ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

ساحل ۽ سمنڊ

هي ڪتاب نامياري لبناني ليکڪ خليل جبران جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو آھي. سنڌيڪار پروفيسر عطاءُ اللھ ابڙو صاحب آھي. هي ڪتاب ”ساحل ۽ سمنڊ“ خليل جبران جي ڪتاب ”سئنڊ ايند فوم“ (Sand and Foam) جي اردو ترجمي ”ريت اور جهاگ“ تان ترجمو ڪيل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2657
  • 766
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خليل جبران
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ساحل ۽ سمنڊ

5

اهو ٿي سگهي ٿو ته هڪ وسريل حقيقت مري وڃي، پر پنهنجي پٺيان وصيت ۾ ستر هزار حقيقتون ڇڏي وڃي، جيڪي هن سندس جنازي ۽ قبر جر تعمير تي خرچ ڪيون وڃن.
ــــــــــ
موت هڪ کير پياڪ ٻار جي ڀيٽ ۾، جهور پوڙهي کي وڌيڪ ويجهو نه آهي ۽ اها ئي زندگيءَ جي حقيقت آهي.
ــــــــــ
واضح آهي اها شيءِ، جنهن کي ڪو به ڏسي نه ٿو سگهي، جيستائين ان کي مڪمل تفصيل سان بيان نه ڪجي.
جيڪڏهن ڪهڪشان منهنجين گهِراين ۾ نه هجي ها، ته مان ڪهڙيءَ ريت ان کي ڏسي يا سڃاڻي سگهان ها؟
ــــــــــ
جيڪڏهن تون اسان سان مخلص ٿيڻ چاهين ٿو، ته حسن ۽ جمال ذريعي ٿيءُ، نه ته ماٺ رهه، ڇو ته اسان وٽ هڪ ماڻهو موت جي قريب آهي.
ــــــــــ
ڪير ٿو ڄاڻي ان وقت کي، جڏهن ماڻهن جي ڪلهن تي جنازو هجي ۽ فرشتن جي وچ ۾ شادي.
ــــــــــ
هڪ عالم جي اعليٰ بزرگي گهڻو ڪري ٻئي عالم جي ادنيٰ فضيلت آهي.
ــــــــــ
جيڪڏهن تون بکئي جي اڳيان ڳائيندين، ته هو تنهنجو راڳ به پيٽ سان ٻڌندو.
ــــــــــ
اسان صرف ان ڪري ڳالهائيندا آهيون، ته جيئن پاڻ کي ٻڌي سگهون، پر گهڻو ڪري اسان پنهنجو آواز ضرورت کان وڌيڪ اوچو ڪري ٿا وجهون، جنهنڪري ٻيا اسان جو آواز ٻڌيو وٺن.
ــــــــــ
جيستائين مان طبيبن سان طبيب نه بڻبس، تيستائين هو منهنجي نجومي هجڻ جي تصديق ڪيئن ڪندا؟
ــــــــــ
هيرو، ڪوئلي ۾، زماني جي لمبائيءَ جو هڪ مظهر آهي.
ــــــــــ
شهرت، هوا جي هڪ شڪل آهي، جا نور ۾ قائم آهي.
ــــــــــ
حقيقت هڪ گل آهي، جنهن جي اڳيان شهرت ڪجهه به نه آهي.
ــــــــــ
حسن کان سواءِ، نه علم ڪا شيءِ آهي، نه مذهب.
ــــــــــ
صحيح معنيٰ ۾ وڏو ماڻهو اهو آهي، جيڪو نه پاڻ سردار بڻجي ۽ نه ان کي بڻايو وڃي.
ــــــــــ
مان ڪنهن به اهڙي اعليٰ مرتبي واري شخص کي ڪين سڃاڻان، جنهن جي عظمت ۽ جلال واري محل جي بنياد ۾ ڪي معمولي شيون شامل نه هجن.
۽ ائين به ٿي نه ٿو سگهي، ته ڪو اهي معمولي شيون انهن سڀني وڏن ماڻهن جي گمناميءَ، چريائپ ۽ خودڪشيءَ جي درميان حائل نه هجن.
ــــــــــ
انسان هميشه مشهور قولَ ”خيرالامور اوسط“، يعني ”بهترين رستو وچٿرو هلڻ آهي“ تي عمل ڪيو آهي، تنهنڪري تون ڏسين ٿو ته هو ڏوهارين کي به قتل ڪري ٿو، ته پيغمبر کي به.
ــــــــــ
سهولت پسند انسان اصل ۾ دعا جي مرض ۾ مبتلا آهي.
