سيلف ڊولپمينٽ

ڪامياب زندگي ڪيئن گذارجي؟

ڪتاب ”ڪامياب زندگي ڪيئن گذارجي؟“ جو سنڌيڪارانجنيئر شفقت حسين وڌو آهي، ياد رهي ته هي ڪتاب ريڊرس ڊائيجسٽ تان ترجمو ڪيل مضمونن تي مشتمل آهي.
زندگي گذارڻ هڪ فن آهي ۽ ڪامياب زندگي گذارڻ فن جي اوچائي ۽ اهڙي فنڪاري سڀ ڪنهن کي ناهي ايندي.
هي ڪتاب ”ڪامياب زندگي ڪيئن گذارجي؟“ اهڙي فنڪاري سيکاريندڙ ڪيتريون ئي ڪارگر ڳالهيون ٻڌائي ٿو، جن تي عمل ڪرڻ سان زندگيءَ کي ڪاميابيءَ جي راهه تي هلائي، سفر کي پُر مسرت بڻائي سگهجي ٿو.
Title Cover of book ڪامياب زندگي  ڪيئن گذارجي؟

اهي غلطيون جيڪي ڪامياب ماڻهو نه ڪندا آهن

[b] اهي غلطيون جيڪي ڪامياب ماڻهو نه ڪندا آهن
[/b]
Mistakes winner do not make
By: Benjamin J. Stein

زندگيءَ جو سفر نهايت ئي ڊگهو ۽ دلڪش رهيو آهي. ان سفر مون کي نه ڄاڻ ڪيترين ئي جاين تي گهمايو آهي، لا اسڪول، تقريرن لکڻ لاءِ آمريڪا جو وائيٽ هائوس، ڪاروباري نقطي نظر تيار ڪرڻ لاءِ نيويارڪ جي وال اسٽريٽ ۽ گذريل 18 سالن کان مان ڪيليفورنيا جي هالي ووڊ فلمن لاءِ لکندو ۽ اداڪاري ڪندو رهيو آهيان.
ان سفر دوران مان الائي ڪيترن ڪامياب ماڻهن کي جاچيو آهي. مثال طور ران پيريلمن، ريولان (Revlon) جو ارب پتي مالڪ ۽ آمريڪا جو ٽاپ ٽي وي پروڊِيوسر نامنر ليئر ۽ ايڪٽر نڪولس ڪيج، جن منزل تائين پهچڻ لاءِ الائي جي ڪيتري محنت ڪئي.
ان سان گڏوگڏ مان اهڙن به گهڻن ماڻهن کي سڃاڻان، جيڪي اڳتي هلي ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهيا. انهن ۾ اهڙا به ماڻهو آهن جيڪي يونيورسٽيءَ جي زماني جا چمڪندڙ ستارا هيا پر هن وقت ڪپڙا وڪڻي رهيا آهن، ڪمپيوٽر جا ماهر جيڪي پڪوڙا ۽ سموسا وڪڻي رهيا آهن ۽ رياضيءَ جا ماهر جيڪي ڪنهن سڙيل ڳريل بلڊنگ ۾ پائيپ فٽ ڪري رهيا آهن.
انهن وانگر ڪيترن ئي ماڻهن وٽ ذهانت هوندي آهي پر اهي ڪڏهن به ڪامياب ٿي نه سگهندا آهن. آخر ڇو؟ انهن مان ڪي فقط پئسا ئي ڳڻيندا رهندا آهن ۽ ڪي ٻيا پنهنجن قرضين کي پٽيندا رهندا آهن؟ ها، قسمت جو عمل دخل به آهي، پرگهڻا ماڻهو ڪن خاص، خود شڪسته عادتن ۾ ڦاسي بدقسمتيءَ کي دعوت ڏيندا آهن. انهن عادتن مان ڪجهه هيٺ لکان ٿو. جن جي ڄار ۾ ڦاسي ماڻهو ڪڏهن به ڪاميابي حاصل ڪري نه سگهندا آهن. مان انهن کي ناڪام ماڻهن جون اٺ خاص عادتون چوندس.

