سيلف ڊولپمينٽ

ڪامياب زندگي ڪيئن گذارجي؟

ڪتاب ”ڪامياب زندگي ڪيئن گذارجي؟“ جو سنڌيڪارانجنيئر شفقت حسين وڌو آهي، ياد رهي ته هي ڪتاب ريڊرس ڊائيجسٽ تان ترجمو ڪيل مضمونن تي مشتمل آهي.
زندگي گذارڻ هڪ فن آهي ۽ ڪامياب زندگي گذارڻ فن جي اوچائي ۽ اهڙي فنڪاري سڀ ڪنهن کي ناهي ايندي.
هي ڪتاب ”ڪامياب زندگي ڪيئن گذارجي؟“ اهڙي فنڪاري سيکاريندڙ ڪيتريون ئي ڪارگر ڳالهيون ٻڌائي ٿو، جن تي عمل ڪرڻ سان زندگيءَ کي ڪاميابيءَ جي راهه تي هلائي، سفر کي پُر مسرت بڻائي سگهجي ٿو.
Title Cover of book ڪامياب زندگي  ڪيئن گذارجي؟

پنهنجي ذهني توانائي ڪيئن وڌائجي؟

[b] پنهنجي ذهني توانائي ڪيئن وڌائجي؟
[/b]
How to increase your mental potential?
By: John H. Douglas

15 سالن جي ڇوڪر وٽ والدين لاءِ هڪڙي ڏکوئيندڙ خبر هئي. ننڍپڻ کان ئي هو پڙهڻ ۾ جڏو هوندو هيو ۽ اسڪول ۾ هميشه تڪليفده وقت گذارڻو پوندو هيس. پر هاڻي ته انتها ٿي وئي هئي. اڄ کيس اسڪول مان نيڪاليءَ جو ليٽر مليو هو. جنهن ۾ لکيل هيو: ”تنهنجي موجودگيءَ جي ڪري ڪلاس ۾ مونجهارو پيدا ٿو ٿئي ۽ ٻيا شاگرد متاثر ٿين ٿا.“
سالن کان پوءِ هن ڪلاس ۾ پڙهڻ جا تڪليفده مسئلا فلسفياڻي انداز ۾ ٻڌايا: ”منهنجي ذهانت جي اوسر ڏاڍي آهستي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ جڏهن وڏو ٿيس ته پوءِ ئي مون کي وقت ۽ خلا (Space & Time) جي باري ۾ تجسس پيدا ٿيو. فطري طور تي انهن ڳالهين تي مان هاڻي وڌيڪ غور ڪري سگهيس ٿي بنسبت هڪ ٻار جي.“ ۽ ائين اسڪول کان ٻاهر نڪرڻ کان 11 سال پوءِ نوجوان البرٽ آئنسٽائن نسبتي نظريو (Theory of Relativity) شايع ڪرايو، جنهن جي ڪري ڪائنات متعلق اسان جي سمجهه ۾ ئي ڦيرو اچي ويو.
ويهين صديءَ ۾ آئنسٽائن کان وڌيڪ ڪو به ٻيو ذهين ماڻهو پيدا ڪو نه ٿيو آهي، پر ان هوندي به هن جي ننڍپڻ ۾ هن جي جيڪا ذهني اوسر هئي يا هن جون جيڪي نراليون خصوصيتون هيون تن جي ڪري اسان جا ذهانت يا I.Q جي باري ۾، جيڪي رواجي تصور آهن، انهن هن جي ذهن تي شڪ ڪيو. سو هڪ طرف ته رواجي ٽيسٽن هن جي ذهانت کي مڃيو ئي ڪو نه، ٻي طرف اڳتي هلي هن جي دماغ اهڙا ڪارناما سر انجام ڏنا، جن جي تعريف ڪرڻ لاءِ به ڪا وصف ئي ڪانهي، جو بيان ڪري سگهجي. ان سان گڏوگڏ هن جي ذهانت آهستي آهستي وڌندي وئي. ان خيال جي برعڪس ته ذهانت ڄائي ڄم کان ئي هوندي آهي. اهي رويا جيڪي هن کي مورثي نه مليا پر هو سکيو. خاص طور هن جو ڪنهن ڳالهه تي ڪامل يقين رکڻ ۽ هن جي خيالن سان کيڏڻ واري مهارت، هن جي ذهانت لاءِ بي حد اهم هيا.
ذهانت جا هي اهم ۽ طاقتور نقطا، جن کي عام رواجي وصفون نظر انداز ڪري ٿيون ڇڏن. اڄڪلهه انهن تي ڪافي ريسرچ پئي ٿئي. سالن جي مشاهدي ۽ تجربي کان پوءِ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته اسان جا ذهانت لاءِ مقرر ڪيل رواجي معيار ڪنهن به فرد جي ذهانت چڪاسڻ لاءِ تمام ناڪافي آهن. ان جي برعڪس ذهانت جا ڪيئي رخ آهن، جن ۾ ذاتي خصوصيتون، تخليقي صلاحيتون ۽ ذهني پيچيدگيون اچي وڃن ٿيون ۽ اهي سڀ ڪنهن به چڪاس ۾ ظاهر نه ٿيون ٿين.
سڀ کان اهم ۽ مزيدار ڳالهه اها آهي ته اهي گهٽ بيان ٿيل وصفون گهڻن ئي ماڻهن ۾ موجود آهن. رڳو انهن کي اڻ ڄاتل ۽ ٺڪرايل صلاحيتن جي موجودگيءَ جو احساس ٿئي ۽ ماڻهو انهن کي مڪمل استعمال ڪرڻ سکي. انهن صلاحيتن کي هيٺين چئن ڳالهين مان وڌيڪ سمجهي سگهجي ٿو:

