زندگيءَ جو هڪ ٻيو سال ڪيئن گذارجي؟
[/b]
How to live another year?
By: Benjamin J. Stein
پنج سال اڳ مان منهنجي سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي هڪ دوست سان، مانيءَ جي موقعي ته گفتگو ڪري رهيو هيم، ”مان هينئر 41 سالن جو آهيان. هن وقت آءٌ هڪ قانوندان، اڪنامسٽ ۽ فلمون لکندڙ آهيان. مون کي حيرت ان ڳالهه جي آهي ته منهنجو اڳيون مقصد حيات ڇو هوندو.“ منهنجي گهٽ ڳالهائو دوست جم ورندي ڏني، ”42 سالن جو ٿيڻ لاءِ زندهه رهڻ.“
ان ڏينهن آءٌ ريسٽورنٽ ۾ ئي ويٺو رهيم، منهنجن ڪنن ۾ اهي لفظ گونجندا رهيا. مون وٽ دنياوي زندگيءَ جو سڀ ڪجهه هيو: پئسو، طاقت ۽ معاشري ۾ عزت. ان هال ۾ ٻي سالگرهه تائين پهچڻ مون کي غير اهم ٿي لڳو.
پرڪجهه سالن کان پوءِ جم جي اها چيل ڳالهه ڪنهن نيون سائن جيان ذهن اندر چمڪڻ لڳي. ان ڏينهن هڪ ڪاروباري ميٽنگ اٽينڊ ڪري ڪجهه لمحن لاءِ آنءُ پنهنجي گهر ويس، جتان وري ڪجهه لمحن لاءِ ترسي، هڪ ٻي ڪاروباري ميٽنگ تي وڃڻو هيو. ان وقت منهنجي پيٽ ۾ ذهني ڇڪتاڻ جي ڪري شديد سور هيو. منهنجو پٽ ان وقت تقريبن ٻن سالن جو ٿي چڪو هيو. واپسيءَ ۾ مان هن جي لاءِ هڪ پينگهو وٺي آيم ۽ رسمي طور تي هن کي ”شب بخير“ چيم. ان دوران منهنجي ذهن ۾ فقط اها ڪاروباري ميٽنگ سمايل هئي، ۾ جنهن آءٌ وڃڻ وارو هيم. ”خدا حافظ بابا.“ مون کي ان ننڍڙي فرشتي جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ۽ اهو پهريون دفعو هيو جو مان هن کي اهو چوندي ٻڌو هيو.
اوچتو ڪنهن کنوڻ جي چمڪاٽ جيان اها سوچ من ۾ اڀري ته جيڪڏهن مان زندگي ان طريقي سان گذاريندو رهيم، ته پوءِ ڏاڍو مشڪل آهي ته مان اهو مٺڙو آواز ڪافي سالن تائين ٻڌي سگهان. مون کي هڪدم محسوس ٿيو ته جم صحيح هيو.
مون کي بلڪل اهو سکڻو هيو ته وڌيڪ هڪ سال ڪيئن گذارجي، جنهن ۾ ان ڳالهه جو به خيال رکجي ته ڪم مون کي ختم نه ڪري ڇڏي. اهو آسان ڪونهي، ڇو جو ڪنهن به ڌنڌي ۾ ڪاميابي معنيٰ ته جوابداريون ۽ ڊيوٽيون اڃا به وڌيون.
توهان جي قابليت جي ڪري ٻيا ماڻهو توهان کي اڃا به وڌيڪ جوابداريون سونپيندا ۽ توهان اڻ ڄاڻائيءَ ۽ لالچ ۾ اهي جوابداريون قبول ڪندا ويندا. ان جو نتيجو: ذهني ڇڪتاڻ، ذهني ولوڙ ۽ بي آرام راتيون. اهي سڀ زندگيءَ جي بچاءَ جي بنيادي مقصد لاءِ سڀ کان وڌيڪ هاڃيڪار آهن.
ڪجهه سبق جيڪي مون زندگيءَ جا ڌڪا کائي سکيا هيا، هيٺ ڏيان ٿو. هنن سان زندگيءَ جي مختلف شين کي، پس منظر ۾ رکڻ ۾ مدد ملندي.
[b]1. ڌيرج اختيار ڪريو
[/b] مون ڌيرج ۽ اطمينان جي اها روش پاڻ کي روز سجاڳ ۽ خبردار رکڻ لاءِ اختيار ڪري ڇڏي هئي. مون ڏٺو ته اهو محسوس ڪرڻ تمام ضروري آهي ته جيڪڏهن مان کي ڪجهه دير ٿي وئي ته دنيا جو ڪو خاتمو نه ٿي ويندو. انڪري مان معاملا ڌيرج ۽ اطمينان سان اڪلايان. جيڪڏهن مان ڪنهن ڊرافٽ تي صحيح نه ڪئي، ته اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪو ڀونچال نه اچي ويندو. منهنجو ڏينهن به دنيا جي ڪروڙها ڏينهن مان فقط هڪڙو آهي. اها سوچ مون کي زندگيءَ جي مختلف ڪڙن مرحلن ۾ دلجاءِ ڏيندي رهي آهي.
