وقت جي تالي کي ڪيئن کولجي؟
[/b]
How to unlock the time
By: Ralph Keyer
”سوري! ليٽ ٿي وئي.“
”ڇا واقعي اهو ٽائيم ٿي چڪو آهي!“
”ڪاش! ڏينهن ۾ ڪجهه وڌيڪ ڪلاڪ هجن ها.“
اهي جملا توهان کي ٻڌل لڳن پيا نه؟ جڏهن ٽريفڪ جام ٿي ويندي آهي ۽ هڪ انچ به اڳتي گاڏي چري نه سگهندي آهي، ته اسان ان کي ”Gridlock“ يا ٽريفڪ جي ڄار ۾ وڪوڙيل سڏيندا آهيون. جڏهن اسان اهو محسوس ڪيون ته سڄي ڏينهن جي وٺ وٺان ۾ اسان هڪ منٽ به نه ٿا ڪڍي سگهون ته پوءِ پڪ اسان وقت جي ڪڙي ۾ بند ٿي چڪا آهيون.
37 ساله، ٻن ٻارن جي ماءُ ڊيني، جيڪا هڪ ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪندي آهي، پنهنجي زندگيءَ جي ڀيٽ ڪندي چيو، ”ڄڻ لهرن تي سفر ڪرڻو آهي. پنهنجي ترهي تي صبح جو ڇهين وڳي ٽپو ڏئي چڙهي پئو ۽ وري لڏي لمي ساحل تي رات جو ڏهين وڳي اچي پهچو.“ هن کي اها خبر نا هي ته هوءَ مائڪرو ويو اوون ۽ بازاري کاڌي کان سواءِ ڪيئن گذارو ڪري سگهي ٿي. ان جي برعڪس هن جي ماءُ جيڪا هڪ اسڪول ٽيچر آهي ۽ سهولتون به گهٽ اٿس، پر ائين لڳندو آهي ته هن وٽ واندو وقت جام آهي. ”هن وٽ ايترو واندو ٽائيم آهي، جو هوءَ ڪپڙا به پاڻ ڌوئي ٿي سگهي ۽ کاڌو به پاڻ ٿي پچائي.“ ڊيني ٻڌايو.
آخر هي سڀ ڪجهه ڇا آهي؟ ڇا جديد ٽيڪنالاجيءَ ان واسطي ترقي نه ڪئي آهي ته ڪم جو بار گهٽجي ۽ واندڪائي وڌيڪ ملي؟ جڏهن ته حقيقت جي ابتڙ آهي.
ٽيليگرامن کان فيڪس تائين هر نئين جديد ٽيڪنالاجي اسان جي اڃا به وڌيڪ تڪڙين گهرجن جي پورائيءَ لاءِ ٺهيون هيون ۽ پوءِ اڃا به انهن کي تڪڙي رفتار وٺرائي وئي. محنت بچائيندڙ ايجادن زندگيءَ کي آسان ته بنايو پر انهن خرچ کي وڌايو، جنهن جي ڪري اسان کي اصل ڪم ۽ اوور ٽائيم ڪرڻو ٿي پيو. انهن خرچن جي پورائيءَ لاءِ اسان اهڙيون شيون خريد ڪيون جن مان اهو سمجهيو ٿو وڃي ته وقت بچي پوندو. جڏهن ته اهڙيون وندرون ماضيءَ جون واندڪائيءَ واريون ڳالهيون سمجهي ڇڏي ڪري، اهڙيون ڳالهيون ڪيون جيڪي ذرا تڪڙيون هجن. پر پوءِ توهان حيران ٿيندا ته ڪا به شي وقت جي دٻاءَ کي گهٽائڻ ۾ ڪا به مدد نه ٿي ڪري سگهي.
