انسان جي وجود کي پنهنجو پاڻ صحتياب ڪندڙ انساني دماغ جون حيرت انگيز قوتون
[/b]
The remarkable self healing powers of mind
By: Morton M. Hunt
اهو بلڪل صحيح آهي ته قدرت اسان جي ذهن کي ذهني ڇڪتاڻ ۽ ٻين بيمارين سان منهن ڏيڻ لاءِ زبردست طاقتور بنايو آهي، پر جيڪڏهن توهان جو دماغ ئي بيمار ٿي پوي ته ان کي نارمل ڪرڻ لاءِ ڪهڙا اپاءَ وٺڻ گهرجن؟
ٻي جنگ عظيم دوران آءٌ ايئرفورس ۾ پائلٽ طور ڪم ڪندو هيم ۽ جاسوسي ڪرڻ لاءِ اڪيلي سر جهاز جرمنيءَ جي حدن ۾ گهڻو اندر اڏائي ويندو هيم. ان ۾ جيءَ کي وڏو جوکو هيو، سو ان حالت جي ڪري شديد دٻاءَ واري ڪيفيت ۾ آءٌ پنهنجو پاڻ لاءِ ئي عجيب ۽ غريب بنجي ويس. پنهنجو وجود ئي مڪمل اجنبي بنجي ويو. منهنجي لکڻي ڦِري وئي. اکر سمجهه ۾ نه اچڻ جوڳا ٿي پيا. سڄي سڄي رات ويٺو شراب پيئندو هيم ۽ جوا کيڏندو هيم. سواءِ فحش مواد جي ٻيو ڪجهه به پڙهي نه سگهندو هيس. منهنجي زندگيءَ جو وڏو سرور موسيقي مون کي بور ڪرڻ لڳي. هڪڙيءَ رات بريفنگ روم۾ وڃڻ کان اڳ مون ڄاڻي واڻي پنهنجو گوڏو ڀڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن هو مون کي ٻيءَ ڪنهن اڪيلي اڏام لاءِ نه موڪلين.
آءٌ ذري گهٽ خودڪشي ڪرڻ وارو هيس جو جنگ ختم ٿي وئي. ان کان پوءِ لاڳيتو هفتن تائين آءٌ ستو پيو هوندو هيم ۽ ڏينهن جو به جاڳندي خواب ڏسندو هيس، جنهن ڪري پنهنجي ڊيوٽيءَ کان غائب رهندو هيس. انهيءَ دوران، اندر گهڻو اندر، جتي نرميءَ، خوشيءَ، صحت ۽ چڱ ڀلائيءَ جو واسو هيو، پڪ سان اتان ئي ٻيهر انهن شين جي واڌ ويجهه شروع ٿي، ڇو جو آهستي آهستي مون ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا ۽ منهنجي لکت سڌرڻ لڳي.
هڪ دفعي ريڊيو تان موزارٽ جي سمفني ٻڌندي مسرت جي هڪ لهر سڄي جسم ۾ ڊوڙي وئي. اوچتو مون کي اهو احساس ٿيو ته مون کي اهو گم ٿيل دوست ملي ويو آهي. يعني منهنجو پنهنجو وجود. ”اهو مان آهيان“ مون خوشي وچان سوچيو ته ”مان واپس لائين تي اچي ويو آهيان!“
ائين جذباتي هيجانن مان پنهنجو پاڻ واپسي ٿي ۽ چڱ ڀلائي تمام عام آهي پر اسان مان اڪثر ان ڳالهه کان واقف ڪو نه آهن، پر اهو ڪرشمو ڪيرٿو ڪري؟ اهو آهي اسان جو دماغ.
