ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

ساحل ۽ سمنڊ

هي ڪتاب نامياري لبناني ليکڪ خليل جبران جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو آھي. سنڌيڪار پروفيسر عطاءُ اللھ ابڙو صاحب آھي. هي ڪتاب ”ساحل ۽ سمنڊ“ خليل جبران جي ڪتاب ”سئنڊ ايند فوم“ (Sand and Foam) جي اردو ترجمي ”ريت اور جهاگ“ تان ترجمو ڪيل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2657
  • 766
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خليل جبران
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ساحل ۽ سمنڊ

1

انهن ڪنارن تي آءٌ هميشه هلندو رهندس،
ساحل جي واريءَ ۽ سمنڊ جي ڦيڻ وچ ۾،
بيشڪ سمنڊ جي ويرَ منهنجن قدمن جا نشان مٽائي ڇڏيندي
۽ هوا سمنڊ جي ڦيڻ کي پاڻ سان کڻي ويندي،
پر سمنڊ ۽ ساحل سدا آباد رهندا!
ــــــــــ
هڪ ڀيري مون پنهنجي مـُـٺ ڪوهيڙي سان ڀري، پوءِ ان کي کوليم، ته ڪوهيڙو هڪ جيت بڻجي ويو. مون ٻيهر مٺ بند ڪري کولي، ته اتي جيت بدران جهرڪي هئي. مون ٽيهر مٺ بند ڪري کولي، ته پنهنجي هٿ جي تريءَ تي هڪ ماڻهوءَ کي ڏٺم، جنهن جو چهرو غمگين هو ۽ نگاهون بلندين کي گهوري رهيون هيون.
مون آخري ڀيرو مٺ بند ڪري کولي، ته ان ۾ سواءِ ڪوهيڙي جي ٻيو ڪجهه به نه هو. پر ان وقت مان نهايت شيرين ۽ من موهيندڙ گيت ٻڌي رهيو هوس.
ــــــــــ
مان ڪڏهن به لاجواب نه ٿيس، پر اُن شخص اڳيان، جنهن مون کان پڇيو: ”تون ڪير آهين؟“
ــــــــــ
ڪالهه تائين منهنجو خيال هو، ته مان هڪ ذرڙو آهيان، جيڪو بغير ڪنهن سٽاءَ جي، پريشان حال، زندگيءَ چؤڦير چڪر لڳائي رهيو آهي!
پر اڄ مون اهو چڱيءَ طرح ڄاڻي ورتو آهي،
ته مان اهو دائرو آهيان، جنهن ۾ سڄي زندگي منظم ذرڙن سان گڏ چڪر لڳائي رهي آهي.
ــــــــــ
ماڻهو جاڳ ۾ چون ٿا:
”تون هن دنيا ۾ اڻکٽ سمنڊ جي اڻکٽ ڪناري جو فقط هڪ واريءَ ذرڙو آهين ۽ بس!“
۽ مان ننڊ ۾ چوان ٿو:
”مان اڻکٽ سمنڊ آهيان ۽ سڀئي جهانَ، منهنجي ڪناري جي واريءَ جا ذرڙا آهن ۽ بس!“
ــــــــــ
الله فڪر فرمايو ۽ سندس پهريون فڪر فرشتو هو.
الله ڪلام فرمايو ۽ سندس پهريون ڪلمو انسان هو.
ــــــــــ
ان کان اڳ، جو سمنڊ ۽ هوا پنهنجا هزارين سال پراڻا لفظَ سندس حوالي ڪن، انسان هڪ ڊِنل مخلوق هو، جيڪو پنهنجي گم ٿيل وجود جي ڳولا ۾ جهر جهنگ ڀٽڪي رهيو هو.
ــــــــــ
ابوالهول زندگيءَ ۾ صرف هڪ دفعو ڳالهايو ۽ اهو هي ته ”واريءَ جو ذرڙو خود صحرا آهي ۽ صحرا خود واريءَ جو ذرڙو.“ اهو چئي هو سدائين لاءِ چپ ٿي ويو.
ابوالهول جي ڳالهه مون ٻڌي ته سـهـي، پر سمجهيم ڪي ڪين.
ــــــــــ
مون هڪ عورت جي چهري تي نظر وڌي ۽ سندس اولاد کي ڏسي ورتم، توڙي جو اهو اڃا پيدا به ڪو نه ٿيو هو.
هڪ عورت مون ڏانهن گهوريو ۽ منهنجن ابن،ڏاڏن کي سڃاڻي ورتو، توڙي جو اهي هن جي جنم کان گهڻو اڳ مري چڪا هئا!
ــــــــــ
جڏهن حال ئي اهو هجي، ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هو پنهنجين اجاين خواهشن سان، جن کي هن ڪالهه ئي سکيو هو، قبل از تاريخ زماني جي تشريح ڪري سگهي؟
ــــــــــ
مون چاهيو پئي ته ڪاش مون لاءِ ذات جي تڪميل ممڪن هجي ها!