وقت سان ٺاهه متعلق بنياي طور تي ٻه رخ آهن. هڪ رخ جيڪو گهڻو عام آهي سو اهو آهي، ته هر لمحي مان وڌ ۾ وڌ پلاننگ تحت ڪم ورتو وڃي ۽ ٻيو غير رواجي رخ ان جي بلڪل ابتڙ آهي، ته ڪم ڪار جي مقدار ۾ ڪمي ڪري ، وقت متعلق گهٽ خيال ڪري، انهن ڳالهين تي توجهه ڏجي جيڪي واقعي توجهه طلب هجن. وقت متعلق پهريون طريقي ڪار توهان کي وقت جي ڪڙي ۾ بند ٿيڻ جي احساس ۾ مبتلا ڪري سگهي ٿو. پر جيڪڏهن توهان وقت جي قيد (Time Lock) کان آزاد ٿيڻ چاهيو ٿا، ته ان لاءِ ڪجهه مشورا هيٺ ڏجن ٿا:
[b]1. وقت کي پنهجو دوست بنايو
[/b] جيتري سختي سان اسان وقت کي ڪنٽرول ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪنداسين، اوترو ئي وڌيڪ دٻاءُ سان وقت اسان تي ڪنٽرول ڪندو . هڪ دفعو اسان وقت کي آکاڙي ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ترڪ ڪنداسين ته پاڻ تان ان جو دٻاءُ به هلڪو محسوس ڪنداسين. ان ڪري وقت کي فتح ڪرڻ جي ڪوشش ختم ڪيو، پر ان سان گڏوگڏ ڪم ڪيو.
ليري بزنس مين پهريون پهريون ڪئلينڊر تي جيڪو وقت ٽڪ مارڪ ڪندو آهي، اهو آهي پاڻ لاءِ وقت. اهي ڏينهن تبديل ٿي نه ٿا سگهن. ”توهان ڪو نه ڪو وقت مقرر ڪيو جنهن ۾ توهان کي ڪجهه به ناهي ڪرڻو،“ هن ٻڌايو. هي نسخو خاص ڪري انهن لاءِ فائديمند آهي، جيڪي گهٽ وقت جو هڪ هڪ لمحو وڌ ۾ وڌ استعمال ڪرڻ چاهيندا آهن. اهو توهان کي عجيب ضرور لڳندو پر گهڻن لاءِ ان کان سواءِ ڪو چارو ڪو نه هوندو آهي ته هو پاڻ لاءِ ڪو نه ڪو وقت ڪڍن.
[b]2. سڪون سان ڪم ڪرڻ سکو
[/b] ڊورا هاروي 30-1920 دؤران هڪ فارم تي پَلي هئي. هن جو مشاهدو هيو ته ”وقت جو دٻاءُ ان ۾ وقت به ڪو گهٽ ڪو نه هيو، پر ان ۾ لاها چاڙها هوندا هيا. هن لاءِ سيارو نسبتن آرامده هوندو هيو ۽ ان ۾ واندڪائيءَ جو وقت ملي ويندو هيو، پر بهار جي شروعات کان وٺي فصل جي لاباري تائين زندگيءَ ۾ ڪم ڪار جو شديد دٻاءُ هوندو هيو.“
ڪم صرف گهڙيال جي ڪانٽن مطابق نه ڪيو ويندو هيو، پر ان کي نبيرڻ واسطي ڪيو ويندو هيو. ڇڪتاڻ ۽ آرام جو اهو ڦرندڙ گهرندڙ چڪر تقريبن ويجهڙائي واري وقت تائين انسانن لاءِ نارمل هيو. توڻي جو هن وقت به اهي ماڻهو جيڪي وقت تي پنهنجي پهچ رکن ٿا، سي پنهنجي وقت کي سخت ڪم ڪار ۽ پوءِ واندڪائيءَ ۾ ورهائن ٿا. اهي ڪمال ڪندڙ انسان محنت به جانفشانيءَ سان ڪندا آهن ۽ بعد ۾ آرام به دل تي ڪندا آهن ۽ اهي ڀوڳ چرچا ڪري وري ڪنهن نئين ڪم کي لڳي ويندا آهن.
