سيلف ڊولپمينٽ

ڪامياب زندگي ڪيئن گذارجي؟

ڪتاب ”ڪامياب زندگي ڪيئن گذارجي؟“ جو سنڌيڪارانجنيئر شفقت حسين وڌو آهي، ياد رهي ته هي ڪتاب ريڊرس ڊائيجسٽ تان ترجمو ڪيل مضمونن تي مشتمل آهي.
زندگي گذارڻ هڪ فن آهي ۽ ڪامياب زندگي گذارڻ فن جي اوچائي ۽ اهڙي فنڪاري سڀ ڪنهن کي ناهي ايندي.
هي ڪتاب ”ڪامياب زندگي ڪيئن گذارجي؟“ اهڙي فنڪاري سيکاريندڙ ڪيتريون ئي ڪارگر ڳالهيون ٻڌائي ٿو، جن تي عمل ڪرڻ سان زندگيءَ کي ڪاميابيءَ جي راهه تي هلائي، سفر کي پُر مسرت بڻائي سگهجي ٿو.
Title Cover of book ڪامياب زندگي  ڪيئن گذارجي؟

ڪامياب انسان وقت کي ڪيئن بهتر نموني استعمال ڪندا آهن؟

[b] ڪامياب انسان وقت کي ڪيئن بهتر نموني استعمال ڪندا آهن؟
[/b]
How Successful people manage time?
By: Eugene Griessman

هن ڀڄ ڀڄان جي دور ۾ به توهان پنهنجي پسند جو ڪم ڪرڻ لاءِ وقت ڪڍي سگهو ٿا... اجهو هيئن:
ماڻهو عام طور توهان کي اهو چوندا هوندا ته ادا اهو فلاڻو ڪم پنهنجي واندڪائيءَ واري وقت ۾ ڪجو. پر دراصل انهيءَ ”فرصت“ واري وقت جو ڪو وجود ئي ڪونهي. توڻي جو توهان ڪنهن تلاءَ ڪناري ليٽيا پيا هجو، ته به ان فرحت بخشيندڙ وقت کي توهان فرصت وارو وقت چئي نه ٿا سگهو.
ان ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ ته سموري وقت جي هڪ قيمت آهي، هڪ وڏي ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽر اسٽاف جي سڀني ميمبرن کي هدايت ڪئي ته ميٽنگ ۾ گذاريل وقت کي نوٽ ڪن. بعد ۾ هن انهيءَ ميٽنگ جي قيمت ڪڍي. اهو هيئن ته هر ڪنهن ميمبر جي پگهار جي حساب سان انهن ڪلاڪن جي قيمت ڪڍي، سڀني ٽوٽل ڪيو. اهڙيءَ طرح ان ميٽنگ جي قيمت ڪڍي، ان ڊائريڪٽر پنهنجيءَ ڳالهه کي ثابت ڪيو. ميٽنگس جيڪي اسان کي مفت جون ڀاسنديون آهن، در حقيقت تمام مهانگيون هونديون آهن، ڇو ته وقت ئي اصل دولت آهي. اهو ئي سبب آهي جو تمام ڪامياب انسان اهي ئي هوندا آهن، جن جو وقت جي بحث جي اصولن تي عبور حاصل هوندو آهي. اصول هيٺ ڏجن ٿا:

[b]1. توجه مرڪوز رکو
[/b] تقريبن سڀ اعليٰ ماڻهو روزاني جي ڪمن ڪارين لاءِ ڪا نه ڪا اوليت ضرور متعين ڪندا آهن، ڪاسمو پوليٽن (Cosmopolitan) رسالي جي چيف ايڊيٽر هيلن گرلي برائون پنهجي ميز تي هميشه هڪ عدد شمارو ضرور رکندي هئي. سندس چوڻ مطابق جڏهن به ڪم دوران هن جي دماغ ۾ ٻي ڪا وقت وڃائڻ واري ڳالهه ايندي هئي. جنهن جو رسالي سان ڪو تعلق ڪو نه هوندو هيو. ته هوءَ هڪ نظر رسالي تي وجهڻ سان ساڳي رستي تي موٽي ايندي هئي. برائون جي چوڻ مطابق ”جيستائين توهان ۾ ڪنهن به ڳالهه جي لاءِ اوليت جو تعين ٿيل نه هوندو، ته توهان سڄو ڏينهن سخت جدوجهد به ڪندؤ، پر پنهنجي حاصل مقصد کان به دور ٿيندا ويندؤ.“ پنهنجي ڪمن جي اوليت مقرر ڪرڻ جو هڪڙو طريقو اهو به آهي، ته ”ڪم ڪرڻ“ جي لسٽ ٺاهيو. هر شام جو ان لسٽ کي ڏسي سڀاڻي جيڪي مٿيان مقرر ڪيل ڪم هجن، تن تي نظر وجهو ۽ وري ايندڙ ڏينهن دوران به اها لسٽ ڏسندا رهو.“ وقت جي استعمال جي ماهر جي حيثيت سان هيزالڊ جي چواڻيءَ جيستائين توهان هر ڪم لاءِ وقت مقرر نه ڪندؤ، توهان جو ڪو به ڪم پورو نه ٿي سگهندو.

