توهان ذهني طور ڦڙت رهي سگهو ٿا
[/b]
You can stay mentally alert
By: Joanie M. Schrof
ڇا دماغي طاقت عمر وڌڻ سان گهٽجي ٿي؟ سائنسدانن وٽ ان سوال جا ڪجهه حيرت ۾ وجهندڙ جواب آهن.
اسان جي نفسيات ۾ اها ڳالهه ڪافي گهرائيءَ ۾ داخل ٿيل آهي ته عمر وڌڻ سان ذهني صلاحيتون گهٽجي وڃن ٿيون، پر هاڻي دماغي سائنسدان ۽ نفسياتدان ان نتيجي تي پهتا آهن ته عمر رسيده ذهنن ۾ به ڪافي صلاحيتون موجود هونديون آهن، سو هڪ هڪ ٿي اهي ڏند ڪٿائون آهستي آهستي ختم ٿينديون ٿيون وڃن.
[b]پهرين ڏندڪٿا: عمر وڌڻ سان ذهن ختم ٿي ويندو آهي.
[/b] تجربن مان ثابت ٿيو آهي ته 70 سالن جا ماڻهو 20 سالن وارن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٽائيم وٺن ٿا ۽ ڪافي غلطيون به ڪن ٿا. خاص ڪري انهن ذهني ڪمن ۾، جن ۾ ڪي ڳالهيون ياد ڪرڻيون هونديون آهن. پر انهن ڳالهين ۾ پوشيده هڪ ٻي حقيقت آهي ته جيئن عمر وڌي ٿي ته ذهني توانائيءَ ۾ ساڳي عمر وارن ماڻهن ۾ ئي وڏو فرق هوندو آهي. سو اهو ڏکيو آهي ته ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جي آڌار تي توهان ڪو نتيجو قائم ڪيو. هارورڊ يونيورسٽيءَ جي هڪ تجربي ۾، جنهن ۾ 1583 ماڻهن جي استدلال، حافظي ۽ نظر جي ٽيسٽ ورتي وئي ته مختلف ٽيسٽن ۾ ڏٺو ويو ته 80 سالن وارن جي ٽين حصي ايتري ئي بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري جيتري نوجوانن ڏيکاريندا آهن. 90 ۽ 80 سالن وارن مان ڪجهه ته اهڙا به هيا جن چؤڻي ذهني اهليت ڏيکاري ۽ جن گهٽ نمبر کنيا، انهن جي به ذهني حالت اهڙي نه هئي جيڪا هنن جي روز مرهه جي ڪمن تي اثر انداز ٿئي.
هارورڊ يونيورسٽيءَ جي اها کوجنا ٻين مشاهدن جي به عڪاسي ڪري ٿي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اڪثر ماڻهو 70 سالن تائين تمام بهترين ذهني صلاحيتون رکن ٿا. پر سائنسدانن کي انديشو آهي ته ماحولياتي اثر ۽ موروثيت جو به ڪجهه ڪردار آهي.
ڪي. وارنر، ڊائريڪٽر گرينولاجي سينٽر پينسي ليونيا اسٽيٽ يونيورسٽي جي تحقيق موجب ڪراڙپ ۽ عمده ذهني ڪارڪردگيءَ لاءِ جيڪي عنصر شامل آهن، انهن ۾ عام سطح کان مٿي تعليم، مرڪب ۽ اتساهه ڏيندڙ رهڻ جو اسٽائيل ۽ ڪنهن جاذب نظر انسان سان شادي شامل آهن. روزمره جي هڪجهڙي زندگي ۽ زندگي کان مايوسي، جلد ئي ذهانت جو خاتمو آڻيو ڇڏين.
[b]ٻي ڏندڪٿا: يادگيرو سڀ کان اول ختم ٿيندو آهي.
[/b] اهو خيال سالن کان وٺي مروج آهي، ڇو جو ڪراڙپ ۾ دماغ جا نيورون روزانو تقريبن 100،000 جي قريب مرندا آهن ۽ پاڻ سان گڏوگڏ زندگيءَ جون خوشگوار يادگيريون به ساڻ کنيون ويندا آهن. پر حقيقت ائين نه آهي. بوسٽن يونيورسٽيءَ جي هڪ نيورو بايولاجسٽ مطابق ڪراڙپ ۽ دماغ جا جيوگهرڙا سسندا ضرور آهن، پر اهي ايڏي وڏي مقدار ۾ مرندا نه آهن.