ــــــــــ
گهڻو ڪري ٻن خيالن جي وچ ۾ گهٽ ۾ گهٽ فاصلو هم خيال نه هجڻ ۾ آهي.
ــــــــــ
مان ئي باهه جو شعلو آهيان ۽ مان ئي سڪل گاهه، اهڙيءَ طرح مان ئي پنهنجو پاڻ کي کائي رهيو آهيان.
پوءِ تون ڇا لاءِ ان خوف کان پنهنجو منهن موڙين ٿو ته منهنجو دونهون توکي انڌو ڪري وجهندو.
ــــــــــ
ڏاهپ جڏهن روئڻ کان انڪار، کلڻ کان نفرت ۽ پنهنجي نفساڻي خواهشن ۾ گم ٿي، ٻين نفسن کان غافل رهڻ لڳي، ته پوءِ اها ڏاهپ، ڏاهپ نه آهي.
ــــــــــ
اسين سڀ مقدس پهــاڙ جي چوٽيءَ طرف ڊوڙي رهيا آهيون.
ته پوءِ جيڪڏهن اسان ماضيءَ کي پنهنجو رهنما بڻائڻ بدران نقشو ٺاهي هلون، ته ڇا اسان جو فاصلو مختصر نه ٿيندو؟
ــــــــــ
دين ۾ حسد کان ڪم وٺڻ وارو، صرف مقرر ئي ٿي سگهي ٿو ـــــــ بي انتها ٻوڙو مقرر!
ــــــــــ
جيڪڏهن مان صرف انهن شين تي گذارو ڪريان، جن کي تون ڄاڻين ٿو، ته پوءِ انهن شين کي ڪيڏانهن ڪريان، جن کان تون بي خبر آهين.
ــــــــــ
مون ڊاڙين کان خاموشي، ايذاءُ پسندن کان آرام ۽ سخت مزاجن کان نرمي سکي.
تڏهن به، مزي جي ڳالهه آهي، ته مان انهن استادن مان ڪنهن به هڪ جو احسان مڃڻ لاءِ تيار نه آهيان.
ــــــــــ
وڌاءُ به هڪ حقيقت آهي، جنهن جي فطرت قابو ڪرڻ کان ٻاهر آهي.
ــــــــــ
حاسدن جي خاموشي گهڻي خطرناڪ ٿيندي آهي.
ــــــــــ
هڪ ئي وقت تون سخت دل به آهين ته رحم دل به،
ائين ڪڏهن به ٿي نه ٿو سگهي.
ــــــــــ
جيڪڏهن تون اهو ڪجهه ڏسين ٿو، جنهن کي روشني ظاهر ڪري ٿي،
۽ اهو ئي ٻڌين ٿو، جنهن جو اعلان آواز ڪري ٿو،
ته پوءِ حقيقت ۾ تون نه ڏسين ٿو ۽ نه ٻڌين ٿو!
ــــــــــ
جڏهن تون انهن شين جي انتها تي پهچندين، جن بابت توکي ڄاڻڻ گهرجي، تڏهن تون مس وڃي انهن جي چانئٺ تي بيهندين، جن کي توکي محسوس ڪرڻ گهرجي.
ــــــــــ
منهنجي دل کي سڀ کان نزديڪ آهي اهو بادشاهه، جنهن وٽ حڪومت نه آهي، ۽ اهو محتاج آهي، جيڪو اهو به نه ٿو ڄاڻي، ته سوال ڪيئن ڪجي؟
ــــــــــ
مان هڪ ئي وقت سياح به آهيان ته ملاح به.
۽ هر صبح جو پنهنجي نـفس ۾ هڪ نئين کنڊَ جو انڪشاف ڪندو آهيان.
ــــــــــ
شرم ۽ حياء واري ناڪامي، بي شرميءَ واري ڪاميابيءَ کان هزار ڀيرا بهتر آهي.
ــــــــــ
تون جتان چاهين زمين کوٽ، خزانو تو کي ضرور لڀندو، پر شرط آهي، ته تون زمين ڪاميابيءَ جي يقين سان کوٽ.
ــــــــــ
هڪ لومڙيءَ، جنهن جي ڪڍ، ويهه گهوڙي سوار شڪاري وڃي رهيا هئا، چيو: ”لاشڪ ته اهي ٿوريءَ ويرم ۾ مون کي ماري وجهندا، پر اهي به ڪيڏا نه اياڻا آهن، جو مان نه ٿي سمجهان، ته ڪو ويهه لومڙيون به ايتريون بيوقوف ٿي پونديون، جو هڪ ماڻهوءَ جي شڪار لاءِ ويهه بگهڙ پاڻ سان کڻن.“
ــــــــــ
مون هڪ ڀيري زندگيءَ کي چيو: ”چاهيان ٿو ته موت کي ڳالهائيندي ٻڌان!“
زندگيءَ پنهنجو آواز اوچو ڪيو ۽ چيو: ”تون هن وقت موت جو آواز ٻڌي رهيو آهين.“
ــــــــــ
انسان جي بڻايل قانون اڳيان، انسان جو دماغ جهڪي سگهي ٿو، روح نه.
