ڪتاب جو نالو: ساحل ۽ سمنڊ
مصنف: خليل جبران / پروفيسر عطاءُ اللھ ابڙو
ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
ڪيٽيگري: ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا
شايع ٿيڻ جو سال: 2006
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 09 اپريل 2019 ع
پڙهيو ويو: 311 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 110 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب نامياري لبناني ليکڪ خليل جبران جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو آھي. سنڌيڪار پروفيسر عطاءُ اللھ ابڙو صاحب آھي. هي ڪتاب ”ساحل ۽ سمنڊ“ خليل جبران جي ڪتاب ”سئنڊ ايند فوم“ (Sand and Foam) جي اردو ترجمي ”ريت اور جهاگ“ تان ترجمو ڪيل آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ٻــه اکــر
  • ارپنا
  • پيش لفظ
  • نـديءَ جو گـيـت
  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6

  • حق ۽ واسطا

    ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي (ر) قنبر جو ڪتاب نمبر 23
    حق ۽ واسطا © ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي (ر) قنبر 2006ع

    ڪتاب جو نالو: ساحل ۽ سمنڊ
    ليکڪ: جبران خليل جبران
    سنڌيڪار: پروفيسر عطاءُ اللھ ابڙو
    پهريون ڇاپو: اپريل 2006ع
    ڪمپوزنگ: باک ڪمپوزرس، قنبر
    ڇپائيندڙ: ڏاهپ پبليڪيشن، لاڙڪاڻو

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    قيمت: 40 رپيا


    Title: “Sahil Ain Samund”
    (Translation of Kahlil Jibran’s “Sand and Foam”)
    Translated By: Prof. Attaullah Abro
    1st Edition: April 2006 A.D
    Published by: Dr. Muhabbat Academy, Kamber
    E-mail: riazatburiro@yahoo.com

    هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر جي جنرل سيڪريٽري رياضت ٻرڙي، بتول پريس حيدرآباد مان ڇپائي ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران پڌرو ڪيو.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ساحل ۽ سمنڊ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري لبناني ليکڪ خليل جبران جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو آھي. سنڌيڪار پروفيسر عطاءُ اللھ ابڙو صاحب آھي. هي ڪتاب ”ساحل ۽ سمنڊ“ خليل جبران جي ڪتاب ”سئنڊ ايند فوم“ (Sand and Foam) جي اردو ترجمي ”ريت اور جهاگ“ تان ترجمو ڪيل آهي.
    دنيا جي مشهور فلسفي ۽ آتمڪ ليکڪ ۽ پيار ڪندڙ دلين جي گهرائـيـُـن ۾ ڪائنات جي بي انت پيار جون سرگوشيون ڪري جيءُ جوڙيندڙ ڏاتيار خليل جبران جي اها ڪهڙي تحرير آهي جنهن ۾ سوز ۽ درد جي هم آهنگي نه آهي! هو ڪُـلي طور پيار ۽ محبت جي انتهائي سچائيءَ ۽ سادگيءَ ۾ يقين رکندڙ فرد هو ۽ انهن راهن جو راهي هو، جن تي هلندي سرور ۽ سارَ جو ڪهاڻيون گلن جي رنگ به رنگي پنکڙين ۽ خوشبوئن ۾ رقصان هونديون آهن.
    هي ڪتاب ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران 2006ع ۾ ڏاھپ پبليڪيشن وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري رياضت ٻرڙي جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ٻــه اکــر

    دنيا جي مشهور فلسفي ۽ آتمڪ ليکڪ ۽ پيار ڪندڙ دلين جي گهرائـيـُـن ۾ ڪائنات جي بي انت پيار جون سرگوشيون ڪري جيءُ جوڙيندڙ ڏاتيار جبران خليل جبران جي اها ڪهڙي تحرير آهي جنهن ۾ سوز ۽ درد جي هم آهنگي نه آهي! هو ڪُـلي طور پيار ۽ محبت جي انتهائي سچائيءَ ۽ سادگيءَ ۾ يقين رکندڙ فرد هو ۽ انهن راهن جو راهي هو، جن تي هلندي سرور ۽ سارَ جو ڪهاڻيون گلن جي رنگ به رنگي پنکڙين ۽ خوشبوئن ۾ رقصان هونديون آهن.
    جبران جي تحريرن مان انتخاب ڪرڻ، ته ڪهڙي تحرير کي پهريان پڙهيو وڃي، ساڻس ته بي انصافي ٿيندي ئي، پر پاڻ کي به ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ برابر ٿيندو. جبران جون سڀئي تحريرون، جيڪي احساسن جي مڌرتا سان اڻيل آهن، بنا شڪ جي وڏي وٿ واريون آهن. انهن کي سمجهڻ لاءِ دردِ دل هئڻ ضروري آهي. هو اهو مفڪر آهي، جنهن وٽ پيار لاءِ پڪار آهي. اها پڪار، جيـڪـا هـوائن ۾ پکڙجي، پنهنجي ماڳ جي ڳولا ۾ ڀٽڪي رهي آهي.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ جبران جي ڪيترن ئي ڪتابن جا ترجما ٿيا آهن، کيس دل سان پڙهيو ويو آهي، پر هو اڃا سنڌي ماڻهن کان فڪري طور لڪل آهي. ان جو ڪارڻ ڪهڙو آهي، ان تي سنجيدگيءَ سان ويچارڻ جي گهرج آهي.
    مانائتي ساٿي، جناب پروفيسر عطاءُ الله ابڙي، خليل جبران جو هي ڪتاب به ان نيت سان سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، ته جيئن نه صرف جبران جي سوچ کي سمجهي سگهجي، پر کيس نروار (explore) ڪرڻ لاءِ سنڌي ماڻهن کي آماده ڪجي. ابڙي صاحب کي خليل جبران سان محبت آهي، جنهن جو ثبوت سندس پڌرو ٿيندڙ هي ڪتاب آهي، جنهن کي هُـو، ان کان اڳ جبران جي ترجمي ڪيل ڪتاب ”غلامي“ وانگر، وڏي پيار سان پيش ڪري رهيو آهي.
    ابڙي صاحب هي ڪتاب ”سمنڊ ۽ ساحل“ خليل جبران جي ڪتاب ”سئنڊ ايند فوم“ (Sand and Foam) جي اردو ترجمي ”ريت اور جهاگ“ تان ترجمو ڪيو آهي، جيڪو اردو ۾ جبران جي مشهور مترجم حبيب اشعر دهلويءَ جو ڪيل آهي. حبيب اشعر صاحب اردو ۾ خليل جبران جا کوڙ ساترا ترجما ڪيا آهن، جن کي وڏي حيثيت حاصل آهي. ان حوالي سان اردو ترجمي تان ڪيل هي ترجمو پڻ پنهنجي سڦلتا رکي ٿو، جنهن تي نظرثاني پڻ ڪئي وئي آهي. جيتوڻيڪ هي ڪتاب ترجمي تان ترجمو آهي، پر هن ترجمي ۾ جبران جي انداز کي محسوس ڪري سگهجي ٿو.
    - ۽ اها تحرير (يا ترجمو) جنهن مان جبران جو احساس نه اڀري، جبران جي ٿي سگهي ئي نه ٿي.

    ساٿ سلامت.

    - رياضت ٻرڙو
    13-مارچ 2006ع
    قنبر


    ارپنا

    هيءَ ڪاوش وڇڙي ويل ٻن اديب ساٿين ـــــــ
    جناب م. ن. محزون ۽
    جناب فضل احمد بچاڻيءَ جي نانءُ،
    جن جبران خليل جبران جي شهپارن جا
    خوبصورت ترجما ڪري،
    سنڌي پڙهندڙن کي
    جبران جي فن ۽ فڪر کان
    روشناس ڪرايو.

    - پروفيسر عطاءُ الله ابڙو


    پيش لفظ

    هي ننڍڙو ڪتاب، جيئن سندس نالي ”سئنڊ اينڊ فوم“ (Sand and Foam) مان ظاهر آهي، اصل ۾ هڪ مُٺِ وارِي ۽ هڪ مُٺِ ڦيڻ آهي.
    توڙي جو مون هنن واريءَ جي ذرڙن ۾ پنهنجيءَ دل جا ذرڙا سمايا آهن ۽ سمنڊ جي ان ڦيڻ تي پنهنجي روح جو جوهر ڇَـٽـيو آهي، تڏهن به هي ڪتاب سمنڊ جي مقابلي ۾ ساحل ۽ تعبير ۽ بيان جي لحاظ کان مٿانهين وصال جي ڀيٽ ۾ ڪنهن محدود شوق جي ويجهڙو آهي ۽ سدائين ويجهڙو رهندو.
    هونئن ته هر مرد توڙي عورت جي دامن ۾ ٿورا واريءَ ذرڙا ۽ (ٿورڙي) گج هوندي آهي، پر پوءِ به اسان مان ڪي ماڻهو انهن رازن کي پڌرو ڪندا آهن ته ڪي وري شرمائيندا آهن. باقي رهيس مان، سو منهنجو شمار ته انهن ماڻهن ۾ آهي جيڪي شرم ۽ حياءَ کان بالاتر هوندا آهن، تنهنڪري مون کي مجبور ۽ معذور سمجهي معاف ڪري ڇڏجو.

    - جبران خليل جبران
    نيويارڪ، ڊسمبر 1926


    نـديءَ جو گـيـت

    مان واديءَ ۾ پسار ڪري رهيو هوس، جو سرمدي وجود جي اسرار جو اعلان ڪندي، صبح جي ڪنوار پنهنجي روشن رخ تان نـقاب کنيو. ڇا ٿو ڏسان، ته هڪ ندي پهاڙن ۾ وهي رهي آهي ۽ اوچي آواز ۾ هڪ من موهيندڙ گيت ڳائي رهي آهي.
    زندگي ڇا آهي؟
    - عيش ۽ آرام؟
    نه، زندگي ته صرف مقصد ۽ ان جو جذبو آهي!
    موت ڇا آهي؟
    - نيست ۽ نابودي؟
    نه، موت ته صرف مقصد کان دوري ۽ مايوسي آهي!
    فلسفي ڪير آهي؟
    - جيڪو فلسفياڻيون ڳالهيون ڪري؟
    نه، پر اهو، جيڪو فلسفي جي ڳجهن رازن کي ڄاڻي!
    وڏو ماڻهو ڪير آهي؟
    - جيڪو وڏي عهدي تي فائز هجي؟
    نه، وڏو ته اهو آهي جيڪو وڏن عهدن کي ٿـڏي ڇڏي!
    شريف ڪير آهي؟
    - جنهن جو نصيب ساڻي هجي؟
    نه، گهڻا شريف ته قسمت جا ماريل هوندا آهن!
    ذليل ڪير آهي؟
    - جيڪو قيد جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هجي؟
    نه، زنجير ته ڪڏهن هارن کان به وڌيڪ اعليٰ ۽ عظيم هوندا آهن!
    بهشت ڇا آهي؟
    - ثوابن جي دنيا؟
    نه، بهشت ته صرف پاڪيزه دل جو نانءُ آهي!
    دوزخ ڇا آهي؟
    - عذابن جو گهر؟
    نه، دوزخ ته فقط محبت کان خالي دل جو نانءُ آهي!
    جاگيرداري ڇا آهي؟
    - دولت جو گڏ ڪرڻ؟
    نه، دنيا جا گهڻا ٿڏيل انسان گهڻن کان گهڻا شاهوڪار هوندا آهن!
    محتاج ڪير آهي؟
    - جيڪو حقير هجي؟
    نه، دنيا جي دولت ته اٽو ۽ لٽو آهي!
    حسن ڇا آهي؟
    - خوبصورتي؟
    نه، حسن ته هڪ جلوو آهي، دلين لاءِ!
    ڪمال ڇا آهي؟
    - جيڪو پرهيزگار کي حاصل ڪري؟
    نه، گهڻـي بـزرگـي ۽ ڪـمال ته ڪجهـه گـنـاهــن ۾ پوشيده آهي!
    پهاڙن کي نديءَ اهو گيت ٻڌايو.
    هن نديءَ جا گيت گهڻو ڪري،
    انهن سمنڊن جا اسرار هوندا آهن.

