سيلف ڊولپمينٽ

ڪامياب زندگي ڪيئن گذارجي؟

ڪتاب ”ڪامياب زندگي ڪيئن گذارجي؟“ جو سنڌيڪارانجنيئر شفقت حسين وڌو آهي، ياد رهي ته هي ڪتاب ريڊرس ڊائيجسٽ تان ترجمو ڪيل مضمونن تي مشتمل آهي.
زندگي گذارڻ هڪ فن آهي ۽ ڪامياب زندگي گذارڻ فن جي اوچائي ۽ اهڙي فنڪاري سڀ ڪنهن کي ناهي ايندي.
هي ڪتاب ”ڪامياب زندگي ڪيئن گذارجي؟“ اهڙي فنڪاري سيکاريندڙ ڪيتريون ئي ڪارگر ڳالهيون ٻڌائي ٿو، جن تي عمل ڪرڻ سان زندگيءَ کي ڪاميابيءَ جي راهه تي هلائي، سفر کي پُر مسرت بڻائي سگهجي ٿو.
Title Cover of book ڪامياب زندگي  ڪيئن گذارجي؟

دولت ۽ خوشي

[b] دولت ۽ خوشي
[/b]
Money & Happiness
By: Suzanne Chazin


ملٽن هڪ معذور انسان هيو. سندس هيٺين ڌڙ ۾ اڌ رنگ جي ڪري ساهه ڪو نه هوندو هيو. هو معذورن واري ڪرسي استعمال ڪري گلاب جا گل وڪڻي پنهنجي خاندان لاءِ ڪجهه نه ڪجهه معاشي پورائو ڪندو هيو. چاليهن سالن جي ملٽن کي هڪ ڌيءَ ۽ پٽ به هيا. هن جي اها ڏاڍي تمنا هوندي هئي ته ڪاش کيس پنهنجو گهر هجي ها، ڇو جو ذاتي گهر هئڻ جي ڪري وڏي تحفظ جو احساس ٿئي ٿو. پر هن کي خبر هئي، ته هو ڪڏهن به اهو حاصل ڪري نه سگهندو.
گذريل سال اهو سڀ ڪجهه تبديل ٿي ويو. ڪجه پوليس آفيسرن ملٽن جي جفاڪشيءَ، محنت ۽ خوش مزاجيءَ کان متاثر ٿي ڪري 60000 ڊالرن جو چندو ڪري، سندس لاءِ هڪ اهڙو گهر جوڙايو جنهن ۾ هو معذورن واري ڪرسيءَ ذريعي گهمي ڦري ٿي سگهيو. ”مون کي لفظ نه ٿا ملن جو پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪيان،“ ملٽن چيو، جڏهن هو پهريون دفعو ڪرسيءَ ذريعي گهر ۾ داخل ٿيو.
”خوشيءَ جي ڳولا“ بابت ڪتاب لکندڙ ڊيوڊ ميٽر جي چواڻي، ”ماڻهن کان جيڪڏهن پڇبو ته ڇا خوشيءَ کي پئسن سان خريد ڪري سگهجي ٿو، ته هو انڪار ڪندا. پر جي توهان ساڳين ئي ماڻهن کان پڇا ڪندؤ ته ڇا ٿوري وڌيڪ دولت کين ٿورو وڌيڪ خوش ڪندي، ته هو ان ڳالهه سان متفق ٿيندا.“
گذريل 15 سالن کان محققن دولت ۽ خوشيءَ جي وچ ۾ لاڳاپي بابت ڪافي تحقيق ڪئي آهي. سندن تحقيق ڪافي غلط تصورن کي لوڏي ڇڏيو آهي. انهن مان سڀني کان وڌيڪ حيران ڪندڙ پنج نتيجا هيٺ ڏجن ٿا:


