پنهنجن جوان ٻارن کي جنسيات سان منهن ڏيڻ ڪيئن سيکارجي؟
[/b]
Helping your teen to handle sex
By: Helen Bottel
والدين هئڻ جي ناتي سان اسان آخر پنهنجي جوان اولاد کي جنسيات جي باري ۾ ڇا سمجهائينداسين، خاص ڪري شادي کان اڳ وارن جنسي لاڳاپن جي باري ۾؟
جيڪڏهن توهان انهن کي اهو چوندؤ ته اها ڳالهه غير اخلاقي آهي، ته به هنن تي ڪو اثر ڪو نه ٿيندو.
جيڪڏهن توهان کين سمجهائيندؤ ته ”ائين ڪرڻ سان توهان مصيبت ۾ ڦاسي ويندؤ“ ته به ڪو فرق ڪو نه پوندو. غير شادي شده ڇوڪرين کي پيٽ سان ٿيڻ جا ڪيترائي واقعا پيا ٿين، پر ڄم روڪ گورين جي به ته جڳ کي خبر آهي.
پنهنجي ماضيءَ جي تجربن مان اها به خبر پوي ٿي ته جيڪڏهن ٻارن ۾ غلطيءَ جو احساس اڀاريو ويو، ته به ان جا نفسياتي طور تي اگرا نتيجا ڏسڻا پون ٿا. اسان اها اميد ڪري سگهون ٿا ته اهي شاديءَ تائين ان ڳالهه کان پاسو ڪندا، پر ان ڳالهه جي اميد گهٽ آهي. سو والدين کي اڃان گهرا ۽ معنيٰ وارا جواب ڳولڻ کپن. انهن جوابن کي ڳولڻ لاءِ اسان کي نوجوانن جي گهرين سچائين کي ڏسڻو پوندو ۽ ان ڳالهه کي به مڃڻو پوندو ته سندن صحيح ۽ بري هئڻ جو احساس انهن اڳين کان وڌيڪ تيز آهي، جن وٽ فقط اهو ئي احساس هوندو هيو ته ”ٻيا ڇا سوچيندا“ پر نوجوان سمجهه ۾ اچڻ جوڳيون حدون ڄاڻڻ چاهين ٿا، انهن جي پٺيان هڪ سدائين وڏو سوال آهي ته آخر ڇو؟
هيٺ منهنجون ڏنل نَوَ پوائنٽون ان بچاءَ ۾ ڏنل آهن:
1. پهريائين بستري تي پوءِ شادي. اهو نعرو مڪمل طور تي ڇوڪرين جي خلاف آهي. گذريل پنجاهه سالن ۾ سيڪس جي ڪافي ارتقا ٿي آهي. رويا بدلجي رهيا آهن. پوءِ به مرد عام طور استعمال ٿيل ڇوڪرين جي باري ۾ شڪ ۾ مبتلا هوندا آهن. اها ڊوڙ مردانگيءَ جو آخري ڳڙهه آهي ۽ ڪنوارپ واقعي ڇوڪريءَ کي وڌيڪ دل پسند ۽ گهربل بنائي ٿي.