    - جبران خليل جبران


    1

    انهن ڪنارن تي آءٌ هميشه هلندو رهندس،
    ساحل جي واريءَ ۽ سمنڊ جي ڦيڻ وچ ۾،
    بيشڪ سمنڊ جي ويرَ منهنجن قدمن جا نشان مٽائي ڇڏيندي
    ۽ هوا سمنڊ جي ڦيڻ کي پاڻ سان کڻي ويندي،
    پر سمنڊ ۽ ساحل سدا آباد رهندا!
    ــــــــــ
    هڪ ڀيري مون پنهنجي مـُـٺ ڪوهيڙي سان ڀري، پوءِ ان کي کوليم، ته ڪوهيڙو هڪ جيت بڻجي ويو. مون ٻيهر مٺ بند ڪري کولي، ته اتي جيت بدران جهرڪي هئي. مون ٽيهر مٺ بند ڪري کولي، ته پنهنجي هٿ جي تريءَ تي هڪ ماڻهوءَ کي ڏٺم، جنهن جو چهرو غمگين هو ۽ نگاهون بلندين کي گهوري رهيون هيون.
    مون آخري ڀيرو مٺ بند ڪري کولي، ته ان ۾ سواءِ ڪوهيڙي جي ٻيو ڪجهه به نه هو. پر ان وقت مان نهايت شيرين ۽ من موهيندڙ گيت ٻڌي رهيو هوس.
    ــــــــــ
    مان ڪڏهن به لاجواب نه ٿيس، پر اُن شخص اڳيان، جنهن مون کان پڇيو: ”تون ڪير آهين؟“
    ــــــــــ
    ڪالهه تائين منهنجو خيال هو، ته مان هڪ ذرڙو آهيان، جيڪو بغير ڪنهن سٽاءَ جي، پريشان حال، زندگيءَ چؤڦير چڪر لڳائي رهيو آهي!
    پر اڄ مون اهو چڱيءَ طرح ڄاڻي ورتو آهي،
    ته مان اهو دائرو آهيان، جنهن ۾ سڄي زندگي منظم ذرڙن سان گڏ چڪر لڳائي رهي آهي.
    ــــــــــ
    ماڻهو جاڳ ۾ چون ٿا:
    ”تون هن دنيا ۾ اڻکٽ سمنڊ جي اڻکٽ ڪناري جو فقط هڪ واريءَ ذرڙو آهين ۽ بس!“
    ۽ مان ننڊ ۾ چوان ٿو:
    ”مان اڻکٽ سمنڊ آهيان ۽ سڀئي جهانَ، منهنجي ڪناري جي واريءَ جا ذرڙا آهن ۽ بس!“
    ــــــــــ
    الله فڪر فرمايو ۽ سندس پهريون فڪر فرشتو هو.
    الله ڪلام فرمايو ۽ سندس پهريون ڪلمو انسان هو.
    ــــــــــ
    ان کان اڳ، جو سمنڊ ۽ هوا پنهنجا هزارين سال پراڻا لفظَ سندس حوالي ڪن، انسان هڪ ڊِنل مخلوق هو، جيڪو پنهنجي گم ٿيل وجود جي ڳولا ۾ جهر جهنگ ڀٽڪي رهيو هو.
    ــــــــــ
    ابوالهول زندگيءَ ۾ صرف هڪ دفعو ڳالهايو ۽ اهو هي ته ”واريءَ جو ذرڙو خود صحرا آهي ۽ صحرا خود واريءَ جو ذرڙو.“ اهو چئي هو سدائين لاءِ چپ ٿي ويو.
    ابوالهول جي ڳالهه مون ٻڌي ته سـهـي، پر سمجهيم ڪي ڪين.
    ــــــــــ
    مون هڪ عورت جي چهري تي نظر وڌي ۽ سندس اولاد کي ڏسي ورتم، توڙي جو اهو اڃا پيدا به ڪو نه ٿيو هو.
    هڪ عورت مون ڏانهن گهوريو ۽ منهنجن ابن،ڏاڏن کي سڃاڻي ورتو، توڙي جو اهي هن جي جنم کان گهڻو اڳ مري چڪا هئا!
    ــــــــــ
    جڏهن حال ئي اهو هجي، ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هو پنهنجين اجاين خواهشن سان، جن کي هن ڪالهه ئي سکيو هو، قبل از تاريخ زماني جي تشريح ڪري سگهي؟
    ــــــــــ
    مون چاهيو پئي ته ڪاش مون لاءِ ذات جي تڪميل ممڪن هجي ها!
    پر اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي، جڏهن ته مون پاڻ کي ان عظمت ۽ بزرگيءَ لائق بڻايو ئي نه آهي، جيڪا عقلمند انسان جي زندگي سان سلهاڙيل آهي.
    ڇا اها عظمت ۽ بزرگي هن ڌرتيءَ تي رهڻ واري هر انسان جي گم ٿيل ميراث نه آهي؟
    ــــــــــ
    موتي هڪ جسم آهي، جنهن کي سورن ڀرئي هٿ، واريءَ ذرڙن جي چؤڦير تعمير ڪيو.
    ته پوءِ اهو ڪهڙو درد آهي، جنهن اسان جي جسمن جي تعمير ڪئي؟ ۽ اهي ڪهڙا ذرڙا آهن، جن جي چؤگرد اسان جا جسم تعمير ڪيا ويا؟
    ــــــــــ
    مون کي خاموشي عطا ڪر، ته جيئن مان رات جي گهري اٿاهه اونداهين تي اوچتو ڇانئجي وڃان.
    ــــــــــ
    مان وڏي عرصي تائين، مصر ۾ مٽيءَ اندر، ماٺ ۽ موسمن کان بي خبر آرامي هيس. ان کان پوءِ سج مون کي سجاڳ ڪيو ۽ همتايو. ان بعد آءٌ ڏينهن سان گڏ ڳائيندو ۽ راتين سان گڏ خواب ڏسندو، نيل نديءَ جي ڪنارن تي هلندو رهيس.
    هاڻ سج پنهنجن سهسين ڪرڻن سان منهنجين اکين تي حملا ڪري رهيو آهي، ته جيئن مان ٻيهر مٽيءَ منجهه سمهي پوان.
    پر ڪيترو نه عجيب آهي اهو راز، جو جنهن سج پاڻ منهنجي هستيءَ جي جزن کي سهيڙيو، سو هاڻ انهن کي منتشر ڪري نه ٿو سگهي.
    اهوئي ڪارڻ آهي جو آءٌ هن وقت به ثابت قدميءَ سان نيل نديءَ جي ڪناري تي هلي رهيو آهيان ۽ مسلسل هلندو رهندس!
    ــــــــــ
    جڏهن خدا مون کي هڪ ننڍڙي پٿريءَ جي صورت ۾، هن حيران ڪن سمنڊ ۾ اڇلايو، ته مون ان جي مٿاڇري تي بيشمار لهرون پيدا ڪري سندس سڪون ڦٽايو.
    پر جڏهن مان ان جي اونهاين ۾ پهتس، ته اها ئي خاموشي مون تي به ڇانئجي ويئي، جا مٿس ڇانيل هئي.
    ــــــــــ
    زندگيءَ ۾ منهنجو تعارف هڪ اهڙي شخص سان به ٿيو، جيڪو ٻڌڻ جو تيز، پر گونگو هو ــــــــ سندس ڄڀ هڪ ويڙهه ۾ وڍجي وئي هئي. اڄ، آءٌ انهن سڀني ويڙهين کان واقف آهيان، جيڪي هن ـــــــ ان کان اڳ جو بي انت خاموشي ان تي غالب پئجي وڃي ــــــــ وڙهيون، ۽ مون لاءِ اها ڏاڍي خوشيءَ جي ڳالهه آهي، ته هو مري ويو. ڇاڪاڻ ته دنيا پنهنجين مڙني وسعتن باوجود اسان ٻنهي کي هڪ ئي وقت برداشت ڪرڻ جي طاقت نه ٿي رکي سگهي.
    ــــــــــ
    مون کي ڪيڏو نه عجيب لڳندو آهي، جڏهن مان پاڻ کي انهيءَ ڏک ۽ سور جي شڪايت ڪندي ڏسندو آهيان، جيڪو خود مون لاءِ راحت جو سبب آهي.
    ــــــــــ
    مون کي ٻيهر زندگي ان وقت ملي جڏهن منهنجي جسم کي، منهنجي روح سان محبت ٿي ۽ اهي ٻئي زندگيءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا.
    ــــــــــ
    اسين زماني جو اندازو ڪندا آهيون، انهن ستارن جي چرپر مان، جيڪي ڳڻپ کان ئي ٻاهر آهن، ۽ هو زماني جي ماپ ۽ تور ڪن ٿا انهن اوزارن سان، جيڪي کيسن ۾ کنيو ٿا وتن.
    پوءِ، تون ئي ٻڌاءِ ــــــــ خدا تو کي هر مصيبت کان محفوظ رکي! ـــــ ته اسان ۽ هو هڪ جاءِ تي، هڪ ئي وقت ڪيئن ٿا گڏ ٿي سگهون.
    ــــــــــ
    ڪهڪشان جي وِٿين مان ڏسندڙن لاءِ، آسمان ۽ زمين جي وچ واري هيءَ فضا، فضا نه آهي!
    ــــــــــ
    ياد رکڻ به ملاقات جي هڪ صورت آهي ۽ وساري ويهڻ به جدائيءَ برابر.
    ــــــــــ
    مقدس شهر طرف ويندڙ رستي تي، منهنجي ملاقات هڪڙي حاجيءَ سان ٿي.
    مون کانئس پڇيو، ”ڇا مقدس شهر جو صحيح رستو هيءُ آهي؟“
    هن وراڻيو، ”منهنجي پٺيان پٺيان هلندو اچ. هڪ ڏينهن ۽ هڪ رات ۾ تون مقدس شهر ۾ پهچي ويندين.“
    مان هڪدم هن پٺيان لڳي پيس. ڪيئي ڏينهن ۽ ڪيئي راتيون اسين هلندا رهياسين، پر مقدس شهر ۾ نه پهتاسين.
    مون کي ڏاڍي حيرت ٿي، جڏهن مون ڏٺو، ته اهو شخص مون سان ان ڳالهه تي ڪاوڙجي پيو، ته مون کيس سنئين رستي تي ناهي هلايو.
    ــــــــــ
    ڊاڙيءَ سان ڪو به ريس نه ٿو ڪري سگهي سواءِ ٻوڙي جي.
    ــــــــــ
    انسانيت نور جو هڪ درياءُ آهي، جيڪو ازل جي وادين کان نڪري ٿو ۽ ابد جي راهن ۾ وهي ٿو.
    ــــــــــ
    ڇا خلائن ۾ رهندڙ روح ڏکن ۽ ڏوجهرن جي ستايل انسانن تي ريس نه ٿا ڪن؟
    ــــــــــ
    منهنجي گهر مون کي چيو، ”مون کي نه ڇڏ، ڇو ته تنهنجو ماضي مون ۾ آباد آهي.“
    ۽ منهنجي رستي مون کي چيو، ”منهنجي پٺيان پٺيان اچ، ڇو ته مان ئي تنهنجو آئيندو آهيان.“
    پر مان، پنهنجي گهر ۽ پنهنجي رستي کي چوان ٿو، ”منهنجو نه ڪوئي ماضي آهي ۽ نه مستقبل! جيڪڏهن مان بيهي رهان، ته منهنجو بيهڻ ئي ڄڻ هلڻ آهي ۽ جي هلڻ لڳان، ته منهنجو هلڻ ئي ڄڻ منهنجو بيهڻ آهي، ڇاڪاڻ ته موت ۽ محبت مـــان، ٻـنـهي کــي، اهــا طاقت آهــي، هـو هــر هـڪ شـيءِ کـي بدلائي ڇڏي!“
    ــــــــــ
    ست ڀيرا مون پنهنجي نفس کي حقير ڄاتو:
    1. جڏهن مون ان کي عظمت ۽ اقتدار لاءِ دولت ۽ حڪومت جو لباس پائيندي ڏٺو.
    2. جڏهن مون ان کي مخلصن کي ٺڳيندي ڏٺو.
    3. جڏهن ان کي سهنجائيءَ ۽ اهنجائيءَ مان ڪنهن هڪ کي چونڊڻ لاءِ چيو ويو، ته اُن سهنجائيءَ کي پسند ڪيو.
    4. جڏهن هن ڪو گناهه ڪيو ۽ پاڻ کي اهو چئي تسلي ڏني ته اهڙا گناهه ته ٻيا به ڪن پيا.
    5. جڏهن هن پنهنجي ڪمزوريءَ سبب، هر ان مصيبت کي سـَـٺو، جا هن تي آئي ۽ پوءِ چيائين، ته هو ان جو مقابلو، طاقت بدران صبر سان ڪري رهيو آهي.
    6. جڏهن هن هڪ شريف انسان سان ذلت ڀريو ورتاءُ ڪيو، جو حقيقت ۾ هن جو ئي روپ هو.
    7. جڏهن هن پـنهنجي ساراهه جا ڳيچ ڳاتا ۽ ان کي سٺو سمجهيو.
    ــــــــــ
    مان پنهنجي ايمان کي زندگيءَ جي انصاف تي ڪيئن برباد ڪريان، جڏهن ته ڄاڻان ٿو ته نرم ۽ گرم بسترن تي سمهندڙن جا خواب زمين تي سمهندڙن جي خوابن کان وڌيڪ حسين ناهن هوندا.
    ــــــــــ
    تون انڌو آهين ۽ مان گونگو ۽ ٻوڙو، ته پوءِ اچ، ۽ پنهنجو هٿ منهنجي هٿ ۾ ڏي. ممڪن آهي ته اسان مان ڪو هڪ، ٻئي کي بچائي وٺي.
    ــــــــــ