[b]1. خود فريبيءَ واري سوچ
[/b] ناڪام ماڻهو پنهنجو پاڻ سان، پنهنجي زندگيءَ بابت مسلسل ڪوڙ ڳالهائيندا رهندا آهن. هڪ دفعي مون کي خيال آيو ته اهي ماڻهو، جيڪي عادتاً غير ديانتدار هوندا آهن، ڪڏهن به ڪامياب ٿي نه سگهندا آهن. اهو ممڪن آهي ته اهي مالي طور تي ڪاميابي حاصل ڪن. توڙي جو اهي مڪمل طور ٻين سان بي ايمان رهيا هجن. پر اهو تقريباً نا ممڪن آهي ته اهي زندگيءَ ۾ ڪهڙي منزل تي پهتا آهن. هنن جا زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ جا ڪيترا موقعا آهن ۽ ڪٿي هو پڄي نه سگهندا، پر پوءِ به اڳتي وڌندا رهنداهجن. منهنجي هڪ پاڙيسرڻ پارٽ ٽائيم آرٽ پڙهائيندي آهي، پر هن کي ڪا خاص ڪمائي نه ٿي سگهندي آهي، جو چڱو گذر سفر ڪري سگهي. جڏهن ته هوءَ عام طور دانهيندي رهندي آهي ته هن کي ڪيڏي نه تڪليف آهي. پر هوءَ اهو سمجهي نه سگهي آهي ته پارٽ ٽائيم نوڪري ڪرڻ سان هو، ڪو چڱو چوکو روزگار حاصل ڪري نه سگهندي.

[b]2. اپت حاصل نه ڪرڻ
[/b] اهڙا ماڻهو جيڪي زندگي ۾ ڪو نه ڪو ڪارآمد هنر، جنهن لاءِ کين چڱو چوکو معاوضو ملي سگهي، نه سکي سگهيا آهن، تن سان ڪافي ڪچهري ڪئي اٿم. اهڙا ماڻهو زندگيءَ جي اها بنيادي حقيقت سمجهي نه سگهيا آهن ته انسان ذات کي معاوضو تڏهن ملندو آهي جڏهن هو ڪو نه ڪو ڪارآمد ڪم ڪري سگهي. انهن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي آهي ته هر ان ماڻهوءَ کي وڌيڪ معاوضو ملندو آهي جيڪو ڪا وڌيڪ ڪار آمد ڳالهه ڪري سگهندو آهي. جيڪڏهن توهان جو مقصد فقط مالي ڪاميابي آهي، ته پوءِ توهان کي اهڙي شيءِ جي اپت ڏيڻي پوندي يا اهڙي ڪا شيءِ تخليق ڪرڻي پوندي، جنهن سان اصلي دنيا کي ڪجهه فائدو پوي. اها تخليق فقط توهان جي خوابن تائين محدود هئڻ نه کپي.
منهنجي پيءُ، جيڪو هڪ اڪنامسٽ هيو، ٻڌايو هئو ته زندگيءَ جا سڀ انعام يا ته مالي دولت يا وري انساني دولت جي شڪل ۾ ملندا آهن. مالي دولت عموماً ورثي ۾ ملندي آهي، ان تي توهان جو ڪو به ڪنٽرول نه هوندو آهي. پر انساني دولت جيڪا مارڪيٽ ۾ وڪڻي/ حاصل ڪري سگهجي ٿي، سا انسان محنت ۽ تڪليف سان حاصل ڪري سگهي ٿو. ناڪام انسان پنهنجي سڄي حياتي ان بنيادي حقيقت کان اکيون ٻوٽي گذاريندا آهن.