2. اسان جو سماج ڪن اصولن تي ٻڌل آهي. شادي کان اڳ ميلاپ انهن اصولن کي ٽوڙي ڇڏي ٿو. خاندان ۽ گهر جو تصور ان جذباتي هيجان ۾ ڪهڙي جڳهه وٺندو؟ اهو تحفظ وارو احساس جيڪو گهر ۾ خاندان سان ٻڌل آهي، ڪٿان آڻبو؟
3. ها، ڪافي اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي غير شادي شده سيڪس کان به اخلاقي طور تي ڪريل آهن. جهڙوڪ: بي ايماني، لالچ، خود غرضي، ظلم، ڄاڻي واڻي ٻين ماڻهن کي استعمال ڪرڻ وغيره، اهي بلڪل غلط آهن. جڏهن ته ٻن ڌرين جو ميلاپ بلڪل صحيح لڳندو آهي. پر شادي کان سواءِ ميلاپ ۾ ڪا خاص دير نه لڳندي آهي ۽ مٿي بيان ڪيل سڀ غلط ڳالهيون ان لاءِ ڪرڻيون پونديون آهن، ڇو جو توهان هڪڙو اصول ڀڃو ٿا ته ٻيو ضرور ڪمزور ٿيندو. اها ڳالهه خاص ڪري الهڙن جي پيار ۾ ضرور ٿئي ٿي، ڇو جو ان ۾ رازداريءَ کي وڏو عمل دخل هوندو آهي، جيڪا عموماً بي ايمانيءَ کي جنم ڏيندي آهي ۽ غير يقينيءَ واري ڪيفيت ڌرين کي هڪ ٻئي ڏانهن شڪي بڻائي ڇڏيندي آهي.
4. اسان جي گهڻي جذباتي ڇڪ ميلاپ ڏانهن نه هوندي آهي پر ڪنهن جي قريب ٿيڻ لاءِ هوندي آهي. گڏجڻ خوشگوار اهتمام آهي پر اها جستجو، اهو انتظار، اهي اميدون ۽ خواب انهن سڀني جو آخري اسپيشل انعام ميلاپ ۾ ئي ملندو آهي. جڏهن نوجوان ماڻهو فقط جسم جي زبان سان ئي ڳالهائيندا آهن ته پوءِ هو ڪڏهن به هڪٻئي کي سمجهي نه سگهندا. ”ميلاپ هڪ سٺي دوستيءَ کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيندو آهي.“
5. گهر ٺاهڻ جي جبلت، ٻار پيدا ڪرڻ جي خواهش، پر ان عمر واري پيار ۾ ڪو به آشيانو ڪو نه هوندو آهي. ڪافي چڙ ته ائين ئي اندر ۾ ضمير ۾، ان احساس جي ڪري پيدا ٿيندي آهي ته اسان ڪو به ٻار پيدا نه ٿا ڪري سگهون ۽ ان کان وڌيڪ وري اهو به خوف هوندو آهي ته متان ٻار ٿي پوي. اهو ئي سبب آهي جو گورين وٺڻ کان پوءِ به ڪافي ڇوڪرين کي پيٽ ٿيو پوي.
6. ٿوري خود غرضي ان ڳالهه ۾ مدد ڏي ٿي. اهو ڪو اهڙو ڏکيو فيصلو نه آهي. جڏهن ڪا ڇوڪري پاڻ کان پڇي ٿي ته ”ڇا مان جيڪڏهن ائين ڪندس ته پاڻ وڻندس؟جيڪڏهن مان پاڻ کي ئي نه پسند ڪندس ته هو يا ٻيو ڪو منهنجي ڀلا عزت ڪيئن ڪندو؟ ڪنهن کي ڀلا تڪليف ايندي؟ ڇا اها مون کي ئي ايندي؟“
7. آزاد پيار شايد ئي ڪڏهن آزاد هجي. الهڙ نوجوان ان جي قيمت ڳڻتيءَ ۾ چڪائين ٿا. ان خوف ۾ ته متان مٿي پڪڙجي پون يا سندن پارٽنر کانئن بيزار ٿي پون. ان پيار ۾ سدائين تڪڙ هوندي آهي ۽ مزو بلڪل گهٽ هوندو آهي. نا اميدي الزام تراشيءَ ۽ شڪ ۾ تبديل ٿي ويندي آهي. ”ڇا مان استعمال ٿي رهي آهيان؟“ اهو سوال عام ڪري ذهن ۾ ڦرندو رهندو آهي، پر پوءِ به اهو ناتو ڏاڍو ڏکيو ٽٽندو آهي. نوجوان ڪافي دير تائين هڪٻئي سان وابسته رهن ٿا ۽ انهن مان ڪافي جوڙا ته شاديون به ڪن ٿا، پر عام طور اڪيلي ٿيڻ جي خوف کان.