[b]1. هر ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪجهه عيش عشرت جون شيون کپن
[/b]گهڻي آمدني خاندان کي ڪافي فرحت ۽ مزو مهيا ڪري سگهي ٿي. هڪ آرامده گهر، شاندار ڪار ۽ عاليشان وڊيو سسٽم. ڇا اهي شيون توهان کي خوش رکي سگهن ٿيون؟
نفسيات جي پروفيسر مهالي جي چوڻ مطابق مزي”(Pleasure) ۽ خوشيءَ ۾ فرق آهي. وندر مان حاصل ٿيندڙ مزو عارضي ڇوٽڪارو هوندو آهي. جڏهن ته خوشي انهن تجربن مان حاصل ٿيندي آهي جنهن لاءِ ان ماڻهوءَ ذهني ۽ جذباتي طور لوڙيو هجي.“
شيٽ نالي هڪ نوجوان فيڪٽري ورڪر هيو. هن پنهنجي خوشيءَ لاءِ سوچيو هيو ته ڍنڍ جي ڪناري هو هڪڙو گهر جوڙي، جتي سندس ٽئي ٻار هر سال گرمين ۾ رهن ۽ ان جڳهه کي ياد ڪن. سو هن اتي زمين جو هڪ ٽڪرو صاف ڪيو. ان تي گهر جوڙيائين، پري کان واري ڍوئي ڍنڍ، جي ڪناري تي بيچ (Beach) ٺاهيائين ۽ وڻ ۾ رسا ٻڌي پنهنجن ٻارن لاءِ هن جهولا ٺاهيا.
شيٽ هر ڪم پاڻ ڪيو. ڇو جو ان وقت سندس مالي حالت اهڙي هئي، جو هو سڀ ڪجهه ٻين کان ٺهرائي نه ٿي سگهيو. هينئر جڏهن سندس اولاد وڏي ٿي چڪي آهي، اها هن وٽ ايندي آهي ته کين وڌ ۾ وڌ اهي شامون ياد اينديون آهن جيڪي هنن ننڍپڻ ۾ گڏجي گذاريون هيون. شيٽ جي چوڻ مطابق، ”اهو ننڍڙو گهر يا اها ڍنڍ ان وقت کي ايڏو اهم نه ٿيو بڻائن، اصل ۾ خاص ڳالهه اهو مزو هيو، جيڪو هڪ گهراڻي جي حيثيت ۾ گڏجي، اسان سڀني حاصل ڪيو هيو.“
ائين ئي خوش و خرم گهراڻا انهن خوشين کي وڌيڪ اهميت ڏيندا آهن، جن ۾ ذاتي ڪوششن جو دخل هوندو آهي. ان ڪري ئي هو انهن ملڪيتن جو قدر ڪندا آهن جن سان سندن جذباتي وابستگي هوندي آهي. مثال طور هي اسان جي ڏاڏي جو هٿ سان لکيل ڪتاب آهي، وغيره. ڪاوڙيل ماڻهو ان جي ابتڙ عام ڪري انهن ملڪيتن کي انهن جي قيمت جي ڪري چاهيندا آهن، ته بابا جي ڇڏيل هيءَ ڪار ڪيتري قيمتي آهي، وغيره.
بدقسمتيءَ سان اهي شين کي ٻين سان ڳانڍاپي جي نظر سان نه ڏسندا آهن پر انهن ذريعي پاڻ کي اڃا وڌيڪ دولتمند ڏسڻ گهرندا آهن ۽ نتيجي ۾ ٻين کان الڳ ٿلڳ رهجي ويندا آهن. محققن اها ڳالهه نوٽ ڪئي آهي ته ملڪيت دراصل ان ڳالهه جو ثبوت هوندي آهي، ته اسين ڪنهن منجهان آهيون ۽ ڪنهن سان تعلق آهي. جيتوڻيڪ خوش و خرم گهراڻا دولت مان آرام حاصل ڪندا آهن پر اهي پاڻ هڪ ٻئي سان تعلق مان وڌيڪ گهري تسڪين حاصل ڪندا آهن.

[b]2. خوشي تاحيات واندڪائيءَ ۾ لڪل آهي
[/b] ڇا توهان پنهنجو ڌنڌو يا نوڪري ڇڏي ڏيندؤ. جيڪڏهن توهان کي وڌيڪ پئسن جي ضرورت نه آهي؟ 1990ع ۾ گيلپ جي سروي مطابق ڪافي ماڻهن ان جو جواب ها ۾ ڏنو، پران جي ابتڙ محققن جي کوجنا مطابق اڪثر ماڻهن لاءِ ڪم ڪرڻ ۾ ئي وڌ ۾ وڌ سڪون رهيو آهي.
ڊي بيري جو ئي مثال وٺو. هن 1979 ۾ هڪ ڪمپني کولي ۽ ان ۾ ايترو ته ڪامياب ويو جو هن 41 سالن جي عمر ۾، 1987 ۾، رٽائرڊ ڪري، اها ڪمپني وڪڻي چڏي ۽ ڪروڙ پتي ٿي ويو. هن هڪڙي 50 فوٽ ڊگهي ڪيبن واري تيز رفتار لانچ خريد ڪئي ۽ هوائي جي پر فريب جزيرن تي بهترين بنگلو خريد ڪري مڪمل واندڪائيءَ جا ڏينهن گذارڻ لڳو.
پنج سال لاڳيتا موڪل ملهائيندي، آخرڪار ڊي بيري ڪم ڪار جي چئلنجن جي ڪمي محسوس ڪرڻ لڳو. آخرڪار هن 1992 ۾ آمريڪا ۾ ٻارن جي ورزش ۽ سکيا جي سينٽرن جي هڪ ڪمپني خريد ڪري ورتي ۽ وري هفتي ۾ 72 ڪلاڪ اسٽاف ۽ بيلنس شيٽ سان مغز ماري ڪرڻ لڳو. ”گولف کيڏندي به ايترو مزو نه ايندو هيو جيترو آفيس ۾ هڪ سٺو ڏينهن گذاريندي ايندو اٿم.“ هن ٻڌايو. ڪو به ڌنڌو صرف پئسن ڪمائڻ لاءِ نه هوندو آهي. مطالعي مان خبر پوي ٿي ته ڪو به ڪم سٺي طريقي سان انجام ڏيڻ ڪري. ماڻهوءَ ۾ خود اعتمادي ۽ ذاتي عزتِ نفس وڌي ٿي.