[b]3. دوستن کي سزا ڏيڻ
[/b] ناڪام ماڻهن جي اها هڪ خاص عادت هوندي آهي ته هو هميشھ اهڙن ماڻهن جا ٿورائتا ۽ دوست هوندا آهن جن سندن ڪا به مدد ڪو نه ڪئي هوندي آهي. جيڪي هنن تي مهربان هوندا آهن، انهن ماڻهن کا کين هڪ قسم جي چڙ ۽ بيزاري هوندي آهي. اها ڳالهه مان وڏي شدت سان اهڙن ماڻهن ۾ نوٽ ڪندو آيو آهيان. منهنجي هڪ ويجهي دوست جو مثال وٺو. هن کي پنهنجن ٻن دوستن جي مهرباني جي ڪري، جيڪي ٻن وڏن اسٽوڊيوز جا مالڪ هيا، هالي ووڊ ۾ هڪ ٻئي پٺيان چانس ملندا ويا، جن هن کي ڪاميابيءَ جي پٽڙيءَ تي تيزيءَ سان هلائي ڇڏيو. پر گذريل 20 سالن کان هو کين نظر انداز ڪندو رهيو ۽ دوستيءَ کي هڪ وڏي امتحان ۾ وجهي ڇڏيائين. ان دوران هو طاقتور اداڪارن جي ڪڍ لڳو پيو هوندو هيو جيڪي هن سان ڏاڍو خراب رويو روا رکندا هيا. سو ان ۾ ڪو به عجب ڪو نه هو ته هو 47 سالن جي عمر تائين بي طرفو رهيو ۽ قرضن ۾ ڳچيءَ تائين غرق رهيو.
زندگي ۾ هارايل ماڻهو پنهنجن دوستن کي خريد ڪيل سمجهندو آهي، جنهن ۾ فقط هن جي تباهي هوندي آهي. سواءِ ان جي توهان ڪنهن شاندار ۽ اڻ لڀ ذهانت وارا رانديگر يا آرٽسٽ هجو، نه ته زندگيءَ ۾ سواءِ سٺن دوستن ۽ مدد گارن جي، ڪا به ڪاميابي اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. دوست نه ٺاهي سگهڻ ۽ دوستي نه نڀائي سگهڻ جي صلاحيت ئي اڪثر ماڻهن جي ناڪاميءَ جو سبب هوندي آهي.