گهڻا سال اڳ اڪثر نفسياتدان اهو سمجهندا هيا ته بيمار دماغ جو ٻيهر ٺيڪ ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو، بلڪ ناممڪن آهي، ڇو جو دماغ تمام نازڪ نفيس آهي، پر هاڻي سوچ بدلجي رهي آهي. هاڻي اڪثر نفسياتدانن جو اهو چوڻ آهي ته انساني جسم وانگر انساني دماغ کي به قدرت پنهنجو پاڻ کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ انيڪ هٿيار ڏنا آهن. نفسياتي علاج کان انڪار ڪونهي ۽ جيڪو لاعلاج مريضن لاءِ ضروري آهي، پرنئين نقطي نظر مطابق لکين انسانن وٽ جيڪي ذهني مونجهارن ۾ ڦاٿل آهن، اهي قدرتي ذريعا موجود آهن جن وسيلي هو پاڻ کي شفا ڏياري سگهن ٿا.
[b]1. توازن کي برقرار رکندڙ عمل
[/b] ذهن جو خود ـ شفا وارو عمل تقريباً اهڙو ئي آهي جهڙو ٻي سموري جسم جو. جسم جي بنيادي اصول کي وٺو. يعني سمورن عضون ۾ توازن قائم رکڻ وارو عمل. مثلاً جيڪڏهن اسين گهڻي گرمي محسوس ڪندا آهيون ته هڪدم پگهر ايندو آهي، جيئن سموري جسم جي گرمي پد ساڳيو رهي. ساڳي طريقي سان جڏهن ذهن مونجهارن ۾ ڦاٿل هوندو آهي ته اهو به ساڳيءَ طرح ڪوشش ڪندو آهي. اهي ماڻهو جيڪي پاڻ کي ڪنهن به شيءِ جي لائق نه سمجهندا آهن، ڪنهن گناهه جي احساس ۾ دٻيل هوندا آهن، يا کين اڻپوري هئڻ جو احساس هوندو آهي. اڪثر ڪري لا شعوري طور تي اهڙن ڪمن ڏانهن راغب ٿي ويندا آهن جيڪي ڪم انهن ناڪاري جذبن کي ختم ڪندا ويندا آهن. ذهن جي هڪ اهڙي ڪم واري حصي ذريعي، جنهن کي معاوضي (Compensation) چيو وڃي ٿو تنهن ۾ اهو عمل ٿئي ٿو. ان جو هڪ وڏو مثال گلين ڪنهنگام آهي جيڪو ننڍپڻ ۾ ڏاڍو سڙي پيو هيو. کيس ٻڌايو ويو هيو ته هو ڪڏهن به گهمي ڦري نه سگهندو پر هن پوءِ دنيا ۾ پيدل سفر ڪرڻ وارن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا.
هڪ ٻي مشابهت جسم ۽ ذهن جي ڪم جي اها آهي ته جيڪڏهن جسم اندر ڪا به ٻاهرين شيءِ داخل ٿيندي آهي ته رت جا ذرا ان کي روڪي وٺندا آهن ۽ کيس هڪ کوپي (Cyst) اندر بند ڪري وٺندا آهن. ساڳيءَ طرح ذهني توازن برقرار رکڻ لاءِ هڪ طريقو استعمال ٿيندو آهي، جنهن کي عقلي ڇنڊ ڇاڻ (Rationalization) چئبو آهي. جڏهن اسين ڪنهن مڃڻ جوڳي انداز سان ڪنهن نه مڃڻ جهڙي ڳالهه تي سوچيندا آهيون ته دراصل اسان اها ڳالهه، جيڪا اسان کي تڪليف ٿي پهچائي، ان کي کوپي ۾ بند ڪندا ويندا آهيون، يعني ان خلاف دليل اسان وٽ تيار ٿيندا ويندا آهن. منهنجو هڪ دوست جنهن هڪ بي وقوفي واريءَ سيڙپ ڪاريءَ ۾ پئسو وڃائي ڇڏيو هيو سو هاڻي مزو وٺي ڪري ان کي تجربو سڏيندو آهي ته ”ادا زندگي ۾ اهو تجربو به ضروري هيو. جيتوڻيڪ هيو مهانگو، پر هيو ضروري.“
تنهن ڪري سو سيڪڙو نه، ته به ڪافي حد تائين اهي ڳالهيون، Compensation ۽ عقلي ڇنڊ ڇاڻ، ذهن جي چڱ ڀلائيءَ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪنديون آهن.