[b]2. معاف ڪرڻ سکو
[/b] جيڪو ماڻهو ڪنهن کي معاف ڪري ٿو. اهو ٻين جي مٿان ته ٺهيو، پر خاص ڪري پاڻ تي وڏو احسان ڪري ٿو. ڪي اهڙا ماڻهو هوندا آهن جيڪي پنهجن وعدن تان ڦري ويندا هوندا يا توهان کي مالي نقصان پهچايو هوندئون. توهان ظاهر آهي اهو ذهن ۾ رکندؤ ته آئنده انهن سان انهيءَ ئي طريقي سان پيش اچو. پر توهان لاءِ وڌيڪ بهتر آهي ته انهن جو وڌيڪ خيال ڪري سگهو ٿا ۽ انهن کي اڃا به معاف ڪري سگهو ٿا. آئزن هاور هڪ دفعي مون کي پنهنجي ڏاڏي جو واقعو ٻڌايو ته هو جڏهن ڪنهن تي ڪاوڙبو هيو ته ان جو نالو ڪنهن پني ٽڪري تي لکي ان کان ڦاڙي رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي ڇڏيندو هيو. اهي ڳالهيون بظاهر بي فائديمند آهن پر معاف ڪرڻ جو اصل فائدو اهو آهي ته پاڻ کي ان ڪنڍيءَ کان آزاد ڪرائي پنهنجو بار هلڪو ڪري ڇڏيو.
[b]3. حقيقت پسند ٿيو
[/b] اهي ماڻهو جيڪي ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي ڪنهن ٽنگڻي تي ٽنگيل ڪپڙي جيان لڳندا آهن، دراصل پاڻ ئي ان ڳالهه جا جوابدار هوندا آهن. دراصل سپر هيروٽائيپ نالي ڪا به شيءِ ڪانهي. ڪو به ڪم پنهنجي طاقت کان وڌيڪ نه ڪيو. نا ممڪن مقصد حيات مقرر ڪرڻ سان ڪنهن کي ڪا به مدد نه ملندي.
[b]4. حسد کي وساري ڇڏيو
[/b] ائين سمجهو ته اهو زهر برابر آهي. جيڪڏهن توهان پاڻ کي تڪليف ڏيڻ چاهيو ٿا، ته انهن سڀني ماڻهن متعلق سوچڻ شروع ڪيو جن وٽ توهانکان وڌيڪ دولت يا طاقت آهي. پر جي توهان زندگيءَ جو هڪ ٻيو سال خوش مزاجيءَ سان گذارڻ ٿا چاهيو ته انهن نعمتن متعلق سوچيو جيڪي توهان وٽ آهن ۽ جن جا توهان اهل نه آهيو، جن لاءِ توهان کي شڪراني جا سجدا ڪرڻ گهرجن. ڪنهن به لحاظ کان مان ان نصيب جو اهل نه هيم ته مون کي اهڙي سٺي فيملي ملي ۽ اهڙو بهترين ڪم نصيب ٿئي. جيڪڏهن حقيقي مان نقطي نظر سان زندگيءَ تي توجهه ڏيندس ته مون کي يقين آهي ته مان زندهه رهندس.
[b]5. ڪافي آرام ڪيو
[/b] مان وڌيڪ ڪم ڪار ڪندو آهيان، پاڻ کي وڌيڪ خوش محسوس ڪندو آهيان ۽ ٻين سان تعلقات بهتر هوندا آهن. اهو تڏهن، جڏهن منهنجو بهتر آرام ٿيل هوندو آهي. ڪو به جيڪڏهن حد کان وڌيڪ ڪم ڪندو ۽ آرام کي ترڪ ڪري ڇڏيندو ته ڄڻ هن هٿ سان پنهنجي ذاتي تباهيءَ جي دستاويز تي دستخط ڪري ڇڏي.
[b]6. اصول سان هلو
[/b] دنيا فقط توهان ۽ منهنجي لاءِ ناهي ٺهيل، ته جيڪو چاهيون اهو تڪڙو حاصل ڪري وٺون ۽ ٻيا ڀلي جهنم جي تري ۾ وڃي پون. پر دراصل هتي ٻيا انسان به رهن ٿا ۽ انهن جي بچاءَ لاءِ قانون ۽ قاعدا به آهن، سو انهن قاعدن جي ڀڃڪڙي نه ڪيو.
[b]7. پاڻ تي به کلڻ سکو
[/b] شايد ئي ڪا اهڙي خراب ڳالهه هجي جنهن مان ڪو لطيفو نه ٺهي سگهي. ناول نگار گريگري ڊيون هڪ دفعي مون کي ٻڌايو ته، ”هن جي هڪ ڪراڙي مائٽياڻيءَ کي موتمار ڪينسر هيو. هن کلندي کيس چيو هيو، ”مرڻ سان گهٽ ۾ گهٽ اهو ته فائدو ٿيندو جو رچرڊ نڪسن کي وڌيڪ پڙهڻ کان بچي پوندم.“
مون کي نڪسن جي لکت وڻندي آهي، پر اهو پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ بهترين لطيفو هيو. توهان سان جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان تي جيڪڏهن توهان کلي سگهو، ته ان جي معنيٰ ته توهان صحيح جي رهيا آهيو.
اهو ئي آهي، جن اصولن کي مون پنهنجو ڪيو آهي، خاص ڪر جم جي مختصر نصيحت کان پوءِ. هاڻي جيڪڏهن واندڪائيءَ ۾ مون کي ڪم ڪرڻ جو ڀوت سوار ٿيندو آهي ۽ پٽ کي ساحل تي گهمائڻو به هوندو آهي، ته مان پهريان پٽ کي گهمائڻ وٺي ويندو آهيان، وڌيڪ زندهه رهڻ لاءِ مون اهو ئي فيصلو ڪيو آهي.
(جنوري – 1992ع تان ورتل)