    2

    انسان جو قدر ۽ قيمت ان شيءِ ۾ نه آهي، جا هن کي حاصل ٿئي، پر ان شيءِ ۾ آهي، جنهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ هو لڇندو رهي.
    ــــــــــ
    مان نه ٿو ڄاڻان ته ”اصل حقيقت“ ڇا آهي؟ پر مان نهايت عاجزيءَ ۽ انڪساريءَ سان پنهنجي ”جِـهـل“ اڳيان جهڪان ٿو ۽ انهيءَ ۾ ئي مون لاءِ فخر به آهي ته اجر به.
    ــــــــــ
    منهنجا معبود! ان کان اڳ جو سهي کي منهنجو شڪار بڻائين، مون کي شينهن جو شڪار بڻاءِ!
    ــــــــــ
    انسان جي خيال ۽ سمجهه جي وچ ۾ هڪ فاصلو آهي، جيڪـو هـن جـي ”دردنـاڪ دانهن“ کان سواءِ ڪو به طئي ڪري نه ٿو سگهي.
    ــــــــــ
    جنت هن دروازي جي پٺيان، ڀر واري ڪمري ۾ آهي، پر دروازي جي چاٻي مون کان گم ٿي ويئي آهي. پر نه، ڪنجي شايـد گم نه ٿي آهي، بلڪ مون اها ڪنهن نامعلوم هنڌ تي رکي آهي.
    ــــــــــ
    اسان مان ڪجهه مَــسُ مثل آهن ۽ ڪجهه پني مثل.
    جيڪڏهن مس نه هجي، ته اڇاڻ ٻوڙي رهجي ويندي،
    ۽ جيڪڏهن اڇاڻ نه هجي، ته مس انڌي رهجي ويندي.
    ــــــــــ
    جو ڪجهه مون توکي چيو، ان جو هڪ حصو بي مقصد آهـي، پـر مون اهو ٻئي حصي جي مفهوم کي مڪمل ڪرڻ لاءِ چيو آهي.
    ــــــــــ
    عقل اسفنج جو هڪ ٽڪر آهي ۽ دل هڪ تمام وڏي ندي!
    ته پوءِ ڇا هيءَ حيرت جوڳي ڳالهه نه آهي ته اسان منجهان اڪثر ماڻهو چهجڻ کي وَهڻ تي ترجيح ڏيندا آهن؟
    ــــــــــ
    جڏهن انسان ڪنهن خيال جي نشي ۾ مدهوش هوندو آهي، ته هــو ان کي ڪنهن پاڪيزه شراب جي نانءِ منسوب ڪندو آهي.
    ــــــــــ
    توهان شراب پيئو ٿا مدهوشيءَ لاءِ ۽ مان پيئان ٿو ٻين مدهوشين کان ڇوٽڪارو وٺڻ لاءِ!
    ــــــــــ
    هر ٻج ۾ هڪ جذبو آهي، وڌڻ ۽ ويجهڻ جو.
    ــــــــــ
    جڏهن تون انهن نعمتن جو طلبگار ٿئين، جن جو نانءُ به توکي معلوم نه هجي،
    ۽ جڏهـن تون غمگين ٿئين، پر پنهنجي غم جو ڪو ڪارڻ نه ڄاڻين،
    ته ان وقت فطرت توکي مڙني نپندڙ شين سان گڏ نپائيندي آهي ۽ تون پنهنجي عظيم ذات جي بلندين ڏانهن اڏامڻ لڳندو آهين.
    ــــــــــ
    خوش طبعي کي تون ان وقت سمجهندين، جڏهن پيش اچڻ واري هر فرصت کي غنيمت سمجهڻ لڳندين.
    ــــــــــ
    جيستائين منهنجو گلاس اڌ ڀريل رهيو، مان مسلسل اعتراض ڪندو رهيس، پر جڏهن اهو صفا خالي ٿي ويو، ته مان به پُـرسڪون ٿي ويس.
    ــــــــــ
    توکي گهرجي، ته حقيقت کي سمجهه هميشه، پر ظاهر ڪر ڪڏهن ڪڏهن.
    ــــــــــ
    انسان جي حقيقت انهن ڳالهين ۾ نه آهي، جيڪي هو ظاهر ڪري ٿو، پر انهن ۾ آهي، جيڪي هو لڪائي ٿو.
    تنهنڪري جيڪڏهن تون، انهيءَ کي سمجهڻ چاهين ٿو ته پوءِ انهن ڳالهين تي ڌيان نه ڌر، جيڪي هو ٻڌائي ٿو، پر انهن ڳالهين کي ٻڌ، جيڪي هن جي زبان چوي ئي نه ٿي.
    ــــــــــ
    تنهائيءَ جو ڏک مون محسوس نه ڪيو، جڏهن ماڻهن منـهـنـجن ظاهـري عـيبن جي تعريف ڪئي ۽ لڪل برائين تي ڇتي تنقيد.
    ــــــــــ
    جڏهن زندگي ڪنهن اهڙي راڳيءَ کي نه ٿي لهي، جيڪو ان جي دل جي ساز کي سُــر ڏئي، ته پوءِ اها فلسفي پيدا ٿي ڪري، جيڪو ان جي عقل کي ڳالهائڻ سيکاري.
    ــــــــــ
    هن زندگيءَ جو آواز، جيڪو مون منجهه آهي، اُن زندگيءَ جي ڪنن تائين نه ٿو پهچي سگهي، جيڪو تو ۾ آهي، پوءِ به اسان کي هر حال ۾ ڳالهائڻ گهرجي، ته جيئن اسان کي تنهائيءَ جو عذاب محسوس نه ٿي سگهي.
    ــــــــــ
    جڏهن ٻه عورتون ڳالهائينديون آهن، ته ڪجهه به ظاهر نه ڪنديون آهن، پر جڏهن هڪ عورت ڳالهائي ٿي، ته پوري زندگيءَ جو اظهار ڪريو ڇڏي.
    ــــــــــ
    اسين، جيڪي غيبي طاقتن جا مالڪ آهيون، ماٺ آهيون، پر جن جون صلاحيتون اڌاريون آهن، سي هروڀرو پيا لٻاڙ هڻن.
    ــــــــــ
    ڪڏهن ڪڏهن، ڏيڏرن جي ٽان ٽان، ڏاندن جي آوازن کان اوچي هوندي آهي.
    پر، نه ته ڏيڏر کيتي کيڙي سگهن ٿا ۽ نه گهاڻي ۾ وهي سگهن ٿا ۽ نه تون انهن جي کلن مان جوتا ٺهرائي سگهين ٿو.
    ــــــــــ
    خزان جڏهن چوي ٿي، ”بهار منهنجي هنج ۾ آهي!“
    ته ڪير آهي، جيڪو سندس ڳالهه کي مڃي ٿو؟!
    ــــــــــ
    چڱيءَ طرح اکيون کولي ڏس:
    توکي هر صورت ۾ پنهنجي صورت نظر ايندي.
    ۽ چڱيءَ طرح ڪن کولي ٻڌ:
    توکي هر آواز ۾ پنهنجو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.
    ــــــــــ
    ڪيتري نه شريف آهي، اها غمگين دل، جنهن جو غم، ان کي مسرور دلين سان گڏ خوشيءَ جي نغمن ڳائڻ کان نه ٿو روڪي.
    ــــــــــ
    حق ٻن شخصن جو محتاج آهي: هڪ اهو، جيڪو ان جو اظهار ڪري ۽ ٻيو اهو، جيڪو ان کي مڃي.
    ــــــــــ
    گهڻائي مذهب روشندان جي شيشن مثل آهن، جن مان اسان حقيقت کي ڏسون ضرور ٿا، پر اهي اسان ۽ حقيقت جي وچ ۾ رڪاوٽ بڻيل رهن ٿا.
    ــــــــــ
    اچ، ته اکٻوٽ کيڏون ۽ هڪ ٻئي کي ڳوليون!
    ڏس! جيڪڏهن تون منهنجيءَ دل ۾ لڪندين ته مون کي تنهنجو ڳولڻ ڏکيو نه ٿيندو.
    پر جيڪڏهن تون پنهنجي وجود جي ديوار پٺيان لڪي پوندين، ته ماڻهن جو تو تائين پهچڻ ناممڪن ٿي پوندو.
    ــــــــــ
    عورت کي سمجهڻَ، ڪنهن عجوبي تي تبصرو ڪرڻَ يا ڪنهن ڳجهي راز کان واقف ٿيڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ وارو شخصُ ان شخص سان ڪيڏي نه مشابهت ٿو رکي، جيڪو نيرن ڪرڻ لاءِ ڪنهن خوبصورت خواب مان جاڳيو هجي.
    ــــــــــ
    توڙي جو اسين هر وقت لفظن جي موجن ۾ ٻڏل رهون ٿا، پر اسان جي گهرائي هميشه خاموش رهي ٿي.
    ــــــــــ
    عورت پنهنجي چهري کي مرڪ جي نقاب ۾ لڪائي سگهي ٿي.
    ــــــــــ
    مان سڀني پيرين پنڌ هلندڙن سان گڏ هلندم ۽ ضرور هلندم.
    پر ايئن نه ٿو ٿي سگهي، ته لنگهندڙ جلوس جي تماشي ڏسڻ لاءِ چپ چاپ بيهي رهان.
    ــــــــــ
    جيڪو تنهنجي خدمت ڪري ٿو، تون انهيءَ جي هٿ سونَ ۽ موتيءَ کان به وڌيڪ قيمتي شيءِ جي عيوض گروي آهين.
    تنهنڪري يا ته تون ان کي پنهنجي دل ڏي يا انهيءَ جي خدمت ڪر.
    ــــــــــ
    ها! اسان جي زندگي فضول ناهي گذري.
    ڇا هي عظمت جا مينار، ماڻهن اسان جي هڏين تي تعمير ناهن ڪيا؟
    ــــــــــ
    شاعر تخت تان لاٿل بادشاهه مثل آهي، جيڪو پنهنجي محل جي رَکُ تي ويٺو، ان مان ڪيئي قسمن جون شڪليون ٺاهي رهيو آهي.
    ــــــــــ
    هر نانگ هڪ ٻچو پيدا ڪري ٿو، جيڪو کيس ئي کائي ٿو. هي سڀ وڻ شعر آهن، جن کي زمين آسمان جي صفحن تي لکيو آهي.
    پر اسان انهن کي وڍي، انهن مان ڪاڳر بڻائيندا آهيون، ته جيئن انهن تي پنهنجا احمقاڻا خيال لکي سگهون.
    ــــــــــ
    هو اسان جي دل جي رت ۾ قلم ٻوڙين ٿا ۽ پوءِ ان کي وحيءَ ۽ الهام سان منسوب ڪن ٿا.
    ــــــــــ
    جڏهن تون پنهنجيءَ دل ۾ ڪجهه لکڻ جو جذبو محسوس ڪرين، جنهن جو راز سواءِ پاڪ روحن جي ڪو به نه ڄاڻي، تڏهن تنهنجي اندر ٽي شيون ضرور هئڻ گهرجن: معرفت، فنڪاري ۽ جادوگري ــــــــ
    لفظن جي ترنم جي معرفت،
    سادگيءَ، بي ساختگيءَ ۽ اثر ڪرڻ جو فن
    ۽ قارئين کي پنهنجي شخصيت پسند ڪرائڻ جو جادو.
    ــــــــــ
    جيڪڏهن مون کي شعر چوڻ جي صلاحيت ۽ ان چيل شعر ۾ موجود پريشانيءَ مان ڪنهن هڪ کي چونڊڻ جو موقعو ملي، ته مان يقينن پريشانيءَ کي ئي پسند ڪندس، ڇاڪاڻ ته اها شعر چوڻ کان وڌيڪ بهتر آهي.
    پر تون ۽ منهنجا سڀئي دوست ۽ پاڙيسري ته منهنجيءَ جهالت تي متفق آهيو ۽ توهان سڀني جو اهو خيال آهي ته مان سٺي شيءِ کي ڇڏي، خراب شيءِ کي پسند ڪيان ٿو.
    ــــــــــ
    جيڪڏهن تون حسن ۽ جمال جا گيت ڳائيندين، ته انهن جا ٻڌندڙ توکي کوڙ ملي ويندا، توڙي جو تون وچ جهنگ ۾ ڇو نه هجين.
    ــــــــــ
    ڏک ۽ سک، ۽ حيرت ۽ ڊپ جي بي حساب ڪيفيتن کي ڪجهه لفظن ۾ سمائجڻ کي شعر چئبو آهي.
    ــــــــــ
    شعر ڪوئي فڪر يا نظريو نه آهي، جنهن کي لفظن ۾ بيان ڪجي، پر شعر ته اهو نغمو آهي، جيڪو زخم مان وهندڙ رت يا مرڪندڙ چپڙن مان اڀري ٿو.
    ــــــــــ
    جيڪڏهن وڻَ به پنهنجي آتم ڪٿا لکي سگهن ها، ته انهن جي ماجرا به ڪنهن قوم کان مختلف نه هجي ها.
    ــــــــــ
    لفظَ زماني جي قيد کان آزاد آهن.
    ان ڪري ضروري آهي ته تقرير يا تحرير وقت اها حقيقت تنهنجي نظر ۾ رهي.
    ــــــــــ
    سڀ کان وڏو ڳائڻو اهو آهي جيڪو اسان جي خاموشين جا گيت ڳائي.
    تنهنجي وات ۾ ته گرهه آهي، پوءِ ڀلا تون ڪيئن ٿو ڳائي سگهين؟
    تنهنجا ته هٿ هيرن ۽ موتين سان ڀريل آهن، ته پوءِ اهي دعا لاءِ ڪيئن ٿا کڄي سگهن؟
    ــــــــــ
    شاعر پنهنجي دل جي نغمن جي گهرائيءَ تائين پهچڻ جي فضول ڪوشش ڪندو آهي!
    ــــــــــ
    هڪ ڀيري، مون هڪ شاعر کي چيو: ”اسان تنهنجو قدر تڏهن سڃاڻينداسين، جڏهن تون مري ويندين!“
    هن وراڻيو: ”برابر، ڇو ته موت ئي هميشه حقيقت جي رخ تان نـقاب هٽائي ٿو ۽ جيڪڏهن تون موت جي ذريعي ئي منهنجي قيمت سڃاڻڻ ٿو چاهين، ته ان جو سبب هي آهي، ته جيڪي ڪجهه منهنجي زبان تي آهي، ان کان گهڻو وڌيڪ منهنجيءَ دل ۾ آهي، ۽ جيڪي ڪجهه منهنجن هٿن ۾ آهي، ان کان گهڻو وڌيڪ منهنجين خواهشن ۾ آهي.“
    ــــــــــ
    اسان جا سڀئي شڪر مانيءَ جي ڀور مثل آهن، جيڪي فڪر جي دسترخوان تان ڪرن ٿا.
    ــــــــــ
    غور ۽ ويچار شعر جي راهه ۾ دائمي رڪاوٽ آهن.
    ــــــــــ
    شعر هڪ فلسفو آهي، جيڪو دلين تي جادو ڪري ٿو.
    ۽ فلـسفـو هـڪ شعر آهي، جنهن جا نغمه سوچ جي ساز مان اڀرن ٿا.
    پر جي اسان انهن ٻنهي کي هڪ هنڌ گڏ ڪري سگهون ته پوءِ اسين آرام سان دلين تي جادو ۽ سوچ کي نغمه سرا ڪري سگهنداسين ۽ ان وقت اسين الوهيت جي پاڇي ۾ زندگي گهاري سگهنداسين.
    ــــــــــ
    گهڻو ڪري اسان ٻارڙن کي سمهڻ لاءِ لولي ڏيندا آهيون پر حقيقت ۾ اهو اسان پنهنجيءَ ذات کي ٿڦڪيون ڏيئي سمهارڻ چاهيندا آهيون.
    ــــــــــ
    مان پنهنجي وجودِ معنوي کان ڪڏهن به مطمئن نه ٿيس.
    مون کي چِـٽـو پسجي رهيو آهي ته هن ۽ منهنجي وچ ۾ ان اختلاف جو ڪو نه ڪو راز ضرور آهي.
    ــــــــــ
    چون ٿا ته ڪوئل جڏهن محبت جا گيت ڳائي ٿي، ته پنهنجي سيني کي چيري ٿي.
    اسان جو به اهو ئي حال آهي، ته پوءِ ان کان سواءِ اسين محبت جا گيت ڪيئن ٿا ڳائي سگهون؟
    ــــــــــ
    وحيءَ جا گيت سدائين ڳاتا ويندا آهن، پر وحيءَ جو تفسير ڪڏهن به ناهي ڪيو ويندو.
    ــــــــــ