[b]3. قيلولو ڪرڻ
[/b] ونسٽن چرچل به ائين ئي ڪندو هيو. ٻي مهاڀاري جنگ جي صفا ڇڪتاڻ واري دور ۾ به هو شام جي آرام کي اهميت ڏيندو هيو. هڪ دفعو هن لکيو هيو. ”هر شام جو ڪنهن ٻار وانگر بستري تي آرام ڪرڻ تي مون کي پچتاءُ به ٿيندو آهي، پر پوءِ آنءُ رات جو ان جي بدلي ۾ هڪ ٻي وڳي تائين ڪم ڪار ڪري، اها ڪسر پوري ڪندو آهيان.“
تاريخ جي اهڙين، شام جو آرام ڪندڙ شخصيتن ۾ نپولين، انور سادات ۽ ٿامس ايڊيسن به شامل آهن.
ننڊ متعلق تقريبن سڀئي ماهر ۽ محقق ان ڳالهه تي متفق آهن ته روزانو منجهند جو ٿوري ننڊ جو جهوٽو چستيءَ ۽ طاقت کي وڌائي ٿو ۽ موڊ کي خوشگوار بنائي ٿو.
[b]4. وقت کي تعميري ڪمن ۾ وڃايو
[/b] ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مسئلي سان منهن ڏيڻ لاءِ اهو هڪ بهتر طريقو هوندو آهي ته ان تي ڪم ڪرڻ ئي ڇڏي ڏيو. نارمن اهڙن مشغول ماڻهن کي، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن مسئلي ۾ ڦاٿل هوندا آهن، اهو مشورو ڏيندو آهي ته هو هر ڳالهه کي ڇڏي اڌ ڪلاڪ کن بغير ڪنهن مقصد جي پنڌ ڪن. نارمن پاڻ به ائين بي مقصد ڪو نه ڪو ڪم ڳولي ڪڍندو آهي يا وري پرا سرار ناول کڻي پڙهندو آهي، جيستائين سندس لاشعور ان مسئلي جو، جنهن ۾ هو الجهيل هوندو آهي، ڪو نه ڪو حل ڪڍندو آهي.
هن سوسائٽيءَ ۾ اسان ائين ”وقت کي وڃائڻ، کان لنوائيندا آهيون. پر دراصل زندگيءَ جا بهترين ڪلاڪ پهريان ائين ئي بي مقصد لڳندا آهن. سائنسدان، آرٽسٽ ۽ ٻيا تخليقڪار روزانو ڪافي وقت ائين ئي واندڪائيءَ ۾ وڃائيندا آهن، جيستائين نوان خيال آهستي آهستي سندن ذهنن ۾ پاڙ پختي ڪندا رهندا آهن.
ناول نگار جيمس مچز هميشه اها ڳالهه مڃيندو رهندو هيو ته سندس ڪاميابيءَ جو بنياد انهن سالن جي آواره گردي تي ٻڌل آهي، جيڪي هن بي مقصد گذاريا هيا ۽ 40 سالن جي عمر کان پوءِ هن ان بنياد تي لکڻ شروع ڪيو. سندس چوڻ مطابق ”ڏسندڙن کي ڀل ته اهي سال بيڪار لڳن، پر حقيقت ۾ اهي وڌ ۾ وڌ فائديمند ثابت ٿيندا آهن.“
[b]5. حاصل ٿيل وقت کي استعمال ڪيو
[/b] اسان زندگيءَ جي ڪافي چيڙائيندڙ رڪاوٽن تي ڪنٽرول نه ٿا ڪري سگهون، پر انهن بابت پنهنجي رد عمل تي ڪنٽرول ڪري سگهون ٿا. پس منظر ۾ ٿوري به تبديلي ڪرڻ سان، ڪنهن قطار ۾ بيهندي، ڪنهن دير ڪيل فلائٽ جو انتظار ڪندي يا ڪنهن ٽريفڪ جام ۾ ڦاسندي به اسان ڄڻ ”وقت کي حاصل“ ڪري سگهون ٿا.