[b]4. اٿڻ ويهڻ جا خراب طور طريقا
[/b] اڪثر ناڪام ماڻهو سخت گير هوندا آهن. اهي عام طور وقت تي نه پهچندا آهن، تحفي ڏيڻ واري جو شڪريو ادا نه ڪندا آهن ۽ نه ئي پنهنجي غلطيءَ تي ڪنهن کان معافي وٺندا آهن.
مان گهڻو ڪري پنهنجن مهمانن جي ڪاميابيءَ ۽ دير سان پهچڻ جو وچور ٺاهيندو آهيان. اهڙا ماڻهو جيڪي ذميوار هوندا آهن توڻي جو هنن کي ڪرڻ لاءِ تمام گهڻا ڪم هوندا آهن،پر هو پوري وقت تي ڊنر تي پهچندا آهن ۽ اهڙا ماڻهو جن کي ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه هوندو آهي يا ته گهڻو دير سان ايندا آهن يا وري ايندا ئي ڪو نه آهن. گهٽ عهدي وارو ماڻهو عموماً 15 منٽن کان ڪلاڪ ليٽ اچي سگهي ٿو.
کاڌي جي باري ۾ جڏهن ڪو شڪايت ڪري، ته مان توهان کي ٻڌائي سگهان ٿو ته جيڪڏهن ناڪام ماڻهو آهي ته پوءِ هن کي ڪا نه ڪا شڪايت هوندي. ڊنر لاءِ ٿورو نه مڃيندو، پر جيڪڏهن هو ڪامياب ماڻهو آهي، ته پوءِ هن کي جيڪو ڪجهه ملندو. تنهن تي هو بي حد خوش ٿيندو ۽ خوش اسلوبيءَ سان ٿورو مڃيندو.
هالي ووڊ ۾ منهنجن پهرين دوستن مان هڪ پروڊيوسر هيو جنهن جو مستقبل تابناڪ ٿي لڳو پر ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ هن جي قسمت گردش ۾ اچڻ لڳي، جنهن جو وڏو سبب هن جون خراب عادتون ۽ طور طريقا هيا. هن ماڻهوءَ ڪڏهن به ڪنهن دعوت جو شڪريو ادا نه ڪيو، نه ئي ڪڏهن ڪچهريءَ لاءِ لڙي آيو ۽ نه ئي وري ڪڏهن ڪنهن سان ڪو تعاون ڪيائين. آخرڪار مون کي به هن سان اهو ڪرڻو پيو، جيڪو هر ڪو هن سان ڪندو هيو. مون هن لاءِ ڪنهن به قسم جو ڪم ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو. جڏهن ڪو رانديگر هر ڪنهن کي پنهنجي سخت گير رويي سان پري ڪري ڇڏي، ته پوءِ هو راند نه ڪري سگهندو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪروڙ پتي يا مها راجا سخت گير هجن. باقي اسان پارن جي لاءِ اها سخت گيري ناڪاميءَ جو مکيه سبب آهي.
مان هڪ تمام خوبصورت ڇوڪريءَ کي سڃاڻان جيڪا نوڪريءَ لاءِ ڏاڍي پريشان هئي. مان پنهنجي ڪوشش سان هن جو هڪ ڪمپنيءَ جي سربراهه وٽ لنچ ۽ انٽرويو رکرايو. جنهن همراهه وٽ انٽرويو هيو اهو پراڻن خانداني قدرن جو وڏو خيال رکندو هيو. مصيبت ان وقت ظهور پذير ٿي، جڏهن اها ڇوڪري ان شاندار ڊائننگ روم ۾ ظاهر ٿي ته هن کي ٽي شرٽ ۽ ڪڇو پاتل هيو ۽ پيرن ۾ وڏي کڙي وارا سينڊل پاتل هيا، ڄڻ هوءَ سمنڊ ڪناري پڪنڪ تي آئي هجي. انٽرويوءَ جو ٻيڙو غرق ته ان وقت ئي ٿي چڪو هيو، جڏهن هوءَ ظاهر ٿي هئي ۽ مان پاڻ کي وڏو بيوقوف سمجهڻ لڳم.
ناڪام ماڻهن جي اها عادت هوندي آهي ته هو هميشه موقعي مناسبت سان صحيح پوشاڪ نه پهريندا آهن. انٽرويو مهل هو ٽاءِ پائي نه ايندا يا وري ڊڪڻ واري بوٽ سان ايندا. هو مانيءَ مهل جين پائي ايندا، جڏهن ته هر ڪنهن کي سوٽ پهريل هوندو آهي. هو سمجهندا آهن ته هو فيشن مطابق ڪپڙا پهري آيا آهن، پر هو ڄڻ سڌو سنئون اهو ٻڌائي رهيا هوندا آهن ته هنن جو انهيءَ پارٽي جي ماڻهن سان ڪو تعلق ڪونهي ۽ اهو پڻ ته هنن کي باقي ٻين لاءِ نفرت آهي.
اهو توهان تي منحصر آهي ته توهان اهڙي ڊريس پهريو جنهن مان ظاهر ٿئي ته توهان ٻاهريان ۽ باغي آهيو يا وري اهڙي پوشاڪ اوڍيو جنهن مان ظاهر ٿئي ته توهان جو واسطو انهن ماڻهن سان ئي آهي ۽ انهن سان گڏجي توهان ڪم ڪري سگهو ٿا.

[b]5. خراب رويو
[/b] ناڪام ماڻهو ظاهري طور تي عام طور ڪوڙا ۽ هر ڳالهه جو اونداهو رخ ڏسڻ وارا لڳندا آهن. هو پنهنجي ڪم کي ۽ پنهنجي چوگرد دنيا کي نا پسند ڪندا آهن. هنن کي اهو خيال هوندو آهي ته سندن چوگرد رڳو بي ايماني ۽ بي وقوف ماڻهو آهن. هو هر ڳالهه کي اونداهو رخ ڏئي ڇڏيندا آهن. پنهنجي نا اميدي ۽ مايوسيءَ سان پنهنجي واسطيدار ماڻهن کي مايوسيءَ جي اوڙاهه ۾ اڇلائيندا آهن. هنن کي پنهنجو پاڻ ۾ اعتماد بلڪل ڪو نه هوندو آهي، کين هميشه اهو ئي انديشو هوندو آهي ته هو ڪو به ڪم صحيح طريقي سان ڪو نه ڪري سگهندا. اهڙو اظهار وري هو سڀ ڪنهن سان ڪندا آهن. هنن کي شايد ئي اهو اندازو هوندو آهي ته هو پنهنجي ايڊورٽائيز هڪ ناڪام ماڻهو جي حيثيت سان ڪري رهيا آهن.
منهنجي هڪ دوست آهي. هوءَ ڪافي هوشيار ۽ ذهين آهي پر جڏهن به هن کي ڪا نوڪري ملي ته هن کي ڪا نه ڪا شڪايت هوندي هئي. ڪڏهن ته سندس آفيس سٺي جاءِ تي نه هوندي هئي، ڪڏهن ان جو ايئر ڪنڊيشننگ سسٽم صحيح نه هوندو هيو، ڪڏهن پنهنجي باس سان اٽڪي ايندي هئي ۽ ان جو نتيجو اهو نڪتو جو ٻن سالن ۾ هن پنج نوڪريون تبديل ڪيون ۽ جتي به هن نوڪري ڪئي اتان ڪو به کيس چڱو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ لاءِ تيار ڪو نه هيو.
۽ اهو ئي ٿيڻو آهي اهڙن شڪايتي ماڻهن سان.