پر اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي، جڏهن ته مون پاڻ کي ان عظمت ۽ بزرگيءَ لائق بڻايو ئي نه آهي، جيڪا عقلمند انسان جي زندگي سان سلهاڙيل آهي.
ڇا اها عظمت ۽ بزرگي هن ڌرتيءَ تي رهڻ واري هر انسان جي گم ٿيل ميراث نه آهي؟
ــــــــــ
موتي هڪ جسم آهي، جنهن کي سورن ڀرئي هٿ، واريءَ ذرڙن جي چؤڦير تعمير ڪيو.
ته پوءِ اهو ڪهڙو درد آهي، جنهن اسان جي جسمن جي تعمير ڪئي؟ ۽ اهي ڪهڙا ذرڙا آهن، جن جي چؤگرد اسان جا جسم تعمير ڪيا ويا؟
ــــــــــ
مون کي خاموشي عطا ڪر، ته جيئن مان رات جي گهري اٿاهه اونداهين تي اوچتو ڇانئجي وڃان.
ــــــــــ
مان وڏي عرصي تائين، مصر ۾ مٽيءَ اندر، ماٺ ۽ موسمن کان بي خبر آرامي هيس. ان کان پوءِ سج مون کي سجاڳ ڪيو ۽ همتايو. ان بعد آءٌ ڏينهن سان گڏ ڳائيندو ۽ راتين سان گڏ خواب ڏسندو، نيل نديءَ جي ڪنارن تي هلندو رهيس.
هاڻ سج پنهنجن سهسين ڪرڻن سان منهنجين اکين تي حملا ڪري رهيو آهي، ته جيئن مان ٻيهر مٽيءَ منجهه سمهي پوان.
پر ڪيترو نه عجيب آهي اهو راز، جو جنهن سج پاڻ منهنجي هستيءَ جي جزن کي سهيڙيو، سو هاڻ انهن کي منتشر ڪري نه ٿو سگهي.
اهوئي ڪارڻ آهي جو آءٌ هن وقت به ثابت قدميءَ سان نيل نديءَ جي ڪناري تي هلي رهيو آهيان ۽ مسلسل هلندو رهندس!
ــــــــــ
جڏهن خدا مون کي هڪ ننڍڙي پٿريءَ جي صورت ۾، هن حيران ڪن سمنڊ ۾ اڇلايو، ته مون ان جي مٿاڇري تي بيشمار لهرون پيدا ڪري سندس سڪون ڦٽايو.
پر جڏهن مان ان جي اونهاين ۾ پهتس، ته اها ئي خاموشي مون تي به ڇانئجي ويئي، جا مٿس ڇانيل هئي.
ــــــــــ
زندگيءَ ۾ منهنجو تعارف هڪ اهڙي شخص سان به ٿيو، جيڪو ٻڌڻ جو تيز، پر گونگو هو ــــــــ سندس ڄڀ هڪ ويڙهه ۾ وڍجي وئي هئي. اڄ، آءٌ انهن سڀني ويڙهين کان واقف آهيان، جيڪي هن ـــــــ ان کان اڳ جو بي انت خاموشي ان تي غالب پئجي وڃي ــــــــ وڙهيون، ۽ مون لاءِ اها ڏاڍي خوشيءَ جي ڳالهه آهي، ته هو مري ويو. ڇاڪاڻ ته دنيا پنهنجين مڙني وسعتن باوجود اسان ٻنهي کي هڪ ئي وقت برداشت ڪرڻ جي طاقت نه ٿي رکي سگهي.
ــــــــــ
مون کي ڪيڏو نه عجيب لڳندو آهي، جڏهن مان پاڻ کي انهيءَ ڏک ۽ سور جي شڪايت ڪندي ڏسندو آهيان، جيڪو خود مون لاءِ راحت جو سبب آهي.
ــــــــــ
مون کي ٻيهر زندگي ان وقت ملي جڏهن منهنجي جسم کي، منهنجي روح سان محبت ٿي ۽ اهي ٻئي زندگيءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا.
ــــــــــ
اسين زماني جو اندازو ڪندا آهيون، انهن ستارن جي چرپر مان، جيڪي ڳڻپ کان ئي ٻاهر آهن، ۽ هو زماني جي ماپ ۽ تور ڪن ٿا انهن اوزارن سان، جيڪي کيسن ۾ کنيو ٿا وتن.
پوءِ، تون ئي ٻڌاءِ ــــــــ خدا تو کي هر مصيبت کان محفوظ رکي! ـــــ ته اسان ۽ هو هڪ جاءِ تي، هڪ ئي وقت ڪيئن ٿا گڏ ٿي سگهون.