[b]2. جذبات جي واڌ ويجهه جوڪو به انت ڪونهي
[/b] اڳي اهو مڃيو ويندو هيو ته جوانيءَ جي شروعات کان پوءِ جذبات جو اختتام تمام تڪڙو ٿي ويندو آهي ۽ انسان جي ڪردار جي شروعاتي سالن ۾ ڪردار ۾ آيل اوڻايون تمام گهڻي محنت کان پوءِ به ڪو نه نڪرنديون آهن. پر هاڻوڪي کوجنا ٻڌائي ٿي ته ڪافي اوڻايون انسان جي بالغ (Mature) ٿيڻ کان پوءِ ختم ٿيو وڃن.
ڪافي اهڙا ڇوڪرا جيڪي اسڪولن مان ڪڍيا ويا ۽ جن جي باري ۾ اهو چيو ويو ته اهي غير جوابدار، پنهنجيءَ مرضيءَ وارا، غير ذميوار ۽ بي ضمير آهن، پر عام ذهن وارا چوندا هيا ته اهي دنيا ۾ ڪاميابيءَ سان هلي ويندا. هڪ کوجنا مطابق اهڙن شاگردن جي اڪثريت ٻيهر ٻين ڪاليجن مان پڙهي ۽ انهن مان اڪثر نوجوانن ڀرپور زندگي گذاري . ڇو؟ ان ڪري جو جذباتي واڌ ويجهه ڪڏهن به ختم ڪا نه ٿيندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن سج جا ڪجهه ڪرڻا، پيار جي هلڪي ڪَڻ ڪَڻ ۽ پيءَ ماءُ جو پيار هڪ سڙيل سلي کي به سائو ڪري سگهي ٿو.
[i]3. پيار ذريعي علاج
[/i] فرائڊ چيو آهي ته هر اهو پيار جيڪو اسان محسوس ڪندا آهيون، پوءِ اهو پيءُ ماءُ لاءِ هجي، دوست لاءِ هجي، يا ڪنهن پياري لاءِ، اهو توهان جي ذات تي هڪ نقش ڇڏيندو آهي ۽ ان کي وڌائيندو ۽ وڌيڪ قابل بنائيندو آهي. جڏهن اسان جو ڪنهن سان پيار ٿي ويندو آهي، ته اوچتو اسان جي چوگرد هڪ مانڊاڻ کلي ويندو آهي. اسان سوچيندا آهيون ته اسان پنهنجي پياري کي ڪيئن نظر اچون! سو ان ڪوشش ۾ اسان پنهنجو پاڻ ۾ تبديليون آڻيندا آهيون، جيئن ڏسڻ واري تي اسان جو تاثر سٺو پوي. سڀ کان وڌيڪ پيار، مڪمل ٿيڻ جو احساس آهي. اسان مان اڪثريت اهڙن ماڻهن سان پيار ڪندي آهي، جن جي شخصيت اسان جي وجود جي پورائيءَ لاءِ ضروري هوندي آهي (مضبوط ۽ اڳتي وڌائيندڙ)، جنهن جي ذريعي اسان پنهنجو پاڻ کي مڪمل محسوس ڪري سگهون.
ڪجهه سال اڳ دلاس (Dallas) جي ٻارن جي رهبريءَ واري ڪلينڪ 34 نوجوانن تي تجربو ڪيو، جيڪي ٻاراڻي اوسٿا ۾ ڏاڍا نماڻا ۽ شرميلا هيا. پوءِ خبر پئي ته انهن مان 4/3 حصو يعني منو تعداد ڪجهه وقت کان پوءِ نهايت ڪامياب انسان بنجي ويا، ۽ خاص ڳالهه اها ته انهن جي اڪثريت اهڙين عورتن سان شادي ڪئي جيڪي ظاهري ڏيکاءُ واريون (Extrovert) هيون. اهڙيءَ طرح انهن پنهنجي شخصيت کي مڪمل ڪيو ۽ پنهنجا پراڻا زخم ڀريا.