[b]3. وڌيڪ ڪمائي زياده خوشي جو سبب بڻبي
[/b] جيڪڏهن نوڪريون يا ڌنڌا ايڏا اهم آهن ته پوءِ ڇا گهڻي پگهار ڪنهن به ڌنڌي يا نوڪري مان مطمئن هئڻ جو پيمانو ٿي سگهي ٿي؟ گهڻن آمريڪين جو اهو ئي رايو آهي. روپر اسٽار ورلڊ وائيڊ انڪارپيشن هڪ سروي ڪئي، جنهن ۾ 70% ماڻهن اهو ئي جواب ڏنو ته جيڪڏهن سندن آمدني ٻيڻي ٿي وڃي، ته هو وڌيڪ خوش ٿيندا. ان جي ابتڙ مشاهدي مان خبر پوي ٿي ته ڪنهن به نوڪري/ ڌنڌي مان مطمئن هئڻ جو دارومدار ان ڳالهه تي گهٽ هوندو آهي ته ڪير ڪيترو ڪمائي ٿو. ان جي بجاءِ ته اهو ڪم ڪيتري قدر امتحان وارو آهي ۽ سندس ان ڪم تي ڪيترو ڪنٽرول آهي. اهو ڪم جيڪو ڪنهن به فرد کي مڪمل جذب ۽ مصروف نه ٿو ڪري سگهي، گهٽ مطمئن ڪندو. ڀلي اهو کڻي ڪيترو به منافع بخش ڇو نه هجي.
رچرڊ کان وڌيڪ ان ڳالهه کي ڪو به بهتر سمجهي نه سگهندو. هن پيانو ۽ وائلن وڄائڻ سکيو ۽ راڳ جي تربيت وٺڻ کان پوءِ 22 سالن جي عمر ۾ هن کي هڪ آرڪيسٽرا منعقد ڪرڻ جو پهريون موقعو مليو. ”ڪنهن لمحي مون لڪڙ هٿ ۾ کڻ فنڪارن کي اشارا ڏيڻ شروع ڪيا، ان لمحي مون کي ائين لڳو ته مان پيدا ئي ان لاءِ ٿيو آهيان،“ رچرڊ اهو لمحو ياد ڪندي ٻڌايو.
جڏهن ته رچرڊ جا والدين ٻي خيال جا هيا، جن هن کي ٻيو ڪجهه ڪرڻ لاءِ چيو. نيٺ هن بزنس ۾ ڊگري ورتي ۽ هڪ انٽرنيشنل بينڪ ۾ سٺي پگهار واري نوڪري حاصل ڪئي.
پر رچرڊ جو موسيقيءَ وارو لڳاءُ ڪڏهن به ختم نه ٿيو. روزانو ٻارنهن ڪلاڪ وال اسٽريٽ تي مٿي ماري ڪرڻ کان کان پوءِ به هو رات جو دير تائين ويهي ميوزڪ جا نوٽس لکندو هيو. هن جون موڪلون عام ڪري مهمان آرڪيسٽرا طور سازينا وڄائيندي گذرنديون هيون. 1993ع ۾ هڪ اوچتي واقعي هن جي زندگيءَ ۾ تبديلي آڻي ڇڏي. ڇا ٿيو جو مشهور موسيقار ايرڪ نيويارڪ جي فل هارمو نڪ آرڪيسٽرا جي پنجن محفلن ۾ نه اچي سگهيو. هن جي جاءِ تي رچرڊ کي موقعو ڏنو ويو. جتي هنجي تمام گهڻي داد رسي ٿي.
آخري شو جي رات رچرڊ کي خبر پئي ته سندس والد کي موتمار ڪينسر آهي. ”ان ڏينهن محسوس ڪيو ته زندگي تمام مختصر آهي. سو ان ۾ اها ڳالهه بلڪل ڪرڻ کپي، جيڪا واقعي توهان لاءِ تمام اهم آهي.“ پنهنجي خاندان جي دعائن سان ٻن ٻارن جو پيءُ هوندي. پنهنجو ڪمائيءَ وارو ڌنڌو ڇڏيو ۽ مڪمل طور تي موسيقيءَ کي ڌنڌي طور شروع ڪيو.
هاڻي رچرڊ اڳوڻي ڪمائيءَ کان ڪم از ڪم اڌ ڪمائي رهيو آهي پر هن اهو مزو حاصل ڪري ورتو آهي جيڪو اڳ بزنس ۾ هن کي ڪڏهن به نه مليو هيو.