    3

    عبقريت هڪ گيت آهي، جنهن کي پکي وڏي انتظار کان پوءِ، ايندڙ بهار جي آمد تي ڳائيندا آهن.
    ــــــــــ
    مرگير روح به فطري ضرورتن کان نجات حاصل نه ٿو ڪري سگهي.
    ــــــــــ
    پاڳل به تو ۽ مون وانگر هڪ موسيقار آهي، پر جيڪو ساز هو وڄائي ٿو، ان مان نغما نه ٿا اُڀرن.
    ــــــــــ
    ماءُ جي دل جي خاموشين ۾ ستل گيت، ٻار جي چپڙن تي ڪڏندو آهي.
    ــــــــــ
    هن دنيا ۾ اهڙي ڪا به خواهش نه آهي، جنهن جو وجود نه هجي.
    ــــــــــ
    بيشڪ تنهنجو وجودِ معنوي، تنهنجي هٿان غمگين رهي ٿو.
    پر ان رنج ۽ غم جي باوجود، اهو زنده ۽ وڌندڙ آهي.
    اهو ئي سبب آهي، جو سندس رنگ ۽ غم آخرڪار فرحت ۽ خوشيءَ ۾ تبديل ٿيو وڃي.
    ــــــــــ
    جيڪڏهن تون زندگيءَ جي روح تائين پهچي وڃين، ته هر شيءِ ۾ توکي حسن ۽ جمال جا جلوا نظر ايندا، ايستائين جو انهن اکين ۾ به، جيڪي بصيرت کان محروم آهن.
    ــــــــــ
    حسن اسان جو غم ٿيل ورثو آهي، جنهن کي اسين سڄي زندگي تلاش ڪندا آهيون. ان کان سواءِ جيڪي ڪجهه به آهي، اهو انتظار جي ڪا نه ڪا صورت آهي.
    ــــــــــ
    روح ۽ جسم جي هيءَ ڇڪتاڻ صرف انهن ماڻهن جي خيالن ۾ ڏٺي وئي آهي، جن جا روح ستل آهن.
    ــــــــــ
    ٻج ڇٽ! ڌرتي تو لاءِ گلن جا خزانا اوڳاڇڏيندي.
    پنهنجن خوابن کي آسمان ۾ تلاش ڪر! آسمان توکي تنهنجي محبوب سان ملائي ڇڏيندو.
    ــــــــــ
    شيطان ته ان ڏينهن مري ويو، جنهن ڏينهن تون ڄايو هئين، پوءِ توکي ڇا ٿيو آهي، جو تون فرشتن کي ڏسڻ لاءِ جهنم جو رستو پار ڪرين؟
    ــــــــــ
    ڪيتريون نه گهڻيون آهن اهي عورتون، جيڪي مرد جي دل وندرائين ٿيون، پر ڪيتريون نه ٿوريون آهن اهي عورتون، جيڪي ان جي حفاظت ڪري سگهنديون هجن.
    ــــــــــ
    جيڪڏهن تون ڪنهن شيءِ جو مالڪ بڻجڻ چاهين ٿو، ته پوءِ ان کي پنهنجي نفس لاءِ نه گهر.
    ــــــــــ
    مرد جڏهن پنهنجو هٿ عورت جي هٿ سان ڇهي ٿو، تڏهن اهي ٻئي ابدي روح کي ڇهن ٿا.
    ــــــــــ
    محبت ٻن چاهيندڙن جي وچ ۾ هڪ پردو آهي.
    ــــــــــ
    هر مرد ٻن عورتن سان پيار ڪري ٿو: هڪ اها، جنهن جي تخليق سندس خيال ڪري ٿو ۽ ٻي اها، جيڪا اڃا تائين پيدا نه ٿي آهي.
    ــــــــــ
    جيڪو مرد، عورت جي معمولي خامين کي معاف نه ٿو ڪري سگهي، اهو غيرت جي اعليٰ خوبين مان ڪڏهن به لاڀ حاصل ڪري نه سگهندو.
    ــــــــــ
    جيڪا محبت روز روز تبديل نه ٿي ٿئي، اها دائمي صورت اختيار ڪريو وٺي ۽ اها ئي اڳتي هلي مناسب وقت تي بندگيءَ ۾ تبديل ٿيو وڃي.
    ــــــــــ
    ٻه محبت ڪرڻ وارا هڪ ٻئي سان ايترو بغلگير نه ٿا ٿين، جيترو هڪ ٻئي جي علائقي سان.
    ــــــــــ
    محبت ۽ شڪ، هڪ دل ۾ رهي نه ٿا سگهن.
    ــــــــــ
    محبت اهو نوراني ڪلمو آهي، جنهن کي نوراني هٿن، نوراني ڪاڳر تي لکيو آهي.
    ــــــــــ
    اسان هڪ ٻئي کي، تيستائين سمجهي نه سگهنداسين، جيستائين پنهنجي سـڄي دانـائـيءَ کـي ستـن ڪلمن ۾ تبديل نه ڪريون.
    ــــــــــ
    دوستي نـفعي خورن لاءِ نـفعو نه، پر فرحت بخش ۽ دائمي ذميواريءَ جو نالو آهي.
    ــــــــــ
    اسين سڀ پينو آهيون ۽ اسان مان هر ڪو هيڪل ۾ وڃي، حقيقي مالڪ کان پنهنجو حصو وٺي، واپس وري ٿو، پوءِ به اسان هڪ ٻئي سان ساڙ رکون ٿا ۽ پنهنجي ان مڪروه عمل سبب، حقير مالڪ اڳيان حقير بڻجون ٿا.
    ــــــــــ
    جيڪڏهن تو پنهنجي دوست کي، ان جي هر رنگ ۾ ناهي سڃاتو،
    ته پوءِ ياد رک! تون ان کي ڪڏهن به سڃاڻي نه سگهندين!
    ــــــــــ
    تنهنجو بهترين لباس اهو آهي، جيڪو تنهنجي وجود تي ٺيڪ بيهي،
    تنهنجي بهترين خوراڪ اها آهي، جا تون پنهنجي وجود جي دسترخوان تي کائين،
    ۽ تنهنجو بهترين بسترو اهو آهي، جيڪو تنهنجي وجود جي آکيري ۾ هجي،
    ته پوءِ تون ئي ٻڌاءِ!
    توکي پنهنجي پيدا ڪندڙ جو قسم! ته تون پاڻ کي، پنهنجي وجود کان ڪهڙيءَ طرح پري رکي سگهين ٿو؟
    ــــــــــ
    منهنجي دل جون تارون ڪيئن ٽٽن، جڏهن ته اهي اڃا ڪمزور نه ٿيون آهن.
    ــــــــــ
    اسين ماضيءَ جي قرض لاهڻ لاءِ، مستقبل کان قرض وٺندا آهيون.
    ــــــــــ
    تنهنجي خيال ۽ منهنجيءَ دل وچ منجهه تيستائين اتفاق نه ٿو ٿي سگهي، جيستائين تنهنجو خيال تحريري صورت ۾ زنده رهڻ ڇڏي نه ڏي ۽ منـهـنـجي دل اونداهه ۾ زندگي گهارڻ کان باز نه اچي.
    ــــــــــ
    حق، جيڪو تو منجهه آهي، يا ته بيپناهه غم کي ظاهر ڪندو يا بي حساب خوشيءَ کي.
    تنهنڪري جڏهن تون پنهنجي حقيقت جو اعلان ڪرڻ گهرين، ته تو لاءِ ضروري ٿيندو، ته تون روشن ڏينهن ۾ ننگو ٿي نچ يا ڦاسيءَ جي تختي تي چڙُهه.
    ــــــــــ
    جيڪو شخص نيڪيءَ ۽ بديءَ جي وچ ۾ فرق ڪري سگهي ٿو، اهو حقيقت ۾ رحمت خداونديءَ جي چادر کي ڇهي سگهي ٿو.
    ــــــــــ
    جيڪڏهن فطرت اسان جي قناعت جو واعظ ٻڌي وٺي، ته فطرت جي جهان ۾، نه درياهه سمنڊ طرف وهي ۽ نه سرءُ بهار ۾ تبديل ٿئي.
    ۽ جيڪڏهن بچت بابت، فطرت جي ڪنن تائين اسان جون نصيحتون پهچن، ته نه ڄاڻ اسان مان ڪيترا ماڻهو اهڙا هوندا، جيڪي ان فضا کي سنگهي پاڻ ۾ جذب ڪري ڇڏين.
    ــــــــــ
    تون ڏينهن جي سج اڳيان به آزاد آهين، ته رات جي چنڊ ۽ ستارن اڳيان به.
    تون اُتي به آزاد آهين، جتي نه سج آهي ۽ نه ئي چنڊ ۽ ستارا.
    بلڪ تون ڪائنات کان منهن موڙڻ بعد به آزاد آهين، پر تون غلام آهين ان شخص جو، جنهن سان توکي محبت آهي، ڇو ته تون ان سان پيار ڪرين ٿو.
    ۽ تون غلام آهين، ان شخص جو به، جيڪو توسان محبت ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته هو توسان محبت ڪري ٿو.
    ــــــــــ
    جي مهمان نه هجن، ته گهر قبرستان بڻجي وڃن ها.
    ــــــــــ
    تون پنهنجي پاڇي کان سواءِ ڪجهه به ڏسي نه ٿو سگهين، ڇو ته تو سج کي پٺي ڏئي ڇڏي آهي.
    ــــــــــ
    هڪ مهمان نواز بگهڙ، غريب ٻڪريءَ جي ٻچڙي کي چيو: ”ڇا تون، منهنجي غريب خاني تي، قرب جا ٻه قدم ڀري منهنجو مانُ نه وڌائيندينءَ؟“
    ٻچڙي وراڻيو: ”سائين جن جي ملاقات مون لاءِ عزت جو باعث ٿئي ها، جيڪڏهن توهان جو دولت خانو، توهان جو پيٽ نه هجي ها.“
    ــــــــــ
    تون پنهنجي پيٽ کان وڌيڪ نه ٿو کائين سگهين.
    تنهنڪري اها اڌ ماني، جا تو ناهي کاڌي، ڪنهن ٻئي جو حصو آهي.
    ۽ ها! توکي ڪجهه ماني، اوچتو اچڻ واري مهمان لاءِ به رکڻ گهرجي.
    ــــــــــ
    مون پنهنجي مهمان کي، گهر جي دروازي تي بيهاري چيو: ”منهنجي گهر ۾ داخل ٿيڻ وقت، پنهنجا پير نه ڇنڊجو، پر جڏهــن توهان واپس وڃڻ لڳنـدؤ ته مان پـاڻ ئـي توهان جا پير ڇنڊيندس.“
    ــــــــــ
    سخاوت اها نه آهي، ته تون مون کي اها شيءِ ڏين، جنهن جي منهنجي ڀيٽ ۾ توکي ڪا گهرج نه آهي، پر سخاوت اها آهي، ته تون مون کي اها شيءِ ڏين، جنهن جي توکي مون کان وڌيڪ گهرج آهي.
    ــــــــــ
    تون وڏو همدرد ۽ مهربان سڏبين، جيڪڏهن، ڪنهن جي گهرج پوري ڪرين. پر ياد رک، ته بخشش ۽ مهربانيءَ وقت پنهنجو منهن ان حاجتمند کان ٻئي پاسي رکج، ته جيئن پنهنجين اکين اڳيان، هن جي شرم ۽ حياءَ کي اگهاڙو نه ڏسين.
    ــــــــــ
    رحمتَ، اڌ عدالت کان سواءِ ڪجهه به نه آهي.
    ــــــــــ
    مون وٽ فرشتا به ايندا آهن ته شيطان به، پر مان ٻنهي کان سولائيءَ سان جان ڇڏايو وڃان.
    جڏهن فرشتو ٿو اچي، ته مان تمام ڊگهي نماز پڙهڻ ٿو لڳان، نيٺ هو ڪڪ ٿي هليو ٿو وڃي.
    ۽ جڏهن شيطان ٿو اچي، ته مان تمام قديم ترين گناهه ڪرڻ ٿو لڳان، جنهنڪري هو مطمئن ٿي هليو ٿو وڃي.
    ــــــــــ
    جيڪي ماڻهو توکي مڇي گهرڻ تي نانگ ڏين ٿا، ته واقعي ائين ته نه آهي، جو انهن کي ڏيڻ لاءِ نانگن کان سواءِ ڪجهه به نه آهي، ان ڪري انهن جي ان عمل کي به سخا ۽ مهرباني سمجهڻ گهرجي.
    ــــــــــ
    هي قيدخانو ڪنهن به قيمت تي برو نه آهي، پر مان هن وچ واري ديوار کي برداشت نه ٿو ڪري سگهان، جا مون کي ڀر واري قيديءَ کان جدا رکي ٿي.
    تنهن هوندي به، مان تو کي اهو صاف صاف ٻڌائڻ ٿو چاهيان، ته مان جيل جي نگران يا مالڪ جو قرب حاصل ڪرڻ نه ٿو چاهيان.
    ــــــــــ
    وڏي کان وڏي سخيءَ ۽ وڏي کان وڏي پينوءَ جي وچ ۾ فرق صرف هڪ ڏينهن جي بک ۽ هڪ گهڙيءَ جي اڃ آهي.
    ــــــــــ
    دوکو عارضي طور ته ڪم اچي ٿو، پر ان جو انجام هميشه خودڪشي آهي.
    ــــــــــ
    تون واقعي فراخ دل ۽ مهربان سڏبين، جيڪڏهن تون انهن قاتلن کي ڇڏي ڏين، جن ڪڏهن به ڪنهن جو رت ڦڙو ناهي وهايو ۽ انهن چورن کي سزا نه ڏين، جن ڪڏهن به ڪنهن جو ڪک ناهي چورايو ۽ انهن گنهگارن کي معاف ڪرين، جن ڪڏهن به ڪوڙ ناهي ڳالهايو.
    ــــــــــ
    جيڪڏهن تنهنجي دل ٻرندڙ جبل آهي، ته پوءِ تون اها اميد ڪيئن ٿو رکين، ته اها تنهنجي هٿ تي تازن گلن کي ٽڙيل رهڻ ڏئي.
    ــــــــــ
    ڇا اها عجيب ڳالهه نه آهي، جو مان پنهنجو پاڻ کي ماڻهن جي فريب ۾ رکڻ ٿو چاهيان؟
    ته جيئن انهن جي عقل تي چٿر ڪيان، جيڪي اهو سمجهن ٿا ته مان انهن جي فريب کي نه ٿو ڄاڻان.
    ــــــــــ
    تون پنهنجا ڪپڙا ان کي ڏئي ڇڏ، جيڪو ان سان پنهنجا هٿ اگهڻ ٿو چاهي. ٿي سگهي ٿو ته هن کي ان جي ضرورت هجي.
    رهي ڳالهه تنهنجي، سو توکي ته ان جي گهرج آهي ئي ڪا نه.
    ــــــــــ
    ڏاڍي افسوس جي ڳالهه آهي، نيٺ سونارو، باغائي ڇو نه ٿو ٿي سگهي؟
    ــــــــــ
    زندگيءَ جا پڙدا ئي، ان راز جا پڙدا آهن، جيڪي زندگيءَ کان به وڌيڪ گهرا آهن.
    ــــــــــ
    مان انهيءَ بچاءَ ڪرڻ واري کي ڇا چوان، جيڪو پنهنجي دشمن جي زماني جي تصوير ٿو ٺاهي؟
    ــــــــــ
    ڪيئي ڀيرا مون پاڻ کي اهو ڏوهه ڪندڙ قرار ڏنو، جنهن جي دَزُ به مون کي ناهي لڳي ۽ اهو ان لاءِ، ته جيئن مان پاڻ وٽ ويهندڙ گنهگارن کان ڀلو ۽ معتبر نه لڳان.
    ــــــــــ