وڌيڪ اهو به ته دماغ جو هارڊ ويئر (Hard Ware) بلين ٽيليفون جيان ڪنيڪشن ۽ رلي سسٽم، جيڪي پروسيسنگ مشين جيان ڪم ڪندا آهن، ته عمر سان گڏوگڏ ڪجهه ڪجهه ختم ٿيندا آهن، پر دماغ جو (Soft Ware) اصل مواد رکندڙ حصو، جيڪو سڄي زندگيءَ ۾ دماغ ۾ ڀرپور رهيو آهي، سو ضروري ناهي ته ان کي نقصان پهچي. سو اها ڳالهه به ائين آهي جيئن ڪو نئون پروگرام ڪنهن پراڻي ڪمپيوٽر تي هلائجي ته ڪجهه ٽائيم ڪمپيوٽر وڌيڪ وٺندو پر ڪم ڪندو. سو ڪراڙپ ۾ اسپيڊ ضرور متاثر ٿئي ٿي پر ذهانت هروڀرو ختم نه ٿي ٿئي.
جڏهن دماغي قوتون پنهنجي عروج کان اڳتي وڌن ٿيون ته سڀ کان اڳ ۾ يادگيرو ختم ڪو نه ٿيندو آهي. پر سڀ کان اڳ ۾ دماغ جي جڳهن سڃاڻڻ واري حس ختم ٿيندي آهي، مثال طور توهان ڪار روڊ تي ڪٿي بيهاري، وغيره. ان قصي جي شروعات 40 سالن کان پوءِ ٿيندي آهي.
10 سالن کان پوءِ تجريدي استدلال ۾ گهٽتائي ايندي آهي ۽ پوءِ وارو آهي زباني يادگيريءَ جو. مثال طور توهان کي ڪا ڪهاڻي ٻڌائي وئي آهي ۽ ٻين ڪمن ڪارين کان پوءِ ڪو اها توهان کان پڇي ته اهو يادگيرو توهان کي گهٽ ايندو. ڪجهه ذهني صلاحيتون، جيئن حساب وغيره ڪرڻ، اڃا به گهڻي ڪراڙپ تائين هلنديون آهن ۽ واضح سکيا وارو يادگيرو جيئن سائيڪل ڪيئن هلائجي، وغيره. ان کي ته ڪو ڇيهو ٿئي ئي ڪو نه ٿو.
ايتري قدر جو عام يادگيري جي گهٽتائي به نارمل سمجهڻ نه کپي. نيورو لاجسٽن مطابق ان جو به علاج ممڪن آهي. زندگيءَ جي پوئين حصي ۾ دماغ ايسٽل ڪولائن گهٽ پيدا ڪندو آهي، جيڪو مادو يادگيري لاءِ نيورو ٽرانسميٽر (دماغي وهڪ جو ذريعو) جو ڪم سرانجام ڏيندو آهي. ڪجهه اهڙا نتيجا مليا آهن، جن مان خبر پئي ٿي ته ڪجهه دوائون ان جي گهٽتائيءَ کي وڌائي سگهن ٿيون.
ائين چوڻ ته توهان جو يادگيرو ختم ٿي ويندو.ا ئين آهي ڄڻ ڪو چوندو هجي ته توهان جي ڪار ختم ٿي ويندي. ها ائين ضرور آهي ته اڪثر ڪاريون ختم ٿي وينديون آهن، پر ضروري سار سنڀال سان اهي شايد ڪڏهن به ختم نه ٿين.
[b]ٽين ڏندڪٿا: ذهن کي استعمال ڪيو يا ان کي وڃايو.
[/b] سائنسدانن جو اندازو آهي ته دماغي ڪم ڪار ۽ تيز حاضر دماغيءَ ۾ ڪو به سڌو لاڳاپو ڪونهي. دماغي صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ بهتر آهي. پر ان ڳالهه جي ڪا به پڪ ڪانهي ته توهان ان کي نه وڃائيندا.