[b]2. 20/80 اصول
[/b] توهان کي اها خبر ڪيئن پوي، ته ڪهڙا ڪم تمام اهم آهن؟ ان جو هڪ طريقو آهي 20/80 واور اصول. دراصل وليم مور به اهو ئي ڪيو. هن ڏٺو ته رنگ وڪڻندي هن 160 ڊالر مهيني ۾ ٿي ڪمايا. هن پنهنجي ڪمائيءَ واري رجسٽر تي نظر ڦيرائي، ته هن جي 80% ڪمائي هن جي 20% گراهڪن مان ٿي آئي، جڏهن ته هن پنهنجو وقت سڀني گراهڪن تي هڪ جيترو ٿي صرف ڪيو. وليم پنهنجي مينيجر کي درخواست ڏني. پنهنجا 36 گهٽ ڪمائيءَ وارا گراهڪ ٻي سيلز مين حوالي ڪيا ۽ پنهنجو سمورو توجهه انهن ٿورن، پر وڌيڪ ڪمائيءَ وارن گراهڪن تي ڏنو. جلد ئي هو 1000 ڊالر مهيني ۾ ڪمائڻ لڳو. وليم ان اصول کي ڪڏهن به نه ڇڏيو ۽ ترقي ڪندي، جلد ئي ڪيلي. مور پينٽس ڪمپنيءَ جو چيئرمين بڻجي ويو.

[b]3. جيڪي ڪرڻو اٿؤ، هينئر ڪريو
[/b]گهڻا ماڻهو ڪم ڪرڻ جي شروعاتي تياريءَ ۾ ايترو وقت وڃائي ويهندا آهن، جو گهڻو ڪري اصل ڪم ڪرڻ لاءِ کين وقت ئي نه ملندو آهي.
جيڪڏهن توهان هينئر کان ئي ڪو ڪم ڪرڻ شروع ڪندا، ته توهان کي حيرت لڳندي ته ڪم ڪيترو جلد اڪلندا ٿا وڃن. هڪڙي ڳالهه ذهن ۾ رکو ته وڻ پوکڻ لاءِ سڀ کان بهترين وقت 20 سال اڳ هيو، پر ٻيو بهتر وقت هينئر آهي.

[b]4. ڊزائن کي منجمند ڪريو
[/b] هر ڪم کي مڪمل بي عيب ڪندڙ ماڻهو به ايترو ئي وقت وڃائيندا آهن جيترو ڪي طبيعتن سست ماڻهو. ٿامس آر وليم، وائچيوا ڪارپوريشن جي اڳئين چيئرمين، ٻڌايو ٿي ته بئنڪن ۾ ڪم ڪندڙن گهڻن نوجوانن کي اها خبر ئي نه هوندي ته ڪنهن پراجيڪٽ تي ڪيستائين تحقيق ڪرڻ کان پوءِ ان جو سلسلو بند ڪرڻ کپي. انهن نون سيکڙاٽن کي اها ڳالهه انجنيئرن کان سکڻ کپي، جن جي بنيادي سکيا ئي اها هوندي آهي ته بهترين ممڪن حل ڪنهن مخصوص ٽائيم ۾ ڪيئن به ڪري ڏجي. توڻي جو ڊزائين مڪمل نه هوندي آهي، پر پوءِ به هو اهو پراجيڪٽ ڊيڊ لائن اندر ممڪن طور تي بهتر انداز ۾ مڪمل ڪندا آهن.
انجنيئر ان کي ڊزائن منجمند ڪرڻ سڏيندا آهن.
ڪامياب انسان اهو اڳ ۾ ئي سمجهي ويندا آهن، ته ڪيستائين ڪنهن لاءِ جاکوڙ ڪجي ۽ پوءِ ڪڏهن ان مان هٿ ڪڍ جن.