8. مرد اڪثر ڪري ان کان وڌيڪ رومانٽڪ هوندا آهن، جيترو سمجهيو ويندو آهي. اهي پيار به شدت سان ڪندا آهن ۽ جيڪڏهن ڳالهه بگڙجي ويندي آهي ته ڇوڪرين کان وڌيڪ هو لوڙيندا آهن. هڪ شديد لو افيئر هن جي پڙهائيءَ جو سلسلو ختم ڪري سگهي ٿو ۽ سندس مستقبل تاريڪ ٿي سگهي ٿو.
9. حقيقي نئين اخلاقيات، ايمانداراڻو تجزيو آهي، ته جنسيات جي باري ۾ کليل حقيقت پسندي آهي. ان جي باري ۾ کليل طريقي سان ڳالهائي سگهجي ٿو، نه ڪي اها کليل ۽ آزاداڻي ميلاپ جي اجازت ڏئي ٿي. اهي جيڪي ان رستي تي سفر ڪن ٿا، هلندي هلندي کين ڌاريائپ جو احساس ٿئي ٿو، جيڪو آخر ۾ بي حسيءَ ۾ بدلجي پيار جو انت آڻيو ڇڏي.
ڊان ڪينڊي جي چوڻ مطابق ”تمام سخت ۽ ساهه منجهائيندڙ اخلاقي ڪنٽرول ۽ بلڪل ڇڙواڳ لاپرواهه غير جوابداراڻي روئي جي وچ ۾ هڪ رستو آهي جنهن ۾ پيار جي سوڀ آهي ۽ ان لاءِ اسان کي ڪوشش وٺڻ کپي.ا هو ڪو خاص قدم ڪونهي، پر هڪ مسلسل خوش ڪن جذباتي هجڻ جو احساس آهي. ان ڳالهه جو فڪر آهي ته اهڙي ڳالهه ڪجي جنهن سان انفرادي طور يا اجتماعي طور معاشري کي وڌ ۾ وڌ فائدو رسي.“
هڪ ٻار جي مثبت پيار جي ٽريننگ ان وقت ٿئي ٿي جڏهن کان هو ماءُ جي هنج ۾ کيڏي ٿو، جڏهن هو ڏسي ٿو ته تڪليف ۾ ڪهڙيءَ طرح سان سندس والدين هڪ ٻئي جي پرگهور لهن ٿا.
بار بار اهو تجزيو ڪيو ويو آهي ته ٻار عام طور پنهنجي پيءُ ماءُ کي ماڊل طور استعمال ڪندا آهن ۽ ان ۾ ڪجهه تبديليون آڻيندا آهن. توهان انهن جي مدد ڪري سگهو ٿا. انهن جو ڳالهيون غور سان ٻڌي، پنهنجي طور انهن کي مطمئن ڪيو، باقي رڳو روڪڻ سان ڪجهه ڪين ورندو. هنن سان زوريءَ بحث نه ڪيو. فقط توهان هنن سان موجود رهو. توهان جي ٻار کي اهو احساس هجي ته ڪنهن به موضوع تي هو توهان سان ڳالهائي سگهي ٿو. هنن جا خيال پراڻن خيالن سان متضاد ٿي سگهن ٿا پر جيڪڏهن توهان پنهنجن ٻارن جي تربيت پيار ۽ ايمانداريءَ سان ڪئي آهي ته پوءِ فڪر نه ڪريو. اهو بلڪل ٿي سگهي ٿو ته هو توهان وارو رستو اختيار نه ڪن، پر هو توهان جي اصولن سان سچا رهندا، پنهنجي وقت ۽ حالتن پٽاندر.
(اپريل 1970ع تان ورتل)