    4

    خدا جي واسطي پنهنجين فطري ڪمزورين کي ظاهري بزرگيءَ ۾ نه لڪاءِ!
    ڏس! مان پنهنجي ننڍڙي ڪمزوري به ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهيان، ڇا لاءِ ته اها منهنجي ذاتي ملڪيت آهي.
    ــــــــــ
    تون پنهنجي نفس شناسيءَ جي بنياد تي ٻين کي ديندار ته قرار ڏئي ٿو سگهين، پر ڇا تون اهو به ٻڌائي سگهين ٿو، ته اسان مان ڏوهي ۽ بي ڏوهي ڪير آهي؟
    ــــــــــ
    انساني قانون کي صرف ٻه شخص ٽوڙي سگهن ٿا: پاڳل ۽ گهڻو عقلمند.
    ۽ اهي ٻئي خداوندي روح جي تمام نزديڪ شخص آهن.
    ــــــــــ
    اي خدا! منهنجو ڪو به دشمن نه آهي،
    پر جيڪڏهن منهنجي دشمن جو پيدا ٿيڻ ضروري آهي،
    ته پوءِ ان کي به مون جيتري طاقت ڏجانءِ!
    ــــــــــ
    آڳاٽي وقت ۾ هڪ شخص هو، جنهن کي ماڻهن ڦاهيءَ چاڙهي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته هو ماڻهن سان تمام گهڻي محبت ڪندو هو ۽ ماڻهو هن سان.
    ٿي سگهي ٿو ته تون حيران ئي رهين، جيڪڏهن مان توکي ٻڌايان، ته تازو ئي مون هن کي ٽي دفعا ڏٺو آهي.
    پهرئين ڀيري مون هن کي هڪ سپاهيءَ کي منٿون ڪندي ڏٺو، ته هو زانيءَ کي سنگسار نه ڪري، ٻئي ڀيري مون هن کي هڪ شرابيءَ سان گڏ شراب پيئندي ڏٺو ۽ ٽئين ڀيري مون هن کي هڪ شخص سان ڀاڪرين ويڙهه وڙهندي ڏٺو، جنهن گرجا کي پنهنجي شهرت جو ذريعو بڻائڻ ٿي گهريو.
    ــــــــــ
    ڪجهه ماڻهن جي رڪاوٽ ئي منهنجن قدمن کي تيزي بخشي ٿي.
    ــــــــــ
    نيڪ انسان ته اصل ۾ اهو آهي، جيڪو تنهنجي ڪيل ڏوهه جو اڌ ڏوهي پاڻ کي سمجهي.
    ــــــــــ
    دشمن سان تنهنجو پڪو ٺاهه ٿي ويندو،
    پر توهان ٻنهي جي مرڻ کان پوءِ!
    ــــــــــ
    مون تي ان ظلم ڪيو، جنهن جي ڀاءُ تي مون ظلم ڪيو.
    ــــــــــ
    گهڻو ڪري انسان پنهنجو بچاءُ ڪندي، آپگهات ڪري وجهندو آهي.
    ــــــــــ
    تنهنجو اهو چوڻ ته تون مون کي سمجهي نه ٿو سگهين، تعريف آهي، جنهن لائق مان نه آهيان، ۽ توهِينَ آهي، جنهن جو مستحق تون نه آهين.
    ــــــــــ
    جيڪڏهن تون ڪنهن شخص کي ڏسين، ته انهيءَ کي قيد طرف نِيو ٿو وڃي، ته پنهنجيءَ دل ۾ چئو، ته شايد هيءُ اُن قيد طرف وڃي رهيو آهي جيڪو ان کان وڌيڪ تنگ ۽ تاريڪ آهي.
    ۽ جيڪڏهن ڪنهن شخص کي نشي ۾ ٻڏل ڏسين، ته پنهنجيءَ دل ۾ چئو، ته ڪنهن کي ڪهڙي خبر، ته هن شراب صــرف ان لاءِ پـيـتـو، ته جيئن ان کان وڌيڪ خراب شين کان بـچي سگهي.
    ــــــــــ
    نيڪيءَ ۽ بديءَ بابت دنيا جيڪو ڪجهه چوي ٿي، جيڪڏهن اها سچي آهي، ته پوءِ منهنجي سڄي حياتي ڏوهن جو هڪ سلسلو آهي، ٻيو ڪجهه به نه.
    ــــــــــ
    ڪيڏو نه چريو آهي اهو شخص، جيڪو پنهنجين غضبناڪ اکين تي چپن جي مرڪ جون چتيون هڻي ٿو.
    ــــــــــ
    ڪيڏو نه انڌو آهي اهو شخص، جيڪو پنهنجي کيسي جي زور تي تنهنجي دل خريد ڪرڻ گهري ٿو.
    ــــــــــ
    مون سان اهي ماڻهو ساڙ ۽ دشمني ڪندا آهن، جيڪي منهنجي ڀيٽ ۾ گهڻو گهٽ آهن، پر ڪنهن به اڄ تائين مون سان نه ساڙ ڪيو ۽ نه ئي دشمني رکي. ان مان ثابت ٿو ٿئي ته مان ڪنهن کان به وڌيڪ نه آهيان.
    ۽ منهنجي تعريف يا توهينَ اهو ئي شخص ڪري سگهي ٿو، جيڪو مون کان وڌيڪ هجي، پر اڄ تائين، نه ڪنهن شخص منهنجي تعريف ڪئي ۽ نه توهين. ان مان معلوم ٿو ٿئي ته مان ڪنهن کان به گهٽ ڪين آهيان.
    ــــــــــ
    گهڻو ڪري مون کي پنهنجي بچاءَ ٻين سان دشمني ڪرڻ تي آماده ڪيو.
    پر جيڪڏهن مون کي، ان کان وڌيڪ طاقت هجي ها، ته پنهنجي لاءِ اهڙا طريقا اختيار نه ڪريان ها.
    ــــــــــ
    هڪ منڊي ماڻهوءَ لاءِ هيءُ دانائيءَ جو فيصلو آهي، ته هو پنهنجي لٺ دشمن جي مٿي ۾ نه هڻي.
    ــــــــــ
    مان ڪيڏو نه ڪمينو آهيان، جو توهان مون کي، سڄي حياتي سچو سونُ عطا ڪيو ۽ مان چاندي. تنهن هوندي به، مان پاڻ کي سخي ۽ داتا ٿو سمجهان.
    ــــــــــ
    جڏهن تون زندگيءَ جي حقيقتن تائين پهچي ويندين، تڏهن توکي معلوم ٿيندو، ته نه تون گنهگارن کان وڌيڪ آهين ۽ نه پيغمبرن کان گهٽ.
    ــــــــــ
    حيرت جي ڳالهه آهي، ته تنهنجي شفقت ۽ مهرباني، هڪ ڪاهل انسان لاءِ ته وقف آهي، پر هڪ گهٽ عقل واري لاءِ نه. اها اکين جي انڌي لاءِ ته مخصوص آهي، پر عقل جي انڌي لاءِ نه.
    ــــــــــ
    زندگي هڪ وڏو جلوس آهي، ڪاهلُ اِن کي تيز رفتار سمجهي پري ڀڄي ٿو ۽ تيز رفتار ان کي سست رفتار سمجهي پاسو ڪري ٿو.
    ــــــــــ
    حڪومت تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ هڪ اتفاق آهي. اصل حقيقت هيءَ آهي، ته تون ۽ مان ٻئي ڀليل آهيون.
    ــــــــــ
    ڏوهه ۽ گناهه جو وجود ته هڪ تسليم ٿيل حقيقت آهي. هڪ ٽولو ڏوهه ڪرڻ وقت پٺتي ڪنڌ ورائي ڏسي ٿو، ته جيئن هو ان سلسلي ۾ والدين جي پيروي ڪري سگهي، ۽ ٻيو ٽولو پنهنجيون اکيون اڳيان رکيو هلي ٿو، ته جيئن ايندڙ نسل جي اڳواڻي ڪري سگهي.
    ــــــــــ
    نيڪُ حقيقت ۾ اهو آهي، جيڪو پاڻ کي انهن ماڻهن کان جدا نه سمجهي، جن کي دنيا ”خراب“ سمجهي ٿي.
    ــــــــــ
    اسان سڀ قيدي آهيون، فرق صرف ايترو آهي، ته اسان مان ڪجهه روشن دانن ۽ درين وارن جيلن ۾ واڙيل آهن، ته ڪجهه ڪال ڪوٺـڙين ۾.
    ــــــــــ
    ڪيتري نه حيرت جي ڳالهه آهي، جو اسان پنهنجي ڏوهه جي صفائيءَ ۾ جيتري ڪوشش ڪريون ٿا، اوتري حق ۽ سچائيءَ جي مَـد ۾ نه.
    ــــــــــ
    جيڪڏهن اسين، هڪ ٻئي جي اڳيان، پنهنجين پنهنجين ڪوتاهين جو اعتراف ڪنداسين، ته سڀ هڪ ٻئي تي کلڻ لڳنداسين، تنهنڪري اسين سڀ نئين فيشن جا محتاج ۽ چاهيندڙ نظر اچون ٿا. پر جيڪڏهن اسين سڀ پنهنجون پنهنجون خوبيون ۽ فضيلتون، هڪ ٻئي تي ظاهر ڪريون، ته اڃا به وڌيڪ هڪ ٻئي تي کلڻ لڳنداسين ۽ ان جو سبب به اهائي جدت پرستي آهي.
    ــــــــــ
    اجتماعي زندگيءَ ۾ هر فرد سماجي قانونن کان مٿانهون آهي ان وقت تائين، جيستائين هو ڪنهن ڏوهه جو ڏوهاري نه ٿئي، ان بعد هو ڪنهن کان نه گهٽ آهي ۽ نه وڌ.
    ــــــــــ
    هڪ ڀيري هڪ شخص، منهنجي کاڌي جي ميز تي اچي ويٺو ۽ منهنجو کاڌو کائي، شراب پِي، مون تي کلندو هليو ويو.
    ان بعد هو ٻيهر منهنجي کاڌي جي ميز تي آيو ۽ هن ماني ۽ شراب گهريو.
    هن ڀيري مون کيس ناڪام ۽ نامراد موٽايو، ته فرشتن مون تي ٽهڪ ڏنا.
    ــــــــــ
    ڏوهه مجبوريءَ جو ٻيو نالو آهي يا بيماريءَ جي ڪائي صورت؟
    ته ڇا ان کان وڌيڪ ڪو ٻيو ڏوهه ٿي سگهي ٿو، جو اسين ٻين جي عيبن ۽ ڏوهن کي محسوس ڪريون.
    ــــــــــ
    جڏهن تو تي ڪوئي کِلي ٿو، ته تون ان کي معاف ڪري سگهين ٿو، پر جڏهن تون هن تي کلين، ته پاڻ کي ان بيوقوفيءَ تي معاف نه ٿو ڪري سگهين.
    ۽ جڏهن ڪو تو سان برائي ڪري، ته تون ان کي وساري سگهين ٿو، پر جڏهن تون پاڻَ ڪنهن سان زيادتي ٿو ڪرين، ته پنهنجيءَ ان غلطيءَ کي هميشه ياد رکين ٿو.
    ته هاڻ تو کي اها پڪ ٿيڻ گهرجي، ته اهو ٻيو شخص، اصل ۾ تون پاڻ ئي آهين، جنهن جو ضمير ته سجاڳ آهي، پر آهي ڪنهن ٻئي جي جسم ۾.
    ــــــــــ
    سپ ۾ موتي، سمنڊ جو هڪ نظارو آهي.
    ــــــــــ
    سڀ کان وڌيڪ قابل رحم آهي اهو شخص، جيڪو سونَ ۽ چانديءَ کي پنهنجي دل ۽ دماغ جو مرڪز بڻائي ٿو.
    ــــــــــ
    تون به ڪيڏو نه اياڻو آهين؟
    ماڻهن کان گُهر ٿو ڪرين، ته هو تنهنجن ٻانهن سان اڏرن. جڏهن ته تنهنجي پاڻ اها حالت آهي، جو تون انهن کي پنهنجو هڪ کنڀ به ڏيئي نه ٿو سگهين.
    ــــــــــ
    ڪِينو هڪ بي جان لاش آهي، پوءِ توهان مان ڪير آهي، جيڪو ان جي قبر بڻجڻ پسند ڪري؟
    ــــــــــ
    مقتول لاءِ اهو اعزاز ئي ڪافي آهي، ته هو قاتل نه آهي.
    ــــــــــ
    انسانيت جو معراج، اجائي بڪواس نه، پر خاموش دل آهي.
    ــــــــــ
    ماڻهو مون کي پاڳل سمجهن ٿا، ڇو ته مان پنهنجي زندگي کين ڏوڪڙن عيوض نه ٿو وڪڻان.
    ۽ مان ماڻهن کي پاڳل ٿو سمجهان، ڇو ته هو منهنجي زندگيءَ کي پئسن عيوض وڪامڻ واري وٿ سمجهن ٿا.
    ــــــــــ
    هو اسان اڳيان پنهنجا سون ۽ چاندي وڇائن ٿا ۽ اسان روح ۽ دليون، پر تڏهن به، هو پاڻ کي ميزبان سمجهن ٿا ۽ اسان کي مهمان!
    ــــــــــ
    مان انهن ماڻهن ۾ ننڍو بڻجي رهڻ ٿو چاهيان، جيڪي تصويرن ۽ انهن جي تحقيق جو ذوق رکن ٿا، پر انهن ۾ وڏو بڻجي رهڻ نه ٿو چاهيان، جن وٽ نه تصور آهن ۽ نه تحقيق جو ذوق.
    ــــــــــ
    اسين سڀ بلندين طرف چڙهي رهيا آهيون، ته جيئن پنهنجين دلي تمنائن جي چوٽين تائين پهچي سگهون.
    جيڪڏهن تو سان گڏو گڏ چڙهڻ وارو شخص، تنهنجي کاڌي پيتي جو سامان چورائي، کائي متارو ٿي پوي ۽ مٿي چڙهندي، تنهنجي سامان هيٺ دٻجي وڃي، ته توکي مٿس رحم ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ان ٿولهه، هن جو مٿي چڙهڻ ڏکيو ۽ سفر لمبو ڪري ڇڏيو.
    ۽ اهڙيءَ طرح جڏهن تون پاڻ کي سنهڙو، سُڪڙو ۽ هلڪڙو ڀانئين ۽ پنهنجي ان ساٿيءَ کي ڳورو، ٿلهو ۽ سست رفتار، تڏهن سندس مدد ڪرڻ ۾ دير نه ڪج، ڇو ته ائين ڪرڻ سان تنهنجي رفتار ۾ اضافو ايندو.
    ــــــــــ
    تون ڪنهن به شخص بابت، پنهنجيءَ ڄاڻ کان وڌيڪ، ڪا راءِ مقرر ڪري نه ٿو سگهين ۽ تنهنجي واقفيت جي حيثيت ئي ڇا آهي!
    ــــــــــ
    مان ان فاتح جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه آهيان، جيڪو فتح ٿيل قومن کي، انهن جي ملڪ فتح ڪرڻ کان پوءِ ويهي نصيحت ڪري.
    ــــــــــ
    حقيقت ۾ آزاد اهو آهي، جيڪو هڪ غلام قيديءَ جو بار صبر ۽ شڪر سان کڻي.
    ــــــــــ
    هزار سال ٿيا آهن، جو مون کي، منهنجي پاڙيسريءَ چيو، ”مون کي زندگيءَ کان نفرت آهي، ڇو ته ان ۾ ڏک ۽ غم کان سواءِ رکيو ئي ڇا آهي؟“
    ڪالهه آءٌ قبرستان وٽان لنگهيس، ته زندگيءَ کي پاڙيسريءَ جي قبر تي نچندي ڏٺم.
    ــــــــــ
    تنهائي اهڙو اونداهو طوفان آهي، جيڪو اسان جي زندگيءَ جي وڻ جي سڪل ٽارين کي ڀڃيو ڇڏي، پر اها اسان جي زنده پاڙُن کي، زنده دل جي زنده زمين ۾، وڌيڪ مضبوط ڪريو ڇڏي.
    ــــــــــ
    سوچ ۽ ويچار کان محروم عالمُ، هڪ ڪاسائيءَ مثل آهي، جنهن جي تارازي ۽ ڇُـريون بيڪار ٿي ويون هجن.
    پر ڇا ڪجي، اسين سڀئـي سبزي خـور به ته ٿي نه ٿا سگهون!
    ــــــــــ
    مون هڪ ڍنڍ سان درياءَ جو حال ڪيو، ته ان مون کي خيالن جو پوڄاري ۽ لٻاڙي سمجهيو، جيڪو گهڻي وڌاءَ کان ڪم وٺندو آهي،
    ۽ جڏهن مون درياءَ کي ڍنڍ جو حال ڏنو، ته هن مون کي الزام تراشي ڪندڙ هڪ انسان سمجهيو، جيڪو هروڀرو ڪنهن جي گلا ڪري رهيو هجي.
    ــــــــــ
    جي اسان جا ماپا ۽ وزن مقرر نه هجن، ته اسين ٽانڊاڻن اڳيان به ائين ئي هيسيل رهون، جيئن سج اڳيان.
    ــــــــــ
    گَهرو ماڻهو گَـهراين ۾ لهندو آهي ۽ بلند خيال ماڻهو بلندين طرف اڏام ڪندو آهي، پر وچ واري منزل ۾، يعني هن ڌوڪيباز دنيا ۾، صرف ڪشاديءَ دل ۽ بلند حوصلي وارا انسان ئي جِـي سگهن ٿا.
    ــــــــــ
    زندگيءَ جي نظام کي، بد نظميءَ جي حوالي ڪرڻ جي شوق جو ئي هن مادي دنيا ۾ نالو جهاد آهي.
    ــــــــــ
    ڪيتري نه ڏکي آهي ان شخص جي زندگي، جيڪو ماڪوڙين جي جدوجهد کي، ڏيڏرن جي ٽان ٽان واري موسيقي تي ترجيح ڏئي ٿو.
    ــــــــــ