ــــــــــ
ڪهڪشان جي وِٿين مان ڏسندڙن لاءِ، آسمان ۽ زمين جي وچ واري هيءَ فضا، فضا نه آهي!
ــــــــــ
ياد رکڻ به ملاقات جي هڪ صورت آهي ۽ وساري ويهڻ به جدائيءَ برابر.
ــــــــــ
مقدس شهر طرف ويندڙ رستي تي، منهنجي ملاقات هڪڙي حاجيءَ سان ٿي.
مون کانئس پڇيو، ”ڇا مقدس شهر جو صحيح رستو هيءُ آهي؟“
هن وراڻيو، ”منهنجي پٺيان پٺيان هلندو اچ. هڪ ڏينهن ۽ هڪ رات ۾ تون مقدس شهر ۾ پهچي ويندين.“
مان هڪدم هن پٺيان لڳي پيس. ڪيئي ڏينهن ۽ ڪيئي راتيون اسين هلندا رهياسين، پر مقدس شهر ۾ نه پهتاسين.
مون کي ڏاڍي حيرت ٿي، جڏهن مون ڏٺو، ته اهو شخص مون سان ان ڳالهه تي ڪاوڙجي پيو، ته مون کيس سنئين رستي تي ناهي هلايو.
ــــــــــ
ڊاڙيءَ سان ڪو به ريس نه ٿو ڪري سگهي سواءِ ٻوڙي جي.
ــــــــــ
انسانيت نور جو هڪ درياءُ آهي، جيڪو ازل جي وادين کان نڪري ٿو ۽ ابد جي راهن ۾ وهي ٿو.
ــــــــــ
ڇا خلائن ۾ رهندڙ روح ڏکن ۽ ڏوجهرن جي ستايل انسانن تي ريس نه ٿا ڪن؟
ــــــــــ
منهنجي گهر مون کي چيو، ”مون کي نه ڇڏ، ڇو ته تنهنجو ماضي مون ۾ آباد آهي.“
۽ منهنجي رستي مون کي چيو، ”منهنجي پٺيان پٺيان اچ، ڇو ته مان ئي تنهنجو آئيندو آهيان.“
پر مان، پنهنجي گهر ۽ پنهنجي رستي کي چوان ٿو، ”منهنجو نه ڪوئي ماضي آهي ۽ نه مستقبل! جيڪڏهن مان بيهي رهان، ته منهنجو بيهڻ ئي ڄڻ هلڻ آهي ۽ جي هلڻ لڳان، ته منهنجو هلڻ ئي ڄڻ منهنجو بيهڻ آهي، ڇاڪاڻ ته موت ۽ محبت مـــان، ٻـنـهي کــي، اهــا طاقت آهــي، هـو هــر هـڪ شـيءِ کـي بدلائي ڇڏي!“
ــــــــــ
ست ڀيرا مون پنهنجي نفس کي حقير ڄاتو:
1. جڏهن مون ان کي عظمت ۽ اقتدار لاءِ دولت ۽ حڪومت جو لباس پائيندي ڏٺو.
2. جڏهن مون ان کي مخلصن کي ٺڳيندي ڏٺو.
3. جڏهن ان کي سهنجائيءَ ۽ اهنجائيءَ مان ڪنهن هڪ کي چونڊڻ لاءِ چيو ويو، ته اُن سهنجائيءَ کي پسند ڪيو.
4. جڏهن هن ڪو گناهه ڪيو ۽ پاڻ کي اهو چئي تسلي ڏني ته اهڙا گناهه ته ٻيا به ڪن پيا.
5. جڏهن هن پنهنجي ڪمزوريءَ سبب، هر ان مصيبت کي سـَـٺو، جا هن تي آئي ۽ پوءِ چيائين، ته هو ان جو مقابلو، طاقت بدران صبر سان ڪري رهيو آهي.
6. جڏهن هن هڪ شريف انسان سان ذلت ڀريو ورتاءُ ڪيو، جو حقيقت ۾ هن جو ئي روپ هو.
7. جڏهن هن پـنهنجي ساراهه جا ڳيچ ڳاتا ۽ ان کي سٺو سمجهيو.
ــــــــــ
مان پنهنجي ايمان کي زندگيءَ جي انصاف تي ڪيئن برباد ڪريان، جڏهن ته ڄاڻان ٿو ته نرم ۽ گرم بسترن تي سمهندڙن جا خواب زمين تي سمهندڙن جي خوابن کان وڌيڪ حسين ناهن هوندا.
ــــــــــ
تون انڌو آهين ۽ مان گونگو ۽ ٻوڙو، ته پوءِ اچ، ۽ پنهنجو هٿ منهنجي هٿ ۾ ڏي. ممڪن آهي ته اسان مان ڪو هڪ، ٻئي کي بچائي وٺي.
ــــــــــ