[b]5. منهنجي دل ته ڏاڍو ٿي چاهي پر...
[/b] اسان سڀني کي اهڙن موقعن ۾ شرڪت لاءِ دعوت ڏني ويندي آهي جن ۾ اسان وڃڻ نه چاهيندا آهيون. ان صورتحال کان جان ڇڏائڻ جو سادي ۾ سادو طريقو اهو آهي ته ”دل ته ڏاڍو چاهي ٿي ته اچجي پر مجبوري آهي. اڄ شام جو آءٌ اچي نه سگهندس.“ ڪڏهن به ان جي وضاحت نه بيان ڪجو. ته آخر ڇو. توهان جي دوستن کي توهان مان اها اميد نه هوندي ۽ توهان جا دشمن ان تي يقين ئي نه ڪندا.

[b]6. گهما گهمي واري ٽائيم کان پاسو ڪريو
[/b] ڪوشش ڪري ڊگهين لائينن کان بچو. چاهي ٽريفڪ هجي يا ٻيو اهڙيون ٽائيم وڃائيندڙ ڳالهيون. ههڙي نموني سان توهان پنهنجي زندگيءَ جو ٽائيم ٽيبل سيٽ ڪيو: مثلن ڪرياني جي خريداري منجهند جي مانيءَ دوران ڪيو يا رات جو دير سان، جيئن اڪثر ماڻهو ٻين مشغلن ۾ رڌل هجن. موڪل واري ڏينهن تي خريداري ڪيو ئي نه. آفيس جي فوٽو ڪاپيئر مشين منجهند جي مانيءَ دوران استعمال ڪيو. جيئن آفيسون خالي هجن ۽ توهان کي انتظار نه ڪرڻو پوي. منجهند واري فلائيٽ وٺو، جيئن رن وي تي رش نه هجي. ڪم تي يا ته تمام گهڻو سوير نڪري وڃو يا دير تائين ڪم ڪيو، جيئن فونيون گهڻيون نه اچن ۽ توهام ڪم ڪار آسانيءَ سان ڪري سگهو، ماڻهو به چوڌاري گهٽ هجن ۽ روڊ به نسبتن خالي هجن.

[b]7. قيمت کي نه ڏسو، نقصان تي سوچيو
[/b] لاس ويگاس (آمريڪا) جي هڪ جواخاني ۾ هڪ دفعو اها ڳالهه نوٽ ڪئي وئي ته ماڻهو سون جي تعداد ۾ لائين لڳايو انتظار ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيٺا هئا، جيئن کين چئن ڊالرن وارن نيرن جو ڪوپن ملي سگهي. پر پنجاهه والن جي مفاصلي تي ٽي ڊالر وڌيڪ ڀرڻ سان هڪ سٺي هوٽل ۾ هڪدم ويهڻ سان ئي نيرن ملي سگهي ٿي. نيرن کان پوءِ اهي ساڳيا ماڻهو جواخاني ڏانهن تڪڙا موٽيا ٿي ۽ اتي انهن جيڪا جوا کيڏي ٿي. انهيءَ ۾ انهن ڊالرن جي پرواهه ئي نه ڪئي.
اهڙا ڪيئي مثال آهن، جتي ماڻهو، چمڙي وڃي پر دمڙي ته وڃي واري اصول تي سختي سنا عمل ڪندا آهن، پر ٻي هنڌ هو پنهنجا قيمتي ڪلاڪن جا ڪلاڪ وڃائيندا آهن ۽ انهن ڪلاڪن ۾ هو پنهنجي قابليت سان ان ڏهوڻ تي ڪمائي سگهن ٿا.

[b]8. ٽيڪنالاجيءَ کي استعمال ۾ آڻيو
[/b] پنهنجي ڪم ڪار وارين ڳالهين کي ڪپيوٽر ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو. اهو نوٽ بڪ ۾ نوٽ ڪرڻ کان بهتر آهي، ڇو جو ڪمپيوٽر مان توهان اها ڳالهه سيڪنڊن ۾ حاصل ڪري سگهو ٿا. اهڙي طرح جيئن جيئن توهان پنهنجي روزاني جي زندگيءَ جي ڪمن ڪارين کي خواهه مخواهه جي جهنجهٽن کان آزاد ڪندا ۽ سڌو سنئون بڻائيندا ويندا، ته نه فقط توهان جو وڌيڪ وقت بچندو، پر توهان جي زندگي به وڌيڪ پر لطف ٿيندي ويندي. بنجامن فرينڪلن هڪ دفعي ڇا ته خوب چيو هيو: ”ڇا توهان پنهنجي زندگيءَ سان پيار نه ٿا ڪريو؟ جي ها، ته پوءِ وقت سان مذاق نه ڪريو، ڇو ته وقت ئي اصل ۾ زندگيءَ جو جوهر آهي.“

(نومبر 1994ع تان ورتل)