[b]1. انٽيلي جنس ڪوشنٽ (I.Q)
[/b] انهن ٽيسٽن جو اسڪور ڪا خاص اهيمت نه ٿو رکي. ڪافي وقت کان ڪيل تجربا اهو ٻڌائن ٿا ته انساني زندگيءَ جي وقفي دوران اهو اسڪور تبديل ٿيندو ٿو رهي ۽ ان جو اسڪول ۽ ڪاميابيءَ متعلق اندازو ڪجهه ضرورت کان وڌيڪ مقرر ڪيو ويو آهي. تجربي موجب I.Q شاگردن جي تعليمي ڪاميابي جي فقط 35 سيڪڙي کان 45 سيڪڙي تائين نشاندهي ڪري ٿو. اڌ کان وڌيڪ بابت اڃا ڪو به تجزيو نه ٿي سگهيو آهي. ان کان علاوه اهو به ضروري ڪونهي ته اسڪول يا ڪاليج ۾ ڪامياب شاگرد اڳتي زندگيءَ ۾ به ڪامياب ٿين.
نئين تحقيق موجب استدلال جي صلاحيت، جنهن کي I.Q ٽيسٽ ماپيندي آهي، کي پڻ مختلف طريقن سان حاصل ڪري سگهجي ٿو، جيڪا شاگردن کي اسڪول ۾ ڪم اچي ٿي. نون تجربن مان خبر پوي ٿي ته جيڪڏهن جهوپڙي ۾ رهندڙ ٻارن کي به ٽريننگ ڏني وڃي ته هو بهتر I.Q مارڪون حاصل ڪن ٿا. لفظن جو گهڻو ذخيرو، جيڪو سکي سگهجي ٿو، پڻ I.Q سان ڳنڍيل هوندو آهي.I.Q سان وابسته ٻيون ڳالهيون جيئن پڙهڻ جي اهليت وغيره به ماڻهو سکي سگهي ٿو.