    5

    اهو ٿي سگهي ٿو ته هڪ وسريل حقيقت مري وڃي، پر پنهنجي پٺيان وصيت ۾ ستر هزار حقيقتون ڇڏي وڃي، جيڪي هن سندس جنازي ۽ قبر جر تعمير تي خرچ ڪيون وڃن.
    ــــــــــ
    موت هڪ کير پياڪ ٻار جي ڀيٽ ۾، جهور پوڙهي کي وڌيڪ ويجهو نه آهي ۽ اها ئي زندگيءَ جي حقيقت آهي.
    ــــــــــ
    واضح آهي اها شيءِ، جنهن کي ڪو به ڏسي نه ٿو سگهي، جيستائين ان کي مڪمل تفصيل سان بيان نه ڪجي.
    جيڪڏهن ڪهڪشان منهنجين گهِراين ۾ نه هجي ها، ته مان ڪهڙيءَ ريت ان کي ڏسي يا سڃاڻي سگهان ها؟
    ــــــــــ
    جيڪڏهن تون اسان سان مخلص ٿيڻ چاهين ٿو، ته حسن ۽ جمال ذريعي ٿيءُ، نه ته ماٺ رهه، ڇو ته اسان وٽ هڪ ماڻهو موت جي قريب آهي.
    ــــــــــ
    ڪير ٿو ڄاڻي ان وقت کي، جڏهن ماڻهن جي ڪلهن تي جنازو هجي ۽ فرشتن جي وچ ۾ شادي.
    ــــــــــ
    هڪ عالم جي اعليٰ بزرگي گهڻو ڪري ٻئي عالم جي ادنيٰ فضيلت آهي.
    ــــــــــ
    جيڪڏهن تون بکئي جي اڳيان ڳائيندين، ته هو تنهنجو راڳ به پيٽ سان ٻڌندو.
    ــــــــــ
    اسان صرف ان ڪري ڳالهائيندا آهيون، ته جيئن پاڻ کي ٻڌي سگهون، پر گهڻو ڪري اسان پنهنجو آواز ضرورت کان وڌيڪ اوچو ڪري ٿا وجهون، جنهنڪري ٻيا اسان جو آواز ٻڌيو وٺن.
    ــــــــــ
    جيستائين مان طبيبن سان طبيب نه بڻبس، تيستائين هو منهنجي نجومي هجڻ جي تصديق ڪيئن ڪندا؟
    ــــــــــ
    هيرو، ڪوئلي ۾، زماني جي لمبائيءَ جو هڪ مظهر آهي.
    ــــــــــ
    شهرت، هوا جي هڪ شڪل آهي، جا نور ۾ قائم آهي.
    ــــــــــ
    حقيقت هڪ گل آهي، جنهن جي اڳيان شهرت ڪجهه به نه آهي.
    ــــــــــ
    حسن کان سواءِ، نه علم ڪا شيءِ آهي، نه مذهب.
    ــــــــــ
    صحيح معنيٰ ۾ وڏو ماڻهو اهو آهي، جيڪو نه پاڻ سردار بڻجي ۽ نه ان کي بڻايو وڃي.
    ــــــــــ
    مان ڪنهن به اهڙي اعليٰ مرتبي واري شخص کي ڪين سڃاڻان، جنهن جي عظمت ۽ جلال واري محل جي بنياد ۾ ڪي معمولي شيون شامل نه هجن.
    ۽ ائين به ٿي نه ٿو سگهي، ته ڪو اهي معمولي شيون انهن سڀني وڏن ماڻهن جي گمناميءَ، چريائپ ۽ خودڪشيءَ جي درميان حائل نه هجن.
    ــــــــــ
    انسان هميشه مشهور قولَ ”خيرالامور اوسط“، يعني ”بهترين رستو وچٿرو هلڻ آهي“ تي عمل ڪيو آهي، تنهنڪري تون ڏسين ٿو ته هو ڏوهارين کي به قتل ڪري ٿو، ته پيغمبر کي به.
    ــــــــــ
    سهولت پسند انسان اصل ۾ دعا جي مرض ۾ مبتلا آهي.
    ــــــــــ
    گهڻو ڪري ٻن خيالن جي وچ ۾ گهٽ ۾ گهٽ فاصلو هم خيال نه هجڻ ۾ آهي.
    ــــــــــ
    مان ئي باهه جو شعلو آهيان ۽ مان ئي سڪل گاهه، اهڙيءَ طرح مان ئي پنهنجو پاڻ کي کائي رهيو آهيان.
    پوءِ تون ڇا لاءِ ان خوف کان پنهنجو منهن موڙين ٿو ته منهنجو دونهون توکي انڌو ڪري وجهندو.
    ــــــــــ
    ڏاهپ جڏهن روئڻ کان انڪار، کلڻ کان نفرت ۽ پنهنجي نفساڻي خواهشن ۾ گم ٿي، ٻين نفسن کان غافل رهڻ لڳي، ته پوءِ اها ڏاهپ، ڏاهپ نه آهي.
    ــــــــــ
    اسين سڀ مقدس پهــاڙ جي چوٽيءَ طرف ڊوڙي رهيا آهيون.
    ته پوءِ جيڪڏهن اسان ماضيءَ کي پنهنجو رهنما بڻائڻ بدران نقشو ٺاهي هلون، ته ڇا اسان جو فاصلو مختصر نه ٿيندو؟
    ــــــــــ
    دين ۾ حسد کان ڪم وٺڻ وارو، صرف مقرر ئي ٿي سگهي ٿو ـــــــ بي انتها ٻوڙو مقرر!
    ــــــــــ
    جيڪڏهن مان صرف انهن شين تي گذارو ڪريان، جن کي تون ڄاڻين ٿو، ته پوءِ انهن شين کي ڪيڏانهن ڪريان، جن کان تون بي خبر آهين.
    ــــــــــ
    مون ڊاڙين کان خاموشي، ايذاءُ پسندن کان آرام ۽ سخت مزاجن کان نرمي سکي.
    تڏهن به، مزي جي ڳالهه آهي، ته مان انهن استادن مان ڪنهن به هڪ جو احسان مڃڻ لاءِ تيار نه آهيان.
    ــــــــــ
    وڌاءُ به هڪ حقيقت آهي، جنهن جي فطرت قابو ڪرڻ کان ٻاهر آهي.
    ــــــــــ
    حاسدن جي خاموشي گهڻي خطرناڪ ٿيندي آهي.
    ــــــــــ
    هڪ ئي وقت تون سخت دل به آهين ته رحم دل به،
    ائين ڪڏهن به ٿي نه ٿو سگهي.
    ــــــــــ
    جيڪڏهن تون اهو ڪجهه ڏسين ٿو، جنهن کي روشني ظاهر ڪري ٿي،
    ۽ اهو ئي ٻڌين ٿو، جنهن جو اعلان آواز ڪري ٿو،
    ته پوءِ حقيقت ۾ تون نه ڏسين ٿو ۽ نه ٻڌين ٿو!
    ــــــــــ
    جڏهن تون انهن شين جي انتها تي پهچندين، جن بابت توکي ڄاڻڻ گهرجي، تڏهن تون مس وڃي انهن جي چانئٺ تي بيهندين، جن کي توکي محسوس ڪرڻ گهرجي.
    ــــــــــ
    منهنجي دل کي سڀ کان نزديڪ آهي اهو بادشاهه، جنهن وٽ حڪومت نه آهي، ۽ اهو محتاج آهي، جيڪو اهو به نه ٿو ڄاڻي، ته سوال ڪيئن ڪجي؟
    ــــــــــ
    مان هڪ ئي وقت سياح به آهيان ته ملاح به.
    ۽ هر صبح جو پنهنجي نـفس ۾ هڪ نئين کنڊَ جو انڪشاف ڪندو آهيان.
    ــــــــــ
    شرم ۽ حياء واري ناڪامي، بي شرميءَ واري ڪاميابيءَ کان هزار ڀيرا بهتر آهي.
    ــــــــــ
    تون جتان چاهين زمين کوٽ، خزانو تو کي ضرور لڀندو، پر شرط آهي، ته تون زمين ڪاميابيءَ جي يقين سان کوٽ.
    ــــــــــ
    هڪ لومڙيءَ، جنهن جي ڪڍ، ويهه گهوڙي سوار شڪاري وڃي رهيا هئا، چيو: ”لاشڪ ته اهي ٿوريءَ ويرم ۾ مون کي ماري وجهندا، پر اهي به ڪيڏا نه اياڻا آهن، جو مان نه ٿي سمجهان، ته ڪو ويهه لومڙيون به ايتريون بيوقوف ٿي پونديون، جو هڪ ماڻهوءَ جي شڪار لاءِ ويهه بگهڙ پاڻ سان کڻن.“
    ــــــــــ
    مون هڪ ڀيري زندگيءَ کي چيو: ”چاهيان ٿو ته موت کي ڳالهائيندي ٻڌان!“
    زندگيءَ پنهنجو آواز اوچو ڪيو ۽ چيو: ”تون هن وقت موت جو آواز ٻڌي رهيو آهين.“
    ــــــــــ
    انسان جي بڻايل قانون اڳيان، انسان جو دماغ جهڪي سگهي ٿو، روح نه.
    ــــــــــ
    هڪ عورت چيو: ”جنگ مقدس ڪيئن نه آهي، منهنجو ته انهيءَ ۾ پٽ مئو آهي!“
    ــــــــــ
    جڏهن تون زندگيءَ جا سڀ راز حل ڪري وٺندين، ته پوءِ موت جو شوق پيدا ٿيندئي، ڇو ته موت به زندگيءَ جي رازن مان هڪ آهي.
    ــــــــــ
    پيدائش ۽ موت بهادريءَ جا ٻه شريف ترين مظهر آهن.
    ــــــــــ
    منهنجا دوست! اسان ٻئي جلد ئي زندگيءَ کان جدا ٿي وينداسين، هڪ ٻئي کان وڇڙي وينداسين ۽ پڻ پنهنجي نفس کان به، پر صرف ان ڏينهن تائين، جڏهن تنهنجي آواز کي پنهنجو آواز سمجهي ٻڌندس ۽ تنهنجي اڳيان اچي بيهندس، ته ائين لڳندو، ڄڻ آئيني اڳيان اچي بيٺو آهيان.
    ــــــــــ
    ماڻهو مون کي چون ٿا: ”جي تون پنهنجو پاڻ سڃاتو، ته سڄي جهان کي سڃاتو.“
    پر مان انهن کي چوان ٿو: ”جيستائين مان سڀني ماڻهن کي نه ٿو سڃاڻان، تيستائين پاڻ کي ڪيئن ٿو سڃاڻي سگهان؟“
    ــــــــــ
    توهان هڪ نه، پر ٻه آهيو.
    هڪ اونداهيءَ ۾ به سجاڳ، ته ٻيو روشنيءَ ۾ به غافل.
    ــــــــــ
    حق جو پرستار اهو آهي، جيڪو فاني جهانَ کي نظر انداز ڪري، حقيقي جهان کان لطف اندوز ٿئي.
    ــــــــــ
    حقيقت جو تجزيو ڪري نه ٿو سگهجي.
    ــــــــــ
    عالم ۽ شاعري جي اڳيان هڪ سر سبز ميدان آهي. عالم جڏهن ان مان گذري ٿو، ته حڪيم بڻجيو وڃي ۽ شاعر جڏهن ان کي پار ڪري ٿو، ته پيغمبر بڻجيو وڃي.
    ــــــــــ
    ڪالهه شام، مون فـلسفين جو هڪ ٽولو ڏٺو، جيڪو ٽوڪرين ۾ پنهنجا دماغ کنيو، شهر جي بازارن ۾ هوڪا ڏئي رهيو هو ته ”فـلسفو وٺو، فـلسفو وٺو!“
    افسوس! هي بکايل فـلسفي پيٽ پالڻ لاءِ پنهنجن سِــرن جو سودو ڪندا آهن!
    ــــــــــ
    حق ٻڌڻ وارو، حق ظاهر ڪرڻ واري کان هرگز گهٽ نه آهي.
    ــــــــــ
    هڪ فلسفيءَ سڙڪ ٻهاريندڙ کي چيو: ”مون کي توتي ڏاڍو رحم ٿو اچي، ڇاڪاڻ ته تنهنجو ذريعي معاش ڏاڍو ڏکيو ۽ خراب آهي.“
    ٻهاريدار وراڻيس: ”سائين جن جي وڏي مهرباني، پر ڀلائي ڪري اهو ته ٻڌايو، ته توهان جو ذريعي معاش ڪهڙو آهي؟“
    فلسفيءَ وڏي فخر وچان چيو: ”مان ماڻهن کي انساني اخلاق ۽ فطرت جو درس ڏيندو آهيان ۽ سندن فعلن ۽ عملن تي تنقيدي نظر رکندو آهيان.“
    ٻهاريدار کلي ڏنو ۽ ٻهارو سنڀاليندي چيو: ”هاءِ ويچارو فلسفي!“
    ــــــــــ
    گهڻين اميدن وارو ڊگهي حياتيءَ جو مالڪ ٿئي ٿو.
    ــــــــــ
    ضروري ۽ غير ضروري ڪمن ۾ فرق ڪرڻُ هر ڪنهن جي وَس جي ڳالهه ناهي، ڇا لاءِ ته اها ملائڪن جي وصف آهي، جيڪي ذهين ۽ تيز فهم ته ضرور آهن، پر فلسفي نه.
    ــــــــــ
    سڀ کان وڏو بادشاهه اهو آهي، جيڪو پنهنجو تخت درويشن جي دل ۾ لهي ٿو.
    ــــــــــ
    حقيقت اها آهي ته تون ڪنهن به هڪ شخص جو، ڪنهن به هڪ شيءِ ۾ قرضي نه آهين، بلڪ هر شخص جو، هر شيءِ ۾ مقروض آهين.
    ــــــــــ
    هڪ حُسن مون کي قيد ڪري ٿو، ته ٻيو آزاد.
    ــــــــــ
    سخاوت اها آهي ته پنهنجي طاقت کان وڌيڪ ڏي.
    ۽ بي نيازي اها آهي ته پنهنجي ضرورت کان گهٽ وٺ.
    ــــــــــ
    ماڻهو مون کي چون ٿا: ”هٿن ۾ سوگهو هجي ته هڪ پکي به بهتر آهي، پر جي وڻ تي ڏهه هجن، ته به ڪجهه ناهي.“
    ۽ مان انهن کي چوان ٿو: ”وڻ تي هجي ته هڪ پکي به بهتر آهي، ۽ هٿن ۾ هجن ته ڏهه به گهٽ آهن.“
    ــــــــــ
    پراڻي زماني ۾ غلامَ بادشاهن جي خدمت ڪندي فخر محسوس ڪندا هئا، پر اڄ هو غريبن جي خدمت ڪندي خوشي محسوس ڪن ٿا.
    ــــــــــ
    حسن جو جلوو، مشاهدي ڪرڻ واري اک جي ڀيٽ ۾ چاهيندڙ اکين ۾ وڌيڪ نمايان آهي.
    ــــــــــ
    هن ڪائنات ۾ صرف ٻه عنصر آهن: هڪ سونهن ۽ ٻيو حق، سونهن محبت ڪندڙ دلين ۾ ۽ حق مزدور جي ٻانهن ۾.
    ــــــــــ
    اهي سڀ ماڻهو، جن پنهنجي زندگي ماضيءَ ۾ گذاري ڇڏي، اڄ به اسان سان گڏ آهن، ته پوءِ اسان مان ڪوئي اهڙو آهي جيڪو وڏو مهمان نواز ۽ ميزبان بڻجي؟
    ــــــــــ
    مون کي ان شخص تي ڏاڍو عجب ٿو لڳي، جنهن جي سوچ، لڪائڻ جي باوجود به، مون تي ظاهر ٿيو پوي.
    ۽ مان ان شخص جي بي حد عزت ڪندو آهيان، جيڪو پنهنجين تمنائن جا خواب منهنجي اڳيان کوليو رکي.
    پر مان ان شخص اڳيان بيحد شرمسار آهيان، جيڪو منهنجي خدمت ڪري ٿو.
    ــــــــــ
    فرشتا ڄاڻن ٿا ته گهڻا عامل ماڻهو، حسين خوابن جي دنيا ۾ گم، خيالي ماڻهن جي مفت جي ڪمائيءَ مان عيش ڪن ٿا.
    ــــــــــ
    اسان جي دلين جا راز صرف اهي ماڻهو سمجهي سگهن ٿا، جن جون پنهنجيون دليون رازن سان ٽمٽار آهن.
    ــــــــــ
    ذهانت به گهڻو ڪري هڪ پردي مثل آهي، جي تون ان کي هٽائڻ ۾ ڪامياب وئين، ته اها تو کي هڪ وڏي عقل واري شيءِ نظر ايندي، يا وري پُرفريب مهارت.
    ــــــــــ
    سمجهدار ماڻهو مون کي عقلمند ٿو سمجهي ۽ هڪ بيوقوف مون کي بيوقوف، پر مون کي ائين ٿو لڳي ته اهي ٻئي، پنهنجيءَ پنهنجيءَ جڳهه تي صحيح آهن.
    ــــــــــ
    هائو! نـِـرواڻ موجود آهي، اهو ئي ته آهي جيڪو تنهنجين رڍن جي ڦرڙن کي سرسبز چراگاهه طرف نئي ٿو، تنهنجي ٻارڙيءَ کي سمهارڻ لاءِ پينگهو لوڏي ٿو ۽ تنهنجي تعريف ۾ شُڪر جي آخري سٽ به تو کان لکرائي ٿو.
    ــــــــــ
    ڇا اها ڳالهه عجيب نه آهي، ته جنهن مخلوق جي چيلهه ۾ پاسريون نه آهن، اها سپين جي اندر پاسرين واري مخلوق کان وڌيڪ پُـرسڪون زندگي گذاري ٿي.
    ــــــــــ