[b]6. غير ضروري بحث
[/b] ناڪام ماڻهو بحث براءِ بحث ڪندا آهن. اهڙا ماڻهو جهڳڙو ان ڪري شروع ڪندا آهن ته جيئن ماڻهو هنن مان متاثر ٿين ته هو ڪيڏا نه هوشيار آهن. پر اها شايد هنن جي غلطي آهي. ڪنهن شايد سچ چيو آهي: ”جڏهن توهان گڏ هلڻ چاهيو ٿا ته پوءِ بس گڏ هلو.“ ان جو مقصد ڪونهي ته توهان ٻي ماڻهوءَ جي هر ڳالهه سان متفق هجو. پر ان جو اهو مطلب آهي ته توهان ڪنهن سان لاحاصل ۽ بغير ڪنهن توڙ جي بحث ڪريو ٿا، ته پوءِ ان کان ڪهڙي مدد جي اميد ڪندؤ.
ماڻهو جيڪي ڪم ڪرڻ پسند ڪندا آهن سي خواهه مخواهه جي بحثن ۾ ڪو نه الجهندا آهن. جيڪڏهن توهان بحث ۾ گرم ٿي ويندؤ ته هو پاسو ڪري ويندا ۽ توهان پنهنجي چوڌاري فقط ٻيا اهڙا ماڻهو ئي ڏسندا جن کي به رڳو خواهه مخواهه بحث جي عادت هوندي آهي. اهو رستو سڌو سنئون ناڪاميءَ جو رستو آهي.

[b]7. پهرين ڪم ڪرڻ وارين ڳالهين کي آخر ۾ رکڻ
[/b] ناڪام ماڻهو ڪڏهن به ترجيحات مقرر ڪري ڪو نه سگهندا آهن. هڪڙو منهنجو ڪلاس فيلو آهي. ڪافي هوشيار ۽ سمارٽ، هن جو پيءُ به تمام ڪامياب ماڻهو هيو، پرهن جي حياتي زهر هئي. هو هڪ ڊپارٽمينٽ ۾ مئنيجر جي ڪرسي تي هيو. پر جيڪڏهن مان هن کي ڪڏهن به اهو مشورو ڏيندو هيم ته يار سول سروس جو امتحان ڏئي، ته سدائين چوندو هيو ته هن وٽ وقت ڪونهي ۽ هو پنهنجي وندر ۾ تمام گهڻو مشغول آهي.
حقيقت اها آهي ته هر ڪم لاءِ واقعي ايترو وقت ڪو نه هوندو آهي. توڙي جو انهن ڪمن ۾ ڪي واقعي اهم ڪم به هوندا آهن. پر ناڪام ماڻهو اهو ڪڏهن به سکي ڪو نه سگهندا آهن، ته ڪن ڪمن جي اوليت مقرر ڪرڻ ڪيڏو نه اهم آهي. هو اهو به ڪڏهن ڪو نه پرائيندا آهن ته وڏن ۽ اهم ڪمن لاءِ ننڍن ڪمن جي قرباني ڏيڻي پوندي آهي. حقيقت ۾ اها سوديبازي ئي آهي.
هي واعظ اتي ئي ختم ٿئي پيو. ٿي سگهي ٿو توهان ۾ به انهن مان ڪي عادتون هجن. پر ڪامياب ماڻهو ڄاڻيندا آهن ته هو پاڻ ۾ تبديلي آڻي سگهن ٿا ۽ هو ائين ڪندا به آهن.