[b]2. تخليقي صلاحيت
[/b] I.Q ٽيسٽ جيڪا فقط ڪنهن هڪ صحيح جواب تي ٻڌل هوندي آهي ۽ اهو جواب جيڪو استد لال تي ٻڌل هوندو آهي، ذهن جي فقط 50% صلاحيتن کي ظاهر ڪري ٿو. جڏهن ته تخليقي صلاحيتن واري ٽيسٽ ۾ وري هڪ ئي مسئلي جا مختلف حل ڳولڻا پون ٿا، ان جو اسڪور 12 آهي. ٻن جي وچ ۾ جيڪو هڪ ڀاڱي ڇهه 6/1 حصو ان خاص قابليت جو ئي ٿو سمجهجي ته فقط ايترو حصو ئي ذهانت ۾ ملوث ٿئي ٿو. سو تخليقي عمل پڻ I.Q وانگر ذهانت جو محدود امتحان آهي.

[b]3. شخصيت
[/b] مختلف فرد جيڪي ڪنهن خاص انٽلڪچوئل ڳالهه ۾ ڪا حيثيت حاصل ڪن ٿا، ان ۾ عموماً شخصيت جو به عمل دخل هوندو آهي. ماضيءَ ۾ ذهانت جي وصف مان شخصيت جو به عمل دخل هوندو آهي. ماضيءَ ۾ ذهانت جي وصف مان شخصيت کي عموماً خارج ڪيو ويو هيو. مختلف ذهين ماڻهو جن خاص خاص انٽلڪچوئل ڪارناما سرانجام ڏنا، انهن تي ريسرچ ڪرڻ کان پوءِ اها نشاندهي ٿي آهي ته انهن جي شخصيتن ۾ ڪافي ڳالهيون عام ماڻهن کان منفرد هيون. مثال طور: تجسسس، منظم سوچ ۽ پنهنجو پاڻ تي تنقيد ڪرڻ جي صلاحيت، جيڪي آئنسٽائن ۾ هيون. وڏا تخليقي ۽ ذهين ماڻهو عام ڪري کليل ذهن وارا آزادي پسند تصوراتي ۽ مزاح پسند هوندا آهن.