ــــــــــ
هڪ عورت چيو: ”جنگ مقدس ڪيئن نه آهي، منهنجو ته انهيءَ ۾ پٽ مئو آهي!“
ــــــــــ
جڏهن تون زندگيءَ جا سڀ راز حل ڪري وٺندين، ته پوءِ موت جو شوق پيدا ٿيندئي، ڇو ته موت به زندگيءَ جي رازن مان هڪ آهي.
ــــــــــ
پيدائش ۽ موت بهادريءَ جا ٻه شريف ترين مظهر آهن.
ــــــــــ
منهنجا دوست! اسان ٻئي جلد ئي زندگيءَ کان جدا ٿي وينداسين، هڪ ٻئي کان وڇڙي وينداسين ۽ پڻ پنهنجي نفس کان به، پر صرف ان ڏينهن تائين، جڏهن تنهنجي آواز کي پنهنجو آواز سمجهي ٻڌندس ۽ تنهنجي اڳيان اچي بيهندس، ته ائين لڳندو، ڄڻ آئيني اڳيان اچي بيٺو آهيان.
ــــــــــ
ماڻهو مون کي چون ٿا: ”جي تون پنهنجو پاڻ سڃاتو، ته سڄي جهان کي سڃاتو.“
پر مان انهن کي چوان ٿو: ”جيستائين مان سڀني ماڻهن کي نه ٿو سڃاڻان، تيستائين پاڻ کي ڪيئن ٿو سڃاڻي سگهان؟“
ــــــــــ
توهان هڪ نه، پر ٻه آهيو.
هڪ اونداهيءَ ۾ به سجاڳ، ته ٻيو روشنيءَ ۾ به غافل.
ــــــــــ
حق جو پرستار اهو آهي، جيڪو فاني جهانَ کي نظر انداز ڪري، حقيقي جهان کان لطف اندوز ٿئي.
ــــــــــ
حقيقت جو تجزيو ڪري نه ٿو سگهجي.
ــــــــــ
عالم ۽ شاعري جي اڳيان هڪ سر سبز ميدان آهي. عالم جڏهن ان مان گذري ٿو، ته حڪيم بڻجيو وڃي ۽ شاعر جڏهن ان کي پار ڪري ٿو، ته پيغمبر بڻجيو وڃي.
ــــــــــ
ڪالهه شام، مون فـلسفين جو هڪ ٽولو ڏٺو، جيڪو ٽوڪرين ۾ پنهنجا دماغ کنيو، شهر جي بازارن ۾ هوڪا ڏئي رهيو هو ته ”فـلسفو وٺو، فـلسفو وٺو!“
افسوس! هي بکايل فـلسفي پيٽ پالڻ لاءِ پنهنجن سِــرن جو سودو ڪندا آهن!
ــــــــــ
حق ٻڌڻ وارو، حق ظاهر ڪرڻ واري کان هرگز گهٽ نه آهي.
ــــــــــ
هڪ فلسفيءَ سڙڪ ٻهاريندڙ کي چيو: ”مون کي توتي ڏاڍو رحم ٿو اچي، ڇاڪاڻ ته تنهنجو ذريعي معاش ڏاڍو ڏکيو ۽ خراب آهي.“
ٻهاريدار وراڻيس: ”سائين جن جي وڏي مهرباني، پر ڀلائي ڪري اهو ته ٻڌايو، ته توهان جو ذريعي معاش ڪهڙو آهي؟“
فلسفيءَ وڏي فخر وچان چيو: ”مان ماڻهن کي انساني اخلاق ۽ فطرت جو درس ڏيندو آهيان ۽ سندن فعلن ۽ عملن تي تنقيدي نظر رکندو آهيان.“
ٻهاريدار کلي ڏنو ۽ ٻهارو سنڀاليندي چيو: ”هاءِ ويچارو فلسفي!“
ــــــــــ
گهڻين اميدن وارو ڊگهي حياتيءَ جو مالڪ ٿئي ٿو.
ــــــــــ
ضروري ۽ غير ضروري ڪمن ۾ فرق ڪرڻُ هر ڪنهن جي وَس جي ڳالهه ناهي، ڇا لاءِ ته اها ملائڪن جي وصف آهي، جيڪي ذهين ۽ تيز فهم ته ضرور آهن، پر فلسفي نه.