وليم پاڻ سان گڏ نظمن جا ڪتاب رکندو آهي ۽ بلن ڀرڻ لاءِ قطار ۽ بيهڻ وقت هو شعر ياد ڪندو آهي. (اهو ڪم هن کي ڏاڍو وڻندو آهي، پر وقت گهٽ هئڻ ڪري هو اهو ڪم نه ڪري سگهندو آهي.) آمريڪا جي بهترين ڳائڻي ۽ موسيقار ليري پنهنجو بهترين گانو ”ڪيلي فورنيا جو سڄو سون...“ هڪ ٽريفڪ جام ٿيڻ دوران ڪمپوز ڪيو هيو.
[b]6. ٽيڪنالاجيءَ جي حملي کي روڪيو
[/b] اسان عام طور جديد ٽيڪنالاجيءَ جي ان وعدي تي اعتبار ڪري ويهندا آهيون ته ان سان زندگي اڃا وڌيڪ آسان ٿيندي. پر اسان ان جي غير جانبداراڻي نموني سان عام طريقي ڪار سان ڀيٽ ڪو نه ڪندا آهيون. ”اسان فوڊ پروسيسر آندو هيو، پراڄ ڏينهن تائين ان کي الماريءَ مان ڪو نه ڪڍيو آهي،“ ڪيلي، جيڪا هڪ ڊاڪٽرياڻي آهي، چوڻ لڳي، ”ٻن گجرن کي ان پروسيسر ۾ تيار ڪرڻ کان پوءِ ان جي صفائيءَ تي ايترو وقت لڳندو آهي جو ان کان بهتر آهي ته توهان چاقوءَ سان اهي گجرون تيار ڪري وٺو.“
دراصل ڳالهه اها نه آهي ته توهان نئين ٽيڪنالاجيءَ کي بلڪل نظر انداز ڪري ڇڏيو، پر اهو خيال رکو ته اها نئين ٽيڪنالاجي توهان جي زندگيءَ جي رفتار تي مڪمل ڪنٽرول نه ڪري. ٿورو آمش فرقي وارن تي غور ڪريو. آمريڪا ۾ اهي مينوٽائين فرقي جي هڪ شاخ سان تعلق رکن ٿا. هنن نئين ٽيڪنالاجيءَ جي سهولتن جي استعمال جون حدون مقرر ڪري ڇڏيون آهن. ڊونالڊ ڪريبل پنهنجي ڪتاب ”The Riddle of Amish Culture“ (آمش تهذيب جي ڳجهارت) ۾ لکيو آهي ته ڪو به شخص جڏهن آمش سوسائٽيءَ ۾ داخل ٿيندو ته هو هڪدم پاڻ کي آرام ۾ محسوس ڪندو ۽ وقت هن لاءِ ڄڻ وڌي ويندو آهي. وڏي حيرت جي ڳالهه دراصل اها آهي ته آمش سوسائٽيءَ جي جتي وقت بچائڻ واري مشينريءَ جو استعمال ۽ ٻي ٽيڪنالاجيءَ واري شارٽ ڪٽ جو عمل دخل تمام گهٽ آهي اتي ڊڪ ڊوڙ ۽ وٺ وٺان واري ڪيفيت تمام گهٽ آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته وٺ وٺان ۽ ڊڪ ڊوڙ جو سڌو سنئون تعلق وقت بچائيندڙ مشينن جي گهڻي استعمال سان آهي.