    6

    جيڪو شخص تنهنجين خوشين ۾ ته شريڪ ٿئي ٿو، پر ڏکن ۾ ڏُور آهي، اهو جنت جي ستن دروازن مان، هڪ جي ڪنجي وڃائي ويٺو آهي.
    ــــــــــ
    اسان پاڻ لاءِ خوشيون ۽ غم چونڊيون ٿا، ان کان اڳ جو انهن کي گهڻي وقت تائين آزمايون.
    ــــــــــ
    غَـمُ، ٻن باغن جي وچ ۾ هڪ ديوار آهي.
    ــــــــــ
    ماڻهو مون کي چون ٿا: ”يا هن جهان جي آسائش کي پسند ڪر يا اڳلي جهان جي سلامتيءَ کي.“
    پر مان کين چوندو آهيان: ”مون هن جهان جي لذتن کي به پسند ڪيو آهي، ته هن جهان جي سلامتيءَ کي به.“
    تنهنڪري مان پنهنجيءَ دل ۾ محسوس ڪريان ٿو، ته هڪ عظيم شاعر صرف هڪ ئي قصيدو لکي ٿو، جنهن جو بحر ۽ وزن به پورو هجي ٿو ته قافيو به سالم.
    ــــــــــ
    جڏهن تنهنجو غم يا خوشي حد کان وڌي ويندي ته پوءِ دنيا تو کي حقير محسوس ٿيندي.
    ــــــــــ
    ايمانُ دل جي ريگستان ۾ هڪ سرسبز ۽ شاداب زمين مثل آهي، جتي پريشانيءَ جا قافلا پهچي نه ٿا سگهن.
    ــــــــــ
    اميدَ اڌ حياتي آهي ۽ بي حسي اڌ موت.
    ــــــــــ
    اڄ جو سڀ کان وڏو ڏک ڪالهوڪين خوشين کي ياد ڪرڻ آهي.
    ــــــــــ
    انتهائي بلنديءَ تي پهچڻ بعد تون ان شيءِ جي خواهش ڪندين، جا خواهش جي قابل هوندي، ۽ ان شيءِ جو بکيو ٿيندين، جنهن جي بک هجڻ گهرجي ۽ ان شيءِ جو پياسو ٿيندين، جنهن جي پياس هجڻ گهرجي.
    ــــــــــ
    جڏهن تو پنهنجو راز هوا کي ٻڌايو، ۽ هوا جيڪڏهن اهو راز وڻن کي ٻڌائي، ته تو کي هوا تي ناراض ٿيڻ نه گهرجي.
    ــــــــــ
    بهار جا گل، خزان جي خوبصورت خوابن جي تعبير آهن، جيڪي صبح جي وقت، آسماني دسترخوان تي پيش ڪيا وڃن ٿا.
    ــــــــــ
    حاسدَ منهنجي ساراهه ڪن ٿا، پر ڄاڻن نه ٿا.
    ــــــــــ
    جڏهن مداري، جادوءَ جي کينهونءَ کي پڪڙڻ ۾ ناڪام ٿئي ٿو، ته رحم جو طالب بڻجي، مون وٽ فريادي ٿئي ٿو.
    ــــــــــ
    تون وڏي وقت تائين، پنهنجي ماءُ جي اگهور ننڊ جو هڪ خواب هئين، جڏهن سندس اک کلي، ته تنهنجي ولادت ٿي.
    ــــــــــ
    ڪڇون، سيهڙن کان وڌيڪ رستن کي سمجهن ٿا.
    ــــــــــ
    جيڪو ماڻهو جيترو گهڻو ڳالهائي ٿو، اوترو ڪم عقل ٿئي ٿو.
    ۽ هڪ خطيب ۽ دلال جي وچ ۾ تمام گهڻو فرق آهي.
    ــــــــــ
    گهڻو گهڻو شڪر ادا ڪر، جو تون پنهنجي پيءُ جي مشهوريءَ يا پنهنجي چاچي جي مال تي زندگي گذارڻ تي مجبور نه آهين. ۽ ان کان به وڌيڪ شڪر ادا ڪر، جڏهن ڪوئي تنهنجي مشهوريءَ يا دولت تي زندگي گذارڻ وارو نه هجي.
    ــــــــــ
    جنس جو خمير، تنهنجي ماءُ جي شوق ۾ مضمر آهي.
    ــــــــــ
    تون، هڪ ئي وقت شباب ۽ ان جي اسباب جو مالڪ بڻجي نه ٿو سگهين، ڇاڪاڻ ته عيش ۽ عشرت جوانيءَ کي آواره ڪريو ڇڏي.
    ــــــــــ
    منهنجي ماءُ ۽ پيءُ کي هڪ ٻارڙي جو شوق جاڳيو ۽ هنن مون کي ڄڻيو.
    ۽ مون کي پاڻ لاءِ ماءُ ۽ پيءُ جو شوق جاڳيو، ته مون سمنڊ ۽ رات کي پيدا ڪيو.
    ــــــــــ
    ڪڪرن سان ڍڪيل پهاڙُ، رڍ نه آهي ۽ مينهن ۾ بيٺل شاهه بلوط، بيد مشڪ نه آهي.
    ــــــــــ
    اي خدا! بدهضميءَ جي مريضن کي پيٽَ ڍؤ ڏي!
    ــــــــــ
    اسان جا ڪجهه ٻار باعث عزت آهن، ته ڪجهه باعث ذلت.
    ــــــــــ
    آءُ، ته تو کي هڪ پرولي ٻڌايان: ”هيٺاهين ۽ مٿانهين، ٻئي هڪ ٻئي کي ويجهو آهن، بنسبت ان شيءِ جي، جيڪا انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي.
    ــــــــــ
    انتظار زماني جو زهر آهي.
    ــــــــــ
    خيال کي صورت ڏيڻ ئي فنڪاري آهي.
    ــــــــــ
    جڏهن رات ٿئي ۽ تون ان جيان تاريڪ هجين، ته بستر ۾ وڃي ليٽ ۽ پنهنجي اختيار کان ڏُور ٿي وڃ، ۽ جڏهن صبح ٿئي، ته تون اُٿ ۽ ڀرپور طاقت سان ڏينهن کي چئه: ”مان هينئر تائين آرامي هوس.“
    ڇو ته اها وڏي بيوقوفي آهي، جو تون ڏينهن ۽ رات، ٻنهي اڳيان چپ بيٺو رهين. جي تو ائين ڪيو، ته هو تو تي کلندا.
    ــــــــــ
    جڏهن به تون پنهنجي گهر جي ٻاهرين دريءَ مان جهاتي پائين ٿو، ته تو کي واٽهڙن مان پنهنجي ساڄي پاسي راهبه ۽ کاٻي پاسي وئشيا نظر اچي ٿي، ۽ تون پنهنجيءَ سادگيءَ ۽ دل جي پاڪيزگيءَ سبب دل ئي دل ۾ چوين ٿو: ”هيءَ ڪيتري نه شريف عورت آهي ۽ هوءَ ڪيتري نه خراب!“
    پر جيڪڏهن تون اکيون بند ڪري، گهڙي کن ڪن ڏيئي ٻڌين، ته تو کي پاڻ پنهنجيءَ دل مان هڪ آواز فضا ۾ گونجندي ٻڌبو: ”بيشڪ، هڪَ مون کي نماز ڏانهن سڏي ٿي، ته ٻي ڏکن ۽ مصيبتن ڏانهن ۽ ٻنهي مان هر هڪ جي روح ۾ منهنجي لاءِ ڇپر ۽ ڇانوَ موجود آهي.“
    ــــــــــ
    جڏهن تو کي ڪنهن ٻئي جي محبت ۾ لذت اچڻ لڳي،
    تڏهن تنهنجي محبت ختم ٿيڻ لڳندي.
    ــــــــــ
    جـيڪا محبت روزانو وڌي نه ٿي، اها هوري هوري ختم ٿيو وڃي.
    ــــــــــ
    جڏهن مان هڪ شفاف آئينو بڻجي، تو اڳيان اچي بيٺس، ته تون مون کي گهڻيءَ دير تائين غور سان ڏسندو رهين ۽ تو کي مون ۾ پنهنجي صورت نظر آئي.
    پوءِ تو مون کي چيو: ”مان تو سان پيار ڪريان ٿو.“
    پر حقيقت ۾ تو مون منجهه پنهنجيءَ ذات سان پيار ڪيو هو.
    ــــــــــ
    هـر سؤ سالن کان پوءِ هڪ ڀيرو لبنان جي پهاڙين ۾، هڪ باغ ۾، مسيح ناصريءَ جي ملاقات عيسائين جي مسيح سان ٿيندي آهي ۽ ٻئي گهڻيءَ دير تائين ڪچهري ڪندا رهندا آهن. هر ڀيري مسيح ناصري کيس چوندو آهي: ”منهنجا دوست! مون کي کٽڪو آهي، ته اسان ٻئي قيامت تائين هڪ ٻئي جا حامي ۽ هم خيال نه ٿي سگهنداسين.“
    ــــــــــ
    هر وڏي ماڻهوءَ کي ٻه دليون ٿين ٿيون: هڪَ ڏک محسوس ڪرڻ واري دل، ۽ ٻي غور ۽ ويچار ڪرڻ واري دل.