توهان دماغ کي نوان نوان تجربا ۽ اتساهه ڏئي ان کي وڌيڪ ڦڙت رکي سگهو ٿا. انهن تجربن ۾ فقط ڏسڻ جو ڪو به عمل دخل ڪونهي. اهڙيون شاهديون مليون آهن جن مان خبر پوي ٿي ته هروڀرو بي مزي ڪمن ۾ دماغ کي نه الجهائجي. اهڙن ماڻهن ۾ خاص فرق ڏٺو ويو آهي، جيڪي مزي ماڻڻ خاطر پڙهندا آهن، بنسبت انهن جي، جيڪي فقط پاڻ کي باخبر رکڻ لاءِ پڙهندا آهن.
مشاهدن مان خبر پوي ٿي ته اهي ماڻهو جيڪي ساڳيو ڪم دهرائيندا رهندا آهن، سي دماغي طور جلد ئي پٺتي پون ٿا. دماغي لچڪ ۽ بهتريءَ ڏانهن رغبت اهڙا عنصر آهن جيڪي دماغ کي متحرڪ رکندا اچن ٿا.
ٻئي تجربي مان خبر پئي آهي ته جذباتي چڱ ڀلائيءَ جو پڻ ان ۾ وڏو عمل دخل آهي. اهي ماڻهو جيڪي جذباتي هيجان مان گذريا آهن سي دماغي طور تي جلد پٺتي پوندا ويندا، بنسبت انهن ماڻهن جي، جن جي زندگي ڀرپور نموني گذري هوندي.
[b]چوٿين ڏندڪٿا: صحت مند جسم ته صحت مند ذهن.
[/b] گهڻن ئي ڪيسن ۾ ڪا بيماري ضروري ناهي ته ڪراڙي ذهن کي ختم ڪري، ڇو جو ڪجهه بيماريون جيڪي ذهن جي پسماندگيءَ تي اثرانداز ٿين ٿيون، اهي آهن دل جي تڪليف، مٺا پيشاب ۽ هاءِ بلڊ پريشر. ٻين جو چوڻ آهي ته مريض جو طريقي حيات به ڪجهه ڪجهه ان جو ڪارڻ آهي، مثال طور وڌيڪ کائي، جسماني ڪم نه ڪرڻ ۽ ذهني ڇڪتاڻ، اهي اشارا آهن، جيڪي جسماني توڙي ذهني تڪڙي پسماندگيءَ جو ٻڌائين ٿا.
ورزش بيمار توڙي تندرست، نوجوان توڙي پوڙهي کي هڪ جيترو فائدو ڏئي ٿي. پر سڀ ورزشون نه. اهي ماڻهو جيڪي وچٿري ورزش ۾ مشغول رهيا هجن، مثال طور روزانو 30 منٽ تائين گهمڻ وغيره، سي ذهني طورتي انهن ماڻهن کان وڌيڪ تندرست رهن ٿا، جيڪي ورزش بلڪل ڪو نه ٿا ڪن. وري گهڻي ورزش جي ڪري اها ڳالهه ابتڙ ٿيو وڃي.
[b]پنجين ڏندڪٿا: ڪراڙا ڪتا پر نيون چالون.
[/b] عمر رسيده ذهن ۾ به ٻيهر طاقتور ٿيڻ جي وڏي سگهه هوندي آهي. سو جيڪڏهن توهان ڪجهه ذهني صلاحيتون وڃائي به ويهو ٿا ته به توهان جو ذهن وري ٻيهر انهن کي حاصل ڪري سگهي ٿو.
اسٽينلي اهو ڳولهي لڌو آهي ته پوڙها ذهن جيڪو ڪجهه وڃائن ٿا، اهو ٻيهر سکڻ سان سکي سگهن ٿا. جيڪڏهن دماغ جو ڪو نيورون ڪم نه ٿو ڪري ته ان جي ڀرسان وارا دماغي جيوگهرڙا اهو ڪم سنڀالي وٺندا آهن. سو جيئن جيئن دماغ پوڙهو ٿيندو آهي ته هو پنهنجو جوابداريون هڪ پاسي کان ٻئي پاسي منتقل ڪندو آهي.