[b]7. خانداني ڪئلينڊر جي ڇنڊڇاڻ ڪريو
[/b] هڪڙي فيملي وقت جي سوڙهه کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪڙو ٻيو نسخو به آزمايو. هنن انهن ڳالهين جي لسٽ ٺاهي جنهن ۾ هنن انهن ڳالهين کي الڳ الڳ ڪيو جن کي هو گهڻو پسند ڪندا هيا. ان جي نتيجي هنن کي حيران ڪري ڇڏيو. پيءُ کي گهڻو اوور ٽائيم ڪم ڪرڻ کان سخت نفرت هئي. جڏهن ته هنن جي پٽ کي فٽ بال کان وڌيڪ باغبانيءَ ۾ مزو ٿي آيو. پر هنن سڀني کي خانداني سرگرمين، جهڙوڪ گڏجي گهمڻ ۽ ٻاهر ڪئمپ ۾ رهڻ ۾ وڌيڪ لطف ٿي آيو. ان ڪري پٽ فٽ بال ڇڏي ۽ والدين پنهنجن ٻين سرگرمين کي گهٽائي ڇڏيو. هاڻي هو وڌيڪ ٽائيم گڏجي گهمڻ ۽ ڪئمپنگ کي ڏيندا هيا.
ڊولروس جنهن سوين خاندانن جو مشاهدو ڪيو هيو، تنهن پنهنجي ڪتاب ”ذهني ڇڪتاڻ ۽ تندرست گهراڻا“ ۾ لکيو آهي ته، ”ذهني ڇڪتاڻ سان بهتر طريقي سان انهن منهن ڏنو، جن پنهنجي شيڊول ۾ ڦيرڦار ڪري هڪ ٻئي سان گڏجي وقت گذارڻ لاءِ ٽائيم ڪڍيو هيو. جيڪڏهن انهن شيڊول تمام ناممڪن محسوس ٿي ڪيو ته هنن کي ڪجهه سرگرمين کي ڇڏڻو ٿي پيو. مطلب ته هنن کي اڳ ۾ ئي وقت تي توجهه ڏيڻو پيو. ان کان اڳ جو وقت جو دٻاءُ هن کي سوڙهو ڪري، خانداني رشتا ۽ هڪ آهنگي تباهه ڪري ڇڏي.
[b]8. پنهنجي ويڪيشن کي بهتر نموني استعمال ڪريو
[/b] ويڪيشن ۾ هر ڪنهن کي اهو فڪر هوندو آهي ته واندي مليل وقت ۾ پنهنجي استعمال ڪيل پيسي کي وڌ ۾ وڌ ڪتب آڻي. پر حقيقت ۾ سٺي ويڪيشن ۾ وقت کي نظر انداز ڪرڻو پوندو آهي. اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن توهان ڪنهن به ڳالهه ڪرڻ لاءِ ٻڌل نه هوندا يا وري توهان ڪنهن اهڙي ڪم ۾ رڌل هوندا، جنهن ۾ توهان جو ڪنهن به ڳالهه ڏانهن ڌيان ئي نه ويندو هجي.
[b]9. انڪار ڪرڻ به سکو
[/b] فقط هڪڙو ئي لفظ وقت کي توازن ۾ رکي سگهي ٿو ۽ اهو آهي ته، ”نه، مون وٽ ايترو وقت ڪونهي ان ڪم لاءِ.“ ڪنهن کي جواب ڏيڻ ڏکيو ڪم آهي. انڪار ڪرڻ سان اهو ڊپ به لاڳو ٿيڻ لڳي ٿو ته اها شيءِ منهنجي نه رهندي ۽ وڌيڪ ڪم ڪار نه ڪري سگهندس، پر حقيقت ۾ انڪار ڪرڻ سان توهان وڌيڪ ڪم ڪار ڪري سگهندو. پنهنجن شيڊولن کي ختم ڪرڻ سولو نه آهي. ان جو سڌو سنئون اهو مطلب آهي ته مان اها ڳالهه نه ٿو ڪري سگهان. مثال طور مان هر فلم نه ٿو ڏسي سگهان. مان امڙ جيان گهر کي هلائي نه ٿو سگهان ۽ جيئن مون سوچيو ته پنهنجي ڪيريئر جي بلندين تي پهچي نه ٿو سگهان وغيرهه.
پر ان جي بدلي ۾ اسان کي حاصل ڇا ٿو ٿئي. سڀ کان قيمتي شيءِ ”وقت.“
(ڊسمبر 1991ع تان ورتل)