[b]4. ڪم جو چئلينج
[/b] ڪار لائل هڪ دفعي لکيو هيو ته ”ڪم انسان ذات جي اڪثريت لاءِ مصيبتن ۽ تڪليفن جو وڏو علاج آهي.“
ذهني مسئلا (Neuroses) اصل ۾ ٻاراڻا مسئلا آهن. ڪي ماڻهو اهڙا به خوشقسمت هوندا آهن جو پنهنجي لاءِ اهڙا مشڪل ۽ وڏي چئلينج وارا ڪم ڪڍندا آهن جو انهن ٻاراڻين ڳالهين کي ٿڏي پري ڪري ڇڏيندا آهن. ڪافي وقت اڳ هڪ نوجوان اهڙي ته نفسياتي مونجهاري ۾ ڦاٿو جو سندس دوست هن کان بليڊ ۽ ريزر به پري رکڻ لڳا ته متان هو خودڪشي ڪري نه وجهي. تنهن وقت هن لکيو هيو: ”سڄي ڌرتيءَ تي آءٌ سڀ کان وڌيڪ ڏکويل انسان آهيان، ڪڏهن مان ٺيڪ به ٿي سگهندس، چئي نه ٿو سگهان، پر افسوس سان اهو چوڻو پوي ٿو ته مان مشڪل سان ئي ٺيڪ ٿيان.“ پر هو غلط هيو. اهي للڪارون جيڪي زندگيءَ هن کي آڇيون هيون، تن جي ڪري هو تندرست به ٿي ويو ۽ سندس طاقت هنکي، هن جي ملڪ کي ٽٽڻ کان بچايو. هن جو نالو اٿو ”ابراهام لنڪن.“
[b]5. وسارڻ ۽ ٻيهر صحيح حالت ۾ آڻڻ
[/b] پنهنجو پاڻ علاج ۾ انسان وٽ جيڪا وڏي وٿ آهي، سا آهي انسان جي اها صلاحيت جنهن وسيلي هو اڻ وڻندڙ واقعا وساري ڇڏي ٿو. نفسياتي ماهرن هڪ تجربي ۾ ڪجهه ماڻهن کي مختلف ڪم ۽ مونجهارا (Puzzles) ڏنا ته اهي مڪمل ڪري ٻڌايو، پر هنن اڳ ۾ انهن جي جوڙجڪ اهڙي رکي هئي جيئن انهن مان ڪي مڪمل ٿي سگهن. آخر ۾ انهن کان پڇيو ويو ته توهان ڪهڙا ڪم مڪمل ڪيا ۽ ڪهڙا نه. ڏٺو ويو ته انهن مان جن کي احساس ڪمتري هئي، فقط اهي ڪم ياد ڪيا هيا جيڪي انهن مڪمل ڪيا هيا. جيئن هڪ چوڻي آهي ”يادگيريون زندگيءَ کي تڪليفده بنائن ٿيون، فقط ويسر ئي زندگيءَ کي برداشت جوڳو بنائي ٿي.“
وسارڻ کان وڌيڪ ڏکيو عمل ذهن کي وري ٻيهر بهتر حالت ۾ آڻڻ (Reconditioning) آهي. اهو ڄڻ ذهن جي هڪ قسم جي وري وائرنگ ڪرڻ جي برابر آهي، جنهن ۾ هڪ هڪ ٿي ڪري اسان جا سڀ رد عمل تبديل ٿي ويندا. اهو اسين عموماً ڪندا آهيون. مثال طور جڏهن اسين ڪنهن فوت ٿيل ماڻهوءَ لاءِ ڏک ڪندا آهيون ته پنهنجن پسنديده سوچن کي وري وري ورجائڻ ئي آهستي آهستي اسان جي ذهن کي نئين احساس لاءِ آماده ڪري ڇڏيندو آهي ۽ صحتمند ذهن هوريان هوريان اتي اچي پهچندو آهي، جتي هو ماضيءَ ڏانهن ڳوڙهن ڀريل اکين بدران پيار ڀري مرڪ سان نهاريندو آهي.