ــــــــــ
سڀ کان وڏو بادشاهه اهو آهي، جيڪو پنهنجو تخت درويشن جي دل ۾ لهي ٿو.
ــــــــــ
حقيقت اها آهي ته تون ڪنهن به هڪ شخص جو، ڪنهن به هڪ شيءِ ۾ قرضي نه آهين، بلڪ هر شخص جو، هر شيءِ ۾ مقروض آهين.
ــــــــــ
هڪ حُسن مون کي قيد ڪري ٿو، ته ٻيو آزاد.
ــــــــــ
سخاوت اها آهي ته پنهنجي طاقت کان وڌيڪ ڏي.
۽ بي نيازي اها آهي ته پنهنجي ضرورت کان گهٽ وٺ.
ــــــــــ
ماڻهو مون کي چون ٿا: ”هٿن ۾ سوگهو هجي ته هڪ پکي به بهتر آهي، پر جي وڻ تي ڏهه هجن، ته به ڪجهه ناهي.“
۽ مان انهن کي چوان ٿو: ”وڻ تي هجي ته هڪ پکي به بهتر آهي، ۽ هٿن ۾ هجن ته ڏهه به گهٽ آهن.“
ــــــــــ
پراڻي زماني ۾ غلامَ بادشاهن جي خدمت ڪندي فخر محسوس ڪندا هئا، پر اڄ هو غريبن جي خدمت ڪندي خوشي محسوس ڪن ٿا.
ــــــــــ
حسن جو جلوو، مشاهدي ڪرڻ واري اک جي ڀيٽ ۾ چاهيندڙ اکين ۾ وڌيڪ نمايان آهي.
ــــــــــ
هن ڪائنات ۾ صرف ٻه عنصر آهن: هڪ سونهن ۽ ٻيو حق، سونهن محبت ڪندڙ دلين ۾ ۽ حق مزدور جي ٻانهن ۾.
ــــــــــ
اهي سڀ ماڻهو، جن پنهنجي زندگي ماضيءَ ۾ گذاري ڇڏي، اڄ به اسان سان گڏ آهن، ته پوءِ اسان مان ڪوئي اهڙو آهي جيڪو وڏو مهمان نواز ۽ ميزبان بڻجي؟
ــــــــــ
مون کي ان شخص تي ڏاڍو عجب ٿو لڳي، جنهن جي سوچ، لڪائڻ جي باوجود به، مون تي ظاهر ٿيو پوي.
۽ مان ان شخص جي بي حد عزت ڪندو آهيان، جيڪو پنهنجين تمنائن جا خواب منهنجي اڳيان کوليو رکي.
پر مان ان شخص اڳيان بيحد شرمسار آهيان، جيڪو منهنجي خدمت ڪري ٿو.
ــــــــــ
فرشتا ڄاڻن ٿا ته گهڻا عامل ماڻهو، حسين خوابن جي دنيا ۾ گم، خيالي ماڻهن جي مفت جي ڪمائيءَ مان عيش ڪن ٿا.
ــــــــــ
اسان جي دلين جا راز صرف اهي ماڻهو سمجهي سگهن ٿا، جن جون پنهنجيون دليون رازن سان ٽمٽار آهن.
ــــــــــ
ذهانت به گهڻو ڪري هڪ پردي مثل آهي، جي تون ان کي هٽائڻ ۾ ڪامياب وئين، ته اها تو کي هڪ وڏي عقل واري شيءِ نظر ايندي، يا وري پُرفريب مهارت.
ــــــــــ
سمجهدار ماڻهو مون کي عقلمند ٿو سمجهي ۽ هڪ بيوقوف مون کي بيوقوف، پر مون کي ائين ٿو لڳي ته اهي ٻئي، پنهنجيءَ پنهنجيءَ جڳهه تي صحيح آهن.
ــــــــــ
هائو! نـِـرواڻ موجود آهي، اهو ئي ته آهي جيڪو تنهنجين رڍن جي ڦرڙن کي سرسبز چراگاهه طرف نئي ٿو، تنهنجي ٻارڙيءَ کي سمهارڻ لاءِ پينگهو لوڏي ٿو ۽ تنهنجي تعريف ۾ شُڪر جي آخري سٽ به تو کان لکرائي ٿو.
ــــــــــ
ڇا اها ڳالهه عجيب نه آهي، ته جنهن مخلوق جي چيلهه ۾ پاسريون نه آهن، اها سپين جي اندر پاسرين واري مخلوق کان وڌيڪ پُـرسڪون زندگي گذاري ٿي.
ــــــــــ