    ــــــــــ
    هر بند دروازي پٺيان هڪ راز لڪل آهي، جنهن تي ست ست پوش چڙهيل آهن.
    ــــــــــ
    جڏهن انسان ڪو اهڙو ڪوڙ هڻي، جيڪو نه تنهنجي لاءِ باعث تڪليف هجي ۽ نه ڪنهن ٻئي لاءِ، ته پوءِ تون پنهنجيءَ دل ۾ ائين ڇو نه ٿو چوين: ”هن جي حقيقتن جي خاني ۾ سندس خيال جي گنجائش نه آهي، تنهنڪري هو پنهنجي خيال کي ان کان به وڌيڪ فضا ۾ کليو ڇڏڻ چاهي ٿو.“
    ــــــــــ
    غار جهڙو کليل وات ماني گهري ٿو،
    ۽ انـڌا هـٿَ اڃـايـل چـپـن تـي اچـڻ لاءِ، هـڪ پـيـالي مثل آتا آهن.
    ــــــــــ
    جنهن شيءِ جي چاهت هجي ۽ اها اڳ ۾ ميسر به نه هجي، ته اها اسان جي دل کي ان شيءِ کان وڌيڪ پياري لڳي ٿي، جا اسان کي حاصل آهي.
    ــــــــــ
    تو کي ڪهڙو ڀؤ آهي، جڏهن ته سوچَ تنهنجي گهر جي اوڀر واري ڀت جو هڪ نئون روشن دان آهي.
    ــــــــــ
    ان ۾ شڪ نه آهي، ته لوڻ ۾ هڪ عجيب شڪتي آهي، تنهنڪري ته اهو اسان جي ڳوڙهن ۾ به آهي، ته سمنڊ ۾ به.
    جيڪڏهن اسان ان جي مقدس اُڃ ۾ ڳولائو رهنداسين، ته اهو اسان کي ضرور سيراب ڪندو: ماڪ جو ڦڙو به ۽ هڪڙو ڳوڙهو به.
    ــــــــــ
    جنهن سان گڏجي تون کلين ٿو، ان کي ته وساري سگهين ٿو، پر جنهن سان گڏ رنو آهين، تنهن کي وساري نه ٿو سگهين.
    ــــــــــ
    تون پنهنجي هيڏي وڏي وجود جو هڪ ذرڙو آهين، ٻيو ڪجهه به نه.
    ــــــــــ
    جيڪڏهن مسيح جو ڏاڏو، ان شي کي ڄاڻي ها، جيڪا منجهس موجود هئي، ته ڇا هو پاڻ، پنهنجي نفس اڳيان خوف ۽ نياز ۽ نوڙت سان نه بيهي ها.
    ــــــــــ
    ست صديون گذريون، جو هڪ اونهيءَ ماٿريءَ مان ست ڪبوتر اڏاڻا ۽ فضا ۾ دائرو بڻائي، هڪ برف سان ڇانيل تمام اوچي جبل جي چوٽيءَ ڏانهن رخ رکيائون.
    انهن ستن ماڻهن مان، جيڪي انهن جي اڏام ڏسي رهيا هئا، هڪ ڄڻي چيو: ”مون کي ته ستين ڪبوتر جي کنڀڙاٽيءَ تي هڪ ڪارو ٽٻڪو نظر اچي پيو.“
    هاڻ هن واديءَ جا ماڻهو ڳالهه ٿا ڪن، ته ست ڪارا ڪبوتر، آڳاٽي وقت ۾، برف سان ڍڪيل چوٽيءَ ڏانهن اڏامي ويا هئا.
    ــــــــــ
    جيڪڏهن تون پنهنجي قوم، ملڪ ۽ ذات جي تعصب کان مٿانهون ٿئين، ته پنهنجي رب جو مثيل ٿي وڃين.
    ــــــــــ
    جيڪڏهن تون پنهنجيءَ جڳهه تي بيٺل رهين، ته طوفانَ ٽاڻي سمنڊ تي لعنت ۽ ملامت هرگز نه ڪرين.
    ــــــــــ
    هـر انسان، هـر انهيءَ بادشاهه ۽ هر اُن غلام جو اولاد آهي، جيڪي ان کان اڳ، هن دنيا ۾ زندگي گهاريندا هئا.
    ــــــــــ
    فن (آرٽ) هڪ قدم آهي، جيڪو فطرت کي ابديت ڏانهن وڌائي ٿو.
    ــــــــــ
    مون کي ابدي عالم ڏانهن وڃڻ جو ڏاڍو شوق آهي، ته جيئن مان پنهنجن غيرمنظوم قصيدن کي سهيڙي سگهان ۽ اڻ مڪمل تصويرن کي مڪمل ڪري سگهان.
    ــــــــــ
    نڀاڳ اهو آهي ته مان پنهنجو خالي هٿُ ماڻهن ڏانهن وڌايان، پر ڪو به انهيءَ تي ڪجهه نه رکي، ۽ نااميدي اها آهي ته مان پنهنجو ڀريل هٿ ماڻهن ڏانهن وڌايان، پر ڪو به انهيءَ تان ڪجهه به نه کڻي.
    ــــــــــ
    خريف جي مند ۾، مون پنهنجن سڀني ڏکن کي سهيڙي، پنهنجي باغ ۾ دفن ڪري ڇڏيو.
    جڏهن بهار جي مند آئي، ته منهنجي باغ ۾ جيڪي به گل ٽڙيا، سي سڀ، تمام خوبصورت، رنگين ۽ ٻين سڀني گلن کان مختلف هئا.
    منهنجا پاڙيسري اهي گل ڏسڻ آيا ۽ سڀني مون کي چيو: ”هن ڀيري، خريف ۾، ٻج ڇٽڻ جي موسم اچي، ته انهن گلن جا ٿورڙا ٻج اسان کي به ڏجانءِ، ته اسان به انهن کي باغ ۾ پوکينداسين.“
    ــــــــــ
    جيتري محبتَ مريم کي پنهنجي پٽ مسيح سان هئي، ڇا اُمِ-يهود کي پنهنجي پٽ سان، ان کان گهٽ هئي؟
    ــــــــــ
    ٻيڙو ڏاڍو ٺاهوڪو آهي ۽ مانجهي به ماهر، پر اصل خوف ۽ خطرو ته تنهنجي پيٽ ۾ ئي آهي.
    ــــــــــ
    جيڪڏهن تون ڪڪرن تي سوار ٿئين،
    ته تو کي ٻن ملڪن جي وچ ۾ ڪو فرق محسوس نه ٿيندو.
    پر افسوس ان ڳالهه جو آهي،
    ته تون ڪڪرن تي سوار ٿي نه ٿو سگهين.
    ــــــــــ
    اسان جا مقدس ترين ڳوڙها اهي آهن، جيڪي اسان جي اکين جي واٽ ڄاڻن ٿا.
    ــــــــــ
    اسان جي ڀاءُ مسيح جون، ٽي ڳالهيون اڃا تائين ڪتابن ۾ ناهن لکيون ويون:
    - ته هو تو ۽ مون جهڙو انسان هو.
    - ته هو بيحد ڏاهو، سمجهو ۽ زنده دل هو.
    - ته هو پاڻ کي غالب سمجهندو هو، توڙي جو مغلوب ٿي چڪو هو.
    ــــــــــ
    بيشڪ اهي هٿَ، جيڪي ڪنڊن جو تاج بڻائن ٿا، انهن هٿن کان گهڻو بهتر آهن، جيڪي ڪجهه به نه ٿا ڪن.
    ــــــــــ
    شايد تو مقدس پهاڙ جو ذڪر ٻڌو هجي!
    ڇاڪاڻ ته اُهو هن دنيا جو سڀ کان اوچو پهاڙ آهي. جيڪڏهن تون ان جي چوٽيءَ تي پهچندين، ته صرف هڪڙي خواهش پنهنجيءَ دل ۾ لهندين ۽ اُها هيءَ، ته تون هيٺ لهين ۽ باقي پٺتي رهيلن سان گڏ واديءَ جي گهرائيءَ ۾ رهين.
    تنهنڪري ئي ته ان کي مقدس پهاڙ چون ٿا.
    ــــــــــ
    اي سوريءَ تي چاڙهڻ وارا!
    توکي منهنجيءَ دل تي ڦاهي ڏني ويئي ۽ اهي ميخون، جيڪي تنهنجن هٿن ۾ ٺوڪيون ويون، اُهي منهنجيءَ دل جي ديوارن ۾ ڏار وجهي رهيون آهن.
    صبحاڻي، جيڪڏهن ڪوئي واٽهڙو جلجله ويجهو گذرندو ته ٻن شخصن جو خون وهندي ڏسندو،
    نه، ٻن شخصن جو نه، پر هڪ شخص جو.
    ــــــــــ
    هر اها سوچ، جنهن کي مون پنهنجي گفتگوءَ ذريعي ظاهر ٿـيڻ کان روڪيو، ضروري آهي، ته اها پنهنجي عمل ذريعي ظاهر ڪريان.

    *****


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 821
    ڪتابن جو مشاهدو: 1870197
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 507999
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