[b]4. دماغي بناوت ۽ ان جي ڪيميا
[/b] جيئن جيئن اسان دماغ جي بناوت ۽ ان جي ڪارڪردگيءَ کي بهتر سمجهندا وينداسي تيئن اهڙيون ڪافي وصفون، جيڪي I.Q سان ماپي نه ٿيون سگهجن، نه ئي وري تخليقي ٽيسٽ ۽ شخصيت جي ٽيسٽ جي دائري ڪار ۾ اچن ٿيون، تن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. مثال طور ڌيان، جيڪو ذهني صلاحيتن ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو. اهو دماغ جي انهن حصن تي دارومدار رکي ٿو، جن تي جذبات جو به دارو مدار آهي، سو ڪنهن به مضمون سان جذباتي وابستگيءَ جي ڪري ان ماڻهوءَ جي ان سبجيڪٽ کي سمجهڻ جي صلاحيت سان ملي ڪري، هڪ قسم جو ڪيميائي انعام وارو سسٽم بڻجيو پوي، جيڪو دماغ ۾ موجود هوندو آهي ۽ جنهن ۾ جذبات توجهه واري حصي کي چڱو ڪم ڪرڻ جي صلي ۾ ڄڻ انعام ۾ چڱ ڀلائي ۽ مطمئن هئڻ جي ڪيفيت پيدا ڪري ڏيندا آهن.
انهن چئن ڳالهين بابت ريسرچ جا تمام گهرا اثر آهن. فقط ذهانت جي ٽيسٽن (I.Q) تي ڀاڙڻ سان اسڪول ۽ ڪاليج ڪافي اهڙن ذهين شاگردن کان محروم ٿي وڃن ٿا، جن ۾ ٻيون گهڻيون ئي صلاحيتون موجود هونديون آهن. جيئن هڪ وڏي محقق اي پال ٽارنس ٻڌايو: ”جيڪڏهن اسان فقط I.Q ٽيسٽن تي ئي ڇوڪرن جي ذهانت جو اندازو لڳائيندا رهياسي ته پوءِ اسان تقريباً 79% اهڙن شاگردن کي وڃائي ويهنداسي جيڪي تخليقي صلاحيتن سان ڀرپور هوندا آهن.“
هتي اهو نقطو کلي سامهون اچي ٿو ته اسان مان هر ڪو ڪنهن نه ڪنهن ذهني صلاحيت سان مالا مال هوندو آهي. ڪي ماڻهو ٻين کان وڌيڪ مسئلا حل ڪرڻ ۾ قابل هوندا آهن ته ڪي وري تخليقي مواد ۾ وڌيڪ اهل هوندا آهن. وري ڪي اهڙن ڪمن ۾ ماهر هوندا آهن جن کي مسلسل ذهني مشقت ڪرڻي پوندي آهي. اهي سڀ طور طريقا انساني ذهانت جو حصو آهن. توهان جيڪڏهن پاڻ ۾ اهڙي صلاحيت ڳولي ان کي وڌائڻ چاهيو ٿا ته پهريائين پاڻ کان هيٺيان سوال پڇو:
* مان ڪهڙين ڳالهين سان ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو: اکرن سان، نمبرن سان، تجريدي سان يا پختن خيالن سان؟
* جڏهن مان ڪنهن ڳالهه جي تشريح ڪيان ٿو ته ڇا مان اها ڳالهه تصويرون ڪڍي سمجهايان ٿو، لفظن سان بيان ڪيان ٿو، يا هنن جي اشارن سان اداڪاري ڪيان ٿو؟
* ڪنهن نئين صورتحال سان منهن ڏيڻ لاءِ مان شين کي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان يا وري انهن کي فقط سمجهي ڇڏڻ چاهيندو آهيان؟
* مزي ماڻڻ خاطر ڇا مان منجهيل ڳالهين جو حل ڳوليندو آهيان يا نيون ڪهاڻيون ٺاهيندو آهيان؟
* مان ڪهڙي ڳالهه ۾ بهتر آهيان: هر ڪنهن ڳالهه جو پاڻ ۾ خاص تعلق سمجهڻ ۾ يا وري مڪمل منظر سمجهڻ ۾؟
* جيڪڏهن مون وٽ چونڊ هجي ته پوءِ مان ڪهڙو ڌنڌو ڪندس، اهو جنهن ۾ تڪڙي عمل جي ضرورت آهي يا اهو جنهن ۾ صبر ۽ تحمل جي ضرورت آهي؟
صورتحال تي دارومدار رکندي انهن مان ڪن به مختلف هنرن جي ميلاپ سان توهان وڌيڪ ذهانت جو مظاهرو ڪري سگهو ٿا. مثال طور شادي شده جوڙن کي مشوري ڏيڻ واري ماڻهوءَ کي انسان سان لاڳاپا رکڻ ۾ بهتر هئڻ کپي ۽ انهن کي سمجهي وري کيس ڪو لائحه عمل طئي ڪرڻ ۾ مهارت هجڻ کپيس. ٻي پاسي فزڪس جي ماهر کي وري نمبرن سان راند ڪندي، منجهيل مسئلا حل ڪندي، ڪنهن ٿوري معلومات مان پوري ڪائنات کي سمجهڻ ۾ مهارت هجڻ کپندي آهي.