ريسرچ ۾ اهو به ڏٺو ويو آهي ته ستر سالن جا پوڙها، جيڪي گذريل 14 سالن کان ذهني طور تي ڪافي ڪم ڪار وساري ويٺا هيا، ٻيهر پڙهڻ کان پوءِ ٻيهر جڏهن انهن جو امتحان ورتو ويو ته انهن جون ذهني صلاحيتون اڃا اوتريون ئي نکريل هيون.
نفسياتدان ڪافي اهڙيون ٽريننگون ڏئي رهيا آهن، جيئن ڪراڙا ماڻهو بهتر استدلال ۽ ذهني صلاحيتون استعمال ۾ آڻي آزاداڻي نموني پنهنجي زندگي گذاري سگهن.
[b]ڇهين ڏندڪٿا: جيترو جهونو اوترو وڌيڪ ڏاهو.
[/b] هيءَ ڪا ڏندڪٿا ناهي. سڀئي تهذيبون پوڙهن کي ڪند ذهن ڪو نه سمجهنديون آيون آهن. پراڻي زماني کان وٺي مشرقي تهذيبن ۾ پوڙهن جي وڏي عزت ڪئي ويندي آهي. هارورڊ جي ايلن لينگر جي تجربي مطابق تهذيبن جا اهڙا قدر پوڙهائپ ۾ ڪافي مددگار ثابت ٿين ٿا. مثال طور چين ۾، جتي پوڙهن جي وڏي عزت آهي، اتي پوڙهائپ ۾ ماڻهو ڪم ڪار صحيح ڪن ٿا ۽ ذهني طور تي آمريڪن پوڙهن کان ڪافي مٿي آهن.
سائنسدانن جا ليبارٽريءَ ۾ ڪيل تجربا ثابت ڪن ٿا ته ذهانت اها موڙي آهي، جيڪا عمر سان گڏوگڏ وڌي ٿي. برلن ۾ بيٽل هڪ اهڙو ماڊل تيار ڪيو آهي، جيڪو زندگيءَ جي عام رواجي ذهني ڪمن مان ان جي دماغي اهليت جو اندازو لڳائي سگهي ٿو. بيٽل جو اهو معيار ڪي خاص ڳالهيون رکي ٿو. مثال طور سوچ جي گهرائي، پختو فيصلو، صحيح جاچ ۽ اهڙي صلاحيت جيڪا تڪراري مسئلا حل ڪري سگهي ۽ مسئلن جا مختلف حل ڳولهي ڪڍي سگهڻ جي صلاحيت رکندي هجي. محقق مختلف ماڻهن کي چيو ته اهي ڏاڍيان آواز ۾ زندگيءَ جي مختلف المين تي سوچين، مثال طور ڇا ڪجي، جڏهن توهان جو بهترين دوست خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هجي يا ڪا نوجوان ڇوڪري پنهنجي مرضيءَ سان شادي ڪرڻ چاهيندي هجي؟
اهڙن سوالن ۾ جهونن نوجوانن کان وڌيڪ بهتر جواب ڏنا. ڪافي مشاهدن موجب جهونن پنهنجي آهستي ڪم ڪندڙ ذهن کي وري تمام ڪارائتي انداز ۾ استعمال ڪيو آهي بنسبت نوجوانن جي. ٻي ريسرچ ۾ اهو ظاهر ٿيو آهي ته جيتوڻيڪ جهونا فيصلي ڪرڻ ۾ دير ڪندا آهن، پر اهو عموماً صحيح هوندو آهي.
جهونن ذهنن تي اڃا به گهڻي تحقيق جي ضرورت آهي، پر وري ڪراڙپ ۾ ماڻهوءَ کي ڪڏهن به ذهني طور پٺتي پيل نه سمجهجي. ماهر ان نتيجي تي پهتا آهن ته پوڙها ذهن گهٽ نه هوندا آهن پر اهي جوان ذهنن کان مختلف ضرور هوندا آهن.
(جون 1995ع تان ورتل)