[b]6. نفسياتي ڌاريو جسم (Antibody)
[/b] ائين جيئن ڪو علاج ٿيل ڦَٽُ به پنهنجي پٺيان ڌاريا جسم (Antibodies) ڇڏي ويندو آهي، تيئن ڪو ذهني صدمو ڀلي هڪ دفعو ذهن تان مٽجي به وڃي، ته به پٺيان هڪ شيءِ ضرور ڇڏي ويندو. گهڻي اتم ۽ بهتر، يعني وڌيڪ ذاتي سڃاڻپ ۽ وڌيڪ قابليت.
اهو واقعو، جيڪو صدمو پهچائيندو آهي، سڄي شخصيت ۾ هڪ نئين جوڙجڪ شروع ڪري ڇڏي ٿو. ڪيترائي پلي بواءِ پيءُ جي مرڻ کان پوءِ مڪمل طور تبديل ٿي ويا.
ڪڏهن ڪڏهن ته شديد ذهني مريض به ان مرض مان جان ڇڏائي وڃن ٿا. سڀ ڪجهه پنهنجي ذات جي سڃاڻپ جي ڪري ئي ممڪن آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترن ناميارن ليکڪن پنهنجو بهترين ڪم، شديد ذهني دٻاءَ يا نروس بريڪ ڊائون کان پوءِ ئي ڪيو آهي.
[b]7. پنهنجي وجود جي مڃتا
[/b] سڀ کان قيمتي ۽ وڌيڪ اثرائتو عمل جيڪو ذهن جي بچاءَ ۾ هوندو آهي، اهو آهي پنهنجي ذات ۽ زندگيءَ ۾ يقين هئڻ. نفسياتدان ان کي پنهنجي وجود جي مڃتا (Self acceptance) چون ٿا. اها قوت جيڪا اسان کي ان قابل بنائي ٿي، جو اسين پاڻ کي حقيقت واري نظر سان ڏسي سگهون ۽ پنهنجين صلاحيتن تي توجهه مرڪوز ڪري سگهون. اهڙيءَ طرح اسين اتي پهچي سگهون ٿا جتي پهچڻ پسند ڪريون ٿا. وليم جيمس ان طاقت جو نالو رکيو آهي. ”صحتمند ذهني مذهب.“ ڊاڪٽر هيننگر ان کي ”اندروني طاقت“ چوي ٿو. سندس چواڻي ته اها قوت هر ماڻهوءَ ۾ مختلف مقدار ۾، پر موجود ضرور هوندي آهي.
انهن سڀني ڳالهين جو مقصد هرگز اهو ڪونهي ته اسين هٿ هٿ تي رکي ويهي رهون ۽ اهو سمجهون ته هر ڪم صحيح ٿي ويندو. جڏهن ته اهو صحيح آهي ته دماغ کي پنهنجو پاڻ کي ٺيڪ ڪرڻ جون لامحدود صلاحيتون آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن انهن صلاحيتن کي به مدد جي ضرورت پوندي آهي. سو جيڪڏهن ڪو ماڻهو شديد ذهني مرض ۾ مبتلا هجي ته ان لاءِ فني مدد وٺڻ تمام ضروري آهي. پر پوءِ به، جڏهن مان انساني دماغ جون پنهنجون پاڻ کي تندرست ڪرڻ جون حيرت انگيز صلاحيتون تمام ويجهڙائي کان ڏٺيون آهن، ته مون کي تمام گهڻو اتساهه مليو آهي، ته قدرتي ۽ لاشعوري طور اسان جو لاڙو پنهنجن زخمن کي ڀرڻ ڏانهن آهي، بجاءِ ان جي ته اسان پاڻ کي تباهه ڪريون. جيتوڻيڪ هزارين فلاسافرن انسان کي ڪمزور، هيڻو ۽ خراب حالتن ۾ وڪوڙيل ڄاڻايو آهي، پر مان ان پامسٽ سان ساٿ ڏيندس، جيڪو ڳائيندو هيو ”منهنجي بناوت ڏاڍي خوفناڪ پر نهايت دلفريب پڻ آهي.“
(فيبروري 1994ع تان ورتل)