ذهانت کي وڌائي سگهجي ٿو پر ان لاءِ محنت جي ضرورت آهي. پهريون قدم ته اهو آهي ته توهان ۾ ڪهڙيون صلاحيتون اڳ ۾ ئي موجود آهن، پوءِ توهان انهن کي ترقي وٺرايو. اڪثر ڪري ان طريقي سان توهان کي پنهنجي سوچ جو اندازو بدلائڻو پوندو ۽ پنهنجي چوگرد دنيا کي نئين نگاهه سان ڏسڻو پوندو.
ان طريقي ڪار کي وڌيڪ بهتر سمجهڻ لاءِ اچو ته انهن ماڻهن جي طريقي ڪار تي نظر وجهون جيڪي پنهنجي ذهانت سبب مشهور ٿيا. انهن مثبت/ هاڪاري سوچ جو انداز اختيار ڪيو. انهن چئلينج وارن ڏکين ڪمن جي آجيان ڪئي ۽ ڪوشش ڪئي ته هر نئين صورتحال مان ڪجهه نه ڪجهه سکجي. هنن ۾ ايتري همت هئي جو پنهنجن ڏنل خيالن جو بچاءُ ڪري سگهن. سڀني کان بهتر آئنسٽائن جيان، هنن وٽ ايترو صبر هوندو هيو جو پنهنجن تڪڙن ارادن کي ۽ سموري پراجيڪٽ کي توازن ۾ رکندا ايندا هيا. اهي ته وڏيون ڳالهيون آهن، پر هيٺ ڪجهه طور طريقا ڏجن ٿا جن سان اسان پنهنجي ذهانت کي وڌائي سگهون ٿا:
1.ڪنهن مسئلي کي مرحلي وار حل ڪرڻ سکون: I.Q ٽيسٽ ۾ گهٽ اسڪور کڻندڙن جي اڪثريت ۾ اها ڳالهه عام هئي ته اهي تڪڙ ڪري مسئلي کي چڱيءَ طرح سمجهڻ کان اڳ ئي جواب ڏئي ويهندا هيا، تنهنڪري ڪنهن به مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ان کي مختلف حصن ۾ ورهائي، پوءِ ان کي حل ڪرڻ سکندا وڃو.
2. پڙهڻ جي فن ۾ مهارت حاصل ڪريون: اها I.Q ۾ خاص ڳالهه آهي، جنهن ۾ مختلف لفظن جو پاڻ ۾ لاڳاپو سمجهڻ ضروري آهي. اهو هنر فقط گهڻي پڙهڻ سان هٿ ڪري سگهجي ٿو ۽ پڙهائيءَ دوران نامانوس لفظن تي خاص ڌيان ڏيڻ کپي ۽ ڏسجي ته اهي ڪيئن استعمال ٿيا آهن. اهو اندازو فقط انهيءَ کي هوندو، جنهن ڪو نئون طاقتور لفظ سکيو هجي ۽ ان کي ڪنهن به مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ استعمال ڪندي جيڪاراحت کيس ملي هوندي، ان مان ئي اندازو ٿي سگهي ٿو ته ذهني صلاحيتون وڌائڻ سان ڪيڏي نه خوشي حاصل ڪري سگهجي ٿي.
3. پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجن ٻارن لاءِ هڪ سوچ وارو ماحول پيدا ڪيون: ڪامياب ماڻهن تي ريسرچ ٻڌائي ٿي ته اهي ڪنهن به نئين خيال لاءِ همٿايا ويندا هيا. پوءِ چاهي اهو نئون اصلوڪو خيال توڻي جو ڪيترو نه جهنگلي ئي کڻي ڇو نه لڳي. اهڙو ماحول جتي ٿڏجي وڃڻ جي خوف کان ڪو به ماڻهو پنهنجو اصلوڪو خيال بيان نه ڪري سگهي پوءِ ڀلي ته اهو ڪلاس روم هجي، گهر هجي يا آفيس، ته اتي اصلوڪي ۽ نج سوچ جو موت اچي ويندو آهي.
ائين لڳي ٿو ته ڪجهه مضمون ذهني وندرون جيئن فسلسفو، حساب يا شاعري ۽ استدلال هنر کي وڌيڪ پختو ڪن ٿيون بنسبت ٻين وندرن جي (جيئن ٽي وي وغيره ڏسڻ). سوچ وارو ماحول نه صرف مدد ڪرڻ وارو هوندو آهي پر ان ۾ سوچون ڀٽڪنديون به ڪو نه آهن.
انٽلڪچوئل ڪاميابيءَ جو وڏو راز اهو آهي ته ڪا به هڪڙي صلاحيت ڪاميابيءَ لاءِ ڪافي نه آهي. جيئن گهڻا ماڻهو عام طور تي چوندا آهن، ته ڪامن سينس جو ڪاميابيءَ ۾ ايترو عمل دخل هوندو آهي جيترو I.Q جو.

(ڊسمبر 1980ع تان ورتل)