ توهان جي وڏن کي زندگيءَ جي لامحدوديت ۾ وڏيون اميدون هونديون هيون. توهان کي به اڃا ڪجهه اميدهوندي، پر توهان جا ٻار پڪ ڄاڻو ته بلڪل نا اميد آهن، سواءِ ان جي، ته هو جيڪو ڪجهه هن زندگيءَ ۾ مادي طور حاصل ڪري سگهن ٿا، اهو ئي هنن لاءِ سڀ ڪجهه آهي.
اڃا به اڳتي جيڪڏهن انسان پنهنجي اخلاق جو پاڻ جج يا منصف آهي ۽ حڪومت وري اختيار حاصل ڪري ٿي ”عوام کان“ ته پوءِ اصول، غلط يا صحيح قرار ڏيڻ واري ڪا به اثرائتي طاقت ڪا نه ٿي رهي. توهان جي ۽ منهنجي وچ ۾ فقط حڪومت آهي ۽ حڪومت جي پٺيان فقط هٿيار ۽ اسان جو جوڙيل قانون. ٻار ڪنهن قدرتي منصوبي تحت پيدا نه ٿيا آهن، پر اهي حياتاتي حادثي سان پيدا ٿيا آهن. ڇا اهو حادثو والدين کي ٻارن تي ڪو اختيار ڏئي سگهي ٿو؟ استاد کي شاگردن کان وڌيڪ علم هوندو آهي، پر ڇا اها ڳالهه هن کي با اختيار بنائي سگهي ٿي؟ پوليس کي توڻي ڪهڙا به اختيار ڏنل آهن پرکين سوئر جهڙن لفظن سان نوازيو ويندو آهي. نوجوان صدر کي گهٽ وڌ ڳالهائيندا آهن، يونيورسٽيءَ جي ڊين کي مار ڪٽ ڪندا آهن، ملڪ جا جهنڊا ساڙي دشمن جا جهنڊا اڀا ڪندا آهن. جيڪڏهن ڪا آخري اٿارٽي ڪانهي، ته پوءِ هو ڇو نه ائين ڪندا.

[b]5. وڏا سوال
[/b] اهو خيال ته انسان اخلاقي طور تي صرف اڪيلو پاڻ سان جوابده آهي، نئين سماج جو ڪارڻ بڻيو آهي. ڪميونسٽ، نسل پرست ۽ انهن جي وچ ۾ ٻيا سماج ۽ جڏهن ته پراڻا سماج تيزي سان بدلجي رهيا آهن ۽ جيتوڻيڪ انهن جا نالا پراڻا ئي آهن، نوجوان سماجن ۾ هڪ نئين اخلاق جنم ورتو آهي، جنهن جو محور رياست جي حفاظت تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ ڄڻ مسلسل ايمرجنسيءَ واري حالت لڳي پئي آهي. پر اهو گهڻو وقت هلي نه ٿو سگهي. اڳي ئي هپي ماسڪو، پراگ ۽ نيويارڪ ۾ اختياري وارن کي پريشان ڪري رهيا آهن ۽ هر طرف کان زندگيءَ جي بي مقصديت متعلق ٻڌڻ ۾ پيو اچي.
ان دوران مغربي ماڻهن لاءِ هڪ تسڪين ڏيندڙ روحاني زندگي پيدا ڪرڻ نهايت مشڪل پيو لڳي. رواجي مذهبي ادارا ان بابت ڪجهه نه ٿا ڪري سگهن. بندگيءَ جون جايون فقط رسمن پوري ڪرڻ جو جايون رهيون آهن. جڏهن ته اڳ ۾ ئي مذهبي پيشوا زندگيءَ جي نين حقيقتن کان ڪوهين ڏور آهن.
شايد جڏهن انسان کي خدا کان گهرڻ کان سواءِ ئي ججهو کاڌو ۽ قدرتي آفتن کان بچاءَ مليو، ته هن خدا کان انهن شين لاءِ گهرڻ ڇڏي ڏنو. جيئن جيئن سندن مادي ضرورتون پوريون ٿينديون وينديون، تيئن تيئن سڀ ماڻهو ان حالت تي پهچي ويندا، جنهن حالت ۾ هن وقت مغربي ملڪن جا ماڻهو آهن.
پر سوال ساڳيا آهن. جيڪڏهن ڪو غور ڪري ٿو. ته مک جي اک ڪيئن ٺهيل آهي، انسان جي آڱر ڪيئن ڪم ڪري ٿي يا ساڳين پروٽانن، نيوٽرانن ۽ اليڪٽرانن جي فقط مختلف جوڙجڪ جي ڪري هر قسم جو مادو ڪيئن ٿو ٺهي ۽ پوءِ به چوي ٿو ته هي سڀ ڊزائينون ڪنهن ڊزائينر کان سواءِ ٺهيون، فقط ڪنهن اوچتي حادثي سبب! ته پوءِ اهو ماڻهو پڪ سان ڪنهن وڏي معجزي ۾ يقين رکي ٿو، جيڪو انهن معجزن کان به وڌيڪ آهي جيڪي بائبل يا قرآن ۾ ڏنل آهن.
ان انسان کي جنهن وٽ آرٽ آهي، اتساهه آهي، جنهن وٽ پاڻ لاءِ ۽ ڪائنات لاءِ سوچ آهي، جنهن وٽ جذبا آهن ۽ اخلاق آهي ۽ وڏي ڳالهه ته جنهن جي ذهن ۾ خدا پاڪ جهڙو بلند خيال اچي سگهي ٿو. ان خلقت کي محض ارتقا جي ڏاڪي تي هڪ وڌيڪ سڌريل جانور سمجهڻ ايڏا وڏا سوال پيدا ڪري سگهي ٿو، جن جو جواب ئي ڪو نه هوندو.
ڇا انسان جي پيچيدهه دماغ جو ٻيو ڪو به ڪارڻ ڪونهي، سواءِ ان جي ته پنهنجي نسل جي بقا ڪري سگهي؟ ڇا اسان کي انسان جي دماغ ۾ ٻيو اهڙيون خوبيون نظر نه ٿيون اچن، جيڪي پنهنجي بچاءَ جي سوچ کان اتم آهن؟
جيڪڏهن ڪائنات محدود آهي، ته پوءِ ان جي پٺيان ڇا آهي؟ ان جي شروعات کان اڳ ۾ ڇاهيو؟ پر جيڪڏهن اها لامحدود ۽ لافاني آهي، ته پوءِ اها شايد هميشه لاءِ اسان جي سوچ جي پهچ کان ٻاهر آهي. نتيجي طور بنيادي سوال ساڳيا ئي جواب کان سواءِ رهجيو وڃن.
شاگردن جا سوال، صحيح آهي، اهي ضرور پڇندا. پر اسان جي مادي پرستيءَ وارو نظريو ايتري ته سطحي ۽ ڪوڙين فرضي ڳالهين تي ٻڌل آهي جيڪي بي مقصد ۽ اندازي تي ٻڌل آهن ۽ جن مان ڪو به ذهن گهڻي وقت تائين مطمئن نه ٿو رهي سگهي. بهرحال خدا جو نعم البدل مادي پرستيءَ وارو نظريو نه ٿو ٿي سگهي.

(اپريل 1970ع تان ورتل)