[b]4. ڪا به شي پئسي کان وڌيڪ سڪون ڏئي نه ٿي سگهي
[/b] ڏکي وقت ۾ يا ڪنهن بيماري وغيره ۾ پئسو ڪافي مدد ڏئي سگهي ٿو. پر سڀني فائدن هوندي به، پئسو توهان کي ان ڏک کان نه ٿو بچائي سگهي. جيڪو ان تڪليفده وقت جي ڪري توهان کي سَهڻو پيو. ان لاءِ محقق چون ٿا ته توهان کي گهاٽي دوستيءَ جي ضرورت آهي. ”انسان سماجي حيوان آهن. اهي اڪيلي سر معاملا حل ڪرڻ لاءِ نه ٺاهيا ويا آهن.“ ان لاءِ ضروري آهي، ته توهان جا ڪي سچا دوست هجن، جيڪي ڏکي وقت ۾ توهان کي ڪم اچن ۽ توهان جو بار هلڪو ڪن.

[b]5. جيڪڏهن توهان پنهنجون سڀ خواهشون پوريون ڪري وٺندا ته توهان خوش رهندا
[/b] هوءَ نيويارڪ جي هڪ محل ۾ پيدا ٿي. پنهنجي ڪروڙ پتي پيءُ جي اڪيلي ڌيءَ! جڏهن هوءَ جوانيءَ کي پهتي ته هن پنهنجي هر خواهش پوري ٿي ڪئي. B-52 بمبار جهاز، جنهن کي هن جنگي لحاظ کان آرامده سفر لاءِ تبديل ڪرايو، ويندي ڇت جي ليول تائين ٺهيل سونهري مڇين جون شيشي واري ٽانڪيون به، پوءِ به جڏهن ڊورس ڊيوڪ مري وئي، ته هن جي ڊائرين مان خبر پئي ته هن اڪيلائيءَ واري زندگي نهايت ئي غمگينيءَ ۾ گذاري هئي.
ته پوءِ ڇا پنهنجي ڪنهن خواهش کي پورو ڪرڻ اڻ وڻندڙ مقصد آهي؟. بلڪل نه. اصل ۾ ماهرن جي چوڻي مطابق: اصل خوشي ڪنهن به خواهش کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪيل جدوجهد ۾ هوندي آهي نه ڪي ان کي حاصل ڪرڻ ۾.
هڪ تازي کوجنا ۾، جيڪا يونيورسٽي آف الينوائس55 ملڪن ۾ ڪئي، جن ۾ سنگاپور، ملائيشيا، بنگلاديش، جپان، فلپائن، چين ۽ ڏکڻ ڪوريا به شامل آهن، هڪ عجيب ڳالهه معلوم ڪئي وئي آهي. اهڙا گهراڻا جن جي آمدني تقريبن 10000 ڊالر (450000 روپيا) سالياني في ماڻهو آهي، وڌيڪ آمدنيءَ سان سندن خوش هئڻ جي احساس تي تمام گهٽ اثر ٿي پيو. جڏهن ته هر ڪنهن خاندان جو صورتحال مختلف ٿي سگهي ٿي. کوجنا ٻڌايو ته انهن گهراڻن ۾ عام طور تي هڪ سٺو چڱ ڀلائيءَ واراو احساس هيو.
خوشي ۽ دولت هرو ڀرو هڪ ٻئي سان لاڳاپيل نه آهن. اهو ممڪن آهي ته ڪنهن وٽ ٻئي هجن يا ٻئي نه هجن. پر گهڻن جو يقين آهي ته جن وٽ خوشي هوندي آهي، اهي زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ سڀ ڪجهه حاصل ڪندا آهن. ويندي ماديت پسندن جو چڱو مڙس آسڪروائلڊ چئي ويو هيو: ”عام دولت انسان کان کسجي سگهي ٿي، اصل دولت نه. توهان جي روح جي گهراين ۾ انتهائي قيمتي شيون رکيل آهن. اهي توهان کان گم ٿيڻ نه کپن.“

(ڊسمبر 1994ع تان ورتل)